ڪالم / مضمون

سياست، تاريخ ۽ ڪردار

مضمونن ۽ مقالن جي ڪتاب ”سياست، تاريخ ۽ ڪردار“ جو ليکڪ عيسى ميمڻ آهي.
نواز خان زنئور لکي ٿو:
”هن ڪتاب جي هڪ خاص خوبي هيءُ به آهي ته اهو هڪ ئي وقت سياسي فڪر سان به ڀرپور آهي، تاريخ جي پراڻين ڳلين جي مهڪ به ميڙي ٿو اچي، اڀريل مسئلن جي ڇنڊڇاڻ به ڪري ٿو، تجزين جي جهان ۾ به جهاتي پائي ٿو، ادب جي ڪميت کي به کرکڻا هڻي ٿو، ته خاڪانگاري جي صنف کي ڇهندي ان منجهان رنگ رنگ شخصيتن جي خوشبو کي پکيڙي ٿو ڇڏي. هو “وڻان وڻان ڪاٺي” ڪَٺي ڪري هڪڙي گلداڻي نه ٿو سجائي، پر هڪڙو پورو چمن آباد ڪري ٿو ڇڏي. جنهن جي مڌماتي سڳنڌ پڪ سان پڙهندڙ جي پوري وجود کي واسي ۽ معطر ڪري ڇڏيندي.“
  • 4.5/5.0
  • 4594
  • 851
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عيسى ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سياست، تاريخ ۽ ڪردار

ويهين صديءَ جو باغي شاعر: شيخ اياز

شروعاتي دؤر ۾ انسان ٻوليءَ کي رابطي جو ذريعو بڻايو، ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ وسيلي اسان پنھنجي خيالن، خوابن، جذبن، احساسن ۽ ضرورتن کي تڪڙو اظھاري سگهون ٿا. هونءَ ته موسيقي، مصوري، ڊانس، فنون لطيف سان لاڳاپيل سمورا موضوع به اظھار جو ذريعو آهن پر ان اظھار سان گهڻي دير ۽ مشڪلات پيش اچي ٿي. جنھن سبب انسان ٻوليءَ کي وڌيڪ ترجيح پئي ڏني آهي. ٻوليءَ جون پاڙون به سماج ۾ ئي هونديون آهن. سماج کان سواءِ ٻوليءَ جو وجود به باقي نه ٿو رهي. ٻوليءَ جي تبديلي سماجي ۽ معاشي تبديليءَ سان مشروط هوندي آهي. سماجي ۽ معاشي تبديليءَ سان نه صرف ٻولي پنھنجي جوهر ۾ ان تبديلي کي کڻندي آهي پر ان تبديليءَ لاءِ اهم ڪردار ادا پڻ ڪندي آهي. ٻولي جڏهن ادب جو رخ اختيار ڪري ٿي ته ان جي وسعت اڃان به وڌيڪ گھري ۽ اهم ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته ادب نه صرف سماج جو مطالعو ڪري ٿو پر سماج کي هئڻ ڪيئن گهرجي، ان جو تخيل به پيش ڪري ٿو. ان ڪري ئي ادب جو سماج جي سموري تاريخي سفر ۾ اهم حصو ڳڻي سگهجي ٿو. ادب کان سواءِ ڪڏهن به سماج توڙي قوم جي تڪميل جو سوال اڻپورو ڀاسجي ٿو. جيتوڻيڪ سماج توڙي قوم کي پايئه تڪميل تي سياست وٺي وڃي ٿي پر ان جا دڳ، پيچرا ۽ مقصد توڙي منزل ادب متعين ڪري ٿو. ان ڪري سماج جي تبديليءَ ۾ ادب جو سھارو وٺي جن تاريخ جي وڏن ماڻهن ڪردار ادا ڪيو آهي انھن ۾ ويهين صديءَ جا سنڌ ۾ ٻه وڏا نالا، جي ايم سيد ۽ شيخ اياز جي صورت ۾ سامھون اچن ٿا. ويهين صدي سنڌي ادب جي ڏس ۾ اهم صدي ليکي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته هن صديءَ ۾ سنڌي ادب عروج جي بلندين کي وڃي ڇهيو آهي. جي ايم سيد سنڌي نثر ۾ اهم ۽ وڏو نالو آهي جنھن وقت جي ضرورت کي محسوس ڪندي سنڌ ۽ سنڌي قوم کي دستاويزي شڪل ۾ شناخت ڏني. هن جي قلم جا موضوع صرف ۽ صرف قوم جي خوشحالي ۽ مستقبل جي اڏاوت رهيا آهن. اياز به ويهين صديءَ ۾ جيڪا سنڌي ادب کي وسعت بخشي آهي اها لطيف کان پوءِ ٻئي ڪنھن دؤر ۾ ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي پئي اچي. اياز ۽ جي ايم سيد ان ڪري وڏا ليکڪ نه آهن ته انھن گهڻا ڪتاب لکيا آهن پر ان ڪري به وڏا ليکڪ آهن ڇاڪاڻ ته انھن مروج ريتن، رسمن خلاف بغاوت ڪري سنڌي ادب ۽ سنڌي سماج ۾ جدت پسنديءَ جا نوان لاڙا متعارف ڪرايا آهن. اڄ اسين هتي صرف شيخ اياز جي شاعري ۾ جيڪي بغاوت جا اولڙا نظر اچن ٿا، انھن تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته اياز جديد سنڌ جو باغي شاعر آهي.

[b]سماج سان بغاوت:
[/b]سماج انساني ضرورتن جي پورائيءَ لاءِ جنم ورتو آهي. شروعاتي دؤر ۾ انسان پنھنجي طريقي ۽ پنھنجي مفادن لاءِ جيئندوهو. اڳتي هلي انسان جون ضرورتون وڌيون فطرت ۽ وحشي جانورن جي خوف سبب اڪيلي سر انھن کي منھن ڏيڻ انتھائي مشڪل ٿي پيو ته ان ضرورت ۾ انسان هڪٻئي جي ويجهو اچڻ شروع ٿي ويا. ائين سماج ٺهيا ۽ سماج جون ريتون رسمون توڙي قانون ٺاهيا. اهي سڀ قانون ۽ ضابطا انسان کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ ٺاهيا ويا هئا پر اڳتي هلي اهي انساني آزادي ۽ جياپي لاءِ زنجير بڻجي ويا. جيئن روسو چيو آهي ته ”انسان آزاد ڄائو آهي پر هو هر هنڌ سنگهرن ۾ ٻڌل آهي.“ ان حالت ۾ انسان پنھنجي حالتن جي تبديليءَ لاءِ بغاوتون به ڪيون آهن. خصوصاً هر جينيئس سماج سان بغاوت جو علم پهريائين کوڙينيدو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر جينيئس پنھنجي دؤر جي متنازعه شخصيت بڻجي ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته جيئن عام ماڻهو سوچيندو آهي ائين سماج اندر جينيئس ماڻهو ناهي سوچيندو. جينيئس ماڻهو زمان يا مڪان جون بندشون ٽوڙيندو آهي سڄي تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي.
”اياز به جينيئس هو. يقيناً سماج سان بغاوت کان پاڻ کي ڪنھن به طرح بچائي نه سگهيو. سندس ادبي، سياسي توڙي شخصي زندگيءَ مان سماج سان بغاوت جا عڪس چٽي طرح سان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جيئن چوي ٿو:
باغي آهيان، باغي آهيان تنھنجو آءٌ سماج،
توسان وڙهندو رهندو منھنجو هرهڪ رت ڦڙو.
اياز جي هي بغاوت سماج کي ڌوڏي ڇڏي ٿي، سماج ۾ هونئن به جيئڻ جا ٻه رستا آهن يا ته سماج سان Compromise ڪري ڇڏجي يا بغاوت ڪجي، اياز پوئين رستي کي اوليت ۾ رکيو. هن جي سموري تخليقي سفر جو مواد ”سماج“ مان ڦٽي نڪري ٿو. پر ”لوڪ وهي لهنوارو ۽ تون اڀو وهه اوڀار.“ واري فلسفي کي رهنما بنائي اياز عمر ڀر سماج سان وڙهندو رهيو ۽ يقيناً اياز هن ويڙهه ۾ کٽيو. جيڪڏهن اياز سماج سان Compromise ڪري ها ته اياز صدين جو پڙاڏو بنجي نه سگهي ها پنھنجي فتح کي محسوس ڪندي اياز چوي ٿو:
نانءُ ڇڏيوسين،
ڌرتيءَ تي ٿر ٿانءُ ڇڏيوسين
پنھنجي من جي پـيڇي ڪارڻ
ڌن جو پيڇو ڪونه ڪيوسين
نيڻ ڀڄي پيا ويڻ ٻڌاسين.
ڪجهه به ورائي ڪونه چيوسين.
ڪيئي ورهيه وهه پيتي آهي
ماڻهن ليکي هارائي آ،
سچ ته بازي جيتي آهي
اي دل - هاڻي بس ڪر.

[b]استحصالي قوتن خلاف بغاوت:
[/b]انسان مٽيءَ مان ٺهيو آهي. مٽيءَ سان محبت فطري آهي، جنھن مٽيءَ جي سڳنڌ کي نه سڃاتو اهو وقت جو وڏو منڪر تصور ڪيو وڃي ٿو. جيڪو ماڻهو مٽيءَ سان محبت خاطر پھنجي زندگيءَ کي قربان ڪرڻ لاءِ آتو رهي ٿو. اهو ئي انسان مٽيءَ جو حق ادا ڪري ٿو. مِٽيءَ جي سڳنڌ لٽيندڙ قوتن خلاف انھن ماڻھن جي رت ۾ بغاوت جا عنصر هميشه گردش ۾ رهن ٿا. خصوصاً اديب اهڙن استحصالي قوتن خلاف آواز بلند ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته شاعر اديب مٽيءَ جي عظمت جا رکوالا ٿين ٿا. اياز جي شاعريءَ ۾ اهڙن استحصالي ڌرين خلاف بغاوت جي چڻنگ دکندي نظر اچي ٿي، جيئن اياز چوي ٿو:
اڄ هر ڪنھن جو هي رايو آ، تو نيهن اياز نڀايو آ،
تو ڳاتا گيت بغاوت جا، تو لاٿا زنگ ضميرن جا.
جنھن دؤر ۾ ڌرتي جي مان ۽ عظمت جي ڳالهه ڪرڻ ڪاريهر تي پير رکڻ برابر هئي. اياز ان دؤر ۾ پنھنجي شاعريءَ کي زرهه بڻائي وڙهيو. هن پنھنجي ڏات وسيلي تلوارن سان ويڙهه ڪئي. انقلاب ۽ آزاديءَ جو نانءُ وٺڻ سان ماڻهو ڇرڪندا هئا. پر ”اياز“ پنھنجي شاعري کي ايڏو ته رومانٽڪ انداز ۾ پيش ڪيو جو ڳاڙها ڳڀرو پنھنجي سرن تان سانگو لاهي سندرو ٻڌي ميدان عمل ۾ لهڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن جيئن چوي ٿو:
ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي،
آ رَتُ ۾ خوشبو مينديءَ جي،
ڪم ڪيئن نه موٽي زندان ڏي،
ٿا زلف ڇڪن زنجيرن جا.
اها اياز جي ڪماليت هئي جو هو نه صرف انھن استحصالي قوتن خلاف پاڻ بغاوت ڪئي پر پنھجي قوم کي پڻ ان بغاوت ۾ ساڻ کڻي وڙهيو.
هن ڪائنات کي هلائڻ پٺيان پورهيت جا هٿ آهن. پورهيت انساني زندگيءَ جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ هر وقت ڪوشان رهي ٿو. سماج ۾ جڏهن ذاتي ملڪيت جو تصور اڀريو ان ڏينھن کان طبقاتي سماج جا بنياد پيا. بنيادي طور تي ذاتي ملڪيت سبب ئي انسانن جي وچ ۾ ويڇا وڌيا. انھن ويڇن کي ختم ڪرڻ ۾ طبقاتي نظام خلاف جن جدوجھد پئي ڪئي آهي. اياز انھن سان پنھنجو رشتو جوڙيو آهي. لينن چواڻ ته، ”صحيح انقلابيت مان مراد حقيقي حالتن ۾ صحيح پاليسي جي چونڊ ڪري سگهڻ آهي.“ اياز انھن حالتن کي سمجهي پروڙي ۽ درست پاليسيءَ تي عمل ڪندي پورهيت کي سجاڳيءَ جو پيغام ڏيندي چوي ٿو ته:
ڳاءِ انقلاب ڳاءِ
جيئن زمين آسمان
جي کلي پئي زبان
زندگي اٿي چئي
انقلاب - انقلاب، ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.
ڌوڏ هن سماج کي
لوڏ سامراج کي
ٺاهه ڪو نئون نظام
جو چڱو چوي عوام
هي نظام آ خراب
انقلاب - انقلاب، ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.
اياز هر استحصالي قوت خلاف هو. استحصال ڪھڙي به شڪل ۾ ڇونه هجي اياز ان خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ پورهيت کي سنيهو ڏنو آهي. موٽڻ کي مهڻو سمجهي ٿو هونئن به جيڪي انسان وڙهندي ماريا وڃن ٿا ۽ ترقيءَ تان واريا وڃن ٿا. اهي ئي انسان تاريخ کي پنھنجي سفر تي روان رکڻ ۾ محرڪ ڪردار طور تي اڀري اچن ٿا. هڪ انقلابيءَ کي ميدان جنگ ۾ وڙهندو ڏسي اياز چوي ٿو.
واجهه نه وجهه تون وَڍ ڏي، رت وهي ته به رڙهه،
پوئين وير به وڙهه، ويريءَ ساڻ وجود جي.

[b]رجعت پسندن خلاف بغاوت
[/b]تاريخ ۾ مذهبن انساني بھتريءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. انساني ذهن ۾ جڏهن ڪائنات کي سمجهڻ لاءِ خيال پيدا ٿيو، ان وقت ڌنڌلا تصور خوف ۽ عقيدت جي شڪل وٺڻ لڳا ۽ اڳتي هلي عقيدت ۽ خوف مذهب جي شڪل اختيار ڪئي ۽ سماج ۾ سمجهه ۾ نه ايندڙ مسئلن کي مذهب جي ڇٽي هيٺ آڻي انسان کي سڪون ۽ آٿت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پوءِ اڳتي هلي مذهب کي سماج جي استحصالي قوتن پنھنجو مورچو بڻائي سماجي ارتقا کي بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي نتيجي طور تي سماج ۾ بغاوت اڻٽر ٿي پئي. هر دؤر ۾ سماج جي اندر ڏاهن ماڻهن مذهبي رجعت پسنديءَ خلاف بغاوت جو منصوري آواز بلند ڪيو. ڇاڪاڻ ته سماج جي ارتقا عقيدت، ذاتي پسند يا ناپسند جي بنياد تي نه پر سائنسي انداز ۾ ٿيندي آهي.ا ن ڪري سماج کي ارتقائي مرحلي مان گذارڻ هر ڏاهي جينيئس ماڻهو جي فطرت ۾ شامل ٿئي ٿي.
اياز به انھن ماڻهن جو تسلسل هو، جنھن مذهبي رجعت پسنديءَ خلاف بغاوت جو ڪلمو پڙهيو. اهو بغاوت جو سڏ ايڏو ته ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو آهي جو هر ماڻهو جي ترجماني محسوس ٿئي ٿي، جيئن چوي ٿو:
ها کڻو ساري خدا پئي اٿو،
مون کنيو آهي فقط چنگ و رباب،
سئو پيغمبر راتـڙي جي خاموشي،
صحيفا آ مون لئه ماهتاب.
ڪيڏو شاعراڻو تخيل ملي ٿو ته سؤ صحيفا هن لاءِ مھتاب آهي. صحيفا مقدس ڪتاب فطرتي منظر کان وڌيڪ نه آهن. ڪيڏي نه اياز پنھنجي مهارت کان ڪم وٺندي انھن شين کي رد ڏنو آهي. علي الاعلان انهن کي چوي ٿو ته، ساري خدائي کڻو مون کي اها خدائي نه ٿي کپي فقط چنگ ۽ رباب کپي. جنھن سان ويهي چند پل انسان کي سڪون ملي ٿو ۽ سڪون ئي ساري خدائيءَ کان وڌيڪ معنى خيز بڻجي وڃي ٿو.
شراب کي مذهب حرام قرار ڏنو آهي، پر اياز شراب کي پنھنجي مذهب ۾ شامل ڪري بغاوت ڪئي آهي. سگمنڊ فرائيڊ چواڻي ته ”شاعر ۽ ڪلاڪار توڙي چريي ۾ ڪوئي خاص فرق ڪونهي پر انھن ۾ بنيادي فرق هيءُ آهي ته چريو تخيل/خيال کي ڪل سمجهندو آهي پر شاعر يا ڪلاڪار ان تخيل/خيال کي حقيقت سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.“ جڏهن شراب پيئڻ سان ماڻهو تخيل ۽ حقيقت جي وچ ۾ سفر ڪندو آهي، اياز ان جو سهارو وٺي هڪ ته مذهبي پابنديءَ کان بغاوت ڪري ٿو ٻئي طرفان کي فني انداز ۾ ايڏو خوبصورت ڪري سامھون آڻي ٿو جو ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ته ساري ڪائنات شراب جو پيالو هجي ۽ انسان جو تخيل ان ۾ مدهوش ٿي اياز جي شاعريءَ جو روپ وٺي اچي ٿو.
پياليءَ ۾ چانڊوڪي آهي،
ان ۾ ڪوئي فڪر به ناهي،
نڪي انهيءَ ۾ آ اسلام،
پيءُ انهيءَ مان جڳ جڳ جيءُ،
ڀري ڀري او پياسا پيءُ.
اڃان به ڪِرڀ واري انداز ۾ مذهبي پوشاڪ پائي انساني ترقي جي مخالف قوتن خلاف ۽ جھالت جي تبليغ ڪندڙ ملن کي چوي ٿو:
هيءَ ڳاڙهي ڏاڙهي ملان جي،
هيءَ ڪاري چوٽي پانڊي جي،
مون لاءِ ٻنهي ۾ ڦير نه آ،
ٻئي آگ اجهاڻل ٽانڊي جي.
اياز جي شاعري وک وک تي بغاوت جي خوشبو لڳائي عوام سان مخاطب ٿئي ٿي:
ڪنھن نئين ڪفر جي ڀني خوشبو،
شعر منھنجو لڳائي آيو آهه.
اياز جي سموري شاعريءَ جو سفر، بغاوت جو سفر آهي. اڄ ضرورت آهي ته اياز جي بغاوت کي سمجهون ۽ ان سڏ جو پڙاڏو بڻجي پئون ته هوند نئون سماج اڏڻ ايڏو مشڪل به ڪونهي.