ڪالم / مضمون

سياست، تاريخ ۽ ڪردار

مضمونن ۽ مقالن جي ڪتاب ”سياست، تاريخ ۽ ڪردار“ جو ليکڪ عيسى ميمڻ آهي.
نواز خان زنئور لکي ٿو:
”هن ڪتاب جي هڪ خاص خوبي هيءُ به آهي ته اهو هڪ ئي وقت سياسي فڪر سان به ڀرپور آهي، تاريخ جي پراڻين ڳلين جي مهڪ به ميڙي ٿو اچي، اڀريل مسئلن جي ڇنڊڇاڻ به ڪري ٿو، تجزين جي جهان ۾ به جهاتي پائي ٿو، ادب جي ڪميت کي به کرکڻا هڻي ٿو، ته خاڪانگاري جي صنف کي ڇهندي ان منجهان رنگ رنگ شخصيتن جي خوشبو کي پکيڙي ٿو ڇڏي. هو “وڻان وڻان ڪاٺي” ڪَٺي ڪري هڪڙي گلداڻي نه ٿو سجائي، پر هڪڙو پورو چمن آباد ڪري ٿو ڇڏي. جنهن جي مڌماتي سڳنڌ پڪ سان پڙهندڙ جي پوري وجود کي واسي ۽ معطر ڪري ڇڏيندي.“
  • 4.5/5.0
  • 4594
  • 851
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عيسى ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سياست، تاريخ ۽ ڪردار

سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري : مزاحمت کان خاموشيءَ تائين

سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ جو سلسلو پاڪستان ٺهڻ کان به اڳ جو آهي. نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابداليءَ جي حملن کان بعد ۾ ايران ۽ افغانستان ۾ ڌارين جا ڪٽڪ ايندا رهيا هئا. مغلن، ارغونن توڙي ترخانن جي دؤر ۾ به سنڌ تي ڌارين جي يلغار جاري هئي. انگريز سرڪار جي ڏينھن ۾ سنڌ جي بمبئيءَ سان ملائڻ کانپوءِ ته ننڍي کنڊ جا رهواسي بنا ڪنھن سرحدي احترام جي سنڌ ۾ داخل ٿيندا رهيا ۽ جڏهن ته ڌارين جو سنڌ جي سرزمين خريد ڪرڻ ۽ ان تي پنھنجي مالڪيءَ جي دعوى سکر بئراج ٺاهڻ سان شروع ٿي. سکر بئراج جي ٺهڻ کانپوءِ پنجاب جو زميندار طبقو انگريز سرڪار جي معرفت سکر بئراج ۽ ان سان وابسته زمينن کي پنھنجي آباديءَ لائق بنائڻ لاءِ زمينون خريد ڪرڻ شروع ڪيون ۽ پنهنجي آباديءَ جو وڏو حصو سنڌ ۾ منتقل ڪري آيا. جڏهن برصغير کي ورهايو ويو ته ان ۾ سنڌ جي سرزمين تي ڌارين جي ماڪڙ لاٿي ويئي. سنڌ جي شهرن ۽ ڪاروباري مرڪزن تي ڌارين قبضا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ سنڌي ماڻهو مهمانوازيءَ جي شوق ۾ پنهنجي سرزمين ڌارين جي هٿ ۾ ڏيئي به خوش ٿيندا رهيا. دنيا ۾ ڪٿي به ايئن نه ٿيو آهي ته زمين ڌارين حوالي ڪري ۽ مقدس ڪتاب هٿ ۾ رکي پنهنجي ڌرتيءَ تان دستبردار ٿي ويا ۽ ان کان پوءِ ڌارين جو سلسلو شروع جو ٿيو آهي ته ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي. هر سال سوين نه، هزارين پر لکن جي تعداد ۾ ايندا رهن ٿا پر انهن کان ڪوبه پڇڻ وارو نه آهي. نتيجو اهو نڪتو آهي جو سنڌي پنھنجي سرزمين تي اقليت ۾ هليا ويا آهن، سنڌ جي وسيلن، روزگار، شهرن توڙي ڪاروبار تي ڌاري آبادڪاريءَ مڪمل طور تي قبضو ڪري ورتو آهي.

[b]ڌاريو ڪير آهي؟
[/b]اهو به سمجهڻ کپي ته ڌاريو ڪنهن کي چئجي ٿو. سنڌ جي قومپرستن ۽ پ پ پ سميت سمورين وفاق پرست پارٽين وٽ ڌاريي جي حوالي سان مؤقف ۾ تبديلي آهي. پ پ پ سميت وفاق پرست پارٽين وٽ ڌاريي جي حوالي سان موقف آهي ته، ڌاريو صرف اهو آهي جيڪو پاڪستان جي سرحدن کان ٻاهران آيل آهي. جنهن ۾ افغانستان، برما، بنگال، ايران، هندستان ۽ ٻين ٻاهرين ملڪن کان سمورا آيل قانوني توڙي غير قانوني ماڻهو ڌاريا آهن. جن جو به پ پ پ سرڪار سنڌ ۾ انهن جو تعداد ڪڏهن 20 لک ته ڪڏهن 30 لک ٻڌائي ٿي. جيڪو به اڌ ڪوڙ آهي، جيڪڏهن پاڪستان جي حدن کان ٻاهر آيل ماڻهن جي به جيڪڏهن شماري ڪئي وڃي ته به اها آبادي ڪروڙ جي لڳ ڀڳ وڃي بيهندي. جيڪي انگ اکر به NGO’s وارن جا ڏنل آهن. انهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ به سرڪار ڪنهن به طرح سان سنجيده نظر نه پئي اچي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڌاري آبادڪاريءَ جو وڏو ووٽ بئنڪ پ پ پ ۽ مذهبي تنظيمن وٽ آهي. اهي ڌريون انهن خلاف ڳالهائي پنھنجو ووٽ خراب ڪرڻ نه ٿيون چاهين. اهو به نه وسارڻ کپي ته ٻاهران آيل سمورا ڌاريا پاڪستان جي ٻين صوبن ڏانهن وڃڻ بجاءِ سنڌ ۾ رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا. جنهن سبب ڌاري آبادڪاريءَ جو سمورو رخ سنڌ طرف آهي.
ٻئي طرف قومپرستن جو مؤقف آهي ته پاڪستان جي سرحدن کان ٻاهران توڙي پاڪستان جي باقي ٽنهي صوبن پنجاب، بلوچستان، ۽ خيبرپختونخواه مان آيل به سنڌ ۾ ڌاريو آهي. ان ڪري قومپرستن 1988ع ۾ سائين جي ايم سيد جي ڪوششن سان ٺهيل سنڌ قومي اتحاد جي پليٽ فارم تان اهو موقف ڏنو ته 1954ع کان پوءِ آيل سمورا سنڌ ۾ ڌاريا آهن. جنهن ڪري قومپرستن جي مؤقف ۾ وزن آهي ته سنڌ جون پنھنجون سرحدون ۽ تاريخي جاگرافيائي حدون آهن جن مان جيڪڏهن قانوني توڙي غيرقانوني داخل ٿي اچي ٿو ته اهو ڌاريي جي ذمري ۾ اچي ٿو. پاڪستان ۽ مذهب جي نالي تي داخل ٿيل هر ماڻهو ڌاريو آهي. جن جي جيڪڏهن ڳڻپ ڪبي ته به انهن جو تعداد سنڌ جي اصل آباديءَ کان مٿي وڃي بيهي ٿو ۽ سنڌ ۾ سنڌي به اقليت واري حيثيت رکن ٿا. جنهن سبب سنڌي ٻولي، ڪلچر، تاريخ، ادب، سنڌ جا معدني وسيلا، شهر توڙي ڪاروبار داوَ تي لڳي ويا آهن. جنهن ڪري ڌاري آبادڪاريءَ خلاف جدوجھد معنى ته سنڌ جي وجود جي بقا جي جنگ آهي. انهيءَ لاءِ جدوجھد به ٻن قسمن جي هلي آهي. جنهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.

[b]سياسي جدوجهد[/b]: سياسي جدوجھد به ٻن قسمن جي ٿئي ٿي، هڪ اها آهي ته پر امن نموني احتجاج ڪري پنھنجو آواز بلند ڪري رياست تائين پھچائجي ته اها معاملي کي سنجيده نموني حل ڪري ۽ عوام ۾ پيدا ٿيل بي چينيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي. پرامن احتجاج جي ڏس ۾ سنڌ جي سمورين ڌرين وڏي عرصي کان احتجاج رڪارڊ ڪرايا آهن پر ان جو اثر نه رياست محسوس ڪيو آهي ۽ نه ئي ڌارئي ان مان خطرو محسوس ڪري واپس وڃڻ لاءِ سوچيو آهي ۽ اڃان به ڌارين پنھنجي مٽن مائٽن کي مستقل هت آباد ڪرڻ لاءِ خاموش نموني ڪم پئي ڪيو آهي. ٻيو سياسي رستو اهو آهي ته اسيمبلين ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ ڌريون پارليامينٽ ۾ وڃي پارليامينٽ رستي ڌارين کي ڪڍڻ لاءِ حڪمت عملي اختيار ڪن پر هتي ته پارليامينٽ ڪڏهن به ان مسئلي کي سنجيده نموني نه کنيو آهي ۽ نه ئي کڻڻ لاءِ تيار آهي. سنڌ جي نمائندگي هڪ ايم ڪيو ايم وٽ آهي ۽ ٻيو پ پ پ وٽ آهي. ايم ڪيو ايم ڌاريو صرف پٺاڻن کي سمجهي ٿي جيڪي انهن لاءِ ڪراچيءَ ۾ مٿي جو سور بڻجي ويا آهن. باقي ٻين ڌارين تي انهن جي اک نه ٿي ٻـُڏي. اهو ئي سبب آهي جو پٺاڻن کي طالبان جو نالو ڏيئي ڪڍڻ لاءِ واويلا ڪري ۽ خاموش تماشائي بڻجي ويئي آهي. ٻيو ته پ پ پ وٽ ڌارين جو صرف تصور ئي آهي ته پاڪستان کان ٻاهران آيل ماڻهو ڌاريا آهن. جن جو انگ به 30 لکن کان وڌيڪ نه ٿا ٻڌائين باقي سرحد پنجاب توڙي بلوچستان مان آيلن کي ڌاريو سمجهن ئي نه ٿا ته ان لاءِ آواز ڪيئن اٿاريندا. اهو ئي سبب آهي جو سرحد ۾ آپريشن دوران لکن جي تعداد ۾ ڌاريا هتي آباد ڪري به سنڌ جو وزيراعلى قائم علي شاهه چوي پيو ته ”ڌارين کي هتي آباد ڪنداسين ڪير روڪڻ چاهي ٿو ته ڀلي روڪي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ رهندڙ سڀئي پاڻ ۾ ڀائر آهن. ان ڪري پختون ڀائرن کي آباد ڪري پنھنجو فرض ادا ڪندا رهنداسين.“ پ پ پ جو هي رويو آهي ڌاري آبادڪاري ڏانهن. ان ڪري پارليامينٽ جي ذريعي ڌارين کي ڪڍڻ ناممڪن آهي ۽ سياسي جدوجھد به هن وقت تائين لاڀائتي ثابت نه ٿي آهي.

[b]مزاحمتي جدوجهد:[/b] ڌاري آبادڪاريءَ خلاف جدوجھد جو ٻيو پهلو آهي مزاحمت. هونئن ته مزاحمت گهڻ طرفي ٿيندي آهي. پر اسان جي مزاحمت جي چوڻ جو مقصد آهي هٿياربند جدوجھد ذريعي هليل تحريڪ يا جنهن ۾ طاقت جو استعمال ٿيل هجي. تاريخ جي اها ستم ظريفي چئبي جو سنڌي جنگجو قوم نه رهيا آهن. جنهن ڪري مزاحمتي ڏس ۾ سنڌين اڪثر ڪري جنگيون هارايون آهن. راجا ڏاهر کان وٺي سورهيه بادشاهه تائين اڪثر ڪري دفاعي جنگيون هيون. جنهن ۾ فوجي حڪمت عمليءَ جا تجربا نه هئڻ سبب جنگين ۾ شڪست مقدر بڻجي ويئي. اڄ تائين ساڳيو الميو برقرار آهي. جڏهن سنڌ جي محب وطنن ڌاري آبادڪاريءَ خلاف سياسي جدوجھد ۾ مايوسيءَ کان پوءِ جڏهن مزاحمت جو اعلان ڪيو ته ڌاري آبادڪاري سڄي ٿرٿلي ۾ اچي ويئي. محب وطنن جڏهن ڌاري آبادڪاريءَ تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا ته سنڌ ۾ اتساهه پيدا ٿيڻ لڳو ته ”اڃا ڪا آهن ڪل جڳ ڪاپڙي“ پر جڏهن ننڍڙا مزاحمتي عمل ڪرڻ کان پوءِ ٽن ڏينهن جي هوائي، ريلوي ۽ روڊن رستن کي طاقت جي زور تي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ته محسوس ايئن ٿي رهيو هوته سنڌ ڪنهن وڏي تبديليءَ طرف وڃي پئي پر پوءِ جڏهن ٽن ڏينهن جو اعلان مايوسيءَ ۾ تبديلي ٿيو ته هڪ دفعو ٻيهر ڌاريو ۽ رياست به سمجهي ويئي ته اعلان ۽ عمل ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي ته رياست تيزيءَ سان باقي به ڌارين کي آباد ڪرڻ م ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي.
اهو سچ آهي ته سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ کي روڪڻ يا ڪڍڻ جو صرف رستو ئي اهو آهي ته مزاحمت واري دڳ تي هلجي. ڇاڪاڻ ته ڌارين جا هتي معاشي مفاد لڪل آهن، جيڪي سياسي توڙي مهذب نموني پنهنجي مفادن تان هٿ نه کڻندا. ان ڪري مزاحمتي پهلو ئي بھتر رستو آهي؟ پر سوال اهو آهي ته آخرڪار مزاحمت ڪير ۽ ڪيئن ڪندو؟ جيڪي ڌريون هن وقت مزاحمت جون ڳالهيون ڪن ٿيون نه انهن وٽ تنطيم سازي آهي ۽ نه ئي مزاحمت لاءِ مستقل حڪمت عملي آهي. مزاحمت لاءِ جيستائين مضبوط، منظم تنظيم نه هوندي ته مزاحمت، مستقل مزاجيءَ سان نه ڪري سگهبي. ان ڪري جيستائين هٿيار تنظيم جي ماتحت ۽ تنظيم نظريي جي ماتحت هئڻ واري پهلوءَ کي سامهون رکي حڪمت عملي تيار نه ڪبي ته ڪي نتيجا حاصل نه ڪري سگهبا.

[b]سنڌ جا اديب ۽ دانشور:[/b] اديب ۽ دانشور قومن جو دماغ هوندا آهن، جيڪي قومن جي منزل جو تعين ڪندا آهن ۽ سياستدان ان منزل لاءِ رستا هموار ڪندا آهن. سنڌ ۾ اڪثر ڪري اديبن۽ دانشورن موقعي پرستيءَ کان ڪم پئي ورتو آهي. 4- مارچ جا سورما هجن يا ايم.آر.ڊي دور جا هيرا انهن ته پنھنجي ڏاهپ قوم جي ڪتب آڻڻ بجاءِ پنھنجو پاڻ کي ٺاهڻ ۾ استعمال ڪئي. ايتري قدر جو سنڌ جي مزاحمتي ڪردارن کي سرڪار تمغه ۽ ايوارڊ ڏيڻ شروع ڪيا آهن ته اهي تمغه ۽ ايوارڊ وٺڻ ۾ فخر محسوس ڪري رهيا آهن. هنئن نه ته سنڌ ۾ سرڪار يا سرڪار سان لاڳاپا رکڻ عيب جوئي عمل سمجهيو ويندو آهي پر هاڻ اهو فخر لائق عمل سمجهيو ٿو وڃي. ايتري قدر جو ڌاري آبادڪاريءَ خلاف جڏهن سنڌ ۾ مزاحمت جي ڳالهه ٿي ته سنڌ جا چڱا لکيا پڙهيا ماڻهو مزاحمت جي کلي عام مخالفت ڪرڻ لڳا. سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويي ته ڌارين جي آجيان لاءِ پنهنجا نيڻ وڇايا . پ پ پ ۽ مذهبي جماعتن کي ته ڇڏي پر ڪميونسٽن ته انسان ذات سان دليءَ همدرديءَ جي بنياد تي ڪراچيءَ ۽ سنڌ جي ٻين هنڌن تي انٽرنيشنل سوشلسٽ جي پليٽ فارم تي ڌارين لاءِ ڪئمپون هڻي انهن جي آجيان ڪئي. انهن جي کاڌ، خوراڪ ۽ رهائش لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. ان کان علاوه به باقي سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن يا ته ڌاري آبادڪاري خلاف ٿيندڙ مزاحمت ڪئي يا خاموشي اختيار ڪئي. مطلب ته جيڪو تاريخ ۾ اديبن ۽ دانشورن کي تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها انهن ڪردار ادا نه ڪيو. ڀلي توهان مزاحمت جي حمايت نه ڪريو پر ڌاري آبادڪاريءَ جي حمايت ڪرڻ سنڌ جي سڄڻائپ جي دائري ۾ نه ٿو اچي.

[b]سنڌ جا مُحب وطن ۽ خاموشيءَ جي لھر[/b]: سنڌ جي مُحب وطنن جي نيت تي ڪوبه شڪ نه آهي نه ئي ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته وري به اهي اتساهه جو سبب آهن. باقي انهن جي صلاحيتن ۽ حڪمت عمليءَ تي اختلاف ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جي محبت وطنن جي عمل سان سنڌ ۾ بحث جو موضوع ڌاري آبادڪاري بڻجي ويو هو مگر هاڻي چؤطرف خاموشي ڇانئجي ويئي آهي، محسوس ايئن ٿئي ٿو، ڄڻڪ، سنڌ جو اهو مسئلو حل ٿي ويو آهي ۽ سنڌ جي وجود جو بچاءُ ٿي چڪو آهي. اچو ته هاڻ آرام ڪريون! ڌاري آبادڪاري ڪلهه جيان اڄ به ساڳيو مسئلو بڻيل آهي. پر مسئلو اهو آهي ته اسان مسئلي کي مسئلو سمجهڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. سنڌ جا شهر توڙي ڪاروبار اڄ به ڌارين جي هٿ وَس ۾ آهن. سنڌ اسيمبليءَ م پشتو ڳالهائيندڙ ڌاريا وزارت ۽ نمائندگي حاصل ڪري چڪا آهن. ايندڙ چونڊن ۾ 5 سيٽن کان وڌيڪ سيٽن تي پشتو ڳالهائيندڙ جي تعداد جي توقع آهي، ڇاڪاڻ ته پختونن جو تعداد هن سال ٻيڻ تي وڌيو آهي ۽ وفاقي حڪومت ۾ به انهن جو چڱو خاصو اثر رسوخ پيد اٿيو آهي. ٽيون ته پ پ پ جي ناڪاميءَ جي صورت ۾ به انهن جو ووٽ وڌندو آهي يا خود پ پ پ انهن جي انگ کي وڌائڻ لاءِ ڪوششون وٺي ايم ڪيو ايم جي اثر کي ٽوڙڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري پئي. جيڪڏهن اهڙي طريقي سان ڌاريا شهرن ۽ ڪاروبار کان اسيمبلين ۾ پهتا ته سنڌ جو وڏو نقصان ٿيڻ جو انديشو موجود آهي. جيتوڻيڪ سنڌ اسيمبلي يا وفاقي اسيمبليءَ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جي هجڻ سبب سنڌ کي ڪي چڱايون پلئه نه پيون آهن پر پوءِ به سنڌين جي نمائندگي ڳڻپ ۾ اچي پئي سڀاڻي جيڪڏهن ڌاريا سنڌ جي سيٽن تي کٽي آيا ته سنڌ سنڌين جي هجڻ واري مُهر (Stamp) به لهي ويندي، جيڪو سنڌ جو تاريخي نقصان ٿيندو. ڌاريا جڏهن ته سنڌ ۾ خاموش نموني منظم ٿيڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن، جڏهن ته ڌارين کي روڪڻ لاءِ ٿيندڙ مزاحمت يا سياسي جدوجھد ماٺار جو شڪار آهي، جنهن جو نقصان مستقبل ۾ ٿيڻو آهي. جنهن کي سمجهڻ ايڏو مشڪل به ڪونه آهي جيڪڏهن ماڻهوءَ وٽ ڏسڻ جي اک آهي ته!؟