قومي تحريڪ جو ديو مالائي ڪردار : عرفان مهدي
يه ڪس ني هم سي لهو ڪا خراج ڦر مانگا،
اڀي تو سوئي ٿي مقتل ڪو سرخرو ڪرڪي.
انھيءَ سياست جي رومانس ۾ محبوب جي ٻانھن کي الوداع چئي ايندڙ اهي نوجوان جن ڪڏهن گهر ۾ دڙڪو به نه کاڌو، اهي ايتريون سختيون برداشت ڪندي به سرها ڏٺاسين ۽ ڪيترائي نوجوان پنھنجي جوانيءَ جا ڦوهه ڏهاڙا سياست کي ڏيڻ باوجود به پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ اڪيلا رهجي ويا. سياست جي بي رحمين جي ڪري ڪٿان جا به نه رهيا. آڪاش انصاريءَ جي هنن سٽن جيان،
ڦاهيءَ جا ڦندا چمڻ کان به وياسين،
دنيا جا ڌنڌا ڪرڻ کان به وياسين،
نه تون ئي ملين نه ڪنھن جا ٿياسين،
هِتان کان به وياسين، هُتان کان به وياسين،
مرڻ جي مزي کان به محروم ٿياسين،
۽ جيئندا رهياسين اڌورا اڌورا،
اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا.
اهڙين بي رحمين جو شڪار ٿيندڙ سنڌ جو ڳڀرو عرفان مھدي به آهي. هالن ۾ 31 جولاءِ 1966ع ۾ جنم وٺندڙ عرفان جنھن تيزيءَ سان زندگيءَ ۾ ٻرانگهون پاتيون سو مان ڏسي سچ پڇو ته حيران رهجي ويو آهيان ته ڪو وقت جي وهڪري کي ايڏو به پوئتي ڇڏي سگهي ٿو ڇا؟ هالا جيڪي سنڌ جي اجرڪ ۽ جنڊيءَ جي ڪمن جي لحاظ کان الڳ سڃاڻپ رکي ٿو پر ان لاءِ هي به مشھور آهي ته هالن جا ماڻهو ڏاڍا ڏکيا ٿين ٿا. هالن جي اشتقاق مان معلوم ٿئي ٿو ته ان شھر جو باقي مزاج ڪيئن هوندو. (هالا: ها معنى ها ۽ لا معنى نه) مطلب ته ها به ۽ نه به، ان مزاج رکندڙ شھر ۾ سنڌ جو ڳڀرو جنھن لاءِ شايد شيخ اياز چيو هو ته:
ڳاڙها ڳڀرو سنڌ جا، تون ئي منھنجو خواب،
تون ئي آن جواب، صدين جي سوال جو.
عرفان واقعي به صدين جي سوال جو جواب بڻجي آيو هو. جنھن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان پيار ڀريل هو. جنھن ننڍپڻ ۾ ئي سياست ۾ وک پاتي هئي. جنھن جي فطرت ۾ هڪ شاعر، هڪ اديب، هڪ ڪھاڻيڪار، هڪ بھترين مقرر، هڪ بھترين دوست، هڪ بھترين ڀاءُ، هڪ بھترين پيءُ، هڪ بھترين سياستدان هئڻ جون خوبيون هيون. جنھن جي ذاتي لائبريري ۾ ڏهه هزار کان وڌيڪ ڪتاب هجڻ. اهو ڪردار ديو مالائي ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته 25 سال عمر ۾ ماڻهو اڃان هوش سنڀالي ئي نٿو ۽ عرفان ان عمر ۾ سڄي سنڌ جي سياسي، علمي ۽ ادبي حلقن ۾ ٿرٿلو مچائي ٿو ڇڏي ۽ اڄ جڏهن ڪو چوي ٿو ته عرفان خودڪشي ڪري ڇڏي آهي ته دل ڪيئن مڃي ته سڄي سنڌ کي زندگي سان جھد ڪرڻ لاءِ پتوڙيندڙ، موت جي آغوش ۾ سڪون محسوس ڪيئن ڪري ٿو؟
خودڪشي لفظ بظاهر ته زندگي جي چرپر رڪجڻ جو نالو آهي. جڏهن اسان مان قوت مدافعت جي گهٽائي ٿي ته خودڪشي لازم امر ٿيو پوي. پر مان سمجهان ٿو ته زندگي جو ڏيئو اجهائڻ رڳو خودڪشي نه آهي. خودڪشي ته اها به آهي جڏهن انسان ۾ بي حساب صلاحتيون هجن ۽ اهي ضايع ڪري ڇڏجن، خوڪشي ته اها به آهي جڏهن انسان پنھنجي علم جو استعمال قوم جي ترقي، خوشحالي بجاءِ پنھنجي ذاتي مفاد ۽ چند سڪن لاءِ استعمال ڪري، خودڪشي ته اها به آهي جڏهن هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو توهان تي اعتماد ڪري توهان جي پٺيان لڳن ۽ توهان تاريخ جو بار پنھنجي ڪمزور ڪلھن تي کڻ نه سگهو، خودڪشي ته اها به آهي جڏهن ماڻهو توهان تي اعتبار ڪرڻ ڇڏي ڏيو. خودڪشي ته اها به آهي جڏهن توهان نشي ۾ پناهه وٺڻ شروع ڪيو ٿا ۽ دنيا کان ڪنارا ڪش ٿي وڃو ٿا. سنڌ ۾ توهان کي سنڌ جو ٽيلنٽ خودڪشي ڪندي نظر ايندو ۽ جي نه ته سنڌ جي ٽيلنٽ کي خودڪشيءَ جي وهڪري ۾ لوڙهڻ لاءِ ماحول تيار ڪيو ويندو آهي.
عرفان مھدي به سنڌ جو ٽيلنٽ هو جنھن کي برداشت نه ڪيو ويو ۽ ان ٽيلنٽ کي دٻائڻ لاءِ عرفان تي ايجنسين جي هجڻ جا الزام هڻي عرفان جي ٽيلنٽ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنھن جو نتيجو توهان ۽ اسان 3-آگسٽ 1991ع تي سنڌوءَ جي لھرن ۾ عرفان جي وجود کي لڙهندي يا ٻڏندي ڏٺو. عرفان جي لاش وصول ڪرڻ کانپوءِ ته اڃان گهڻا سوال هئا جيڪي جواب لھڻن پيا، جن جا جواب اڃان تائين ڪوبه نه ڏئي سگهيو آهي، جڏهن ٻن ڏينھن کان پوءِ عرفان جو هڏائون پڃرو مليو ته ان جي جسم تي ڪابه ڪپڙي جي ڪا ليڙ چنبڙيل نه هئي. ڪنڌ کان مٿي وارو حصو به غائب هو. اهو سڀ ڪجهه ڪنھن ۽ ڪيئن ڪيو؟ ان ماجرا کي به ڪو سلجهائي نه سگهيو آهي!
اڄ مان اعتراف ٿو ڪريان ته سنڌ جي قومي تحريڪ اها بدنصيب قومي تحريڪ آهي جنھن سنڌ جي ٽيلنٽ کي سنڌ جي آزادي لاءِ درست نموني استعمال نه ڪري سگهي آهي. جنھن ۾ جيڪا صلاحيت آهي ان کان اهو ڪردار قومي تحريڪ ادا نه ڪرائي سگهي آهي ۽ شايد قومي تحريڪ ۾ اها صلاحيت به نه آهي جو صلاحيت آهر ڪم جي ورهاست ڪري قومي تحريڪ کي پاڻ ڀرو ڪري سگهجي. عرفان مھديءَ جھڙا سنڌ جا هزارين نوجوان يا زندگي کي داءَ تي لڳائين ٿا يا پنھنجي صلاحيتن جو ذيان ڪن ٿا.
عرفان مھدي 31 جولاءِ تي ڄائو هو ۽ 03 آگسٽ تي لھرن حوالي ٿيو. مونکي اردو شعر جي ان معنى مفھوم تي پورو لھندڙ ڪردار نظر آيو جنھن ۾ هن چيو آهي ته:
عمر دراز مانگ ڪر آئي ٿي چار دن،
دور آرزو مين ڪٽ گئي، دو انتظار مين.
هن به شايد ٻه ڏينھن آرزو ۾ گذاريا ۽ ٽئين ڏينھن آرزو ۾ گذارڻ کانپوءِ زنگيءَ جو وڌيڪ انتظار نه ڪري سگهيو. پر ان کان به وڌيڪ عرفان مون کي لطيف جي هن سٽن جي تشريح لڳندو آهي.
جا ڀون پيرين مون، سا ڀون مٿي سڄڻين،
ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺاسون،
ڏينھن مڙيو ئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي.
زندگي شايد لطيف چواڻي صرف ٻه ڏينھن آهي. انھيءَ ۾ سوچڻ لاءِ وقت نه آهي، اهوبه لوچڻ لاءِ لطيف درس ڏئي ٿو ۽ عرفان 31 جولاءِ ۾ جنم وٺڻ کانپوءِ ٻئي ڏينھن بس ڪري نه ويٺو هالن کان ان سفر شروع ڪيو، سن طرف ۽ سن کان ڀٽائي، ۽ ڀٽائي کان ڪينجهر، ڪارونجهر، مڪلي، موهن جو دڙو، رني ڪوٽ، سنڌ جي هزارين سورمن جا دڳ پيچرا ڏسي سمجهي ۽ وري به آخري سن جي سيد جي استاد علامه آءِ آءِ قاضي جي دڳ پيچري تي اچي سنڌوءَ جي لھرن ۾ پاڻ ڇڏيائين. اڄ سنڌوءَ جا نيڻ آلا آهن، سنڌ کان وڇڙيو سنڌي ماڻهن کان ڪٿي وسري سگهندو عرفان. جنھن جي چھري جي مرڪ، ذهن ۾پلجندڙ سنڌ لاءِ پيار، ڪير ڪيڏو به تاريخ جو منڪر هجي سچ کان ڪيئن منهن موڙي سگهندو. عرفان قومي تحريڪ جو اهو سچ آهي جنھن کان منھن موڙي نه ٿو سگهجي. آريسر صاحب چواڻي ته، ”وڇڙڻ فطرت آهي ۽ وسارڻ ڪميڻائپ آهي ۽ اسان شايد ان منزل تي اڃان نه پھتا آهيون. اياز چواڻي ته:
تون مان دور نه آهيون پيارا!
توکي مونکي روز ملائي،
سنڌوءَ جو سپنو.
منھنجي جوت کڻي جل ڌارا،
تو تائين پيئي ٽمڪائي،
سنڌوءَ جو سپنو.
ڪاري رات ڏئي لامارا،
چندر مان جھڙو ڳڙڪائي،
سنڌوءَ جو سپنو.
پر هي تنھنجا منھنجا تارا،
جن ۾ ويٺو جوت جلائي،
سنڌوءَ جو سپنو.
سنڌوءَ جو سپنو.