مـُھاڳ : سياسي ادب ڏي هڪ نئين وِکَ : نواز خان زئور
اهڙي ريت سنڌ ۾ سياسي ادب ۾ آيل لاٿ جي باوجود اهو سلسلو هلندو رهي ٿو. جيتوڻيڪ ڪنهن حد تائين پاڻ ان صورتحال کي ڏُڪار سان به ڀيٽي سگهون ٿا، پر صفا ڪاري ڏڪار واري حالت ناهي ۽ نه ئي ڪو “ڇَپني” جهڙو سال آيو آهي. ڏکين حالتن جي هوندي به ڪجهه اديب، دانشور، مضمون نگار ۽ قومي ڪارڪن پنهنجي پنهنجي وس ۽ وت آهر سياسي ادب سرجيندا رهن ٿا. جنهن مان ڪافي قدر لاڀائتو مواد پڻ ملي ٿو. سمورين رڪاوٽن ۽ ڪوتاهين هوندي به سياسي عمل توڙي سياسي ادب جو سرجڻ بند نه ٿيو آهي. اهو وري به رڙهندو هلي پيو. جيڪا هڪ خوش آئند ڳالهه آهي.ڇاڪاڻ جو هيءُ اهم نقطو آهي ته جڏهن به ڪو عمل، ڪا سرگرمي، ڪو پنڌ اڳتي رڙهندو هلندو آهي ته هڪ ڏاڪي تي پهچي وڌيڪ سگهارو، طاقتور ۽ مؤثر بڻجي پوندو آهي. اهو آخرڪار شاندار نتيجا ڏيڻ لڳندو آهي.
اسان جو دوست عيسيٰ ميمڻ، جيڪو عيسيٰ به آهي ته مسيح به آهي، ميمڻ به آهي ته ڪالاڻي به آهي، پڻ هن ئي سڳر ساٿ جو پانڌيئڙو آهي. ادب هجي يا راڄنيتي، شعر و شاعري هجي يا فڪري نظرياتي ميدان، هو هڪ ئي وقت سڀني طرفن پنهنجي صلاحيتن ۽ توانائين جا ڪؤنتل ڪڏائيندو رهندو آهي. هو پاڻ به سهڻو آهي ته سندس خيال، سوچون ۽ نظريا به سهڻا آهن. ان ڪري مون سميت دوستن جي هڪ وڏي گهڻائي کيس پيار جي نظر سان ڏسندي آهي. اها جدا ڳالهه آهي ته هو حمايتن ۽ مخالفتن کان بي نياز ٿي پنهنجو سياسي، نظرياتي ۽ فڪري پورهيو ڪندو ٿو رهي. سندس زيرِ نظر ڪتاب “سياست، تاريخ ۽ ڪردار” سندس انهيءَ لاڳيتي پورهيي جو نشانبر ۽ نظر ايندڙ اهڃاڻ آهي.
“سياست، تاريخ ۽ ڪردار” مضمونن جو ڪتاب آهي ۽ بنيادي طور تي هڪ سياسي ڳٽڪو آهي، پر ان هوندي به ان ۾ جيڪا ٻولي جي مِٺاس، سرلتا، رواني ۽ سهنجائي آهي، اها ان جي ادبي اهميت کي تمام گهڻو وڌائي ٿي ڇڏي. هونئن به سٺو ۽ ديرپا اهوئي ادب ثابت ٿيندو آهي، جيڪو فڪري سگهه سان گڏوگڏ فني لوازمات جي نقطي نگاهه کان پڻ ڀرپور هجي. ٻولي جي سونهن ان سلسلي ۾ پهرين گهرج آهي. سياسي ادب تي فن جي نقادن طرفان هڪ اعتراض اهو واريو ويندو آهي ته اهو خشڪ ٿئي ٿو ۽ فني خوبصورتي توڙي ٻولي جي چاشني منجهس ورلي ئي نظر اچي ٿي. جيتوڻيڪ ڪنهن حد تائين ان ڳالهه کي جائز سمجهي سگهجي ٿو، پر هر هنڌ ايئن ناهي. نه رڳو عالمي سياسي ادب، پر خود سنڌ جي اندر سرجيل تمام گهڻي سياسي ادب تي اها ڳالهه ٺهڪي نه ٿي اچي. سائين جي ايم سيد کان وٺي عبدالواحد آريسر تائين، راشدي ڀائرن کان وٺي رسول بخش پليجي تائين اڪثر سياسي لکارين وٽ ٻولي جو اعليٰ درجي جو حُسن رهيو آهي. هاڻوڪي دؤر ۾ ڏسجي ٿو ته اها ساڳي ڳالهه آزاد قاضي، جامي چانڊيي، آصف بالادي، ڊاڪٽر مير عالم مري، نصير ميمڻ توڙي ٻين نوجوان دوستن وٽ به ڏسڻ ۾ اچي ٿي. (آئون هتي انهن ليکڪن جو ذڪر نه پيو ڪريان جيڪي شاعراڻي يا افسانوي ادب وسيلي سياسي خيالن جي پرچار ڪن ٿا.) اهڙي ئي ريت عيسيٰ ميمڻ به ان لڏي ۾ ساڳي حيثيت رکي ٿو. هن وٽ به ٻولي جتي پنهنجي نفسِ مضمون ادا ڪرڻ ۾ مڪمل ريت ڪامياب رهي ٿي، اتي اها پنهنجي ادبي ۽ فني دلڪشي برقرار رکڻ ۾ پڻ سڦل ٿئي ٿي. آئون سمجهان ٿو ته اها مؤثر ابلاغ لاءِ هڪڙي تمام وڏي خوبي آهي، جنهن کانسواءِ سياسي ادب پنهنجو ڪارج ڪُلي طور تي ادا ڪرڻ ۾ گهڻي ڀاڱي ڪامياب نه ٿو ٿئي.
هن ڪتاب جي هڪ خاص خوبي هيءُ به آهي ته اهو هڪ ئي وقت سياسي فڪر سان به ڀرپور آهي، تاريخ جي پراڻين ڳلين جي مهڪ به ميڙي ٿو اچي، اڀريل مسئلن جي ڇنڊڇاڻ به ڪري ٿو، تجزين جي جهان ۾ به جهاتي پائي ٿو، ادب جي ڪميت کي به کرکڻا هڻي ٿو، ته خاڪانگاري جي صنف کي ڇهندي ان منجهان رنگ رنگ شخصيتن جي خوشبو کي پکيڙي ٿو ڇڏي. هو “وڻان وڻان ڪاٺي” ڪَٺي ڪري هڪڙي گلداڻي نه ٿو سجائي، پر هڪڙو پورو چمن آباد ڪري ٿو ڇڏي. جنهن جي مڌماتي سڳنڌ پڪ سان پڙهندڙ جي پوري وجود کي واسي ۽ معطر ڪري ڇڏيندي.
هونئن ته هن ڪتاب تي گهڻو لکي سگهجي ٿو ۽ ان مان حوالي طور ڪيترائي خوبصورت ۽ اهم ٽُڪرا کڻي هن مُهاڳ ۾ ڏئي سگهجن ٿا. پر وقت جي اڻهوند ۽ تڪڙ جي ڪري هنن سٽن کي بنهه مختصر ڪندي آئون عيسيٰ ميمڻ کي ههڙو سٺو، ڪارائتو ۽ وقتائو ڪتاب لکڻ تي دلي واڌايون ڏيان ٿو. گڏوگڏ اها به اميد اٿم ته هيءُ ڪتاب قومي ڪارڪنن لاءِ نهايت لاڀائتو ثابت ٿيندو ۽ اهي ان مان مفيد رهنمائي حاصل ڪندا. لاشڪ هيءُ ڪتاب سنڌ جي قومي سياسي ادب ۾ هڪ اهم واڌارو آهي.
سنڌ سلامت، ساٿ سلامت.
نواز خان زئور
10 اپريل 2013ع
ميرپور بٺورو، ضلعو ٺٽو، سنڌ.