ڪالم / مضمون

سياست، تاريخ ۽ ڪردار

مضمونن ۽ مقالن جي ڪتاب ”سياست، تاريخ ۽ ڪردار“ جو ليکڪ عيسى ميمڻ آهي.
نواز خان زنئور لکي ٿو:
”هن ڪتاب جي هڪ خاص خوبي هيءُ به آهي ته اهو هڪ ئي وقت سياسي فڪر سان به ڀرپور آهي، تاريخ جي پراڻين ڳلين جي مهڪ به ميڙي ٿو اچي، اڀريل مسئلن جي ڇنڊڇاڻ به ڪري ٿو، تجزين جي جهان ۾ به جهاتي پائي ٿو، ادب جي ڪميت کي به کرکڻا هڻي ٿو، ته خاڪانگاري جي صنف کي ڇهندي ان منجهان رنگ رنگ شخصيتن جي خوشبو کي پکيڙي ٿو ڇڏي. هو “وڻان وڻان ڪاٺي” ڪَٺي ڪري هڪڙي گلداڻي نه ٿو سجائي، پر هڪڙو پورو چمن آباد ڪري ٿو ڇڏي. جنهن جي مڌماتي سڳنڌ پڪ سان پڙهندڙ جي پوري وجود کي واسي ۽ معطر ڪري ڇڏيندي.“
  • 4.5/5.0
  • 4594
  • 851
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عيسى ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سياست، تاريخ ۽ ڪردار

ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحو ۽ شاگرد سياست

17-آڪٽوبر سنڌ جي تاريخ جو اهو ڏهاڙو آهي، جنھن سڄي سنڌ کي سياسي طرح لوڏي ڇڏيو هو. خاص ڪري سنڌ ۾ شاگرد سياست ۾ 4 مارچ کانپوءِ 17-آڪٽوبر جو ڏهاڙو اهم حيثيت رهي ٿو. باشعور قوم پنھنجي شھيدن جا ڏهاڙا ملهائي پنھنجي سجاڳيءَ جو ثبوت ڏينديون آهن. ڏهاڙا ملھائڻ جا مکيه ٻه مقصد هوندا آهن، هڪ سبب اهو هوندو آهي ته ان جدوجھد، تحريڪ، واقعي ۽ ان ۾ شامل ڪردارن کي مڃتا ڏجي ته جيئن ايندڙ نسل ان مان اتساهه وٺي، جيئن تاريخ ۾ اهڙي قسم جو ٻيهر ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي. ٻيو سبب ان تحريڪ جدوجھد ۽ ان جي خوبين توڙي خامين کي اڳيان رکي مستقبل جي رٿابندي ڪري نيون حڪمت عمليون ٺاهجن، پر هتي اسان وٽ روايتي انداز ۾ ڏهاڙا ملهائي واهه واهه ڪري ٻه ٽي لڙڪ وهائي ماتم ڪري گهر ويهي وڃي آرام ڪجي ۽ بس، نتيجي ۾ سنڌ ۽ قومي فڪر توڙي قومي تحريڪ مثبت رخ اختيار ڪرڻ بجاءِ روايتي انداز ۾ لفاظي ۽ ماضيءَ تي فخر ڪرڻ تائين محدود ٿي وئي آهي.

[b]شاگرد سياست جو پسمنظر:
[/b]مهاتما گانڌيءَ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”ڪنھن به سماجي تبديلي لاءِ عدم تشدد لازمي اخلاقي اصول، حڪمت عملي هجڻ گهرجي ۽ شاگرد سياست ان اصول جي سياسي نقش آهي.“ معنى ته شاگرد تعليم ۽ قوم وسيلي پنھنجي قوم جو وڌيڪ باشعور طبقو ٿئي ٿو. ان ڪري قوم جي تقدير جي تبديليءَ جو بار ان جي ڪلھن تي وڌيڪ پوي ٿو. شاگرد پنھنجي جوهر ۾ جيترو وڌيڪ باشعور ۽ علم سان آراسته هوندو، اوترو ئي جلد قوم پنھنجي پيرن تي بيھندي آهي. اهو سبب آهي جو ڏکڻ ايشيا، ايسٽ تيمور، وينزويلا، انڊونيشيا، يوگو سلاويا ۾ جيڪي تاريخي تبديليون برپا ٿيون آهن انھن ۾ شاگردن جو اهم ڪردار رهيو آهي. هندستان ۽ پاڪستان جي آزادي هجي يا بنگلاديش جي آزادي انھن ۾ شاگردن جي ڪردار کي ڪنھن به طرح سان نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي.

[b]سنڌ ۾ شاگرد سياست:
[/b]هونئن ته سنڌ ۾ شاگرد سياست جو سنڌ جي تاريخ ۾ ڊگهو سفر رهيو آهي، ترخانن، ارغونن، توڙي مغلن جي دورِ حڪومت ۾ سنڌي ٻولي خاطر پنھنجي زندگيءَ جو نذرانو ڏيئي، پنھنجون زبانون ڪٽرائي، پنھنجي ارڏائي ۽ بھادريءَ جو اعلى مثال قائم ڪيو آهي. پر مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ شاگرد سياست جا بنياد وڌيڪ مضبوط هيمون ڪالاڻيءَ قائم ڪيا. سکر ۾ جنم وٺندڙ هيمون ڪالاڻي 23 آڪٽوبر 1942ع ۾ گرفتار ٿيو، 2 مھينا 25 ڏينھن انگريز سامراج جي ٽارچر ۾ سختيون سٺيون. کيس ليٽ جي لڪڻ سان اگهاڙي جسم تي ڪُٽڻ کانسواءِ کيس برف جي بلاڪ تي ليٽايو ويندو هو کيس چيو ويو ته جيڪڏهن هو پنھنجي غلطيءَ جي معافي وٺي ته سندس سزا معاف ڪري سگهجي ٿي. پر هن ارڏي انسان آڻ نه مڃي ۽ آخرڪار 21 جنوري 1943ع تي کيس ڦاهي ڏني وئي. اڄ جيڪڏهن هيمون ڪالاڻي تڪليفون ۽ سختيون نه سهي ها ۽ موت کي لبيڪ نه چوي ها ته هو اڄ شآگردن لاءِ اتساهه جو سبب نه بڻجي سگهي ها. شاگردن جي جدوجھد هيمون ڪالاڻيءَ جو رت پي اڳتي سفر ڪيو آهي.

[b]4-مارچ 1967ع جو واقعو:
[/b]4 مارچ جو ڏهاڙو جڏهن ڪنن تي گونجندو آهي ته شاگردن توڙي سڄي سنڌ جي رت جي گردش تيز ٿي ويندي آهي. ائين کڻي چئجي ته 4 -مارچ شاگرد جدوجھد جي عروج جو زمانو آهي هن دؤر ۾ شاگرد سياست سنڌ جي مڙني طبقن تي پنھنجا اثر ڇڏيا آهن. هن دؤر ۾ جڏهن سنڌ کي سابق سنڌ لکڻ ۽ سنڌي پڙهائڻ تي بندش، مداخلت ۽ ون يونٽ ۾ سنڌ مڪمل طور تي پنجاب جي بيٺڪيت ٿي وئي ته شاگردن پنھنجي حق جو علم بلند ڪيو، پنھنجي جدوجھد جو نعرو حيدرآباد جي ڪمشنر کي هٽايو هڻي شاگردن زبردست تحريڪ هلائي. ڪمشنر حيدرآباد خلاف هلايل تحريڪ سنڌ جي قومي تحريڪ جو اهڃاڻ ٿي وئي. آخرڪار 4-مارچ 1967ع ۾ حيدرآباد جي شاگردن جي احتجاج تي ڪڙڪي پئي. شاگردن جو رت رستن، گهٽين، توڙي گهرن ۾ ريلا ڪري وهڻ لڳو، ڪيترائي شاگرد ٽارچر سيلن ۾ واڙيا ويا. شاگردن جي انھن قربانين جو نتيجو هو جو ون يونٽ جھڙو قهري ڪوٽ ڪري پيو، هي شاگرد سياست ئي هئي جنھن سنڌ ۾ قومي تحريڪ کي سگهه بخشي ۽ اتساهه ڏنو ۽ سڄي قوم کي قومي ڌارا ۾ ڪٺي ڪري بيھاريو. اهو ئي سبب آهي جو سائين جي ايم سيد شاگردن جي جدوجھد، ولولي ۽ قرباني جي جذبي کان متاثر ٿي آزاد سنڌ جو بار شاگردن تي رکيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آزادي جي نعري کانپوءِ پھرين تقرير ۾ واضح چيو ته،”مان سنڌ جي وڏيرن، پيرن، جاگيردارن کي آزمائي چڪو آهيان،مون کي سنڌ جي آزادي ۽ آجپي جي واهه ڪٿي نظر نه آئي. ان ڪري مان سنڌ جو ڪيس توهان شاگردن اڳيان کڻي آيو آهيان.“ سائين جي ايم سيد تاريخ جي وڏن تجربن مشاهدن کانپوءِ ان نتيجي تي پھتو ته سنڌ ۾ وارثي ۽ مالڪي جيڪڏهن ڪري سگهن ٿا ته اهي شاگرد ئي آهن. ان کانپوءِ اهو ثابت ٿيو ته شاگردن نه صرف تاريخ جي ڦيٿي کي اڳتي وڌايو پر ان تاريخي عمل کي نوان گس ۽ موڙ به ڏنا.

[b]17-آڪٽوبر واقعي جو پس منظر:
[/b]17 آڪٽوبر 1984ع اهو ڏينھن آهي، جنھن ڏينھن شاگردن پنھنجي زندگيءَ جو ٻليدان ڏئي سڄي سنڌ کي واسي ڇڏيو، هي اهو دؤر آهي جو سنڌ ۾ ايم آر ڊي توڙي مڙني مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندڙ ڌريون عملي طور تي ويڙهاند ۾ رڌل هيون. هر تحريڪ ۾ شاگردن نمايان ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. خاص ڪري جيئي سنڌ جي سموري قيادت، اڳواڻي شاگردن وٽ هئي. ان ڪري قومي تحريڪ ۾ شآگردن جو نئون جوش جذبو ۽ قومي فڪر سان سرشار قافلو جڏهن سنڌ يونيورسٽي، مھراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جا 150 شاگرد بسن م سوار ٿي 3.00 وڳي منجهند ٽوڙي ڦاٽڪ وٽ پهتا ته ڦاٽڪ بند هيو ۽ چؤطرف سانت ڇانيل هئي. سول ڊريس ۾ قانون نافذ ڪندڙ اداري جي سربراهه قافلي کي انڊس هاءِ وي کان هيٺ لهڻ لاءِ جيئن ئي حڪم ڪيو ته ريلوي بند جي چؤطرف لڪل قانون نافذ ڪندڙ اداري جي هٿياربندن هٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا. 5 ڄڻن جي شھيد ٿيڻ کانپوءِ باقي ٻين زخمين کي بڪتر بند گاڏين ۾ کڻي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ بند ڪيو ويو، جتي به کين سخت تڪليفن سان منھن ڏيڻو پيو. هي سنڌ جي 35 منٽن جي مختصر جنگ هئي. جتي تند تلوارن سان وڙهي هئي.

[b]اچڻ جو مقصد:
[/b]شاگرد 17-آڪٽوبر تي پنھنجين اکين ۾ ”مھين جي دڙي“ جي بچاءَ جا خواب کڻي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ”مھين جو دڙو بچايو“ سيمينار ۾ شرڪت لاءِ روانا ٿيا هيا، ڇاڪاڻ ته انھن باشعور شاگردن ڄاتو ٿي ته مهين جو دڙو سنڌ جي عظمت جو تاريخي دستاويز آهي جنھن جو تحفظ ڪرڻ معنى سنڌ جو تحفظ ڪرڻ آهي، جڏهن دنيا اڃا پنھنجو انگ ڍڪڻ نه کي هئي ته تڏهن سنڌ پنھنجي فن، ادب، آرٽ، موسيقي، تجارت، سائنس، ٽيڪنالاجيءَ ۾ سڄي دنيا جي امامت ڪري رهي هئي. ان ڪري دڙي کي بچائڻ کي ماضي جي شاندار حصي کي بچائي خوشحال ۽ آزاد سنڌ اڏڻ برابر آهي. ڇو ته قومون پنھنجي ماضي جي تجربن، مشاهدن ۽ قومي ورثن کي سامھون رکي پنھنجي مستقبل جي اڏاوت ڪنديون آهن.

[b]ميڊيا جو ڪردار:
[/b]ان وقت ميڊيا ٻن حصن م ورهايل آهي. هڪ سرڪاري ميڊيا ٻي وطن پرست ميڊيا، سرڪاري ميڊيا جنھن جو گهڻي قدر اليڪٽرانڪ ميڊيا يعني ريڊيو، ٽي وي ۽ ٿوري قدر پرنٽيڊ ميڊيا تي واضح اثر هيو، سرڪاري طور اها پروپئگنڊا ڪئي پئي وئي ته ڏوهارين سان ڀريل يونيورسٽيءَ جون ٻه بسون لاڙڪاڻي ويندي، پوليس سان مقابلي ۾ 5 ڏوهاري مارجي ويا ۽ ڪيترائي ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا آهن. سرڪاري ان پروپئگنڊا جو سنڌ کانسواءِ ٻين صوبن توڙي عالمي سطح تي وڏو اثـر پيو، ٻئي طرف سرڪاري ٻولڙيا سنڌي عوام کي گمراهه ڪندا رهيا، تنھن باوجود به پرنٽيڊ ميديا ۾ ڪجهه وطن دوست اخبارن توڙي صحافين سنڌ جو ڪيس انتھائي ايمانداريءَ سان وڙهيو ۽ اهي باور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا ته اهي نج سياسي شاگرد هئا نه ڪي ڏوهاري، جيڪي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ وڙهندي شھيد ۽ گرفتار ڪيا ويا آهن، انھن وطن پرست اخبارن ۽ صافين جي مثبت ڪردار سبب سڄي سنڌ اٿلي پئي.

[b]عوام جو ڪردار:
[/b]عوام سرڪاري پروپئگنڊا جو شڪار ٿيڻ بجاءِ سڌيءَ طرح سان شاگردن ڏانھن پنھنجون سڀ محبتون منسوب ڪيون. اهو ئي سبب آهي جو سڄي سنڌ ڪيترائي ڏينھن ان سوڳ ۾ ورتل نظر آئي ۽ عوام روڊن، رستن، تي سراپا احتجاج بڻجي نڪري آيو ۽ سرڪار خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي. سموري سنڌي قوم هن غم، غصي ۽ سوڳ ۾ متحد ٿي وئي جنھن جو سنڌ جي تاريخ ۾ مثال مشڪل ملي ٿو.

[b]17-آڪٽوبر جا شهيد:
[/b]1- شھيد عبدالمالڪ خشڪ:
هن شهيد ٺٽي ضلعي جي تعلقي گهوڙا ٻاري جي ڳوٺ درويش ۾ جنم ورتو، سندس پيءُ جو نالو محمد عيسى خشڪ هو. ذهانت جي لحاظ سان سندس هاڪ شروعاتي تعليم کان ملي ٿي، هن پنجين درجي ۾ ذهانت جو امتحان ٺٽي ضلعي ۾ پھريون نمبر کڻي پاس ڪيو ۽ ان کانپوءِ ميٽرڪ توڙي انٽر ۾ اي گريڊ کڻي پاس ٿيو ۽ ان کانپوءِ مھراڻ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي جساف جو باضابطه ميمبر ٿيو، جتي هن جون سياسي سرگرميون عروج تي پھچي ويون. اهو ئي ڪارڻ هوجو سياسي سرگرمين سبب هڪ دفعو ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو، تنھن باوجود به هن جي جذبي، محبت ۾ ذري برابر به ڪمي نه آئي.

2- شهيد ذڪريا ميمڻ:
شهيد ذڪريا ميمڻ مھراڻ يونيورسٽي جو شاگرد هيو، هن جو جنم 7 فيبروري 1962ع تي ٺٽي ضلعي جي دڙي شھر ۾ ٿيو، نائين درجي تائين ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ تعليم حاصل ڪيائين، ڏهين درجي ۾ بٺورو هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين، انٽر ۾ بھترين پوزيشن حاصل ڪرڻ کانپوءِ مھراڻ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو، جتي جساف جو باضابطه سرگرم اڳواڻ رهيو. سياسي سرگرمين سبب کيس هڪ دفعو ريسٽيڪيٽ پڻ ڪيو ويو، پر پوءِ اهو آرڊر 1983ع ۾ واپس ورتو ويو، تنھن باوجود هن جون تعيلمي سياسي سرگرميون جيئن جو تيئن جاري رهيون.

3- شهيد انور علي عباسي:
شهيد انور علي عباسي جو تعلق ڳوٺ پکي تعلقي قمبر سان هو، سندس جنم 12-آگسٽ 1962ع تي سندس والد علي محمد عباسي جي گهر ۾ ٿيو، پرائمري جي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾، ڇهين کان ڏهين درجي تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول وڳڻ ۾، تعليم حاصل ڪيائين. ٻارهين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان ڪيائين. 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪامرس شعبي ۾ داخلا ورتائين. شھادت وقت فائنل يـيئر جو شاگرد هيو. 17-آڪٽوبر تي گولين لڳڻ ڪري سندس سڄو منھن ۽ جسم چچرجي ويو هو، جنھن سبب سندس سڃاڻپ ڪرڻ انتھائي مشڪل هئي. اهو ئي سبب هيو جو کيس لاوارث ڄاڻائي واپڊا ڪالونيءَ ڄامشورو ۾ کيس دفن ڪيو ويو.

4- شهيد امان الله وسطڙو:
نوشھروفيروز ڳوٺ مچر ۾ حزب الله وسطڙو جي گهر ۾ جنم وٺندڙ شهيد امان الله وسطڙي پرائمري تعليم موري ۾، سيڪنڊري تعليم شھدادڪوٽ مان حاصل ڪري سنڌ يونيورسٽي جي جيالاجي جي شعبي ۾ داخلا ورتائين. جساف جو ميمبر ٿيڻ کانپوءِ هن باضابطه سياسي سرگرميون شروع ڪيون. هن جي ولولي ۽ جذبي جو انداز سندس هن آخري آٽوگراف مان لڳائي سگهجي ٿو جنھن ۾ هن لکيو آهي ته،”منھنجي آخري تمنا آهي ته سنڌ جي آزاديءَ جي جنگ ۾ شھادت ماڻيان.“ ۽ هن جي ان خواب جي آخرڪار 17-آڪٽوبر تي ساڀيان ٿي.

5- مٺو بليدي:
مٺو بليدي سنڌ يونيورسٽي جو چوڪيدار هو. هن جي مزار ڄامشوري ريلوي اسٽيسن جي ويجهو آهي. 17-آڪٽوبر جي شھيدن ۾ مٺو بليدي جو ڪردار سڀ کان اهم هيو. ڇاڪاڻ ته هو سرڪاري ملازم هوندي به ڌرتيءَ جي محبت هن جي نس نس ۾ سمايل هئي ۽ آخري دم تائين ڌرتيءَ جي آجپي لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهيو. يونيورسٽي ۾ سمورا شاگرد اڳواڻ توڙي ڪارڪن سندس سحر ۾ هوندا هئا. سرڪار جڏهن به ڪا شاگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ايندي هئي تڏهن هي هڪدم اها خبر شاگردن تائين پھچائيندو هو، جنھن سبب ڪيترائي دفعا شاگرد ڳري نقصان کان بچي ويا.

[b]شاگرد سياست جي ناڪام ٿيڻ جا سبب:
[/b]
انقلاب کي آڻڻ لاءِ جيستائين انقلابي فڪر سان گڏ انقلابي پارٽي نه هوندي آهي ته تيستائين انقلاب جي اچڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. سنڌ ۾ انقلابي فڪر سان تعلق رکندڙ سڀني ڌرين وٽ خاص ڪري سنڌ جي محور ۾ ڪم ڪندڙ ڌرين وٽ انقلابي فڪر ته هو پر انقلابي پارٽي نه هئي، جنھن سبب سموريون سياسي پارٽيون گهڻي وقت تائين سياسي ميدان تي جٽاءُ نه ڪري سگهيون. پارٽيون تيستائين نتيجا نه وٺي سگهنديون آهن، جيستائين انھن ۾ پورهيت جو ڪردار نه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته پورهيت انقلاب ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندا آهن، جنھن وٽ وڃائڻ لاءِ صرف زنجير ئي هوندا آهن ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا هوندي آهي. سنڌ م بدقسمتيءَ سان قومي فڪر سان تعلق رکندڙ سڀني ڌرين پورهيت جي تاريخي ڪردار کان لاتعلق ٿي انقلاب جو سمورو بار شاگردن جي مٿان رکيو ويو. جيئن ته شاگرد هڪ عرصي تائين شاگرد هوندو آهي. ان کانپوءِ شاگرد زندگي جي ٻئي شعبن ۾ داخل ٿئي ٿو. ان ڪري انقلاب لاءِ شاگردن تي پوري طرح بار سٺو سنئوڻ ثابت نه ٿيو آهي. انقلابي پارٽي نه هجڻ سبب انھن سياسي شاگردن جي تعليمي ادارن مان نڪرڻ کانپوءِ سنڀال نه ٿي سگهي ۽ اهي سماج ۾ اچي پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ مصروف ٿي ويا. انقلاب لاءِ معاشي مفاد اهم هوندا آهن، ڇو ته معاشي مفاد ويڙهه لاءِ اتساهه پيد اڪندا آهن، ان ڪري انقلابي ويڙهه ۾ مڪمل طرح سان شاگردن تي ڀاڙڻ سڀني پارٽين جي وڏي غطلي ثابت ٿي آهي، ٻيو ته رياست شاگردن جي سياسي ڪردار کي ڪرمنل فيڪٽر ۾ ملوث ڪري ڇڏيو ته ڪن کي ايجنسين خريد ڪري ڇڏيو.ڪن کي ڪلاشنڪوف ۽ نشي جي ڌنڌي ۾ لاٿو ويو، نتيجي ۾ جيڪي سنجيده ۽ باعمل شاگرد هئا اهي به انھن جي گهيري ۾ اچي ويا، جيڪي گهربل نتيجا نه ڏئي سگهيا ۽ ڏسندي ڏسندي شاگرد سياست پنھنجو اثـر وڃائي ويٺي آهي.

[b]هاڻ ڇا ڪرڻ گھرجي؟
[/b]لينن چواڻي “One step forward, two step backward” يعني ”هڪ قدم اڳتي ۽ ٻه قدم پوئتي.“ پنھنجي هڪ قدم کي بچائڻ لاءِ ٻه قدم پوئتي موٽڻ خراب ڳالهه نه آهي. ڇو ته سياست ڏاڍي بي رحم ٿيندي آهي. جنھن جي سيني ۾ ڪا به دل ناهي ٿيندي. سياست جا پنھنجا ماڻا ماپا هوندا آهن ان ڪري سياست ڪنھن جي خواهشن جي نه پر مادي حالتن جي تابع ٿيندي آهي. مادي حالتن جي تبديليءَ سان سياست ۾ نوان رخ، رستا، راهون تيار ڪبيون آهن، سنڌ جون حالتون ان نتيجي تي پھتيون آهن ته سڀني کي هڪ دفعو ٻيھر پنھنجو ۽ پنھنجي سياسي پارٽين جو جائزو وٺي سنڌ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي، سنڌ ۾ سياسي تحرڪ پيدا ڪرڻ لاءِ پنھنجي پارٽي کي پورهيت طبقي سان ڳنڍي پورهيتن کي انقلاب جو محرڪ قوت سمجهي سياسي حڪمت عملي تيار ڪرڻي پوندي. شاگرد هن تحريڪ ۾ ڪنھن حد تائين سياسي پارٽين لاءِ ڪارگر ثابت ٿي سگهن ٿا پر مڪمل طرح سان پنھنجون پارٽيون شاگردن جي اڳواڻي ۾ ڏيڻ هڪ دفعو ٻيهر اسان جي تاريخي غلطي هوندي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شاگردن جي سياسي تربيت لاءِ ادارا قائم ڪيا وڃن، جيڪي شاگردن جي تربيت ڪن ۽ شاگرديءَ جي دور پوري ٿيڻ کانپوءِ به سياست ۾ انھن کي پارٽي جي ماتحت بڻائجي ۽ شاگردن کي منظم ڪرڻ کان اڳ پارٽي جي انقلابي بيھڪ ضروري آهي. جيڪڏهن انقلابي پارٽي نه هوندي ته انقلاب لاءِ رستو هموار ڪرڻ مشڪل نه پر ناممڪن هوندو.