مڌ جو اصل متو ۽ متارا
لطيف جي سنڌي ادب ۾ منفرد حيثيت رهي آهي. لطيف نه رڳو سنڌي ٻوليءَ کي بچايو پر هن سنڌي تھذيب جي ساک کي نه رڳو نوان موڙ ڏنا، پر ان جي مستقبل جي اڏاوت به ڪئي آهي. لطيف سنڌ جو اهو وڪيل آهي جنھن سنڌ جي ڪيس انتھائي مضبوط ۽ مدبرانه نموني سان وڙهيو اهي. اهو ڪڏهن سسئي جي پنھون ڪاڻ اڻ کٽ جدوجھد جي صورت ۾ ته ڪڏهن پنھنجي لوئي لڄ بچائڻ لاءِ مارئي ته ڪڏهن عشق جي سفر ۾ سھڻي جي درياهه جي دهشتگردن ڪنن ۽ واڳن سان ويڙهه جي روپ ۾ هجي يا سنڌ جي مجموعي سورمن کاهوڙي، رامڪليءَ جا جوڳي يا متارن جي صورت ۾ هجي بھرحال هر لحاظ کان لطيف جو ڪردار مٿڀرو آهي. لطيف جديد ادب جو بنياد ۽ ڪلاسيڪل ادب کي عروج جي انتھا تي پھچايو آهي. هن جي پيغام ۾ امن عالم ترقي بني نوع سمايل رهيو آهي. نه صرف اهو پر مذهب جي اصل روح کي سمجهڻ تي به زور ڏنو آهي، اهو ئي سبب آهي جو لطيف سنڌ جا عوامي ڪردار کڻي هڪ ئي وقت مذهبي تنگ نظري، رجعت پسندي ۽ ڪٽرپڻي خلاف ويڙهه ڪئي آهي. ٻئي طرف پنھنجي ڪلچر جو ڀرم رکيو آهي. مثال طور تي جملي مذهب ۾ شراب حرام قرار ڏنو ويو آهي. پر لطيف شراب کي عالمي حوالي سان مقصد، آدرش طور تي کڻي رجعت پسنديءَ کي ننديو آهي ۽ ٻئي نموني سان ماڻهن ۾ انقلاب جو روح ڦوڪيو آهي. شاهه سائين سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾ موکي ۽ متارن جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو هڪ غير معمولي ڪردار هو پر لطيف انھن کي نئين رُخ ۾ متعارف ڪرايو آهي. جيئن موکي هڪ ڪلال هئي جنھن کي هڪ انقلابي رهبر اڳواڻ طور ڏيکاريو ويو آهي. متارا ويڙهه ڪرڻ کان پوءِ موکي وٽ اچي پر ساهن ٿا. هونئن ته موکي روايت مطابق مومل جي محل ۾ شھزادن کي اندر وٺي ويندڙ ناتر جي ڌيءُ هئي. جنھن پنھنجي ماءُ جي وئي کانپوءِ پنھنجي ماءُ جو ڪاروبار سنڀاليو هو. جيڪو هڪ شراب جي بٺيءَ طور ڄاتو ويندو هو جتي متارا جيڪي مختلف شھرن ڏانھن واپار سانگي ويندا ها ته ٿَڪُ موکيءَ جي مئخاني ۾ پٽيندا هئا. انھن روايتي ڪردارن کي امرتا ڏئي، لطيف انھن کي انقلاب، آزادي پسند ۽ انھن جي رهبري ۽ آدرش طور تي کنيو آهي.
جيئن هن بيت ۾ چئي ٿو:
جي اٿئي سڪ سرڪ جي، ته ونءُ ڪلاڙن ڪاٽي،
لاهي رک لطيف چئي، مٿو وٽ ماٽي،
تِڪ ڏئي پِڪَ پيءُ تون، گهوٽ منجهان گهاٽي،
جي وَرِنَهَه وهاٽي، سو سر وٽ سرو ساهنگو.
اگر ماڻهوءَ کي پنھنجي آدرش، انقلاب ۽ آزاديءَ سان محبت آهي ته پنھنجو سِر ڪٽي، (ماٽي) پنھنجي رهبر جي ڏسيل واٽ تي رکي. ڇاڪاڻ پنھنجي منزل اڳيان پڪ برابر به سر معنى نه ٿو رکي. آزادي پسند ماڻهوءَ جي زندگي پنھنجي مقصد لاءِ وقف ٿيل هوندي آهي، پر جيڪڏهن سڌڙيا سر ڏيڻ کان ڪيٻائن ٿا ته اهي پنھنجو مقصد حاصل نه ٿا ڪري سگهن. جيئن:
سڌڙيا شراب جون، ڪُوهه پچارون ڪَن،
جي ڪات ڪلاڙن ڪڍيا، موٽي پو وڃن،
پڪون سي پيئن، سر جنين جا سٽ ۾.
جيڪي سَڌَ ڪري ڄاڻن انهن جو مقصد سان ڪوبه لڳاءُ ڪونهي، ڇاڪاڻ اُهي پنھنجا سر پڪ کان پيارو ڪن ٿا. ڪلاڙين جي ڪات، دهشت، ڏاڍ، ظلم ۽ جبر کي ڏسي ڊڄن ٿا. پر اهي ماڻهو پنھنجو مقصد حاصل ڪندا جن جا سِرَ سٽ ۾ آهن. اڃان به وڌيڪ چئي ٿو ته:
سنباهج سيد چئي، ڪاٽڻ ڪارڻ ڪَنڌُ،
هي تنين جو هنڌ، مٽن پاسي مرن جي.
انقلاب جو پنڌ انتـھائي اڻانگو آهي، جتي موت پنھنجو محبوب آهي. موت جو جامُ گڏوگڏ گردش ڪري ٿو. اتي ڪاٽڻ ڪارڻ ڪنڌُ سنباهي هلڻ گهرجي. هي مقصد انھن کي پلئه پوندو جيڪي پنھنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ موت کي لبيڪ چون. هي ملهه ڪو مھانگو ڪونهي.
ملهه مھانگو قطرو، سڪڻ شھادت،
ان عبادت، نظِر نياز پرينءَ جو.
عشق جي شراب جو قطرو وڏي ملهه وارو آهي. ان جي قيمت شھادت کان گهٽ ڪونهي. پر انقلابي ماڻهو پاڻ کي ان راهه ۾ قربان ٿيڻ ۾ عبادت سمجهن ٿا. هونئن به انقلابيءَ جو دين، ڌرم پنھنجو مقصد ئي هوندو آهي. ان سان ڪمٽمينٽ Commitment هوندو آهي. هُو آخري دم تائين اها ئي عبادت ڪندي گذاري ٿو ۽ انقلابي ڪڏهن به منزل ماڻڻ جي تمنا ۾ ناهن جيئندا. هو صرف جدوجھد جي علامت هوندا آهن.
مَ ڪَر سڌ شراب جي، جي تون ٽارين ٽوهُه،
پيتي جا نھن پاسي ٿئي، منجهان رڳن روح،
ڪاٽي چک ڪڪوهُه، لاهي سر لطيف چئي.
شاهه انھن کي خبردار ٿو ڪري ته جيڪڏهن تون تڪليف کي ڏسي ڊڄين ٿو ته ان کي حاصل ڪرڻ جي سڌ نه ڪر، ڇاڪاڻ هي اهو شراب آهي جنھن جي پيئڻ سان نسن جو ستُ نڪريو وڃي.
عشق جي سفر ۾ فنا ٿيڻ ئي بقا آهي. ڇو ته جا شيءِ فنا مان جنم وٺي ٿي سا بقا آهي. اها بقا ستارن جي روح ۾ پٿر ۾ باهه جيان سمايل آهي. ڀٽائي چئي ٿو:
آڻي اتر واءُ، موکي مٽ اپٽيا،
متار اتهه ساءِ، اچن سر سنباهيو.
صبح جو سوير اتر جو واءُ لڳي ٿو، مونکي پنھنجي مڌ جا مٽ کولي ٿي ۽ اچي شراب جي بوءِ سموري فضا ۾ ڦھلجي وڃي ٿي، ان بوءِ کي متارا سڃاڻي وٺن ٿا ۽ سر سنباهيون ٿا اچن، هو وري ويڙهه لاءِ سندرا ٿا ٻڌن، پنھنجي زندگي ارپڻ لاءِ اتاولا ٿا ڏسجن. اها محبت جي انتھا آهي. پياڪن جي اُڃ به عجيب آهي جو هڪ چاڙهين ٻئي جي طلب ڪن ٿا. پر جي سمنڊ منھن ڪن ٿا ته سرڪيائي ڪين ٿي ٿئي. جيئن:
جهه سي اچڻ آئيا، ته سَرو ڪندا سُڃَ،
سائي ٿيندين اُڃَ، هي پيتو! هو آڻ ڪي!
هو جڏهن اڱڻ (ميدانِ جنگ) ۾ اچي ڪٺا ٿيندا تڏهن سارو شراب پي صفايو ڪندا هنن کي تڏهن به اهڙي ئي اُڃ رهندي جو اڃا هڪ پي پورو ڪندا ته مٿان چوندا. ”ٻيو ڪي آڻ.“
سنڌيءَ ۾ لفظ متارا جون ٻه معنائون آهن، هڪ مت وارو ۽ سمجهه وارو، ٻيو، سپريا پھلوان. اهي پھلوان جڏهن آزادي ۽ انقلاب جي پنڌ ۾ مري وڃن ٿا ته ڀٽائي انھن جي رهبري، انقلاب جو درس ڏيندڙ موکيءَ کي چئي ٿو ته هاڻ تنھنجي رهڻ جو ڪو جواب ڪونھي ڇاڪاڻ ته اُهي پياڪ نه رهيا آهن. هيٺ چوي ٿو:
متارا مري ويا، موکي! تون ڀي مـَرُ،
تنھنجو ڏوس ڏمر، ڪونه سھندو ان ريءَ!
مرشد جو ڏمرُ طالب ري ڪير سھندو. اي ڪلال هاڻ تون به مَرُ ته امر ٿين. خواجه حافظ شيرازيءَ پڻ انهيءَ شراب (آدرش) کي معنى خيز بڻائي ڇڏيو آهي، جيئن چئي ٿو ته:
بکوي مي فروشانش به جامي درنمي گيرند،
زهي، سجاده تقوى که يک ساغر نمي ارزد.
(معنى ته نمازين کي جنھن پاڪ مصلي تي ناز آهي سو اسان مستن (آزاد پسندن) جي دنيا ۾ شراب جي هڪ پيالي جي به مترادف ناهي.)
بھرحال! ڀٽائي موکي، متارن جي قصي کي ابدي زندگي ڏئي ڇڏي آهي. جدليات ۽ انقلاب جي سائنس مطابق جيستائين انقلابي اديب عوام سان پنھنجي ويجهڙائيءَ وارا لاڳاپا نه ٿو رکي جيستائين هو عوام جي احساسن، آدرشن، خيالن، امنگن جي ترجماني نه ٿو ڪري ۽ سندن مستقبل جي لاءِ ڪا راهه متعين نه ٿو ڪري تيستائين هو ڪوبه مؤثر ڪردار ادا نه ٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي وري عوام ۾ پنھنجون پاڙون مضبوط ڪري سگهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو ڀٽائيءَ پنھنجون پاڙون عوام ۾ کوڙيون آهن جنھن کي ڏسي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ڀٽائي هر دؤر جو عوامي ترجمان شاعر آهي ۽ رهندو .