هڪ عظيم انسان جو وڇوڙو : ”شهيد بشير قريشي“
1972ع ۾ سنڌ جي باغي ديوتا جڏهن وقت جي خدائن کان بغاوت جو اعلان ڪندي، پنهنجو ناتو آڪاش ڇڏي ڌرتيءَ سان لڳايو هيو، تڏهن ڪجهه تاريخ کان ناواقف، بي سمجهه، سمجهو ساٿين ان باغيءَ خلاف پنهنجا ڪات ڪهڙا تکا ڪيا هئا. ان باغي تي”هندوستان جو ايجنٽ” هجڻ کان وٺي اهي سڀ الزام هنيا ويا، جيڪي هڪ باغي جي سر تي تعزيرن جا تاج سجايا ويندا آهن، پر هن چيو ته “ جيڪڏهن اڄ سنڌ ۽ سنڌي قوم جي آزادي خاطر وقت جي خدائن سان بغاوت نه ڪندس ته مان تاريخ جو منڪر ليکبس” ۽ پوءِ هن اڪيلي سر ئي ڀير تي ڏونڪو هڻي بيهي رهيو. اڄ اهو وقت جو باغي سنڌ جو روح روان بڻجي ويو آهي. سنڌ جو ذڪر ان باغي کان سواءِ بي معنيٰ بڻجي وڃي ٿو، جنهن کي تاريخ سائين جي ايم سيد جي نالي سان سڃاڻي ٿي.
ان باغيءَ سان 1976ع ۾ پنهنجو نينهن جوڙيندڙ رتوديرو واسي اهو ڳڀرو بشير خان قريشي، جنهن لاءِ ڪنهن ٿي ڄاتو ته تاريخ جا ڳرا بار سندس ڪمزور ڪلهن تي پوندا. سن جي باغي ديوتا سنڌ ۽ تاريخ کي اٿلائي پٿلائي جنهن نتيجي تي پهتو هو، هن ان کي پنهنجي اکين تي رکي قبول ڪيو هو، هن اهي سڀ الزام پنهنجي سر تي کڻڻ کان ڪڏهن به عار نه ڪيو، جيڪي الزام سن جي باغي ديوتا تي لڳا ها. هن سنڌ جي تاريخ جو بار خبر ناهي ته ڪهڙي خيال کان کنيو هو، جيڪو بار سر جي سودي ڪرڻ کان سواءِ کڻڻ، ممڪن ئي نه آهي، هن ان وقت ئي پنهنجي سر جو سودو ڪري، ها ۾ ها ڪئي هئي، ڪنهن شاعر چواڻي ته ؛
نه وهه عيسيٰ نه وه ابن علي، سرمد نه وهه منصور،
مگر پهر بهي وه ان سب کي شبيهون مي جهلڪتا هي.
هو ان شعر جي حرف حرف تي سورنهن آنا پورو لهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن ڪي ڪتابن جا اٺ ته ڪونه پڙهيا هئا پر ڪتابن ۾ محفوظ تاريخ جي تسلسل کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ هن ڪڏهن به پنهنجا سندرا کولي نه ستو هيو.
سنڌ ۾ هن انهن سڀني کي تاريخي ملهه هنئي آهي، جن مشرق ۽ مغرب جا نظريا ته پڙهيا پر سنڌي سماج جي مزاج کي سمجهڻ کان قاصر رهيا۽ نه ئي وري ڪلچرل روايتن کي پنهنجي مزاج جو حصو بڻائي سگهيا، پر هن سنڌ جي ثقافت کي پنهنجي طبيعت سان ايترو ته هم آهنگ ڪري ڇڏيو، جو جڏهن به هو پنهنجي رهبر جو پيغام کڻي ماڻهن وٽ ويندو هيو ته ماڻهن ڪڏهن به هن مان اوپرائپ محسوس نه ڪئي هئي. هو انگ اگهاڙن، هيڻن، توڙي لاچارن کي جڏهن پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري وٺندو هيو تڏهن ماڻهو صدين جا زخم ڇٽندي محسوس ڪندا هئا. هن سياست ۾ پيار جي فلاسافيءَ کي ايترو ته عام ڪيو جو ماڻهن هن جي پيار تي اعتماد ڪندي هن جي هر سڏ کي لبيڪ چئي پيرين اگهاڙي اويل سويل، آنجهي توڙي مانجهيءَ نڪري ايندا هئا. سنڌ ۾ عام ماڻهن جي ڳالهه ڪندڙ اڳواڻ ڪڏهن به عوام جي ايترو ويجهو نه ويا، جيترو هن ويجهڙائپ جي رشتي ۾ ذري برابر به وٿي پوڻ نه ڏني هئي. جيتوڻيڪ هن وٽ سنڌ ۽ سيد جي پيغام ۽ محبت ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه هيو، پر هن ته مسقبل جي خوشحال ۽ آزاد سنڌ جا خواب کڻي عام ماڻهن وٽ ويو هيو، جنهن خواب جي پرورش نيڻن جي ننڊ کسي ٿي وٺي. هن ڏکن ۽ دردن جي پيچرن تي هلڻ جو جڏهن ماڻهن کي درس ڏنو هيو، تڏهن به ماڻهن هن جي خلوص ۽ پيار جي ڪري اهي سڀ تڪليفون اکين تي رکيون هيون.
هو جڏهن ڪشمور کان ڪراچي تائين سفر ڪندو هيو، تڏهن ڄڻ ته عوام جون دليون ۽ اميدون به هن سان گڏ سفر ڪنديون هيون. مسئلو ڪنهن جو به هجي، دانهن ڪنهن جي به هجي، پر هو بنا ڪنهن تفريق ۽ دير جي پهچي ويندو هيو، تيسيتائين سک سان نه ويهندو هيو، جيسيتائين مسئلو حل نه ٿئي ۽ دردن جو درمان نه ٿئي. قبيلائي جهيڙن جڏهن سنڌ جهڙي امن جي رکوال ڌرتي کي تاراج ڪيو هيو، تڏهن هي ڳچيءَ ۾ ڳارو ڪري پيرين پنڌ نڪري ٿو پوي، ٻوڏ جهڙي آفت جڏهن سنڌ مٿان ڪڙڪي ٿي، تڏهن به سڪون هن جو ڦٽل آهي ۽ پنهنجي قومي جهولي کڻي عوام جي در در تي نڪري ٿو پوي ته من ڪو مارن جي ماند هلڪي ٿي پوي. هن ته پنهنجي رهبر جي پت رکڻ لاءِ سڀ دنيا جا ٺٺ ٺانگر ڇڏي سنڌ جي سرفروش ڪارڪنن کي هڪ ئي وقت ماءُ ۽ پيءُ جو پيار ڏنو هيو. ڪارڪنن جڏهن به جيلن ۾ هجن يا روڊن رستن تي تڏهن به هن گانڌي جي عدم تشدد واري فلسفي کي لڄي ٿيڻ نه ڏنو هيو. پر جڏهن ڪارڪن اڻانگي سفر ۾ درد محسوس ڪندا هئا. تڏهن به هن جي ڀاڪرن ۽ چمين جي تاثير سان سفر جا عذاب به، عذاب نه لڳندا هئا.
هن جڏهن ٽيويهه مارچ تي سنڌ جي راڄڌاني ۾ دنيا جي غير فطري رياست کي الودائي خطبو ڏئي سنڌ جي صدين جو سڏ ورجايو هيو، تڏهن رات جي رهزنن هن جي پيرن جي نشانن تي سخت پهرا رکڻ شروع ڪيا هئا. هن ٽيويهه مارچ تي واضع چيو هيو “ته گهڻو وقت ٿيو آهي جو منصور جو آواز نه گونجيو آهي ۽ سوريءَ سينگار نه ڪيو آهي، ان ڪري اڄ مان منصوري آواز کي ورجايان ٿو”، پر اها تاريخ جي وڏي ستم ظريفي چئبي جو هن کي منصور جي سنت بجاءِ سقراط جيان پيالي ۾امرت ڏئي سدائين جي اگهور ننڊ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر جڏهن هن جي اکين ٻوٽڻ جي خبر سڄي سنڌ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي هئي، تڏهن سڄي سنڌ جون اکيون پٽجي ويون هيون، ماڻهن هڪ دفعو ٻيهر پاڻ کي ننڌڻڪائپ جي ڌٻڻ ۾ لهندي محسوس ڪيو هو.
مون جڏهن ڪشمور کان ڪراچي تائين ۽ ڪراچيءَ کان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ لکن جي تعداد ۾ ماڻهن جون دانهون، ڪوڪون، اوڇنگارون ڏٺيون ۽ ٻڌيون هيون، تڏهن اهو اعتماد ئي نه پئي آيو ته هو اسان جي وچ ۾ نه آهي. اها پڪ ٿي وئي ته هو اسان کان الڳ ٿي به نه ٿو سگهي !! سنڌ اڃان ايڪويهه اپريل 2011ع تي شهيد ٿيل سرائي قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي ۽ نورالله تونيو جي درد کي وساري نه سگهي هئي ته مٿان وري هي دل ڏاريندڙ خبر وڄ جيان ڪڙڪي هئي، سنڌي ماڻهن جنهن نموني پنهنجي محبوبن جا لاش صبر ۽ تحمل سان کنيا آهن ۽ اڃان ڪا ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي اٿئون اهو پڻ تاريخ جو عجيب ۽ انوکو مثال آهي، پر رياستي ادارن کي شايد اها خبر نه آهي ته درياهه اندر دهشت ڪنهن وقت قيامت ٿي ويندي آهي. ان قيامت ته عرب سامراجيت توڙي برطانوي سامراجيت جا به تڏا ويڙهائي ڇڏيا هئا، هي ته انهيءِ ڀيٽ ۾ سنڌي ماڻهن اڳيان ڪا ايڏي خاص معنيٰ نه ٿو رکي، ان جو منظر سنڌي ماڻهن ايم آرڊي تحريڪ، 27 ڊسمبر 2007، پنج ڊسمبر 2010 ۾ جنهن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو اظهار انهن هٿين خالي هجڻ باوجود ڏيکاريو آهي تنهن کي ڀلا تاريخ ڪيئن وساري سگهي ٿي. پر شايد وقت جا حاڪم طاقت جي نشي ۾ اڄ تائين اها ڳالهه سمجهي ناهن سگهيا ۽ نه ئي وري شايد سمجهي سگهندا!!.
هنن حالتن م سنڌ جي قومي تحريڪ جي مڙني ڌڙن جي ذميواري جو به وقت شروع ٿئي ٿو. جيڪڏهن قومي تحريڪ هاڻي به پنهنجي ذميواري محسوس ڪري ۽ مڙي مٺ نه ٿي ٿئي ته سنڌ جي غلاميءَ جو دؤر اڃان به ڊگهو ٿي سگهي ٿو. رياست بلوچستان ۾ هزارن جي تعداد ۾ قومي ڪارڪنن کي شهيد ۽ گم ڪري ڇڏيو آهي، پر بالاچ خان مري ۽ اڪبر بگٽيءَ جي شهادت کانپوءِ بلوچ قومي تحريڪ وڌيڪ باسمجهيءَ سان قدم کنيا آهن. جنهن سبب انهن جو ڪيس عالمي سطح تي ته پهتو ئي آهي، پر انهن جي مزاحمت ۾ به زبردست تيزي آئي آهي. تنهنڪري سنڌ جي قومي تحريڪ کي ان مثال کي سامهون رکندي پنهنجي سموري سگهه کي يڪجا ڪرڻ لاءِ پنهنجا ننڍا وڏا اختلاف ۽ انائون پاسي تي رکي هڪ قوت بڻجي اٿڻو پوندو. فرانز فينن چواڻي ته “ جڏهن اوهان منتشر آهيو، تڏهن توهان جو دشمن منظم آهي ؛ يقين ڄاڻو جڏهن توهان منظم ٿيندوُ تڏهن توهان جو دشمن منتشر ٿيڻ شروع ٿيندو.“ اڄ سنڌ جي قومي تحريڪ منتشر هجڻ سبب ان جون دشمن قوتون منظم آهن. ان ڪري جهڙي نموني 1995ع ۾ سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي کانپوءِ سائين جي ايم سيد جي ڏنگن ۽ ڏاهن ٻارن غم کي طاقت ۾ تبديل ڪيو هيو ۽ هاڻي سنڌ جي قداور ۽ متحرڪ اڳواڻ بشير خان قريشي جي شهادت کانپوءِ پنهنجي ڇڙوڇڙ قوت کي يڪجا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، ٻئي صورت ۾ رياست قومي تحريڪ کي ان کان به وڌيڪ خطرناڪ وار ڪري سگهي ٿي. جنهن جو ازالو ڪرڻ شايد ڪنهن جي به وس جي ڳالهه نه هوندو. اڄ شهيد بشير خان قريشي جي شهادت لاءِ تامل گيت اسان جي پوري پوري رهنمائي ڪري ٿو جنهن گيت ۾ چيو ويو آهي ته ؛
تنهنجو آواز،
اسان جي روحن ۾ محفوظ آهي،
جيڪو لڳاتار سڏي رهيو آهي،
پر توسان اهو واعدو آهي،
اسان تنهنجي آواز جي تڪميل بڻجي،
پنهنجي وطن جي مٽي محفوظ ڪنداسين
۽ تنهنجي دشمن کي سک سان ساهه کڻڻ نه ڏينداسين.