ڪالم / مضمون

سياست، تاريخ ۽ ڪردار

مضمونن ۽ مقالن جي ڪتاب ”سياست، تاريخ ۽ ڪردار“ جو ليکڪ عيسى ميمڻ آهي.
نواز خان زنئور لکي ٿو:
”هن ڪتاب جي هڪ خاص خوبي هيءُ به آهي ته اهو هڪ ئي وقت سياسي فڪر سان به ڀرپور آهي، تاريخ جي پراڻين ڳلين جي مهڪ به ميڙي ٿو اچي، اڀريل مسئلن جي ڇنڊڇاڻ به ڪري ٿو، تجزين جي جهان ۾ به جهاتي پائي ٿو، ادب جي ڪميت کي به کرکڻا هڻي ٿو، ته خاڪانگاري جي صنف کي ڇهندي ان منجهان رنگ رنگ شخصيتن جي خوشبو کي پکيڙي ٿو ڇڏي. هو “وڻان وڻان ڪاٺي” ڪَٺي ڪري هڪڙي گلداڻي نه ٿو سجائي، پر هڪڙو پورو چمن آباد ڪري ٿو ڇڏي. جنهن جي مڌماتي سڳنڌ پڪ سان پڙهندڙ جي پوري وجود کي واسي ۽ معطر ڪري ڇڏيندي.“
  • 4.5/5.0
  • 4594
  • 851
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عيسى ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سياست، تاريخ ۽ ڪردار

سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف مزاحمت: حقيقتون ۽ خدشا

ڏاڍو هڪ خوبصورت جملو آهي ته ”جنگ ۾ ڀلي توهان جي دلچسپي هجي يا نه پر جنگ اوهان ۾ دلچسپي رکي ٿي.“ هي جملو بظاهر ته ڏاڍو سادو ۽ خوبصورت آهي پر ان ۾ انتھائي گھري معنى لڪل آهي. جنگ انسان جو اهڙو عمل آهي جيڪو ٻن سببن ڪري ڪندو آهي. هڪ جڏهن انسان جو وجود خطري ۾ هجي تڏهن انسان پنهنجي بقا جي جنگ وڙهندو آهي. جيڪڏهن هو جنگ نه وڙهندو ته هن صفحه هستيءَ تان مٽجي ويندو، ڇاڪاڻ ته هيءَ دنيا وڙهي جيئڻ جو ميدان آهي. جيڪو پنهنجي اندر ويڙهه جي سگهه رکندو اهو ئي هن دنيا ۾ پنهنجي وجود کي بچائي سگهندو. اها جنگ فطرت سان هجي يا انسان جي انسان سان هجي پر اها جنگ هر حال ۾ انسان کي وڙهڻي پوندي. ٻيو جنگ انسان، ٻئي انسان کي هڪ طبقو، ٻئي طبقي يا هڪ قوم ٻئي کي زيردست ڪرڻ لاءِ يا ان جي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ وڙهندو آهي. جيئن آمريڪا يا ان جا ساٿاري ملڪ توڙي سرمائيدار سڄي دنيا جي دولت امن جي نالي تي پنهنجي هٿن ۾ رکڻ لاءِ وڙهي رهيا آهن. جيڪا جنگ ڪنهن به صورت ۾ ا نسان يا فطرت جي بھتري ۾ نه آڻي سگهجي نه ئي وري ان کي جائز سمجهي ان جي حمايت ڪري سگهجي ٿي. پر جنگ ۾ اسان جي دلچسپي ڀلي نه هجي پر جنگ اسان ۾ دلچسپي رکي ٿي، ان ڪري اها جنگ وڙهڻ فطرت جي مطابق هوندي آهي. ان ڪري اها جائز آهي ۽ وڙهڻ کپي.
اهو ئي سبب آهي جو تاريخ جي ان سڏ کي ورنائيندي سنڌ جي محب وطنن پنھنجي وجود جي جنگ وڙهڻ لاءِ 20 فئبروري کان سنڌي قوم کي سڏ ڏنو آهي. جنهن کي سنڌ جا مڙني طبقن جا ماڻهو پنهنجي زاويي کان ڏسن ۽ تجزيا ڪن ٿا. هي جنگ جيڪا شروع ٿي آهي، ان جو تجزيو ۽ ان جي بھتر رخ ۾ هلائڻ لاءِ سنڌ جي دانشورن ۽ تجزيانگارن کي حقيقي ۽ قوم دوستيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ سبب سنڌي قوم جو وجود داوَ تي لڳل آهي. هڪ رپورٽ مطابق هر سال سنڌ ۾ 2-لک ڌاريا داخل ٿي رهيا آهن. جنهن سبب سنڌ ۾ ڌارين جو تعداد 49 سيڪڙ ۽ سنڌي ماڻهن جو تعداد 51 سيڪڙو تي وڃي بيٺو آهي. جيڪڏهن ڌارين جي اها يلغار رهي ته سنڌي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. نتيجي ۾ سنڌي ماڻهن جو اهڙو حشر ٿيندو جيڪو فلسطين ۾ فلسطينين سان ٿيو. آمريڪا م برطانيه ٻي مهاڀاري جنگ ۾ يهودين جي وڏي تعداد ۾ ٿيل قتل عام کانپوءِ انهن جي منتشر قوت کي ڪٺي ڪرڻ لاءِ يهودين کي فلسطين ۾ آباد ڪري فلسطينين کي اقليت ۾ آڻي انهن جي سرزمين کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. اهڙي طريقي سان سنڌين جي سرزمين تي ڌارين کي آباد ڪري سنڌين کي پنهنجي ڌرتيءَ تان بيدخل ڪرڻ جي گھري سازش ٿي رهي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سنڌ جون سڀئي ڌريون وڏي عرصي کان ڌاري آبادڪاريءَ خلاف پرامن جدوجھد پئي ڪئي آهي پر هن وقت تائين ان جو ڪنهن به طرح خاطر خواه نتيجو سامهون نه آيو آهي. ان ڳالهه کي سامھون رکي سنڌ جي محب وطنن ڌاري آباديءَ کي ٽن مهينن جو مدو ڏنو ته اهي پنهنجا ٽپڙ کڻي پنهنجي سرزمين ڏانهن موٽي وڃن پر ان جي برعڪس انهن ڌارين سنڌ تي پنھنجو دائمي حق سمجهندي مزاحمت جو فيصلو ڪيو. نتيجي ۾ انهن خلاف ڪارروائين جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. مان سمجهان ٿو ته هيءَ تحريڪ مھاتما گانڌيءَ طرفان 1942ع ۾ Quit India Movement هندستان خالي ڪريو تحريڪ جو تسلسل آهي. جڏهن انڊين نيشنل ڪانگريس محسوس ڪيو ته ڌارين (انگريزن) کي ڪڍڻ لاءِ هي وقت مزاحمت جو آهي. ٻي مھاڀاري جنگ سبب انگريز حڪومت ڪمزور ٿي رهي آهي ته ان وقت انهن ”هندستان خالي ڪريو تحريڪ“ هلائي. جنهن جو مقصد به سامراج خلاف سڌي جنگ هو ان تحريڪ جا نتيجا بھتر مليا جو انگريز سرڪار ڪانگريس سان ڳالهيون ڪيون ۽ هندستان کي خالي ڪرڻ لاءِ مهلت گهري. اڄ ساڳي تاريخي سڏ کي محسوس ڪندي ڌاريا سنڌ خالي ڪريو تحريڪ (Quit Sindh Movement) شروع ڪئي وئي آهي، جنھن جو رخ پنجاب سامراج ڏانهن ئي آهي. جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. هن تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ دشمن مختلف حربا استعمال ڪري رهيو آهي. اچو ته انهن جي سازشن کي سمجهون ته اهي ڪهڙي نموني تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ نفسياتي حربا استعمال ڪري رهيو آهي. اهڙيون سازشون تاريخ ۾ نئين ڳالهه نه آهي. توهان تاريخ جا ورق اٿلائيندؤ ته توهان کي هر گوريلا جنگ ۾ اڪيلا حُرَ توهان کي نظر ايندا. ان وقت جواهر لعل نھرو کانسواءِ ان تحريڪ کي ڪنھن به پنھنجو نه ڪيو هو. جڏهن ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي به ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ سرڪار سان اختلافي راءِ رکي هئي ته حرن کي نه ڪچليو وڃي پر سرڪار حرن کي اڪيلي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويئي هئي، هاڻي به اهڙيون سازشون ٿي رهيون آهن.

[b]پھريون حملو:[/b] ”هي وقت جنگ ڪرڻ جو نه آهي“
سنڌ ۾ ته ڇا پر دنيا ۾ جڏهن به آزادي پسندن تحريڪ هلائي آهي ته ان تي پهريون حملو اهو ڪيو ويندو آهي ته هي وقت جنگ جو نه آهي. جڏهن 1859ع منگل پانڊي، انگريز سرڪار خلاف پھرين گولي هلائي تڏهن به اهو چيو ويو ته هي وقت جنگ جو نه آهي، وري 70 سالن کانپوءِ 1932ع ۾ ڀڳت سنگهه ويڙهه جي ڳالهه ڪئي تڏهن به ان لاءِ اها ڳالهه ڪئي ويئي ”هي وقت ويڙهه جو نه آهي.“، سڀاش چندر بوس ۽ سورهيه بادشاهه سميت ڪنهن به جنگ لاءِ اهو نه ٻڌو آهي ته چوندا هجن ته، وقت تي اهو عمل ٿيو آهي. خود جڏهن 1972ع ۾ سائين جي ايم سيد آزاد سنڌ جي ڳالهه ڪئي تڏهن به چيو ويو ته ”هي وقت نه آهي؟“ ڀلا جنگ جو ڪھڙو وقت مقرر هوندو آهي، اهو ڪير ٻڌائيندو؟ ٻي ڳالهه اها ته ويڙهه جو تعين اسان نه پر اسان جو دشمن ڪندو آهي. دشمن جنهن محاذ تي ڳالهه ٻڌندو ۽ مڃيندو آهي ان محاذ تي ويڙهه لاءِ پاڻ کي تياري ڪرڻي پوندي آهي. هن وقت اسان جو دشمن پيار، محبت ۽ امن واري ٻولي ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هي ويڙهه جو تعين اسان نه پر اسان جي دشمن ڪيو آهي.

[b]ٻيو حملو[/b]: ”پارٽي منظم نه آهي ان ڪري نه وڙهڻ کپي“
ڪڏهن ڪڏهن قوم تي وقت اهڙو ايندو آهي جڏهن وقت جي رفتار کي تيز ڪرڻ لاءِ سڏ ڏبو آهي. پوءِ اهو ڪنهن به شڪل ۾ هجي. هن وقت اهو تسليم ڪجي ٿو ته جيڪا پارٽيءَ جي شڪل رياست اندر رياست واري نه آهي پر ان جو مقصد اهو نه آهي ته اها پارٽي نه آهي. پارٽي جنهن به حالت ۾ آهي اها سنڌ جي جمود واري سياست کي ٽوڙڻ جي هڪ ڪوشش ڪري رهي آهي. سنڌ جيڪا 1843ع کان وٺي غلاميءَ جي هڪ ڊگهي مرحلي مان گذري آهي. جنهن جو حافظو ۽ هاضمو خراب ٿي ويو آهي. ”مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي“ واري صورتحال ۾ سنڌي قوم جي رفتار کي تيز ڪندو ۽ سنڌي قوم جنهن تاريخ جي سموري عرصي ۾ قبيلائي ۽ گروهي انداز ۾ ويڙهه ڪئي آهي، ان کي نفسياتي ۽ عملي طور تي هڪ قومي شڪل ۾ بيهاري سگهي ٿي. ان ڪري پارٽي منظم نه هئڻ واري ليبل کي سنڌي قوم جو ڪمزور پهلو سمجهي ويڙهه نه ڪرڻ واري صلاح سنڌ دوستيءَ جي ذمري ۾ نه ٿي اچي.

[b]ٽيون حملو: [/b]”پٺاڻن کي ڌاريو ڇو ٿو سمجھي وڃي“
سڀ کان اول ته اهو سمجهڻ کپي ته سنڌ مان ڌارين کي نڪرڻ جو سڏ ڏنل آهي. ڌاريءَ جو مقصد ۽ مفهوم به اهو آهي ته 1954ع کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪا به آبادي غير قانوني توڙي غير آئيني طرح سان سنڌ ۾ داخل ٿي آهي. جنهن ۾ پٺاڻ، پنجابي، برمي، بنگالي توڙي ٻيون قومون اچن ٿيون، انهن کي ڌاريو تصور ڪيو وڃي ٿو. سرڪار وٽ ڌاري آبادڪاريءَ جو تصور اهو آهي ته پاڪستان کان ٻاهران آيل غيرقانوني ماڻهو ئي صرف ڌاريا آهن، جڏهن ته قومپرستن وٽ ڌاري آبادڪاري جو تصور جداگانه آهي. هو سمجهن ٿا ته نه صرف پاڪستان کان ٻاهران پر پاڪستان جي ڪنھن به حصي، خطي کان آيل ماڻهو سنڌ ۾ ڌاريو آهي. اسان سمجهون ٿا ته پويون موقف درست آهي. انهن ۾ وڏو تعداد سنڌ جي معيشت تي سڌي طرح قابض پٺاڻن جو آهي، باقي ٻيون قومون سنڌ ۾ ايتريون نه اڪثريت ۾ آهن ۽ نه منظم آهن. اهو ئي سبب آهي جو پٺاڻن سنڌ تي مالڪيءَ جي دعوى ڪندي هٿياربندن ويڙهه جوا علان ڪيو آهي. ان ڪري ويڙهه جو مرڪزي نقطو پٺاڻ، پختون بڻجي ويو آهي نه ته ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين حصن ۾ پنجابي توڙي ٻين قومن کي به چڱو خاصو نقصان پهتو آهي. تنهن ڪري اهو چوڻ ته رڳو پٺاڻن/ پختونن خلاف ويڙهه آهي اهو غلط پروپيگنڊا جو حصو بڻائي سنڌي قوم کي منتشر ڪرڻ جي ڪڙي آهي.

[b]چوٿون حملو:[/b] ”اردو آباديءَ جي جنگ وڙهي پئي وڃي“
سڀ کان پهرين ته اهو طئه ڪرڻ کپي ته سنڌ جا اصل وارث ڪير آهن؟ جيڪڏهن اهو طئه ڪبو ته اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي ته اصل وارث اسان آهيون ۽ اسان جو وجود داوَ تي لڳل آهي. ڌاري آبادي جڏهن سنڌ ۾ تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، ان جو مقصد به اهوآهي ته ويڙهه جو مرڪز اسان ئي آهيون ۽ 1954ع تائين آيل اردو آبادي جيڪڏهن ان جو شڪار ٿي اسان سان ويڙهه ۾ شامل ٿئي ٿي ته اهو بھتر عمل چئي سگهجي ٿو. ڌاري آبادي نڪرڻ سان جنهن ڌرين کي برابر جا فائدا پلئه پوندا. مون کي حيرت ٿئي ٿي ته اسان جا سڀ ڏاها ان ڳالهه تي متفق آهن ته ڌاريا نڪرڻ کپن پر ان خلاف ٿيندڙ مزاحمت کان ڪن لاٽار ڪن ٿا. اهو الزام ته ايم ڪيو ايم جي ايجنڊا آهي، جيڪڏهن ڌاري آبادڪاري ايم ڪيو ايم جو مسئلو آهي ته ٽن ڏهائين کان وٺي اسان سڀني جو ڌارين خلاف دانهُن ڪُوڪن ۽ هاءِ گهوڙا کي ڇا معنى ڏجي؟ ڌاري آبادي اسان جو مسئلو هئي ۽ آهي، ان مسئلي تي اسان جي وڏي عرصي کان ٿيندڙ جدوجھد ۾ ايم ڪيو ايم سميت ٻي ڪابه ڌر عملي طور تي شامل ٿئي ٿي ته ان کي سٺو سنوڻ چئي قبول ڪرڻ کپي. باقي اهڙي قسم جي پروپـيگنڊا سنڌ دشمن کي فائدو پهچائي سگهي ٿي، ان کان بچڻ کپي.

[b]پنجون حملو[/b]: ”ڌارين کي منظم ٿيڻ جو موقعو مليو آهي“
دنيا جي اندر اها طئه شده ڳالهه آهي ته جڏهن ڌاريو اقليت ۾ هوندو آهي ته هو پنهنجي وجود جي بقا خاطر منظم ٿيندو آهي. هڪ جماعت ۾ ويهڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري جڏهن خطرو محسوس ڪيو آهي ته انهن منظم ٿيڻ شروع ڪيو آهي. منظم ٿيڻ جو مقصد به اهو آهي ته هو هاڻ سنڌ مان پاڻ کي ڪنهن به طرح نڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. هو هر مزاحمت ڪندا. هي ساڳيائي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجي ملڪن کي ڇڏي ٻئي ملڪ تي مالڪيءَ جي دعوى ڪن ٿا. هنن جا اقتصادي مفاد ئي آهن جيڪي ڪنهن به ريت ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن. اسان جڏهن هنن خلاف احتجاج ڪيو پئي تڏهن به انهن جي ڪن تي ڪا جونءَ ئي ڪانه پئي چري. نڪرڻ بجاءِ انهن پنهنجي مٽن مائٽن کي تيزيءَ سان هتي آباد پئي ڪيو. تڏهن سنڌ جي گهڻگهرن صرف دانهون ڪري خدشا پئي ڏيکاريا ۽ ماتم ڪرڻ ۾ ئي قوم کي رڌل پئي رکيو پر ان لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه هئا. جنهن سبب ڌاري آبادڪاريءَ پاڻ کي محفوظ سمجهيو پئي.
منظم ٿيڻ لاءِ هنن ڪڏهن به عملي ڪوشش نه پئي ڪئي ۽ هاڻ جڏهن انهن خلاف مزاحمت ٿي رهي آهي ته انهن جرڳن ڪرائڻ کان وٺي سمورا قدم کنيا آهن جيڪي انهن کي محفوظ بڻائي سگهن. ان ڪري اهو چوڻ ته انهن کي منظم ٿيڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي، اهو تاريخ جو اڌ سچ آهي.

[b]ڇھون حملو[/b]: ”اسان امن پسند/عدم تشدد جا پيروڪار آهيون“
ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونه آهي ته اسان امن پسند آهيون. عدم تشدد هڪ اهڙي پاليسي جيڪا ٻئي انسان کي محفوظ رکڻ لاءِ اختيار ڪئي ويندي آهي. پر جڏهن اسان پنهنجو وجود خطري ۾ محسوس ڪريون ته ان وقت پنھنجي وجود جي بچاءَ طور ويڙهه ڪرڻ خود عدم تشدد جو حصو آهي، ٻي صورت ۾ اهو انسان پنھنجي وجود تان هٿ ڌوئي ۽ مرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي. مان سمجهان ٿو ته سياسي پهلوءَ ۾ ڪنهن تي اڳرائي ڪري وڙهڻ تشدد ۽ پنهنجي بچاءَ ۾ وڙهڻ خود عدم تشدد جي دائري ۾ اچي ٿو. ميدان جنگ ۾ جڏهن دشمن توهان تي وار ڪري ۽ توهان ان کي چؤ ته ”تون جيڪو وڻئي مون سان سلوڪ ڪر، تاريخ مون سان انصاف ڪندي، صرف تاريخ جي انصاف جي اوسيئڙي ۾ پنھنجو وجود ختم ڪري ڇڏيو ۽ اتي امن پسندي ۽ عدم تشدد وارو راڳ آلاپي قومن کي خاموش ڪرڻ تاريخ سان نا انصافي آهي. تاريخ جي تقاضا ۽ تاريخ جو سچ اهو آهي ته سنڌي قوم کي ڀاڙيائپ وارو رويو ختم ڪري پنهنجي وجود جي بقا لاءِ هر قسم جي ويڙهه لاءِ تيار رَهڻ کپي. تاريخ انسان جي عملن جو دستاويز آهي، اها ڪا الاهي شيءِ ناهي جو اسان جو وجود ختم ٿئي پيو ۽ اسان تاريخ جي انصاف جي آس لڳايون ويٺا هجون. تاريخ اسان جو عمل هاڪاري هوندو ته تاريخ جو رخ اسان ڏانهن هاڪاري رهندو جي ٻي صورت ۾ تاريخ اهو به لکي سگهي ٿي ته ”سنڌي دنيا جي واحد قوم هئي جيڪا منھنجي انصاف جي انتظار ۾ پنھنجو وجود تباهه ۽ برباد ٿيندي ڏسندي رهي.“

[b]خدشا[/b]: جنگ آرٽ به آهي ۽ سائنس به. جنگ ۾ دشمن سان وڙهڻ جو طريقئه ڪار طئه شده فارمولي مطابق نه پر وقت ۽ حالتن جي تبديليءَ سان مشروط هوندو آهي. وقت ۽ حالتن جي تبديليءَ سان پنھنجون پاليسيون تبديل ڪري وقت ۽ حالتن سان موافق بڻائي وڙهڻ سان ڪي بھتر نتيجا ملي سگهن ٿا. دشمن مان چڱائي جي اميد رکڻ ۽ ايئن چوڻ يا سوچڻ ته، ”دشمن عمل جو رد عمل نه ڪندو.“، اهو احمقاڻو عمل آهي. هن ويڙهه کي دشمن گهڻ رُخي حالتن ۾ وٺي وڃي سگهي ٿو. مثال طور سڀ کان وڏو خطرو اهو نظر پيو اچي ته هنن حملن کي منهن ڏيڻ اسان جي اندر ڪو اهڙو گروپ پيدا ڪن جيڪو اسان سان ئي وڙهي. جيئن افغانستان ۾ آمريڪا اتر اتحادين ۽ عراق ۾ ڪردن سان گڏجي عراقين سان ويڙهه ڪئي ۽ بلوچستان ۾بلوچن جي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ ڪلپر بگٽين کي استعمال ڪيو ويو. اهڙي طريقي سان هن تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ ڪو اهڙو گروپ پيدا ڪري سگهن ٿا. انهيءَ لاءِ مون کي ٻن ڌرين مان خطرو محسوس ٿئي ٿو، هڪ مذهبي جماعتون، ٻيو پيپلز پارٽي. مذهبي جماعتون ويڙهه جو فن رکن ٿيون ۽ ڌارين جو وڏو حصو مذهبي جماعتن جو باضابطه ميمبر آهي. مذهب جي آڙ ۾ اهي هن تحريڪ خلاف ڪم ڪري سگهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ميرپور خاص ۾ ٿيل واقعي کي مذهبي رنگ ڏيڻ لاءِ قرآن شريف ساڙڻ جي پروپيگنڊا ڪري ماڻهن ۾ مذهبي جذبات کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ان جذبات جي بنياد تي قومي تحريڪ خلاف مذهبي انتهاپسنديءَ جو سڪو استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ٻيو وڏو خطرو پيلز پارٽيءَ مان آهي، ڇاڪاڻ ته ڌاري آبادڪاري جو وڏو انگ مذهبي جماعتن کانپوءِ پ پ پ ۾ ويٺو آهي. پ پ پ کي قومي تحريڪ خلاف سياسي محاذ تي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. ان جو ثبوت ميھڙ ۾ پٺاڻن سان گڏجي پ پ پ، قومي تحريڪ خلاف وڏو احتجاج ڪرايو ۽ قومي تحريڪ خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي. دشمن پ پ پ ۽ مذهبي جماعتن جي آڙ ۾ سنڌ کي خانه جنگي طرف ڌڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن. جنهن کان بچڻ لاءِ قومي تحريڪ کي پنهنجو ۽ حالتن جو جائزو وٺي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي.