ڪالم / مضمون

سياست، تاريخ ۽ ڪردار

مضمونن ۽ مقالن جي ڪتاب ”سياست، تاريخ ۽ ڪردار“ جو ليکڪ عيسى ميمڻ آهي.
نواز خان زنئور لکي ٿو:
”هن ڪتاب جي هڪ خاص خوبي هيءُ به آهي ته اهو هڪ ئي وقت سياسي فڪر سان به ڀرپور آهي، تاريخ جي پراڻين ڳلين جي مهڪ به ميڙي ٿو اچي، اڀريل مسئلن جي ڇنڊڇاڻ به ڪري ٿو، تجزين جي جهان ۾ به جهاتي پائي ٿو، ادب جي ڪميت کي به کرکڻا هڻي ٿو، ته خاڪانگاري جي صنف کي ڇهندي ان منجهان رنگ رنگ شخصيتن جي خوشبو کي پکيڙي ٿو ڇڏي. هو “وڻان وڻان ڪاٺي” ڪَٺي ڪري هڪڙي گلداڻي نه ٿو سجائي، پر هڪڙو پورو چمن آباد ڪري ٿو ڇڏي. جنهن جي مڌماتي سڳنڌ پڪ سان پڙهندڙ جي پوري وجود کي واسي ۽ معطر ڪري ڇڏيندي.“
  • 4.5/5.0
  • 4594
  • 851
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عيسى ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سياست، تاريخ ۽ ڪردار

ڏاهپ ۽ ويڙه جو سنگم: سائين غلام قادر جوڻيجو

اسان جڏهن سياست جي سٿ ۾ شامل ٿياسين، تڏهن شعور کان وڌيڪ جذبات جي لهر ۾ لڙهي وياسين. آزادي ۽ انقلاب جو رومانس، جذباتي انداز ۾ رڳ رڳ ۾ سمائجي ويو. جيتوڻيڪ اها لهر سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ اڪيلي سر قومپرستن جي جدوجھد جو نتيجو هئي. ڇاڪاڻ ته جن ڪامريڊن سوشلزم نظام جي شڪست کي سوشلسٽ نظريي جي شڪست سمجهي ڳچين ۾ توا ٽنگي، مئخانن جو رخ ڪري انقلاب کان فراريت اختيار ڪئي هئي پر تنھن باوجود به قومپرست عملي ميدان ۾ اڄ تائين آهن. ڇو ته قومپرستن جنھن نظريي جي واڳ ورتي هئي اهو ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن مان ڦٽي نڪتل هو. ڪامريڊ لينن ۽ ٽراٽسڪائي جي وچ ۾ 1916ع ۾ جڏهن مسلسل انقلاب ۽ مرحليوار انقلاب جھڙا بحث شدت اختيار ڪري ويا هئا تڏهن ڪامريڊ لينن، ٽراٽسڪائي کي جواب ڏيندي چيو هو ته ”انقلاب نه درآمد ٿيندا آهن نه برآمد ٿيندا آهن، اهي ته وقت ۽ حالتن مان ڦٽي پوندا آهن، انقلابي پارٽي يا انقلابي ته صرف انھن جي پرورش ڪندا آهن. سنڌ ۾ کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙن پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ بجاءِ پنهنجو قبلو سوويت يونين کي بڻايو.“ اهو ئي سبب آهي جو سوويت يونين ٽٽڻ کان پوءِ سياسي ميدان تي سڄي دنيا جي انقلاب جي ڳالهه ڪندڙ ٻِرن ۾ وڃي لِڪا آهن. 90ع کان پوءِ جيڪو ڪيڊر پيدا ٿيو آهي اهو ڪريڊٽ قومپرستن جي کاتي ۾ وڃي ٿو.
قومپرست سياست جو وري الميو اهو رهيو آهي ته شعوري ۽ نظرياتي پختگي پيدا ڪرڻ ۽ تنظيمي طرح فعال ڪرڻ بجاءِ جذبات جي بنياد تي انقلاب جي ڳالهه ڪرڻ، ڪنھن الميي کان گهٽ نه آهي. انهن حالتن ۾ به قومي تحريڪ سان واڳيل جيڪي نظرياتي ڪارڪن رهيا آهن. انھن نظرياتي پختگي ۽ تنظيمي ڍانچي کي بھتر ڪرڻ لاءِ جيڪي ساٿي سڀ کان وڌ جدوجھد ڪندي اسان کي نظر آيا، انھن ۾ ڏوڪري جي ڀرسان سونهري ڳوٺ سان تعلق رکندڙ ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو سرفهرست نظر اچي ٿو.
هن سان جڏهن پهرين ملاقات ٿي تڏهن هن جو سوال ڪرڻ ته ”قومي تحريڪ وٽ طبقاتي سوال جو ڪهڙو حل آهي؟“ جنهن ذهن جي سرزمين کي لوڏي ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته اسان سياسي ۽ نظرياتي معاملن کي ان کان اڳ ڪڏهن سنجيدگي سان ڏٺو ئي نه هو. هو جنهن سان به ملي چانهه جي ڪٽ تي ڪنهن مهل هُن هوٽل تي ڪنھن مهل هُن جڳهه تي، ادبي توڙي سياسي ڪچهرين ۽ بحث مباحثي ۾ مشغول نظر آيو. قد جو پورو پنو، اکين ۾ عجيب معصوميت ۽ ڇڪ، حساس ايڏو جو ڪنھن سان وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ تي معذرت ڪري، مطالعاتي سگهه جو ته ڪو جواب ئي ڪونه هو. مارڪس کان وٺي سائين جي ايم سيد تائين نظرين جو گھرائيءَ سان مطالعو ٿيل نظر آيو. سڄي عمر سياست کي ڏيڻ باوجود به ڪڏهن ليڊرشپ جو شوق نه رهيس، سدائين ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڀڄ ڊڪ ڪندو رهيو. قومي تحريڪ ۾ مارڪسزم ۽ ليننزم جي پرچارڪ طور تي جي ايم سيد کي اڄ جي دؤر جو سچ سمجهي عملي سياست ڪندڙ شخص جو نالو کڻجي ته ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو جو نالو توهان وساري نه سگهندؤ.
هُن جي ٽھڪن ۾ ته عجيب ڇڪ هوندي هئي، ڪچھريءَ ۾ ڪو لطيفو به جيڪڏهن ٻڌائبو ته ان ۾ سياسي ڏاهپ سمايل نظر ايندي هئي. 60 سالن جو هوندي به ڪڏهن نوجوانن کي عمر جو طعنو ڏئي بحث نه ڪندو هو. سدائين پاڻ کي ذرو سمجهي گفتگو ڪندو. ڳالهه ڪنھن جي به درست هوندي ته دل کولي قبول ڪرڻ جي سندس روايت تمام گهڻي متاثر ڪندڙ رهي جيڪا مجموعي طرح سان سندس شخصيت ڏاهپ ۽ بھادريءَ جو سنگم نظر آئي.
دنيا جي اندر انقلابي شخصيتن ۾ ڏاهپ ۽ بھادريءَ جا عنصر هئڻ لازمي آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن عوام جي اڳواڻي ڪرڻ جو مرحلو اچي ٿو ته اڳواڻ ۾ ڏاهپ ۽ اڳواڻيءَ جي صلاحيت نه هوندي ته عوام کي منزل تي وٺي وڃڻ مشڪل ترين ڪم ٿيو پوي ۽ جيڪڏهن ڏاهپ، بھادري نه ٿي رکي ته اها ڏاهپ قوم کي خوف جي حالت ۾ گمراهه ڪري ڇڏيندي. سقراط جيڪڏهن سچ تي نه بيهي ها ۽ موت کي قبول نه ڪري ها ته شايد سقراط سڄي دنيا ۾ ڏاهپ جو اهڃاڻ (Symbol) نه بڻجي سگهي ها. سنڌ جي تاريخ ۾ ڏاهپ ۽ بھادريءَ جو سڀ کان اعلى مثال سائين جي ايم سيد آهي ۽ سائين جي ايم سيد جو فڪر جنھن جي به اندر ۾ سمائجي ويو اهو وقت جو سقراط بڻجي ويو ۽ ڪامريڊ غلام قادر مون کي اهو وقت جو سقراط نظر آيو. سائين غلام قادر نظرياتي طرح هيٺين خوبين جو مالڪ نظر آيو؛

[b]مزاحمتي جنگ جو متوالو:
[/b]1972ع کان وٺي قومي تحريڪ گانڌي واد انداز ۾ سفر پئي ڪيو آهي. قومي تحريڪ پنھنجو تنظيمي ڍانچو انڊين نيشنل ڪانگريس جي طرز جو پئي رکيو آهي. سائين جي ايم سيد کي به سنڌ جو گانڌي پئي سڏيو ويو آهي. اهو به سچ آهي ته ڪانگريس برصغير جي تمام وڏي جماعت هئي. جنهن ۾ هر مڪتبئه فڪر سان تعلق رکندڙ شخص موجود هو پر ان جي جدوجھد ۽ ويڙهه جو انداز نج انقلابي مون کي نظر نه ٿو اچي. جڏهن سڀاش چندر بوس جھڙو مزاحمتي ڪردار انڊين نيشنل ڪانگريس جو اڳواڻ چونڊجي وڃي ٿو ته گانڌي، ڪانگريس کي ڇڏڻ جي ڳالهه ٿو ڪري، سبب صرف اهو ته سڀاش چندر بوس عدم تشدد بجاءِ هندستان کي مزاحمتي دڳ تي وٺي وڃڻ پئي چاهيو. عدم تشدد عقيدت جي حد تائين گانڌي جي رڳ رڳ ۾ سمائجي ويو هو. سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ عدم تشدد کي پاليسي بجاءِ سياسي عقيدت جي حد تائين ڏٺو پئي ويو آهي. تڏهن جن ماڻهن مزاحمت جي وسيلي آزاديءَ جو دڳ وٺڻ پئي چاهيو، انهن ۾ ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو سرفھرست هو. پنھنجي نجي ڪچھرين ۾ سدائين مزاحمت کي سهي ثابت ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا جي مزاحمتي ڪردارن کي اڳيان رکندو هو. ڪڏهن جنرل گياپ جي ويٽنام ۾ ويڙهه ته ڪڏهن حماس جي فلسطين ۾ جدوجھد ته ڪڏهن ڊاڪٽر چي گويرا، فيڊل ڪاسترو ته ڪڏهن سورهيه بادشاهه ته ڪڏهن ڀڳت سنگهه ۽ سڀاش چندر بوس جا مثال تڪي توري رکندو هو جو بحث ڪندڙ سندس دليلن کان ٻاهر نڪري ئي نه سگهندو هو. مون کي حيرت ٿيندي هئي ته هيڏو حساس شخص، ايڏو وڏو مزاحمتي ڪردار به ٿي سگهي ٿو ڇا؟ سندس ان انداز جي بھادريءَ جو مثال ڏسي، حوصلا بلند ٿي ويندا هئا.

[b]آزاد سوشلسٽ سنڌ لاءِ جاکوڙيندڙ:
[/b]سنڌ جا اڪثر قومپرست قومي آزاديءَ جي جنگ ۾ طبقاتي سوال کي هميشه گهٽ اهميت ڏيندا رهيا آهن، آزاديءَ کانپوءِ سوشلزم جي نقطي تي اڻ چٽائي به سڀ کان وڏو الميو آهي. سنڌ جا ڪميونسٽ وري قومي آزاديءَ جي سوال کي دليلن سان غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ نظر ايندا. جڏهن ته ڪامريڊ لينن ”رياست ۽ انقلاب“ ۾ چيو آهي ته ”جيڪو ڪميونسٽ قومي آزاديءَ لاءِ وڙهي نه ٿو اهو مارڪسي ته نه آهي پر سکڻو جمھوريت پسند به نه آهي.“ پر سنڌ جا ڪيمونسٽ مارڪسي فلاسافيءَ کي حالتن جي تناظر ۾ ڏسڻ ۽ پرکڻ بجاءِ ڊرائنگ روم طرز جي سياست ڪندي نظر ايندا، جنھن سبب اڄ ڪميونسٽن وٽ نه ماس پارٽي ٺهي سگهي ۽ نه ئي ڪيڊر پارٽي. قوم ۽ قومي سياست جي انحرافي سنڌ جي ڪميونسٽن کان پوءِ جي آهي. قومي آزاديءَ جي معاملي ۽ طبقاتي سوال کي الڳ الڳ نه ڏسڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته قومي آزاديءَ جو سوال ايترو ڪميونسٽ جو به هجڻ گهرجي، جيترو هڪ قومپرست جو آهي. ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو پاڻ کي ڪميونسٽ سڏائيندي به قومي آزاديءَ جو سڀ کان وڏو داعي نظر آيو. قومپرست ملندس ته طبقاتي سوال رکندو، ڪميونسٽ ملندس ته قومي آزاديءَ جو سوال دليلن سان رکندو. سائين غلام قادر ٻنهي ۾ پل وارو ڪردار ادا ڪندي نظر آيو. تنقيد به ٻنهي تي ڪندي نظر ايندو هو. ڪميونسٽ ۽ قومپرستن جي وچ ۾ پيدا ٿيل وڇوٽين کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهيو.
ڪامريڊ اسٽالن تي ٽراٽسڪائي گروپ ڇتي تنقيد ڪندا رهيا آهن. پر اهو به سچ آهي ته جيڪڏهن لينن کانپوءِ اسٽالن نه هجي ها ته سوويت يونين ترقيءَ جون منزلون ايترو جلد طئه نه ڪري سگهي ها. پرولتاري آمريت کانپوءِ پارٽي آمريت ۾ تبديلي اسٽالن جي ڪوششن جو نتيجو هو جو سوويت يونين رد انقلابي قوتن سان منهن مقابل ٿيو ۽ قومي سوال تي ڪامريڊ اسٽالن ته سڀ کان وڌيڪ چٽي نموني لکيو آهي، جنھن ۾ سندس ”قوم ۽ قوميت“ اهم لکڻي آهي، ڪامريڊ غلام قادر پرولتاري آمريت ۽ پارٽي آمريت جي حوالي سان تمام گهڻا بحث ڪيا.
افسوس صرف اهو آهي ته سندس خيال، سوچون، محفوظ نه ٿي سگهيون آهن. سندس تحريرون به ڪٿي نه ٿيون ملن، تقريرون ته مورڳو ڪندو ئي نه هو. جنھن سبب سندس سياسي پورهيو چند ذهنن تائين محدود آهي. جپاني اها چوڻي بلڪل درست ثابت ٿي آهي ته ،”جڏهن ڪو انسان مري ٿو ته ان سان گڏ هڪ لائبريري (دماغ) به دفن ٿئي ٿي.“ جنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪامريڊ غلام قادر جوڻيجو اڪيلو دفن نه ٿيو آهي پر هڪ گهمندڙ ڦرندڙ سياسي ۽ فڪري لائبريري دفن ٿي آهي!!