ڪالم / مضمون

سياست، تاريخ ۽ ڪردار

مضمونن ۽ مقالن جي ڪتاب ”سياست، تاريخ ۽ ڪردار“ جو ليکڪ عيسى ميمڻ آهي.
نواز خان زنئور لکي ٿو:
”هن ڪتاب جي هڪ خاص خوبي هيءُ به آهي ته اهو هڪ ئي وقت سياسي فڪر سان به ڀرپور آهي، تاريخ جي پراڻين ڳلين جي مهڪ به ميڙي ٿو اچي، اڀريل مسئلن جي ڇنڊڇاڻ به ڪري ٿو، تجزين جي جهان ۾ به جهاتي پائي ٿو، ادب جي ڪميت کي به کرکڻا هڻي ٿو، ته خاڪانگاري جي صنف کي ڇهندي ان منجهان رنگ رنگ شخصيتن جي خوشبو کي پکيڙي ٿو ڇڏي. هو “وڻان وڻان ڪاٺي” ڪَٺي ڪري هڪڙي گلداڻي نه ٿو سجائي، پر هڪڙو پورو چمن آباد ڪري ٿو ڇڏي. جنهن جي مڌماتي سڳنڌ پڪ سان پڙهندڙ جي پوري وجود کي واسي ۽ معطر ڪري ڇڏيندي.“
  • 4.5/5.0
  • 4594
  • 851
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عيسى ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سياست، تاريخ ۽ ڪردار

هِند ۽ سِنڌ جو سورمو: هيمون ڪالاڻي

شيخ اياز لکيو آهي ته ”مان اڃان تائين اهو فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته تاريخ شخصيتن کي ٺاهيندي آهي يا شخصيتون تاريخ کي ٺاهينديون آهن.“ بهرحال ٻنهي حالتن ۾ تاريخ کي پنهنجي سفر کي جاري رکڻ لاءِ شخصيتن جي قربانين جي ضرورت رهي ٿي. تاريخ جي ارتقا جو سفر جڏهن سست ٿيڻ لڳندو آهي ته تڏهن تاريخ کي رت جي ضرورت پوندي. تاريخ جو جياپو آهي رت ۽ شايد دنيا جي تاريخ کي ڳولي ڏسو توهان کي تاريخ جي وک وک تي شهيدن جي رت جا نشان نظر ايندا. سنڌ ۾ به راجا ڏاهر، دودي سومري، مخدوم بلاول، دولهه دريا خان،م هوشو شيدي، سورهيه بادشاهه کان هيمون ڪالاڻي تائين شهيدن جو مقدس رتُ، وک وک تي توهان کي نظر ايندو. سنڌ جي سمورن سورمن کي ڇڏي ڪري اسان صرف اڄ هيمون ڪالاڻيءَ جي شهادت جا پيرا کڻنداسين.

[b]پيدائش ۽ پرورش:
[/b]سکر جي ڪالاڻي ڪٽنب ۾ پيسو مل جي گهر ۾ 23-مارچ 1923ع ۾ جنم وٺندڙ هيمو ڪالاڻيءَ جو اصل نالو ”راهي هيمن“ هو پر پيءُ ماءُ جي اڪيلي پٽ هئڻ سبب کيس پيار ۽ لاڏ ڪوڏ مان ”هيمون-هيمون“ چوندا هئا. هو تڪل ميونسپل اسڪول ۾ پڙهيو. ڪرشن منڊل جيمخانا ۾ ڪسرت ڪندو هو. تيز مينهن ۾ سنڌوندي اڪري پار ڪندو هو. لئنسڊائون پل تان سنڌوءَ ۾ ٽپا ڏيندو هو. سکر ۾ نم جي چاڙهي تي يڪساهي سائيڪل تي چڙهي ويندو هو. ڪٻڏي راند ۾ به سندس ڪو ثاني نه هو. ڦاسيءَ تي چڙهڻ وقت هيمون جي عمر 19 سال هئي. پاڻ مئٽرڪ پاس ڪئي هئائين.

[b]سياسي تربيت:
[/b]هيمون جو چاچو منگهارام ڪالاڻي نوجوانن کي سياست، انقلاب ۽ آزاديءَ جي تربيت ڏيڻ لاءِ ”سوراج سينا“ نالي جماعت ٺاهي هئي جنهن ۾ 19-20 کان 25 سالن جي عمر جا نوجوان انهيءَ جماعت ۾ شامل هئا. انهيءَ جماعت جو هيمون ڪالاڻي به ميمبر ٿيو. جتي هن تعليم سان گڏوگڏ ترڻ، ڪثرت ڪرڻ کان علاوه پنهنجي هم عصرن ۾ سياسي سجاڳي آڻن لاءِ متحرڪ رهيو. ان ساڳئي عرصي ۾ سکر سينٽرل جيل جي سامهون کرڙي جي تاريخي ميدان تي قومپرستن ۽ ترقي پسندن جي ڪانفرنس ۾ محمد امين کوسي جي تقرير سندس ذهن تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا. جڏهن ته سندس آدرشي اڳواڻ ڀڳت سنگهه جنهن جي تصوير سندس گهر ۾ لڳل هئي ۽ ان جا گيت ڳائيندو وتندو. هڪ ڏينهن ته هو پنهنجي ڳلي ۾ رسي وجهي رهيو هو ماڻهن جي سبب پڇڻ تي ٻڌايائين ته مان ڏسڻ گهران ٿو ته ڀڳت سنگهه ڪيئن ڦاسيءَ تي محسوس ڪيو هوندو. اهي سڀ عمل هيمون جي ذهني ۽ سياسي تربيت ڪرڻ ۾ ڪارائتا ثابت ٿيا. جڏهن اڃان اٺن سالن جو مس ٿيو هو ته پاڻ جيڏن جا ٽولا ٺاهي ٽرنگو جهنڊو کڻي سکر جي گهٽين ۾ ٻارن سان گڏ آزاديءَ جا نعرا هڻندو وتندو هو. سندس ماءُ به انگريزن خلاف سندس ذهن تي اثر ڇڏيا. آزاديءَ جي هلچل جيئن تيز ٿي ولائتي ڪپڙي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو ته هيمون باندر سئنا سان گڏجي پراڻي سکر ۽ نئين سکر مان روزانو هزارين رپين جو ولائتي ڪپڙو گڏ ڪري ساڌ ٻيلي جي سامهون ساڙڻ ۾ بهرو وٺندو هو.

[b]”حر گوريلا جنگ ۽ هندستان خالي ڪريو “
تحريڪ جا هيمون تي اثر:[/b]
آگسٽ 1942ع ۾ ڪانگريس هندستان خالي ڪريو تحريڪ (Quit India Movement) هلائي، جنهن گوري سرڪار جون پاڙون اکيڙي ڇڏيون. بيشمار فساد ٿيا. سرڪاري آفيسن ۽ عملدارن تي حملا ڪيا ويا. ٿاڻا ساڙيا ويا. گانڌيءَ جي نعري ”ڪرو يا مَرو“ (Do or Die) ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڪيو. سڄي ڀارت ۾ وڏي انقلابي هلچل مچي ويئي ۽ ان ساڳئي عرصي ۾ سنڌ ۾ حر گوريلا جنگ جو آغاز ٿي چڪو هو. پير صبغت الله شاهه پاڳاري انگريزن کي ٽوٽا چٻرائي ڇڏيا هئا. سنڌ جي پهرين منظم گوريلا جنگ هئي. هنن ته انگريز سرڪار جو قانون به هٿ ۾ کنيو هو. ٽنڊي آدم (ضلع نوابشاهه) ڀرسان لاهور ميل کي حُر گوريلن ڪيرائي وڌو هو. اهوئي ڪارڻ هو جو برصغير تي انگريزن پهرين مارشل لا به ڪراچيءَ کي ڇڏي ڪري سنڌ ۾ لڳائي هئي. ان عرصي ۾ سنڌ اندر حر تحريڪ جا چاليهه هزار سنڌي شهيد ٿيا ۽ ست هزار سنڌي عورتن جي عصمت دري ٿي. انهن واقعن به هيمون تي انگريزن خلاف زبردست اثر ڇڏيا هئا.

[b]ٽرين کي ڪيرائڻ جي ڪوشش:
[/b]هيمون ۽ ان جي ساٿين کي اطلاع مليا ته انگريز ملٽريءَ سان ڀريل هڪ ٽرين سکر مان لنگهي ڪوئيٽا بلوچن کي ڪچلڻ لاءِ اسلحو ۽ فوجي کڻي وڃي رهي آهي. ته هنن اهو فيصلو ڪيو ته ڪنهن به حالت ۾ ٽرين کي اتي پهچڻ نه ڏيندس. ان وقت سکر پراڻي جي شمشان گهاٽ ۾ هنن جي خفيه گڏجاڻي ٿي. جنهن ۾ ڪيترائي ساٿي شريڪ هئا.گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ هيمون اٿي بيهي رهيو ته اهو ڪم مان ڪندس. آخرڪار پرچو وڌيارتي ۽ سندس سؤٽ عيشي وڌيارتي اهي ٽيئي ساٿي گڏجي مخدوم جماڻي پير جي سامهون ڪڙائي سيدن جي گهر وٽ، ريل جي پٽڙي اکيڙڻ لڳا. ٿاڻو ان جي ڀرسان هو. پرچو وڌيارتيءَ پري کان ماڻهو ايندو ڏسي ساٿين کي کسڪي وڃڻ لاءِ چيو پر هيمونءَ ٻُڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي، آخرڪار پڪڙجي پيو ۽ جڏهن ته سندس ٻه ساٿي ڀڄي ويا. اها 23-آڪٽوبر 1942ع جي چانڊوڪي رات هئي ۽ رات جا 12 مڪمل ٿي چڪا هئا. هيمون کي پڪڙائڻ پٺيان پنجابي پوليس وارو فيروز خان هو جنهن انگريزن سان نمڪ حلالي ڪندي سنڌ جي سورمي کي پڪڙايو.

[b]ڪيس، سزا ۽ جيل ۾ ارڏائپ:
[/b]هيمونءَ کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ کيس طرح طرح جا عذاب ڏنائون. ايتريقدر جو سخت سرديءَ ۾ به هيمو تي برف جي ڪينن (ناديون) تي اگهاڙو 21 ڏينھن تائين سزا ڏيندا رهيا پر تنهن باوجود به ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍيائين. آخرڪار سکر ڪورٽ مارشل لا ۾ هيمون کي عمر قيد جي سزا ڏني ويئي. سندس اهو فيصلو نظرثانيءَ لاءِ حيدرآباد جي مارشل لا ڪورٽ کي موڪليو ويو. جتي انگريز بي رحم رچرڊسن عمر قيد جي سزا کي سزاءِ موت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن تي مقدمو هلائي پڇيائونس ته توکي ڪجهه چوڻو آهي، چيائين ته، ”مونکي افسوس آهي جو مان ٽرين ڪيرائي نه سگهيس.“ هن کي معافي وٺڻ لاءِ پڻ زور رکيو ويو پر چيائين ته،”معافي وٺن ڪنهن ديش ڀڳت جو وڙ نه آهي.“ جيل ۾ سندس ماءُ به معافيءَ لاءِ آئي هئي پر ان کي به سِڌو چيائين ته،”هڪ تون منهنجي ماءُ آهين ۽ ٻي ڌرتي ماءُ آهي. مون کي ٻنهي جون عزتون پياريون آهن ۽ هاڻي ڌرتيءَ جي عزت خاطر قربان ٿي رهيو آهيان. مون کي نه روڪ.“ هن جي ماءُ به ان عمل مان خوش ٿي ۽ کيس چيائين ته، ”مون کي توتي فخر رهندو ۽ جيڪڏهن تون شهيد به ٿي وئين ته مون کي ڪو ارمان نه رهندو.“
آخر اهو 21- جنوري 1943ع وارو ڏينهن به آيو جڏهن پرهه ڦٽيءَ جو هيمون کي تختِ دار تي آندوويو. ڦاهي جي ويل، سوير اٿيو، ”گيتا“ پاٺ ڪري، ڦاهيءَ جي جاءِ تي جلاد کان رسي وٺي پاڻ پنهنجي هٿن سان ڳچيءَ ۾ وڌائين. ڦاسيءَ تي چڙهڻ وقت ”انقلاب زنده باد“ جا نعرا هڻي ڦاهيءَ کي سرخرو ڪري ويو.

[b]ڀارت ۾ هيمون کي مڃتا:
[/b]1947ع ۾ ورهاڱي کانپوءِ هيمون ڪالاڻيءَ جا ماءُ، پيءُ، چيمپور ڪالوني بمبئي ۾ رهائش پذير ٿيا. اتي 1951ع ۾ شهيد هيمون ڪالاڻي يادگار منڊل قائم ڪيو ويو. ان منڊل پاران هر سال هيمون جي شهادت جو ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ويون. اتي اکل ڀارت سنڌي پنچائت فيڊريشن بمبئي وارن جي محنت سان چيمپور ڪالوني ۾ هڪ هزار وال پلاٽ تي هيمون جو يادگار قائم ڪرايو ويو ۽ سندس امڙ ماتا ڄيٺي مائيءَ کي ”سنڌو ماتا“ جو لقب ڏنو ويو. سندس امڙ 1986ع ۾ 90- سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويئي. جڏهن ته سندس جيئري سڀ کان وڏو اعزاز ڀارت جي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ جي ڪوشش سان 1984ع ۾ هيمون ڪالاڻيءَ جي نالي سان يادگار ٽڪلي جاري ڪرائي. اڄ به سڄي ڀارت م سنڌي رهن ٿا، هيمون ڪالاڻيءَ کي پنهنجو سورمو سمجهن ٿا ۽ انهيءَ جا ڏهاڙا پڻ ملهائين ٿا.

سنڌ ۾ هيمون ڪالاڻيءَ کي سڀ سنڌي مسلمان خواه هندو پنهنجو سورمو تسليم ڪن ٿا ۽ ان جا ڏهاڙا ملهائڻ پنهنجو فرض سمجهن ٿا. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هيمون هند ۽ سنڌ جو سورمو آهي ۽ رهندو. عبدالحڪيم ارشد جي هن خوبصورت سٽن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي هيمون کي ڀيٽا ڏئي سگهجي ٿي ته:

اڄ ڀي تنهنجي ياد اچي ويئي،
اڄ ڀي منهنجا لڙڪ لڙي پيا.
اڄ ڀي تنهنجون ڳالهيون ساريم،
اڄ ڀي ساڳي جنگ لڳل آ،
اڄ ڀي ساڳي باهه ٻري پيئي.
اڄ ڀي سنڌڙي سڏڪي پيئي،
اڄ ڀي ڦاهي ماندي آهي.
اڄ ڀي ڌرتي ماتا جي دانهن،
مون کي جهنجهوڙي جاڳايو،
هيمون منهنجا دوست!
مان تنهنجي روح کي سامهون آڻي،
سنڌڙي سان ٿو قول ڪريان،
جيجل جيسين جيئر رهندس،
تيسين تو لئه لکندو رهندس!