سنڌ جو مزاحمتي شاعر: زخمي چانڊيو
زخمي جيتوڻيڪ اسان وٽ موجود نه آهي پر سندس زندگيءَ جو گهڻ طرفو پورهيو اسان جي سامهون آهي. هو هڪ استاد به هو، شاعر، اديب به هو، سنڌ ۽ سيد جو عاشق به هو. هن زندگيءَ جي هر موڙ تي پنهنجي هر پل کي پنهنجي قوم ۽ ڌرتي واسين جي خدمت ۾ گذارڻ کي پنهنجو مشغلو بڻائي ڇڏيو. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ ۽ سيد سان محبت لفظ لفظ ۾ جهلڪندي نظر ايندي هئي. رسول حمزاتوف چواڻي ته ”شاعر ۽ اديب آتش جا رکوالا ٿيندا آهن، جنهن قوم ۾ آتش اجهامي وڃي ته پڪ سمجهو ته اتان جا اديب ۽ شاعر مري ويا آهن.“ اڄ سڄي سنڌ جاڳي پئي، ان جي آتش اجهامي ناهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هتي آتش جا رکوالا اڄ به زنده آهن. زخمي چانڊيو انهن آتش جي رکوالن ۾ صفِ اول طور تي سامهون اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جو اهو ايڪويهين صديءَ جو پهريون باغي شاعر زخمي آهي. جنهن تي مزاحمتي شاعري پڙهڻ جي عيوض پهرين جنوري 2000ع تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪري جيل اُماڻيو ويو. پر هن جي ارڏائپ ۾ ذري برابر به گهٽتائي نه آئي. اياز جي هنن سٽن کي ڪيڏي نه معنى ملي پئي هئي ته:
مون ڏات انوکي آندي آ،
ٿي تَندُ وڙهي تلوارن سان.
ٿا تنهنجا ڀاري بُرج لُڏن،
تون هيڻو آن هٿيارن سان.
هن ته جيل ۾ به پنهنجي دشمن کي للڪاريندي چيو هو ته:
جيل جون سختيون ڇاهن سنڌڙي،
حاضر آ جند جان به تو لئه.
هن اڃان به وڌيڪ ڌرتيءَ سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي، پنهنجو پاڻ کي ارپڻ ۽ سنڌ جي سينڌ کي سنوارڻ جو خواب اکين ۾ سجائي چوي ٿو ته:
توسان پيار ڪرڻ ٿو چاهيان،
ورنه آءٌ مرڻ ٿو چاهيان.
سنڌڙي تنهنجي سينڌ سنواري،
تنهنجي سينڌ چمڻ ٿو چاهيان.
اهو وڏو تخيل آهي ته پنهنجي ڌرتيءَ کي پنهنجي زندگيءَ جو جيئندان ڏيئي ان کي سنواري ۽ پوءِ ان جي سينڌ چمجي. منهنجي خيال ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ ان کان اڳ اهڙو تخيل اڃان تائين ڪنهن پيش نه ڪيو آهي ۽ اها ته محبت جي انتها به ته آهي. جتي پتنگ آگ کي پاڻ ارپي، ان کي معنى بخشي ٿو ڇڏي. پر زخمي ته آزاد سنڌ جي خاطر پنهنجي گيتن ۾ جاڳرتا ڀري قوم کي غلاميءَ جي ڦندن مان آجوڪرائڻ لاءِ چوي ٿو ته، ”جيڪڏهن ڌرتيءَ جو سڏ ٿئي ۽ مان اتي نه پهچان ته مون کي گهروڙي بجو ڏجانءِ ۽ چوي ٿو ته:
سڏي سنڌ سڏڪي نه پهچان پرين!
بُجُو پوءِ مون کي گهروڙي ڏجانءِ.
اڃان به وڌيڪ ماڻهن ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ لاءِ ته مُور سارا مئا ناهن ۽ سنڌ گدڙن کاڌي ناهي جو تصور ڏيندي چوي ٿو ته:
سنڌ گدڙن کاڌي ناهي اڃان،
جو گيدي تنهنجي آڻ مڃان.
زخميءَ جتي سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ جي خواب جي تعمير لاءِ ڪوشان رهيو اتي سماجي برائين خلاف به جھاد ڪندي ڏسجي ٿو. اسان جاگيردار سماج ۾ رهون ٿا. جاگيرداري سماج سموري برائين جو ڳڙهه ٿئي ٿو. سرمائيداري سماج پنهنجي جوهر ۾ ڪيڏو به بدبودار هجي پر جاگيرداري سماج کان وڌيڪ ترقي پسند ٿيندو آهي. ان ڪري جاگيرداري سماج سان بغاوت هڪ باشعور ماڻهوءَ لاءِ فطري اَمُر آهي. جيئن چوي ٿو:
تون رستن تي قبضا ٿو ڪرين،
مَن مستن سان چرچا ٿو ڪرين،
بدمعاش سدائين بدمعاشي،
تون ذهن ضمير جو آن فاشي،
تون سنڌ جا حق ڦٻائين ٿو.
۽ ڀاءُ به سڏائي ٿو.
تون ڀاءُ ته ناهين ويري آن،
اکڙين ۾ ڪوسي ڪيري آن.
هن سماج ۾ جتي ٻيون هزارين برايون پلجن ٿيون اتي ڪارو ڪاري رسم به سنڌ ۾ ناسور بڻجي داخل ٿي ويئي آهي. زخمي پنهنجي تند کي ان تلوار سان ٽڪرائي ٿو. ايتريقدر جو چوي ٿو ته ماڻهو کي بد دعا نه ڪريو جي بددعا ڪيو ته ان کي ڪاري ٿيڻ جي بددعا نه ڪريو ۽ چوي ٿو:
هر ماڻهوءَ کي
ڏسي دعا ڪر
اگر دعا جي دلجاءِ
ڏيڻ نه ٿو چاهين
ته پوءِ
بد دعا نه ڪجان.
بد دعا ئي
ڪرڻي اٿئي ته
پوءِ
شل! ڪارو ٿئين واري
بد دعا نه ڪجانءِ!
ڇو ته هن فرسوده نظام
۽
دقيانوسي ريتن رسمن پٽاندر
ڪارنهن جو مارڪيٽ
چوٽ چڙهيل آهي
۽
پيار نهايت غريب آهي.
هتي ته ڪارو ڪاري رسم ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري ويئي آهي. هتي ته هاڻي ماڻهو پنهنجون نياڻيون ماري پنهنجي گذر لاءِ راهون هموار ڪري رهيا آهن. ايتريقدر جو ڀاءُ ڀيڻ جھڙو مقدس رشتو به ان ۾ لالچ جو عنصر شامل ٿي ويو آهي. اهو ڏسندي زخمي چوي ٿو ته:
علڻ ولڻ سان لالچ خاطر،
ڀيڻ سڳي ڪئي ڪاري ويئي آ.
سماج ۾ جتي هر شيءِ کي ناڻو سمجهيو وڃي ٿو اتي عورت به بازار جو سودو ٿي ويئي آهي. عورت کي پئسن عيوض وڪري ڪرڻ کي به عيب نه ٿو سمجهيو وڃي. عورت جي پسند ناپسند، خواهشن، ضرورتن، عمر جي نَنڍَ وڏائي جو فرق به نه ٿو رکيو وڃي. اهو سڀ ڪجهه ڏسندي زخمي چوي ٿو:
جوان پڙهيل کي مڙس ڏنو ويو،
پوڙهو چرسي، توبھ زاري!!
توبھ زاري لفظ ۾ ڪيڏي نه ڪرڀ سمايل آهي. يقيناً سمجهه/ڏاهپ ماڻهوءَ ۾ درد پيدا ڪري ٿي. تڪليف ڪنهن به ماڻهوءَ کي پهچي پر ساڃاهه وند ماڻهو اها تڪليف پاڻ تي محسوس ڪندو آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڀٽائي دانهن ڪندي چوي ٿو:
الا: ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.
ڏاهيون ڏک ڏسن ٿيون ڇاڪاڻ ته ڏاهپ ماڻهوءَ ۾ انسانيت سان پيار ڪرڻ سيکاري ٿي. اهو پيار ئي آهي جيڪو ڪڏهن به ڪنهن تي ظلم ٿيندي ڏسي ٿو ته تڙپي پوي ٿو. زخمي به حساس ماڻهو هو. هن وٽ به شاعراڻا دل هئي. جنهن ڪري هن وٽ به انتها درجي جي تڙپ هئي. جيڪا هن شاعريءَ ذريعي اوڳاڇي آهي.
جپاني چوڻي آهي ته، ”ڪاميابيءَ جا سَوين وارث ٿيندا آهن ۽ ناڪامي لاوارث ٿيندي آهي. اسان جو سماج هر اڀرندڙ سج جو سلامي ٿيندو آهي. جنهن ڪري ناڪاميءَ کي پنهنجي حصي ۾ آڻڻ ان لاءِ ڏکيو عمل ٿيو پوي. جنهن ڪري سماج ۾ منافقت ۽ مڪاري ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿي. اهڙن ماڻهن کي ڏسندي زخمي جي مَن کي مونجهه ٿئي ٿي، هو چوي ٿو ته:
مَنَ کي مونجهارو ٿي پيو،
ماڻهو ائٿ ستارو ٿي پيو.
اسان ڏاڍا بي حس ماڻهو آهيون. جيئري ڪنهن کي مڃتا ڏيڻ، ڄڻ ته اسان جي ڌرم جو حصو ئي نه آهي. زنده ماڻهن ۾ اسان کي ڪا خوبي ئي نظر نه ايندي. مئن ۾ وَري خامي ئي نظر نه ايندي. اها روَش زخميءَ پنهنجي جيئري ئي محسوس ڪئي هئي. جنهن ڪري چيو هئائين:
ڏاڍو ساريندين،
منهنجي مُئي کان پوءِ.
جيئري قدر ڪونه ڪيئي،
ڳوڙها ڳاڙيندي.
منهنجي مُئي کان پوءِ.
زخميءَ لاءِ ماتم ڪري،
نيٺ وساريندي،
منهنجي مُئي کان پوءِ.
سماج جي روين سبب ”ڄام“ کان زخميءَ جو ”زخمي“ تائين سفر يقيناً لاشعوري نه هو پر بيمار سماج جي روين ڄام کي جڏهن ”زخمي“ ڪيو تڏهن هن ان زخم کي محسوس ڪندي پنهنجي سڃاڻپ ئي زخمي بڻائي ڇڏي هئي. آخرڪر هن بي حس سماج زخميءَ کي وڌيڪ زخمي ڪري سندس زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائي ڇڏيو. هن جي موت تي سچ پڇو سڄي سنڌ پاڻ کي زخمي محسوس ڪيو. قومي تحريڪ به زخمي ٿي هئي ته سنڌي ادبي سنگت به زخمي ٿي هئي. هن جا رت ڄاوا به زخمي ٿي پيا هئا. شاعري به زخمي ٿي پئي هئي. هر زخم، زخمي ٿي پيو. پر هن جا قاتل اڄ تائين به زخمي نه ٿيا آهن؟؟؟