ڪالم / مضمون

سياست، تاريخ ۽ ڪردار

مضمونن ۽ مقالن جي ڪتاب ”سياست، تاريخ ۽ ڪردار“ جو ليکڪ عيسى ميمڻ آهي.
نواز خان زنئور لکي ٿو:
”هن ڪتاب جي هڪ خاص خوبي هيءُ به آهي ته اهو هڪ ئي وقت سياسي فڪر سان به ڀرپور آهي، تاريخ جي پراڻين ڳلين جي مهڪ به ميڙي ٿو اچي، اڀريل مسئلن جي ڇنڊڇاڻ به ڪري ٿو، تجزين جي جهان ۾ به جهاتي پائي ٿو، ادب جي ڪميت کي به کرکڻا هڻي ٿو، ته خاڪانگاري جي صنف کي ڇهندي ان منجهان رنگ رنگ شخصيتن جي خوشبو کي پکيڙي ٿو ڇڏي. هو “وڻان وڻان ڪاٺي” ڪَٺي ڪري هڪڙي گلداڻي نه ٿو سجائي، پر هڪڙو پورو چمن آباد ڪري ٿو ڇڏي. جنهن جي مڌماتي سڳنڌ پڪ سان پڙهندڙ جي پوري وجود کي واسي ۽ معطر ڪري ڇڏيندي.“
  • 4.5/5.0
  • 4594
  • 851
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عيسى ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سياست، تاريخ ۽ ڪردار

پرهه جي ٿڌي هير جهڙو شخص : عبدالحميد ابڙو

جڏهن به ڪو انسان، پنھنجي تڪميل ڪرڻ چاهي ٿو تڏهن هن وٽ ٻه رستا آهن يا ته پھرين پنھنجي ذات کي ٺاهي، پئسو جمع ڪري، بنگلا اڏي، عيش عشرت ڪري خوش زندگي گذاري ۽ بس، ٻئي ماڻهو وري پنھنجي تڪميل لاءِ پھرين سماج جي تڪميل ڪرڻ گهرن ٿا. ڇاڪاڻ ته جيستائين سماج جي تڪميل نه ٿيندي تيستائين ذات جي تڪميل به نه ٿيندي ۽ پوءِ ماڻهو سماج جي تبديليءَ لاءِ پنھنجي زندگي داوَ تي لڳائي ڇڏين ٿا. هنن جو جيئڻ مرڻ سماج جي بھتريءَ لاءِ جاکوڙيندي گذري ٿو. ان جاکوڙ ۾ جيڪا خوشي انسان کي ملي ٿي ان جو ڪو مثال ئي نه آهي. سماج ۾ اهڙ اماڻهو توهان کي وَرلي ملندا جيڪا پنھنجي مٿين طبقي کي ڇڏي هيٺين طبقي سان پنھنجو رشتو ناتو جوڙين ۽ ان ۾ ئي پنھنجي ذات جي تڪميل سمجهن. سنڌ ۾ اهڙا مثال تاريخ ۾ جيڪي ملن ٿا انهن ۾ لاڙڪاڻي ويجهو انتھائي پسمانده علائقي سلطان خان جماراڻي ڳوٺ م سنڌ جي جاگيردار گهر ۾ 5-فيبروري 1943ع ۾ جنم وٺندڙ عبدالحميد ابڙي کي وساري نه ٿو سگهجي. سول جج کان پنھنجي نوڪريءَ جي شروعات ڪندڙ جي زندگي ”آهه“ فلم ڏسڻ کانپوءِ سندس دنيا ئي تبديل ٿي وڃي ٿي. ان تبديليءَ جو اثر اهو نڪتو جو هو سڄي زندگي غريب ۽ مارو ماڻهن سان محبت ڪندي گذاري ٿو. عبدالحميد ابڙو صاحب جو جيڪو تعارف سنڌ ۾ ڪرائي سگهجي ٿو، انهيءَ جا گهڻا ئي پهلو آهن، پر هتي مختصر هيٺ ڏجي ٿو.

[b]قانوندان[/b]: 1971ع کان سول جج کان پنھنج ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ اهم هستي هوندي به عام ماڻهن جي ڪيسن ۾ زبردست حمايت ۽ طرفداري ڪندڙ رهيو هو. جڏهن اسي جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي ناليواري شاعر استاد بخاري کي سرڪار بغاوت جا ڪيس هڻي سزا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته سڀ کان اول ته عبدالحميد ابڙو صاحب استاد بخاري کي چيو ته ”جيڪو تو عمل ڪيو آهي اهو عمل ساراهه جوڳو آهي، ان ڪري ان عمل تي پڇتاءُ ڪرڻ بجاءِ قبول ڪر ته تون باغي آهين. تاريخ توکي سونھري موقعو فراهم ڪيو آهي“ پر استاد بخاريءَ جي انڪار ڪرڻ تي ڪيس مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ پنھنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي، استاد بخاريءَ کي آجو ڪرايائين. ان کانپوءِ به هن انصاف جي ڪرسيءَ تي ويھندي پنھنجي وس آهر ڪرسي جي پرواهه نه ڪندي به عام ماڻهن سان پنھنجو رشتو نڀائيندو رهيو. جنھن جو ٻيو وڏو مثال 2001ع ۾ نظر اچي ٿو. جڏهن جسقم سنڌو درياءَ تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي پنجاب جي رسد بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو تڏهن رڳو ڏوڪري تعلقي جا 63 ڪارڪن راقم الحروف سميت مورو- دادو پُل تي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ جڏهن سکر سينٽرل جيل ۾ واڙيا ويا. تڏهن به عبدالحيد صاحب چورائي موڪليو ته ”توهان پنھنجو ڏوهه قبول ڪيو ته توهان سنڌ جي پاڻي خاطر هر سزا قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهيو.“ حالتن جي نزاڪت کي محسوس ڪندي عبدالحميد رياست مخالف پارٽي جي ڪارڪنن سان ٻاجهاري واٽ وٺندي ٻن مھينن جي اندر سڀني ڪارڪنن کي ضمانت تي آزاد ڪرايائين. جڏهن ته ساڳئي ڪيس ۾ ٻين شھرن کان گرفتار ٿيندڙ ڪارڪن ڪيترائي مهينن جا مهينا جيل ۾ سڙندا رهيا. اڄ تائين اسين سڀ ساٿي عبدالحميد صاحب جو اهو احسان وساري نه سگهيا آهيون.

[b]لطيف سان محبت[/b]: لطيف ۾ هڪ عجيب قسم جي ڪشش آهي. جيڪو ماڻهو هڪ دفعو به ان سَحَر ۾ اچي وڃي ٿو، ان جو نڪرڻ محال ٿيو پوي. 1919ع ۾ جڏهن جليان والا باغ لاهور ۾ جنرل ڊائر پرامن ماڻهن تي گوليون هلائي رتوڇاڻ ڪرائي هئي. ان پسمنظر ۾ ڄيٺ مل پرسرام ”اڳيان اڏين وٽ، پوين سر سنباهيا“ جي عنوان تي اخبار ۾ ايڊيٽوريل لکيو. جنھن تي سرڪار ڏمرجي ان وقت جي منصف ايڇ.ٽي.سورلي جي عدالت ۾ جيٺ مل پرسرام کي پيش ڪيو ويو تڏهن ايڇ.ٽي.سورلي ان کان ان سِٽَ جي معنى پڇي تڏهن دنگ رهجي ويو ۽ لطيف جي سَحَر ۾ ايترو جڪڙجي ويو جو ان تي پي.ايڇ.ڊي ڪيائين، ”ڀٽ جو شاهه“ جي عنوان تي اڄ تائين ان جيترو تحقيق ڪم ورلي ٿيو آهي. تاريخ ۾ اهو وڏو اتفاق آهي ته ايڇ ٽي سورلي قانوندان جي حيثيت ۾ هو ۽ لطيف جي عشق ۾ جڪڙجي ويو ۽ سائين عبدالحميد صاحب به قانوندان جي حيثيت ۾ لطيف جي جڪڙ ۾ آيو ته سڄي ڄمار ان کان نڪري نه سگهيو. اهو ئي سبب آهي جو جج هوندي به لطيف جي درگاهه تي ڪنٺا ڪولابا پائي فقيري ويس ڪري لطيف جي درگاهه تي راتين جون راتيون راڳ ٻڌندو هو ۽ هزارن جي تعداد ۾ لطيف جي فقيرن جي راڳ جون ڪيسٽون رڪارڊ ڪري پاڻ وٽ محفوظ ڪيائين. جڏهن ته خاص ”تنبورو، به ٺھرايائين جنھن تي لطيف جي راڳ تي ويهي رياض به ڪندو هو. ان تي ايتري مھارت ٿي ويس جو شيخ اياز جھڙو بلند پايي جو شاعر به لطيف جي بيتن جي سمجهاڻيءَ لاءِ عبدالحميد صاحب کان رهنمائي وٺندو هو. پنھنجي گفتگو ۾ هر واقعي، مھل ۽ موقعي تي لطيف جو ڪونه ڪو بيت رهنمائي طور تي پيش ڪندو هو. جنھن مان محسوس ٿيندو هو ڄڻ ڪو لطيف سائين اهو بيت ان واقعي، مهل ۽ موقعي لاءِ چيو هجي. ان مان سندس لطيف ڏانھن محبت جو جهڪاءُ ۽ جهلڪ واري نظر پسي سگهجي ٿي.

[b]لائبريري ۽ ادبي ڪردار:[/b] ڪتابن سان ذوق جو حساب ئي نه ٿو ڪري سگهجي. علم جي تاس ماڻهوءَ کي سمنڊ، ڳڙڪائڻ کان پوءِ به پياسو ئي رکي ٿي. جنھن لاءِ لطيف سائين فرمايو آهي ته:
کامان، پچان، پڄان، پڄران، لڇان ۽ لوچيان،
تن ۾ تؤنس پرينءَ جي، پيان نه ڍاپان،
جي سمنڊ منهن ڪريان، ته سرڪيا ئي نه ٿئي.
اها ئي پياس عبالحميد صاحب کي لائبريري ٺاهڻ جي ڌارا ۾ کڻي آئي. جنھن ۾ ادب، سياست، سماجيات، قانون، نفسيات، تاريخ، جاگرافي، طب، فلسفي سميت مڙني موضوعن تي هزارن جي تعداد وٽس ڪتاب موجود هوندا هئا. سنڌ ۾ جن شخصيتن وٽ وڏي ۾ وڏيون پنھنجون ذاتي لائبريريون هيون انھن ۾ سائين جي ايم سيد، ايم.ايڇ. پنهور، محمد ابراهيم جويو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ شيخ اياز کانپوءِ سائين عبدالحميد صاحب جن جي لائبريري ڳڻي سگهجي ٿي. اهي ڪتاب نه صرف هن خريد ڪيا هئا پر پڙهيا به هئا. ڪوبه ڪتاب کڻو، ان جي شروعات ۾ ڪتاب ”شروع“ ڪرڻ واري تاريخ ۽ جنھن ڏينھن ڪتاب ”پورو ٿيو“ اها تاريخ لکيل هوندي نه صرف اهو پر ڪتاب انڊر لائين ٿيل ۽ انھن جي حاشين ۾ نوٽ هنيل نظر ايندا. آخري وقت تائين انهن ڪتابن سان لڳاءُ ۽ محبت گهٽ نه ٿي. پر افسوس صرف اهو آهي ته عبدالحميد صاحب اهي پنھنجا تجربا، مشاهدا ۽ علمي ڏاهپ قلم ذريعي محفوظ ته ڪيا پر ڪتابي صورت نه ڏئي سگهيو. جپانيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”جڏهن ماڻهو مرندو آهي ته ان سان گڏ لائبريري دفن ٿيندي آهي ۽ ان جا تجربا، مشاهدا سڀ دفن ٿي ويندا آهن.“ ان ڪري جيڪو انسان پنھنجا تجربا ۽ مشاهدا تحريري يا ڪنھن تخليقي شڪل ۾ جيستائين محفوظ نه ٿوڪري اها لائبريري ايندڙ نسلن لاءِ ڪارگر ثابت نٿي ٿي سگهي. عبدالحميد صاحب ذاتي ڊائري ۽ دوستن ڏانھن لکيل خطن کانسواءِ ٻيو ڪوبه تحريري ۽ تخليقي شڪل ۾ مواد ڇڏي نه سگهيو آهي. جنھن ڪري نئون نسل سندس علمي، ادبي خدمتن کان آشنا نه ٿي سگهيو آهي. ان ڪري جيڪي خط ۽ ڊائريون ۽ ٻيو مواد (جيڪي ضروري سمجهيا وڃن) انھن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي.
سندس ذاتي دوستن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، سوڀو گيانچنداڻي، محمد علي پٺاڻ، اياز گل، عبدالقادر جوڻيجو، جسٽس عبدالحميد ڊوگر، ۽ جسٽس راڻا ڀڳوانداس جھڙا ماڻهو شامل آهن. ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته جيڪي سندس دوست ۽ساٿي موجوده آهن، انھن کان به لکرايو وڃي ته انھن عبدالحميد صاحب کي ڪيئن ڏٺو ته گهٽ ۾ گهٽ عبدالحميد صاحب جو تعارف ۽ ڪردار محفوظ ڪري سگهجي ٿو. مون سندس ڪجهه ذاتي خط پڙهيا اهن، جن مان اندازو ٿئي ٿو ۽ مان دعوى سان چوان ٿو ته اهي خط شيخ اياز جي خطن ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ خطن جھڙا شاهڪار خط آهن، انھن کي منظر عام تي آڻڻ پڻ سٺو سنوڻ ثابت ٿيو آهي.