مڪلي: خاموش تاريخ
مڪليءَ جي نالي جي ڏس ۾ به تاريخ ۾ مختلف حوالا سامھون اچن ٿا. مسلمان هن ٽڪريءَ جي نسبت مائي مڪلي (مڪھ لي) سان جوڙين ٿا. جنهن جي قبر ڄام نظام الدين جي مقبري، ڄام تماچي جي ٺهرايل مسجد جي ٻاهرين پاسي الهندي طرف آهي. ٻي روايت ۾ اهو به اچي ٿو ته هڪ درويش وجد ۾ اچي چيو ته: ”هذا مڪھ لي“ (يعني هيءَ جاءِ منھنجي لاءِ مڪو آهي.“ ان کانپوءِ ئي هن ٽڪريءَ جو نالو مڪلي پيو، پر هندو لوڪ مڪليءَ جي ٽڪريءَ کي ڪالي ديويءَ سان منسوب ڪن ٿا. جنھن جو وڏو مندر ۽ تيرٿ آستان، مين روڊ واري وڪڙ ۾ ڏکڻ طرف آهي. جين مذهب ۾ گوسالو ۽ اجيوڪا اهم فرقا سمجهيا وڃن ٿا. انهن مان اجيوڪا فرقي جو باني گوسالو مڪلي پوٽو آهي. مڪلي جي پڙهڻي به جدا جدا پڙهڻ لاءِ ملي ٿي. مڪلي، منگلي، منڪلي. جڏهن ته گوسالو فرقي جي هڪ شاخ ڊيگامبر، مڪلي ٽڪر ۽ هنگلاج ۾ رهندا هئا. انھن جي آستانن، غفائن ۽ آمد و رفت جي سبب ڊيگامبر فرقي جي باني ”منڪلي“ جي نالي پٺيان انهيءَ ٽڪريءَ تي مڪلي نالو پوڻ جو تصور پڻ تاريخ ۾ اچي ٿو. اهو لفظ حقيقت ۾ پالي معنى يوگي/ يا نانگو فقير آهي.
ڪراچي ويندڙ قومي شاهراهه مڪلي ٽڪريءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي. ڏکڻ واري اڌ ۾ عيد گاهه، مخدودم محمد هاشم ٺٽوي، ابوالقاسم نقشبندي جلوه گاهه امام پير عالي، سيد محمد يوسف بکري ۽ ڇيڙي تي ڪلان ڪوٽ جو ڊٺل قلعو ۽ ٻيا عجائبات آهن. اتر واري اڌ حصي ۾ شيخ حماد جمالي، عيسى لنگوٽي، ملان عبدالرحمان عباسي (ملان لٽر) جامع مسجد، سيد علي شيرازي، شاهه مراد، سمن سلطانن جا مقبرا، ترخانن جا مقبرا، مغلن جون رانڪون ۽ ٻيون تاريخي جڳهون آهن. اڃان به پنھنجي سهولت خاطر هن قبرستان کي ٻن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ حصي ۾ سمن سلطانن جون قبرون ۽ مقبرا آهن ۽ ٻئي حصي ۾ ارغونن ۽ ترخانن جون قبرون آهن. مڪلي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سڀ کان پهرين کاٻي پاسي هڪ چور کوهه آهي، ٻن حصن ۾ سوڙهيون ڏاڪڻيون، هيٺ کوهه جي ڪنڌي تائين وڃن ٿيون. کوهه جي ڪنڌيءَ تي پهچبو ته چؤطرف ورانڊو نظر ايندو، وچ ۾ کوهه آهي.
مڪليءَ جو نالو مشهور ۽ معروف سمن جي دؤر حڪومت ٿئي ٿو. جڏهن ڄام نظام الدين 866هه کان 914 هه تائين آزاد سنڌ تي حڪومت ڪئي. سنڌي ماڻهو کيس پيار مان ڄام نندو سڏيندا آهن. سندس سنڌ لاءِ امن ۽ سڪون، ايمان، اخلاق ۽ خوشحاليءَ جو دؤر سڏيو وڃي ٿو. سما ڄام انهيءَ ۾ ڪيتريون ئي يادگار جايون ڇڏي ويا آهن. جھڙوڪ تغلق آباد عرف ڪلاڪوٽ جو قلعو اهم آهي. مڪمل طور تي برباد ٿيڻ کانپوءِ سومرن ڪلانڪوٽ تي عارضي گاديءَ طور تي اڏيو. سمن مڪلي جي اتر ۾ نشيبي علائقي ۾ پنھنجي دارالسلطنت ٺاهيو. جنهن تي ساموئي نالو رکيو. ان جو مطلب آهي ته ”سمن جو شهر“. بعد ۾ ان کي تغلق يا تغرل آباد، ڪلياڻ ڪوٽ يا ڪلان ڪوٽ ڪوٺڻ لڳا. ڪن وري ان کي ٺڪر آباد به ڪري سڏيو آهي. جنهن جو مطلب آهي مکيه رهائش گاهه، جنهن جي پيڙهه جو پٿر ان وقت جي ٺاڪر رکيو. اهو قلعو هڪ ٽڪريءَ تي اڏيل آهي. جنهن جو اندازو سوا ميل کن ٿيندو. ان قلعي جي چؤڌاري قدرتي وڏي کاهي آهي جيڪا پاڻيءَ سان هر وقت ڀريل هوندي هئي پر هاڻ اها مڪمل طور تي تباهه آهي. ميڪرا ڍنڍ، قبرستان جي اتر کان شروع ٿي اوڀر کان ٿيندي ڏکڻ ۾ وڃي ڪلان ڪوٽ واري ڍنڍ سان وڃي ملي ٿي. هي قلعو ڪنھن زماني ۾ ڏکئي وقت دوران شهر وارن لاءِ جاءِ پناهه هو. اهو هاڻ تباهه و برباد ٿي ويو آهي.
سمن جو دؤر جتي سنڌ جي خوشحاليءَ جي علامت طور تي تاريخ ۾ اڀري اچي ٿو، اتي سنڌ جي سرحدن ۽ قومي بچاءِ لاءِ ويڙهه جو وڏو مثال ڄام نندي کان پوءِ دولهه دريا خان جو اچي ٿو. دريا خان لاوارث ڇوڪرو هو پر ڄام نندي سندس قابليت ۽ جوهر ڏسي کينس پنھنجي تربيت ۾ رکي وڃي وزيراعظم جي عهدي تي رسايائينس. سنڌ جي فوجن جي سپهه سالاري به سندس سپرد هئي. يارهين محرم الحرام تي سنڌ لاءِ سر ڏيندڙ سپهه سالار جي قبر ڄام نظام الدين جي مقبري جي ويجهو اولهه پاسي کان آهي. ان چؤديواري ۾ ستاويهه قبرون ٻيون به آهن. رومانوي خيال سان تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ ڄام تماچي به مڪليءَ جي عظمت ۾ اضافو بڻيل آهي. چريائپ يا جن کي دورا پون تن لاءِ علاج لاءِ عبدالله شاهه اصحابيءَ جو مقبرو پڻ مڪلي جي آڳر ۾ موجود آهي. تغلق ڪوٽ جي نشيبي ۾ ملان لٽر (ملان عبدالرحمان) جي قبر پڻ آهي، ستين جو قبرون جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي ست ڀينرون سومريون هيون. سومرن کان سمن جي تخت وٺڻ کان پوءِ اهي پنهنجن کان الڳ ٿي ويون جڏهن شاهي لشڪر سامهون ايندي ڏٺائون ته پنهنجي عزت غير محفوظ سمجهيائون ته عزت جي تحفظ لاءِ دعائون گهريائون ۽ ان ۾ دفن ٿي ويون.
ٻئي حصي ۾ هڪ گمنام ڇٽي جاني بيگ جو مقبرو، تغرل بيگ جو مقبرو، باقي بيگ ازبيڪ جو مقبرو اوڀر طرف جان بابا جو مقبرو، سلطان ابراهيم جو مقرو، اهنسا ٻائي، باقي بيگ ۽ عيسى خان ترخان وڏي جا ترتيب وار مقبرا ۽ ڇٽيون آهن. سياست ۽ صحافت ۾ سنڌ جو وڏو ڪردار شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ تاريخدان پير حسام الدين راشديءَ جون قبرون پڻ تاريخدانن لاءِ توجهه جو مرڪز رهيون آهن.
ٺٽي جي رهواسين لاءِ اها ٽڪري نه فقط دفن گاهه ۽ عبرتگاهه هئي سندن تفريح جو پڻ وڏو مرڪز هئي. مزارن تي ميلا لڳندا هئا هر مڪتبءِ فڪر جو ماڻهو اتي اچي سڪون محسوس ڪندو هو. سترهين صديءَ ڌاري مڪليءَ تي ”کير“ نالي سان هڪ مٺي پاڻيءَ جو تلاءُ هو. مينهن (برسات) وسڻ سان تلاءُ پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو هو. ان وقت هندو توڙي مسلمان قطارون ٺاهي تلاءُ سان پنھنجو ٺڪاڻو اڏيندا هئا.رڌپچاءُ به هتي ئي ڪندا هئا. خوشيءَ جو پَھرُ ڀاسجندي محسوس ٿيندو هو. ڏکڻ اولهه ۾ ”عيدگاهه“ آهي جتي ٺٽي جا ماڻهو عيد نماز پڙهڻ لاءِ ايندا آهن. مڪليءَ تي ڪالي مندر ۾ رکيل مورتيءَ کي هنگلاج سڏيو وڃي ٿو. ڪالي مندر ۾ ننڍا ننڍا مندر جن ۾ گڻيش، هنومان ۽ شيو جون مورتيون، هڪ ڌرمشالا، هندن جي مقدس جڳهه طور تي سڃاڻپ رکن ٿيون. جڏهن ته بلوچستان ۾ هندو جوڳين جي مشهور تيرٿ هنگلاج، الهندي طرف ان ماڳ ڏانھن ايندي ويندي ياتري هن ٽڪريءَ تي ڪندا هئا.
آڳاٽي زماني کان اها رسم ٿي ويئي آهي ته هرهڪ طاقت وارو بادشاهه امير يا دولتمند ماڻهو يادگار طور تي اتي ڪا نه ڪا جاءِ ٺاهيندو هو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ مڪلي مقبرن ۽ قبرن جو مرڪز طور تي سڃاڻپ رکي ٿي پر تاريخدانن لاءِ جهجهو مواد فراهم ڪرڻ لاءِ وٽس انيڪ مواد آهي.