سنڌ ۾ تاريخي ٻوڏ: سبب ۽ حل
[b]ٻوڏ جا سبب:
[/b]ڪل ست درياءَ آهن جيڪي سنڌو درياءَ جي پيٽ ڀرڻ لاءِ پنھنجو رخ دريا ڏانھن رکن ٿا. جنھن ۾ ٽي درياءَ ستلج، بـياس ۽ راوي هندستان کي پاڪستان سرڪار ايوب خان جي زماني ۾ وڪرو ڪري ڏنا. جنهن جو ملندڙ پئسو پنجاب کي ڏنو ۽ باقي ٻن دريائن مان اٽڪ وٽ ڪابل درياء، جھلم، چناب درياء ۽ سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ لاءِ رستو ملي ٿو. پر ان کان به وڏا سبب به اونهاري ۾ پيل برف ۽ گلئشيرن جو تيزيءَ سان ڳرڻ، ميداني علائقن ۾ مينھن پوڻ ڪري نئن جي رستي سان داخل ٿيڻ آهي. جـڏهـن ته بـنـگـال ۾ مون سون هوائن جو جبلن تي مينهن وسائڻ، هوا ۽ داٻ (Pressure) گهٽ ڪري مون سون جي بارشن جو سلسلو جون کان سيپٽمبر تائين هوندو آهي، جنهن سبب به سنڌو درياء پنھنجي اوج ۽ موج سان سفر ڪري ٿو.
[b]ٻوڏ جي سطح:
[/b]آبپاشي جي لحاظ کان ڏسجي ته ٻوڏ جي سطح جا مختلف پئمانا مقر رٿيل آهن، جنھن ڪري اسان اڪثر ڪري ٻوڏن جي سطح جي پرک نه ڪري سگهندا آهيون. ٻن کان ساڍن ٽن لکن تائين ڪيوسڪ پاڻي کڻي ايندڙ درياءَ ۾ هيٺين سطح واري ٻوڏ Low Flood چئبو آهي. ساڍن ٽن کان پنجن لکن تائين ڪيوسڪ پاڻي کي مٿين درجي واري ٻوڏ High Flood چئبو آهي. پاڻي جا وهڪرا جڏهن ستن لکن کان نَون لکن تائين هجن ته ان کي مٿئين سطح واري ٻوڏ Very High Flood چئبو آهي ۽ جڏهن پاڻيءَ جا وهڪرا نَون لکن کان مٿي اچن ته ان کي سپر فلڊ (Super Flood) چئبو آهي. گڊو بئراج جي رڪارڊ مطابق پاڻيءَ جا وهڪرا 1967ع کان 1972ع تائين ڇهه لک ڪيوسڪ، 1973ع ۾ سپر فلڊ جا وهڪرا ڏهه لک 83 هزار ڪيوسڪ، 1975ع ۾ ٻي سپر فلڊ ڏهه لک 52 هزار ڪيوسڪ، 1976ع ۾ چوٽيءَ وارو وهڪرو ٻارنهن لک ڪيوسڪ، 1978ع ۾ چوٽيءَ وارو وهڪرو يارنهن لک ڪيوسڪ، 1978ع ۾ چوٽيءَ وارو وهڪرو ٻارنهن لک ڪيوسڪ، 1986ع ۾ يارنهن لک ڪيوسڪ، 1988ع ۾ پاڻيءَ جا وهڪرا يارنهن لک، 62 هزار، 1989ع ۾ پاڻيءَ جا وهڪرا نوَ لک 44 هزار ڪيوسڪ، 1992ع ۾ ڏهه لک 88 هزار ڪيوسڪ تائين پاڻيءَ جا وهڪرا رهيا آهن. جڏهن ته ان کانپوءِ 2009ع تائين ڪابه سپر فلڊ نه آئي آهي.
ان عرصي دؤران وڌ ۾ وڌ پاڻيءَ جا وهڪرا 5 لک يا 6 لک ڪيوسڪ رهيو آهي. هن سال پاڻيءَ جو وهڪرو 11 لک 48 هزار ڪيوسڪ رهيو آهي. ڏٺو وڃي ته اهو ڪو ايڏو وڏو پاڻي جو وهڪرو نه آهي جيڪو سنڌ نه ڏٺو هجي پر اصل مسئلو 14 سالن کان وٺي آبپاشيءَ وارن جي لاپرواهي ۽ بدانتظاميءَ سبب سنڌ کي وڌيڪ ڀوڳڻو پيو آهي. نه ته هوند گهٽ نقصان ۾ پاڻيءَ کي گذاري سگهجي پيو.
[b]ٽوڙيءَ جو معاملو:
[/b]1932ع ۾ سکر بئراج ٺھڻ کانپوءِ انگريز سرڪار جيڪو آبپاشيءَ جو زبردست نظام ترتيب ڏنو اهو سنڌ جي ڪنھن به دؤر ۾ ڏسڻ ۾ نٿو اچي. جيتوڻيڪ ڪلھوڙن جي دؤر ۾ درياء جي پاڻيءَ کي درست استعمال لاءِ ڪلھوڙن واهن جو بھتر ڄار وڇايو پر انگريزن جي دانائي جو ڪو مثال ئي ڪونهي. انهن ڄاڻايو آهي ته جيڪڏهن پاڻيءَ جا وهڪرا وڌي وڃن ته علي واهڻ کان ڪٽ ڏئي گهٽ کان گهٽ نقصان کان ڪم وٺي سگهجي ٿو. روهڙيءَ کان اها ڇنڊڻ، هاڪڙي درياءَ تائين وڃي پوندي آهي. سانگهڙ مان گذري ٿر جي واريءَ جو ڪس ڏئي ڪنري تعلقي جي اولهه ورندو ۽ بدين ضلعي جي ڏکڻ کان ڏيپلي تعلقي جي الھندي ڪنڊ تي سمنڊ ۾ وڃي ڪرندو آهي. جيتوڻيڪ ان پاسي کان ڪافي آبادي به ٿي ويئي آهي. ڇنڊڻ روهڙي مان نڪري اڇڙي ٿر ۾ داخل ٿئي ٿي. اڇڙي ٿر ۾ واريءَ جي ڌٻڻ آهي جنھن ڪري پاڻي گهڻي قدر اتي جذب ٿي وڃي ٿو. وارياسي علائقي ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ته پاڻي جذب ٿي ويندو آهي. جڏهن ته هن رستي سان 120 ڍنڍون اڇڙي تائين، ان کان پوءِ 90 ڍنڍون هٿونگو اڇڙي کان اڳتي آهن. هن رستي سان ٽي لک ڪيوسڪ پاڻيءَ گذاري سگهجي پيو. پر پنو عاقل ڇانوڻيءَ اينگرو جي فيڪٽرين ۽ منسٽر جي 6000 ايڪڙ زمين ۽ 3 فيڪٽرين کي بچائڻ لاءِ ٽوڙي کان غلط ڪٽ ڏياريو ويو يا گهاءُ لڳڻ ڏنو ويو. بي بي سي جي خصوص نمائندي مطابق جڏهن ٽوڙي بند ۾ گهارو هڪ فوٽ هيو ته جيڪب آباد جو ڊي سي او ان کي بند ڪرائڻ لاءِ پھتو پر رينجرس وارن کيس اهو ڪم ڪرڻ کان روڪيو ۽ پاڻي غوثپور، ٺل، جيڪب آباد تائين اک ڇنب ۾ پنھنجي پوري جوڀن سان اچي پھتو ته اتان جي هڪ وزير ان کي بلوچستان لوڙهڻ چاهيو جتي اڳوڻو وزيراعظم ظفر الله جمالي پنھنجي هٿياربندن سان اچي پھتو پر ان جي وَئي کانپوءِ ٻيهر پاڻيءَ کي اوڏانھن ڪٽ ڏنو ويو. پاڻي جعفرآباد، اوستا محمد ٻوڙيندو، قبو سعيد خان، شھدادڪوٽ، قمبر، گاجي کھاوڙ، وارهه، دادو جا گس وٺيو اڌ سنڌ کي ٻوڙيون، بيحال ۽ بي گهر ڪيون بنا ساهيءَ جي پنھنجي سفر تي روان دوان رهيو.
[b]پنجاب جا مفاد:
[/b]ٻوڏ خيبر پختونخواهه، پنجاب ۽ سنڌ کي زبردست نقصان پھچايو آهي. خيبرپختونخواه جو جاني نقصان ته سنڌ کان به وڌيڪ ٿيو آهي. پنجاب جا به ٽي ضلعا تباهيءَ جو شڪار ٿيا آهن. انهيءَ سموري تباهيءَ جو ذميوار پنجاب خود ئي آهي. ڇاڪاڻ ته ٻوڏ کان اڳ ۾ ڊيم ڀرڻ ۽ ڪئنال وهائڻ جو زبردستي حڪم ڏيندڙ پنجاب، ضرورت وقت سنڌ سڄي سڪندي رهي ۽ پنجاب سي.جي ڪئنال وهائڻ جا زبردستي نادري حڪم جاري ڪيا. جڏهن ته 1945ع جي معاهدي ۾ ۽ 1991ع واري تڪراري پاڻي معاهدي ۾ به واضع لکيل آهي ته ٻوڏ جي واڌو پاڻيءَ وقت ڪئنال ۽ ڊيم ڀريا ويندا پر ان ٺاهه جي ابتڙ زبردستي ڪندڙ پنجاب سڪايو به سنڌ کي ۽ ٻوڙيوبه سنڌ کي. جيڪڏهن هن ٻوڏ واري صورتحال ۾ ڪئنال ۽ ڊيم ڀرجن ها ته هوندي ڪنھن به طرح ايترو گهڻو نقصان نه ٿئي ها ۽ هي ٻوڏ قدرتي زحمت بجاءِ رحمت جا پيغام کڻي اچي ها! پر هي ملڪ شايد ٺهيو ئي پنجاب جي مفادن جي تحفظ لاءِ آهي. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا جيڏانھن هڻ تيڏانھن کُپي وڃي.
[b]سنڌ حڪومت جي غير ذميواري:
[/b]سنڌ حڪومت جيڪا سنڌ جي پئسن تي به ان لاءِ پلجي ٿي ته جيئن سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪري سگهي. پر هن سڄي خطري واري صورتحال م به سنڌ حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي رهي. آبپاشي کاتو. جنھن کاتي جو ڪم ئي صرف اهو آهي ته جيئن سنڌ جي آبپاشي نظام کي بھتر هلائي سگهجي، جڏهن ٻوڏ جا وهڪرا داخل ٿيا ته آبپاشي عملو ڪٿي به نظر نه آيو. ماڻهو پنھنجي مڙسيءَ تحت بندن جا گهارا ٻڌندا رهيا، بندن جي چؤڪسي به ڏينھن رات عام ڳوٺاڻا ماڻهو ڏيندا رهيا. جڏهن هر ڪم عام ماڻهو ڪري رهيو آهي ته باقي حڪومت يا ان جي ادارن جي هئڻ يا نه هئڻ جو ڪھڙو فائدو؟ ڪيترائي وزير ته ٻرن ۾ وڃي لِڪا، ڪيترن ئي وزيرن کي گهارا هڻائيندي ڏٺو ويو ته آخرڪار هيءَ حڪومت مرض ڪھڙيءَ جي دوا آهي؟ ماڻهو پاڻيءَ ۾ ڦاٿل رهيا، انهن جي ڪڍڻ جو ڪوبه مناسب انتظام نه هو، ٽرانسپورٽ جو بندوبست به ڪٿي نظر نه آيو. ٻه ويلا ماني ڏيڻ، خيمن جو بندوبست ڪرڻ، دوائون ڏيڻ، تحفظ ڏيڻ تائين سنڌ حڪومت بيوس نظر آئي، ڪراچيءَ ۾ ته سنڌي ماڻهن جي آمد کي روڪڻ لاءِ ڪيترن ئي ٻوڏ متاثرن تي گوليون هليون، ڪيترائي شهيد ڪيا ويا. هيتري بيوَسي ۽ لاچاري ڏسي سنڌ حڪومت تي ترس اچي رهيو آهي!!
جاگيردارن پنھنجون ڪيٽيون ۽ زمينون بچائڻ ۽ آباد ڪرڻ لاءِ درياء ۽ ڪئنالن جا بند ڊاٿا ۽ ٺاهيا آهن. ٻيلن مان ڪاٺ جي وڍ ٽڪ به جاگيردارن بيوروڪريٽس سان گڏجي ڪئي آهي. جنهن سبب سنڌ جا ٻيلا مڪمل طور تي تباهيءَ جو شڪار آهن.
انگريزن بندن تي وڻ پوکرايا هئا ڇاڪاڻ ته وڻن سان بند مضبوط رهن ٿا. اهي سڀ وَڻ اڪثر ڪري آبپاشي عملدارن ۽ جاگيردارن ملي ڀڳت ڪري گڏجي وڍرايا. جنهن جو نقصان به سنڌ کي پلئه پيو. ٻيو ته درياء جي اندر پوکون ڪرائڻ، ٽيوب لڳائڻ، شڪارگاهون ايتري قدرجو پنھنجا بنگلا به درياء جي پيٽ ۾ ٺھرائي ڇڏيا آهن. درياءَ مان واري ڪڍڻ لاءِ ڏينهن رات ٽريڪٽر هلندا رهيا. جنهن سبب به درياء جي ڪپرن کي نقصان پھتو جنھن جو به ازالو ٿيڻ گهرجي.
[b]پرڏيهي سازش:
[/b]ٻوڏ جي تباهيءَ جا جيڪي سبب سامھون اچي رهيا آهن. انھن ۾ هڪ دانشور طبقي ۾ هي بحث به هلي رهيو آهي ته هن ٻوڏ پٺيان پرڏيهي هٿ ملوث آهن. آمريڪا موسميات ٽيڪنالوجي ذريعي گليشيئرن کي ڳارڻ لاءِ پاڪستان جي اترين علائقن ۾ طالبن ۽ القاعده کي شڪست ڏيڻ لاءِ افغانستان ۽ هندستان سان گڏجي هٿراڌو ٻوڏ ڪرائي آهي. ته جيئن القاعده ۽ طالبان جا خيبرپختونخواهه ۾ هٿيار تباهه ڪري سگهجن. پاڪستان جي فوجي ڇانوڻين ۽ ايٽمي اثاثن کي نقصان ڏئي سگهجي. ٻيو ته پاڪستان جا چين سان گھرائي وارا تعلقات متاثـر ڪجن. پاڪستان ۽ چائنا شاھراهه قراقرم جي رستي سان ڳنڍيل آهن. ٻوڏ سبب چين ۽ پاڪستان ڪيترن ئي ڏينهن کان هڪ ٻئي سان ڪٽيل رهيا ڇاڪاڻ ته شاهراهه قراقرم مڪمل طور تي پاڻي هيٺ هو. جنھن سبب ٻنهي ملڪن کي ڪروڙن اربن جو نقصان پڻ پھتو آهي. ٽيون ته هٿرادو تباهي آڻي حڪمرانن تان عام ماڻهن جو ويساهه کڻائجي ۽ بک بدحاليءَ سبب گهرو ويڙهه ٿيندي ان جا فائد عالمي قوتون پنھنجي حَق ۾ کڻي وٺنديون. هن بحث تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ گهرجي ۽ پنھنجي حڪمت عملي تيار ڪرڻ کپي.
[b]دانشورن، سياسي، سماجي تنظيمن جو تاريخي ڪردار:
[/b]هن ڏکئي گهڙيءَ ۾ سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن جي ڪردار کي وساري نه ٿو سگهجي جن عوام کي اڪيلائي جي احساس کان آجوڪيو. سياسي ۽ سماجي تنظيمن ته هنگامي بنيادن تي ماڻهن لاءِ ٻه ويلا ماني، دوائون، خيما ۽ ٽرانسپورٽ جي سھولت لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪوششون ڪيون. ٻھراڙيءَ کان ڪراچي ۾ ويندڙن کي آباد ڪرڻ لاءِ قومپرست جماعتن جي تاريخي جدوجھد آهي. جن ڏينھن رات هڪ ڪري عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. سرڪاري سطح تي عوام کي آسرا ڏيڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه پلئه نه پيو ڪجهه ڌرين ته رينجرس ۽ پوليس جي مدد سان ٻوڏ متاثرين مٿان گوليون هلائي، سنڌي ماڻهن کي ڪراچيءَ مان بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر قومپرستن پنھنجي سر تي اهو بار کـڻي سنڌين کي ننڌڻڪائي کان بچايو جيتوڻيڪ تنظيمي ڏس ۾ منظم نه هئڻ باوجود به هي ڪوششون وساري نه ٿيون سگهجن. ان کان به وڌيڪ عوام وائڙائپ جو شڪار ٿيڻ ۽ حڪومت جي مدد لاءِ واجهائڻ بجاءِ پنھنجي مدد پاڻ تحت به ڏينھن رات هڪ ڪري مصيبت کان نجات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ڪري هن سڄي عرصي ۾ جتي مايوسيون پلئه پيون آهن. اتي اتساهيندڙ ڪردار ۽ عمل به سامهون اچن ٿا. مثال طور تي ويهڙ (ڏوڪري لڳ) جي بچاءِ بند کي ٻڌندي عبدالجبار ملاح ۽ عبدالجبار ڪانڌڙي پنھنجي زندگيءَ جو دان ڏنو ۽ انھن جا لاش لڳندڙ جهلي بند جي روڻ ۾ وڃي ڦاٿا ۽ روڻ بند ٿي ويئي، جنھن سبب ڳوٺن جا ڳوٺ وڏي نقصان کان بچي ويا. اهڙا ڪيترائي ڪردار سامھون آيا جن جون بي لوث ۽ اڻ ٿڪ ڪوششون ڪنھن به طرح وساري نه ٿيون سگهجن ۽ اهڙن ڪردارن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ به اسان کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
[b]هاڻ ڇا ڪرڻ گھرجي؟
[/b]ٻوڏ سبب سنڌ جا 19 ضلعا زبردست متاثر ٿيا آهن. جنھن م تقريباً فصل لڙهي ويا آهن. هڪ اندازي مطابق 10 کربن جو نقصان ٿيو آهي ۽ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. ان ڪري سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏئي سڀئي ڍلون ۽ ٽئڪسون معاف ڪيون وڃن.
پرڏيهي توڙي ڏيهي ملندڙ امداد جو 50 سيڪڙو سنڌ کي ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته هن ٻوڏ جو سڀ کان گهڻو نقصان به سنڌ جو ٿيو آهي ۽ ان امداد جي ورهائڻ کي صاف شفاف بنائڻ لاءِ بااعتماد ادارن کي اڳتي آڻڻ گهرجي.
ڪراچيءَ ۾ لڏي ايندڙن جي مستقل رهائش ۽ روزگار لاءِ حڪومتي سطح تي اپاءَ ورتا وڃن. ڪراچيءَ ۾ ڌارين جي قبضي ۾ آيل پلاٽ ۽ جڳهون سنڌين کي ڏنيون وڃن ۽ صنعتي ادارن ۾ سنڌين کي ترجيحاتي بنيادن تي اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن ٻوڏ جي اثرن کان عوام کي جلد رليف ڏئي سگهجي.
نظرياتي، تنظيمي، سياسي ۽ شخصي اختلافن باوجود به سڀئي ڌريون سنڌي ماڻهن جي حادثاتي لڏپلاڻ واري عمل کي تاريخ جو موقعو تسليم ڪندي، ڪراچيءَ کي سنڌي ماڻهن جو مورچو بڻائي. ”ڪراچي سنڌ آهي.“ نعري کي عملي روپ ڏيارڻ جو هن وقت کان وڌيڪ ٻيو ڪو موقعو ٿي نه ٿو سگهي.
آبپاشي کاتي جي ناقص ڪارڪردگي ڏسڻ کان پوءِ فوراً آبپاشي سڄي عملي کي تبديل ڪري نئون عملو مقرر ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته نئون عملو نئين جوش ۽ ولولي سان ايندو. ٻي صورت ۾ آبپاشي کاتي کي بند ڪيو وڃي جيڪو ادارو ڪم نه ڪري سگهي، ان کي رکڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي؟
نقصان جو ڪاٿو ڪرڻ لاءِ بااعتماد ادارن کان سروي ڪرائي وڃي ۽ ان نقصان جي ازالي لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن.
جن وزيرن، جاگيردارن يا فردن پنھنجي مفادن خاطر گهارا هڻايا يا هن ڏکي گهريءَ ۾ عوام جو سھڪاري ٿيڻ بجاءِ ٻرن ۾ وڃي لڪا. انھن کي احتساب جي عدالت ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن ايندڙ وقت ۾ ڪو اهڙا عمل نه ڪري سگهي.
جن فردن توڙي ادارن عوام جي مفادن ۽ سھولت لاءِ قربانيون ڏنيون انھن جي حوصلا افزائي لاءِ مناسب اپاءَ ورتا وڃن.
درياءَ جي جهلي بندن جي مرمت لاءِ مخصوص بجيٽ جاري ڪئي وڃي ۽ بندن کي مضبوط ڪري ٻيھر وڻڪاري ڪرائي وڃي. ٻوڏن ۽ برساتن ڪري جهنگلي جيوت لاءِ گاهه، ٻوٽا جهجهي انداز ۾ ٿيندا ۽ ٻيلا پڻ ٻيھر اسرندا انهيءَ لاءِ حڪومتي سطح تي ڪوششون ورتيون وڃن ته جيئن ٻيهر جاگيردار ۽ بيورو ڪريٽ وڻن جي واڍي نه ڪن ته فطرت کي وڌ کان وڌ بچائي سگهجي.
ارسا (IRSA) جي جوڙجڪ نئين سري سان ڪئي وڃي ته جيئن ٻوڏ کان سواءِ ڊيمن ۽ ڪئنالن ۾ پاڻي نه وهايو وڃي ۽ پنجاب جي بالادستي پاڻيءَ تي نه رهي سگهي.
ٻوڏ ۾ 4 هزار کان وڌيڪ اسڪول ٻڏي ويا آهن ۽ جڏهن ته 7 هزار اسڪول اڳ ۾ ئي بند هئا. جنھن ڪري لکن جي تعداد ۾ ٻار تعليم کان محروم ٿي ويا آهن انهيءَ ڪري انهن جي کولرائڻ لاءِ جلد عملي قدم کنيا وڃن ته جيئن ٻارن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچائي سگهجي.
ٻوڏ ۾ آمري ميوزم سميت سنڌ جي ننڍن وڏن ثقافتي شين کي زبردست نقصان پھتو آهي ان ڪري ثقافت کاتي کي اهڙن تاريخي شين جي سنڀال ۽ تحفظ لاءِ پڻ متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.