ڪالم / مضمون

سياست، تاريخ ۽ ڪردار

مضمونن ۽ مقالن جي ڪتاب ”سياست، تاريخ ۽ ڪردار“ جو ليکڪ عيسى ميمڻ آهي.
نواز خان زنئور لکي ٿو:
”هن ڪتاب جي هڪ خاص خوبي هيءُ به آهي ته اهو هڪ ئي وقت سياسي فڪر سان به ڀرپور آهي، تاريخ جي پراڻين ڳلين جي مهڪ به ميڙي ٿو اچي، اڀريل مسئلن جي ڇنڊڇاڻ به ڪري ٿو، تجزين جي جهان ۾ به جهاتي پائي ٿو، ادب جي ڪميت کي به کرکڻا هڻي ٿو، ته خاڪانگاري جي صنف کي ڇهندي ان منجهان رنگ رنگ شخصيتن جي خوشبو کي پکيڙي ٿو ڇڏي. هو “وڻان وڻان ڪاٺي” ڪَٺي ڪري هڪڙي گلداڻي نه ٿو سجائي، پر هڪڙو پورو چمن آباد ڪري ٿو ڇڏي. جنهن جي مڌماتي سڳنڌ پڪ سان پڙهندڙ جي پوري وجود کي واسي ۽ معطر ڪري ڇڏيندي.“
  • 4.5/5.0
  • 4594
  • 851
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عيسى ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سياست، تاريخ ۽ ڪردار

سنڌو ماٿر تهذيب جو عظيم اهڃاڻ : ” مـُهين جو دڙو “

بنيادي طور تي انسان وٽ اڪيلائي وري زندگي ترڪ ڪري اجتماعي زندگي بس ڪرڻ پٺيان ٽي مقصد هئا. هڪ فطرت ۽ جانورن کان پنھنجو بچاءُ ڪرڻ، ٻيو هم جنس وارن سان جماعت ۾ رهڻ ۽ ٽيون انساني نسل جي بقا لاءِ ٻار جي پيدائش ۽ پرورش ڪرڻ. انهن ٽنهي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي سماج اڏڻ جي ضرورت محسوس ٿي. اها ضرورت ئي هئي جو انسان هڪٻئي جي ويجهو آيو. تھذيب توڙي تمدن جو هن ڪره ارض تي بنياد وڌو ۽ انسان هڪ تھذيب يافته زندگيءَ جو آغاز ڪيو. هونئن به جيڪڏهن اسان تمدن لفظ کي ڏسنداسين ته اهو عربي ٻوليءَ جو لفظ ”مدينة“ ۽ ”مدن“ مان نڪتل آهي. جنھن جي معنى آهي شھر. تمدن جي معنى آهي پاڻ کي شھري بنائڻ يا شهري زندگي گذارڻ. ان کي سنسڪرت ۾ ”سڀيتا“ يعني جماعتي زندگي چيو وڃي ٿو. جيڪڏهن انسان شھري زندگي گذاري ٿو ته، تھذيب جا بنياد پون ٿا. تھذيب لاءِ علامه آءِ آءِ قاضيءَ وضاحت ڪندي چيو آهي ته، ”تھذيب لفظ ”هذب“ مان نڪتل آهي جنھن جي معنى آهي ”سنوارڻ“. تھذيب جي معنى آهي شائستگي.“ جنھن لاءِ هيٺين ڳالهين جو هئڻ لازمي امر آهي.
گفتگو جو انداز
علم
هنر ۽ فن جي تربيت
اصول ۽ نظريا.
تھذيب انساني سماج جو معراج هوندي آهي. جتي انسان زندگي گذارڻ جا سڀئي هنر ڄاڻندو ۽ سکندو آهي، جتي انساني زندگي سڦلتا ڏانهن سفر ڪندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو برٽرينڊ رسل تھذيب جي تشريح ڪندي چيو آهي ته، ”تھذيب مان مراد آهي، سائنس جو غلبو ۽ ترقي.“ جنھن جي وسيلي ماڻهو پنھنجي زندگي آرام ۽ خوشيءَ سان گذاري سگهي. تھذيب يافته سماج ۾ انسان جي ترقيءَ جي رفتار تيز ٿي ويندي آهي. پر جڏهن اها تھذيب افراتفريءَ جو شڪار ٿيندي آهي ته، اها پنھنجي موت پاڻ مري ويندي آهي. ڇاڪاڻ ته تھذيب آزاديءَ ۾ سفر ڪري وڌندي ۽ ضابطن توڙي ترتيب ۾ جوان ٿيندي آهي. پر جڏهن سماج انتشار جو شڪر ٿيندو آهي ته تھذيب جو موت فطري هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته منتشر سماج ۾ تھذيب جي ارتقا سست ٿي ويندي آهي ۽ تھذيب جي زوال جو آغاز ٿي ويندو آهي. انساني تاريخ جي سڄي سفر ۾ ٽي وڏيون تھذيبون ڳڻيون وڃن ٿيون.
مصري تھذيب
سميري تھذيب
سنڌو ماٿر جي تھذيب
ٽنهي وڏين تھذيبن جي حوالي سان الڳ بحث ڪرڻ بجاءِ اسان صرف سنڌو ماٿر جي تھذيب تي بحث ڪنداسين ته آخرڪار هيڏي وڏي دنيا جي تھذيب تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي ڪيئن پھتي؟ پر ان کان به وڏو الميو اهو آهي ته، اسان هن تھذيب جي اڃان نالي جو تعين به نه ڪري سگهيا آهيون.

[b]دڙي جــو نـالـو:[/b] سرڪاري کاتي وارا سمجهن ٿا ته موئن جو دڙو (Mound of Dead) نالو ئي درست آهي، هو چون ٿا ته ”مئن جو دڙو“ غلطي کان ”مئن“ بدران ”موهن“ لکيو ويو آهي، ان جو صحيح اچار مهين جو دڙو ۽ ڪي مُهن جو دڙو چون ٿا. پر ٻنهي جي معنى آهي، مات ٿيلن جو دڙو. ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي لکي ٿو ته سنڌي ۾ ماهو معنى ”خون يا ڪوس“، ڪٿي لٺ لڳي ۽ ماڻهو مري پئي ته چوندا آهن، ماهو ٿيو. ماهو جو ڌاتو سنسڪرت لفظ مش معنى ڪهڻ يا ناس ڪرڻ آهي. پراڪرت ۾ ان جو اُچار ”مهه“ ۽ سنڌي ۾ ”مهو - ماهو“. ان جو واحد ٿيندو ”مھي- ماهي.“ جمع ٿيندو ”مھن، ماهن پر مھين“ به چيو وڃي ٿو. انهيءَ پسمنظر ۾ ڏسبو ته مھن جو دڙو معنى مات يا خون ٿيلن جو دڙو (Mound of the Killed) پر هتي هن انومان کي ان ڪري به درست نه ٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته هن شهر جي ٿيل ڏهه سيڪڙو کوٽائيءَ مان لاشن جو تعداد آڱرين تي ڳڻن جيترو مس وڃي بيھندو.
سراج چواڻي ته دڙي مان لڌل ٽي چار مھرون اهڙيون آهن جن جي پڙهڻي ”ڪوٽ مون“، ”ڪوٽ غل مون“ ۽ ”ڪوٽ مھن“ لفظ لڳن ٿا. هن جي خيال مطابق دڙي جي پوئين دؤر ۾ يا ٻئي يا ٽئين تهه واري ڪنھن شھر کي ٺل مھن، يا ٺل مون سڏيندا هئا. جنهن کي سميرين ۾ دل مون (دلمون) سڏيو ٿو وڃي. ڪن تاريخدانن اهو به ٻڌايو آهي ته، جڏهن آريا سنڌ ۾ اول آهي ته انهن سامونڊي ڪناري سان سفر ڪندي سنڌو دريا جي ڇوڙ کان داخل ٿي، سنڌو درياءَ جي ڪناري تي آباد ٿيڻ شروع ڪيو ۽ جنھن جاءِ تي آرين اول رهائش اختيار ڪئي، ان جاءِ کي Mohan Jo Daro نالو ڏنو ويو هو. موهن آرين قبيلي جي سربراهه جو نالو سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن ته دڙي (Daro) جو مطلب پتڻ (Port) آهي. جنھن کي سنڌي ۾ موهن جو پتڻ چئجي ٿو. اهو قبيلو ڪنھن طرح سان ان نالي سان اسان وٽ مروج نظر اچي ٿو، جنھن ڪري ان کي مھين جو دڙو سڏڻ بھتر سمجهيو وڃي ٿو. سر بئنرجي ان نالي کي انگريزيءَ ۾ (Mohain) يا (Mohen-Jo-Daro) لکيو هو. ڇاڪاڻ ته انگريزن جڏهن کوٽائي ڪرڻ يا ان کان اڳ جڏهن عام ماڻهن کان دڙي جي باري ۾ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تڏهن عام لوڪ انهن کي مھين معنى سامھون (Infront) جو دڙو (Mound) ٻڌائيندا هئا. اڄ به توهان ڪنھن عام ماڻهو کان پڇندا ته اهي، ان کي ان مھين جو دڙو ڪري سڏيندا آهن ۽ عام ماڻهو جڏهن دڙي تي گهمڻ ويندا آهن، ته اهي چوندا آهن ته، اسان مھين تي پيا وڃون. اهوئي ڪارڻ آهي جو، دنيا جا مڙيو ئي آرڪيالاجيءَ جا ماهر ان کي مھين جو دڙو ڪري لکن ٿا. ڇاڪاڻ ته جيستئاين دڙي جي نالي جي حقيقت پڌري نه ٿي ٿئي، تيستائين لوڪ ڏاهپ (Folk Wisdom) کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. باقي هن کي مئلن جو دڙو سڏڻ تاريخ سان هٿ چراند آهي. ڇاڪاڻ ته هتي لاشن جو انگ ايترو مليو ئي ڪين آهي ته ان لفظ کي بگاڙي پيش ڪرڻ درست عمل نه ٿو چئي سگهجي. هونئن به ڏسجي ته جيڪي به قديم دڙا آهن اهي سڀ مئلن جا دڙا آهن جيئرن جا دڙا ٿيندا ئي ناهن ته رڳو هن کي مئلن جو دڙو چوڻ غير عقلي، غير سائنسي ڳالهه آهي.

[b]مُهين کي آباد ڪندڙ:
[/b]هتان جا اصل رهاڪو ڪولرين يعني ڪولهي، مهاڻا ۽ گهٽ ذات وارا هئا. پر سائنسي بنيادن تي چون ٿا ته مھين جي دڙي جي هن عظيم شهر جي رٿابندي ڪندڙ دراوڙ هئا، جن دکن مان نڪري سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪلدانيا تائين بيٺڪون قائم ڪيون. دڙي مان لڌل ڍانچن جي مشابهت سمنڊ جي اوڀر ڪنارن تي رهڻ وارن قديم ماڻهن سان ملي ٿي پر حقيقت ۾ دراوڙ اصل هتان جا ئي سنڌي هئا. سنڌي هندستان ۾ آرين جي اچڻ کان اڳ آباد هئا. ممڪن آهي ته اهي سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويا هجن. ڇاڪاڻ ته هي اقتصادي طور تي شاهوڪار هئا. ان ڪري ڏور ڏيساورن سان واپاري ناتا ۽ شين جي مٽاسٽا جو بندوبست به ڪري سگهندا هئا. سنڌو ماٿر جا رهواسي صاف سٿرا، شاهوڪار، فلاحي ۽ منظم سماج جا مالڪ هئا. ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته هن شھر جي اڏاوت آرين ڪئي آهي. جيڪا ڳالهه درست نه ٿي چئي سگهجي. ڇاڪاڻ ته آريا بنيادي طور تي ڳوٺاڻا ماڻهو هئا. جڏهن ته دڙي جا ماڻهو شھري ۽ تھذيب يافته هئا. انهن باقاعده رٿابندي ڪري شھر جي اڏاوت ڪئي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن شھر جي اڏاوت ڪندڙ دراوڙ ئي آهن.

[b]فصل، پوکون ۽ جانور:
[/b]هتان جا ماڻهو ڪيتريون ئي پوکون به ڪندا هئا. جنھن ڪري هن تھذيب يافته ماڻهن کي شھري زندگيءَ سان گڏوگڏ زرعي حوالي سان به ماهر سمجهيو وڃي ٿو. ربيع جي فصل جا ته آثار واضع نظر اچن ٿا. پوک اڪثر ڪري سيلابن تي ڪندا هئا. دڙي جي کوٽائي مان ڪڻڪ ۽ جَوَن جا داڻا به مليا آهن. جيڪي ربيع جا فصل آهن، خريف جي فصل ۾ ڪپهه جو فصل سڀ کان اهم ۽ دلچسپ آهي. ڪپهه ۽ ڪپهه مان ٺھيل سوٽي ڪپڙي کي سوميري سنڌو، يوناني سيندان ۽ مصري سندال ڪري سڏيندا هئا. دڙي جي کوٽائيءَ مان سوٽي ڪپڙي جا ٽڪرا به مليا آهن. جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته هتان جا ماڻهو ڪپهه جهجهي انداز ۾ ڪندا هئا. هي علائقو گرم رهيو آهي. جنھن سبب دڙي جي هر گهر ۾ کوهه ملي ٿو. مرڪزي تلاءَ ڍنڍون ڍورا به جهجهي انگ ۾ ملن ٿا. هتي پوکيءَ لاءِ جن اوزارن جا نشان مليا آهن، انهن مان ڏاٽو ۽ هَرُ اهم آهن. ڪوڏر ۽ کوٽڻ جي رنبي جھڙا اوزار به مليا آهن. هر ڪاهيندڙ ڍڳي جون تصويرون به مليون آهن. جڏهن ته مينهون، گينڊا، چيتا، شينھن، ڦاڙها ۽ هاٿي وڏي تعداد ۾ رهندا هئا. ٻلهڻ، ٻلهڻيون (Dolphins) ۽ واڳون درياءَ م عام جام هوندا هئا. درياهن ۽ ڍنڍن ڍورن ۾ مڇي عام هئي. جنھن ڪري هتان جا رهواسي مڇي کائو (Fish Eater) به سڏيا ويندا آهن.

[b]مذهب:
[/b]مذهب جي ڏس ۾ دڙي جي کوٽائي مان ڪنھن به حصي ۾ اڄ تائين ڪوئي مندر، نه ڪوئي عبادتگاهه ۽ نه وري ڪو اهڙو دستاويز مليو آهي، جنھن جي بنياد تي اهو پڪ سان چئي سگهجي ته، اتان جي ماڻهن جو مذهبي عقيدو ڪھڙو هو؟ باقي اتان لڌل مجسمن، مھرن، پٿرن ۽ نقشن جي آڌار تي قياس آرايون ڪيون ويون آهن. ڪيترن ئي ديوين جا بت توڙي ماتا ديوي جا بت لڌا ويا آهن، جن کي ڌرتي ماتا يا ماتا ديوي جا بت سڏيو وڃي ٿو. هن خطي ۾ ماتا جو تصور (Matri Archal) اوائلي زماني کان ملي ٿو. هو سمجهندا هئا ته ڌرتي اسان جي جياپي ۽ بقا لاءِ مھربان ماءُ وانگر ان ۽ جل ڏئي ٿي. هن وقت هندو ان ديويءَ کي امبا درگا ۽ ٻين نالن سان سڏين ٿا.
دنيا جي ملڪن ۾ اڄ تائين وڻن ۽ ٻوٽن جي پوڄا به ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ ٿيندي نظر اچي ٿي. جيئن عيسائي نال جي وڻ ڪرسمس ٽري، يھودي شجرالحيات ۽ هندو سوم کي مقدس سمجهي ان جي پوڄا ڪندا آهن. دڙي مان پڻ ڪيتريون ئي مورتيون مليون آهن، جن مان خبر پوي ٿي ته، اتان جا ماڻهو وڻ جي، خاص ڪري پپر جي پوڄا ڪندا هئا. نم جي وڻن جا به آثار پوڄا واري حالت ۾ مليا آهن. هتي وڻن کي پوڄڻ جا ٻه طريقا مروج نظر اچن ٿا. هڪ وڻ کي سڌي طرح پوڄيو ويندو هو، ٻيو وري وڻن کي روحن ۽ ديوين / ديوتائن جي جاءِ سمجهندا هئا.
جانورن کان خوف سبب انسان جانورن جي به پوڄا ڪندا هئا اوائلي دؤر ۾ خد اجو تصور خوفناڪ جانور يا ديوتا وانگر هو. سنڌو ماٿر جا رهواسي ڍڳي، سانهه، چيتي، هاٿي، گينڊي ۽ واڳونءَ کي ديوتا سمجهندا هئا. ڪن لڌل ثبوتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته، نانگ کي به ديوتا سمجهندا هئا پر مان سمجهان ٿو ته هن تھذيب جا رهواسي اڪثر ڪري پاڻيءَ جا پوڄاري (Water worshiper) رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته پاڻي انساني جياپي جو وڏو ڪارڻ رهيو آهي. پاڻيءَ جي پوڄا عالمگير مذهبي اعتقاد رهيو آهي. جيئن هندو گنگا، جمنا کي ديوين جي حيثيت ڏيندا آهن. سنڌو ماٿر جا رهواسي به پاڻيءَ کي پاڪ ۽ پوتر سمجهندا هئا. ان جو اندازو هن مان به لڳائي سگهجي ٿو ته، هتي هر گهر ۾ کوهه، غسل خانا، وهنجڻ جي جاين ۽ ٻين پاڻيءَ جي استعمال جي شين ۾ ڪيئن نه محتاط نموني ۽ احترام سان منصوبا بندي ڪئي اٿئون. اهو ئي سبب آهي، جو سنڌو ماٿر جي رهواسين لئه قرآن ۾ ذڪر ”اصحاب رس“ جي نالي سان ذڪر سورة ”فرقان“ ۽ سورة ”ق“ ۾ عاد، ثمود ۽ ٻين قومن سان گڏ آيو آهي. ”اصحاب رس“ ان قبيلي يا ماڻهن لاءِ چيو ويو آهي، جن جو کوهه (يا کوهن) سان واسطو هجي.

[b]دڙي جي کوٽائي:
[/b]راڪلداس بئنرجي قديم آثارن واري کاتي جي سپرنٽينڊنٽ جڏهن سڪندراعظم جي ٻارنهن ٺلن، جن تي يوناني ۽ هندستاني ٻولين ۾ نوشتا اڪرايا هئا، تن جي ڳولا ۾ بيڪانير ۽ بھاولپور رياستن جا دورا ڪندو، مھراڻ يا هاڪڙي جا سڪل پيٽ ڳوليندو سنڌ ۾ داخل ٿيو هو. تڏهن 1922ع ۾ لاڙڪاڻي جي پاسي دڙي جي آسپاس اچي ٿانيڪو ٿيو هو. جڏهن هتي جي ماڻهن انهيءَ کي ٺڪر جي ٿانون توڙي ٻين لڌل شين جا ڪجهه ٽڪرا ڏنا ته هن ان مان اندازو لڳايو ته، هت ڪا قديم ترين تھذيب لڪل آهي. بئنرجي سياري ۾ اتي کوٽائي شروع ڪرائي. قديم آثارن وارا اڪثر ڪري کوٽائي سياري ۾ ڪرائڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. ڇاڪاڻ ته موسم سرد هئڻ سبب کوٽائي ڪرڻ ۾ تڪليف گهٽ ٿيندي آهي. کوٽائي دوران بئنرجي کي عظيم سڀيتا جون ڪيتريون ئي يادگار شيون مليون. ان وقت هندستان جي آرڪيالاجيڪل کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل هو. هن اهي شيون گهرائي، انھن جا فوٽا السٽريٽيڊ لنڊن نيوز ۾ ڇپايا: جنھن سڄي دنيا جو هن عظيم تھذيب طرف پنھنجو ڌيان ڇڪايو. ان کانپوءِ ان جي وڌيڪ کوٽائي لاءِ 1922ع اٽڪل هڪ هزار مزدور رکيائين. جن مان اڪثر ڪري بروهي ذات سان تعلق رکندڙ هئا. ڪِن ڪمائي خاطر ته ڪِن هن عظيم ورثي سان محبت خاطر ڏاڍو پيار سان پورهيو ڪيو. انهن مزدورن جا نالا توڙي ايڊريسون گم آهن. ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته، انھن پورهيتن کي مان ڏيڻ لاءِ ڪونه ڪو يادگار قائم ڪري انھن جا نالا ۽ ايڊريسون لکرايون وڃن. هن وقت تائين اٽڪل 33 ايڪڙ زمين جي کوٽآئي ٿي سگهي آهي. جڏهن ته دڙي جو وڏو حصو اڄ تائين کوٽائي کان محروم آهي. سرڪار 20-اپريل 1953ع تي دڙي کي 655 گهنٽا ايراضي الاٽ ڪئي هئي. جنھن مان هاڻ چؤطرف قبضا ٿي ويا آهن. 43 ايڪڙ 22 گهنٽا سول ايوي ايشن وارن جي قبضي ۾ آهن. 11 ايڪڙ 16 گهنٽا ايريگيشن وارن والاري درياءَ جو بچاءِ بند اڏي ڇڏيو آهي، باقي به عملدارن ڪافي ايراضي کپائي ڇڏي آهي. اتي مقامي ماڻهو آبادي ڪن ٿا، جنھن سبب دڙي جي ايراضي ننڍڙي ٿيندي وڃي ٿي.

[b]تباهيءَ جا سبب:
[/b]دڙي جي قدامت جا ڪل 9 دؤر آهن. جڏهن ته هن وقت تائين 8 سائيٽن جي ٽن دؤرن تائين کوٽائي ممڪن ٿي سگهي آهي. هن وقت تائين ٿيل ڏهه سيڪڙو کوٽائيءَ مان هن دڙي جي تباهيءَ جا جيڪي سبب معلوم ٿيا آهن اهي به آخري ته نه آهن، پر اصل سبب تائين پھچڻ لاءِ، راءِ هموار ڪرڻ لاءِ بنياد ضرور ثابت ٿيا آهن. هڪ اهو سبب به برسات جي پاڻيءَ جي ڇوڙن لھڻ سبب زمين دوز ٿيو. يا درياءَ جي رخ تبديل ٿيڻ ڪري هي شھر ان جي وَر چڙهي ويو آهي. ٻوڏن هن شھر کي ڪيترائي دفعا لوڙهيو هو ۽ ساڳي رٿابنديءَ مطابق ٺاهيو ويو هو. ٻيو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته سم ۽ ڪلر سبب شھر ويران ٿيو آهي ۽ ماڻهو پنھنجا گهر گهاٽ ڇڏي لڏپلاڻ ڪري ويا آهن. لڏ پلاڻ ڪرڻ جو سبب اهو به تصور ڪيو وڃي ٿو ته، جڏهن شھر جي رهواسين جو واپار ختم ٿي ويو ته ڪاروبار به بند ٿي ويو. جنھن ڪري شھر ويران ٿي ويو. هڪ انومان اهو به آهي ته آرين اچي شھر تي حملو ڪيو. حملي آور جيئن ئي شھر ۾ داخل ٿيا ان کان اڳ ۾ ئي ڪافي ماڻهو شھر ڇڏي ويا هئا. آخري دؤر ۾ مردن، عورتن توڙي ٻارن جا گهٽين ۽ جاين ۾ گڏيل ڪجهه لاش مليا آهن. جن ۾ ڪيترن تي گھرا گهاوَ به آيل آهن. انھيءَ کان به وڌيڪ زور سان آخري سبب اهو ڄاڻايو وڃي ٿو ته، هن شھر ۾ ڪا خطرناڪ بيماري داخل ٿي آهي، جنھن سبب ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهندي هتان هجرت ڪري دنيا جي مختلف خطن ۾ ويا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو دنيا جي مختلف خطن ۾ هن تھذيب جي باشندن جا آثار اڄ به ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ موجود آهن. ڪجهه به هجي، پر اڄ تائين هن دڙي جي پڄاڻيءَ جا سبب مڪمل طرح سان معلوم نه ٿي سگهيا آهن. هر محقق پنھنجي انداز سان انومان ظاهر ڪري رهيو آهي.