عيسى ميمڻ کان مسيح ڪالاڻي تائين : ادل سولنگي
جي تون وڙهندي ماريو ويندي،
هن وَستيءَ تان واريو ويندي،
دودا تنھنجو ساههُ ته ويندو،
پر ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو.
اسان وقت جي نٽھڻ جو فڪرِ جي ايم سيد جي ڇانوَ ۾ رهندي مقابلو ڪيو آهي، ويڙهاند ڪئي آهي، جدوجھد ڪئي آهي پر ڪڏهن به حوصلو هاريو ناهي ۽ اسان جو ساٿ جيئن پوءِ تيئن گهرو ٿيندو رهيو آهي. عيسى ۽ منھنجي سياسي علمي ۽ ادبي پورهيي اڳيان وقت جا ڄامڙا شڪست کائي ويا آهن.
”ينگ ايجوڪيشنل سوسائٽي“، ”موهن جو دڙو اڪيڊمي آف سنڌ“ کان ويندي ”سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري“ تائين هن جي شعوري سفر ۾ آءٌ هميشه هن سان گڏ رهيو آهيان. اڄ جڏهن آءٌ گذريل وقت ڏانھن نھاريان ٿو ته عيسى جي جدوجھد ۽ حاصلات اڳتي وڌڻ لاءِ همٿائي رهي آهي. اڳتي هلي جڏهن عيسى ميمڻ ”مسيح ڪالاڻي“ بڻجي ٿو تڏهن مون ڪنھن پروگرام ۾ کيس هنن لفظن ۾ اسٽيج تي گهرايو هو ته، ”هڪ هيو سنڌ جو بھادر پٽ هيمون ڪالاڻي جنھن جو تسلسل آهي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جو تسلسل آهي مسيح ڪالاڻي“ ۽ اڄ هو پنھنجي نالي مسيح ۽ ڪالاڻي جو ڀرم رکڻ لاءِ ڪوشان آهي.
مسيح ڪالاڻي پنھنجي قوم جي مسيحائي سائين جي ايم سيد جي فڪري واٽ تي هلندي ڪري رهيو آهي، سنڌ جي آزادي تائين اسان جي جدوجھد جاري رهڻي آهي، اسان جو ساٿ سدائين لاءِ رهڻو آهي. مون هر ڀيري چيو آهي ته ”جيڪڏهن عيسى ميمڻ جھڙو ڀاءُ هجي ته مونکي ڪابه ڳڻتي ناهي ۽ اڄ عيسى سان گڏ هوندي مونکي فخر به آهي ته پنھنجي ڪلھن جو بار هلڪو به محسوس ڪريان ٿو.“
سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي سجاڳيءَ ۾ جيڪو ڪردار عيسى رهيو آهي آءٌ سنڌ جي هر نوجوان کان اهڙي گُهرَ ٿو ڪريان ته هو قومي تحريڪ کي سگهارو بنائڻ لاءِ ۽ سنڌي قوم جي آزاديءَ واري ويڙهاند ۾ عيسى ميمڻ جھڙو عملي ڪردار ادا ڪري پنھنجو قومي فرض نڀائي ته سنڌ جي خوشحالي، امن ۽ آزادي جو پنڌ پرانھون به اورانهون ٿي پوندو.
ادل سولنگي
(محرابپور)
3- اپريل 2013ع