پاڻهيارين جا پنڌ
جياپي جي جنگ جوٽڻ ۽ حياتي کي حرارت بخشڻ لئه جل ته اول گهرجي، پر ان جو پورائو صحرائن ۾ ڪيئن ڪجي؟ جيءَ کي جنجهوڙيندڙ هن سوال جو جواب صرف وارياسا وجود ئي ڏيئي سگهن ٿا. جيڪي هن ڀيانڪر معاملي کي مقدر سمجهي صدين کان ڀوڳيندا اچن پيا. سرير جي پڃري ۾ پراڻ پکيئڙن کي جيارڻ لئه هن بر ۾ جر جو پاڻي ئي وڏي وٿ آهي. جنهن کي حاصل ڪرڻ لئه هڙان توڙي وڙان وڏا حيلا ۽ حربا هلايا وڃن ٿا. اُهي سڀئي سور، ڪرب ۽ ڪشالا خاص ڪري ٿر جي عورت ئي ڀوڳي ٿي. عورت جنهن کي هن سماج ۾ سدائين مرد جي ماتحت سمجهيو ويو آهي.
پنهنجي مجازي خُدا مرد جي اڳيان هميشه هارايل اڀاڳي عورت لاءِ هر هنڌ سورن جو سامان مڪمل موجود هوندو آهي، پر ٿاريلي عورت جي قسمت ۾ سُور مڙوئي سرس سمايل آهن. مُٺ مُٺ سورن سڀ ڪنهن، مون وٽ وٿاڻان وانگي ٿر ۽ بر جي عورت بنهه گهڻو ڀوڳي ٿي. هوءَ نه رڳو پاڻيءَ لئه پنهنجا پير پٿون ڪري ٿي، پر زندگي جي هر ڪٺن ڪم ۾ مرد جو هٿ ونڊائي ٿي. اهڙي وفا جي مورتي ٿاريلي جڏهن مٿي تي رنگين سينڍوڻي رکي گهاگهر ۽ گهڙولي سان ساٺيڪن ڏي سنڀري ٿي، تڏهن هن کي پاڻياري ۽ پڻيار جهڙن پيار ڀرين لفظن/ لقبن سان پُڪاريو وڃي ٿو. سردي هجي يا گرمي، هر موسم ۾ پاڻيءَ جي پورائي لئه پاڻياري ڪٿي به ٿڪ ناهي ڀڃندي! هُوءَ انهي حاصلات لئه هماليه پربت سان هٿ ملائيندڙ ڀورين ڀٽن جي ڀاڪرن ۾ ڀٽڪندي پنهنجي نصيب سان نڀائي ٿي. ٻانڌڻين ٻٽن سان سدا سونهندڙ ٿاريلي پيرين اُڀراڻي پنڌ ڪندي مٿي تي ٻيهلڙا ۽ ڪڇ ۾ ڪهلڙا ٻار کڻي به حياتي ۾ هار نٿي مڃي، مقدر جي ماريل ٿاريلي پڻيار ٿر جي لڪن، لينجهن، ڏهرن ۽ تڙڪولن ۾ تڙ تڙ تي پيئڻ جي پاڻي لئه پير گسائي ٿي.
عاج جي اڇي چُوڙي ۾ چمڪندڙ چوڙيلي جو چت سدا سانوڻي مُند جي مينهن ۾ هوندو آهي. پلر جي ترشنا ۾ پورو سال سِڪندڙ پڻيار کي پنڌ ۾ اهي ئي پُور پوندا آهن ته من مينهن وسي ۽ سُور سنڌا ڪيو هليا وڃن. انهي اُداس پاڻياري جي قلب جي طلب ۽ تنوار تي ڍاٽڪي رس ۾ ڪيئي لوڪ ڪوتاتون چيل آهن، جن ۾ صدين جا سُور بيان ٿيل آهن.
اُڀراڻي پڳي هون هلان تي هون جيجل پڳي ٻڙان تي،
تپيوڙان ريٽان مٿي هون پاڻي سارو رُلان تي،
آئو بيگو ميهولا! مَني ٿانري رُت لاگي پياري،
هون چلي پاڻي نان پڻياري....
گينور جيسي چال نياري.....
(اي جيجل! آئون بنا جُتي جي هلي رهي آهيان، ريت ڏاڍو تپيل آهي، منهنجا پير سڙن ٿا، اي مينهن! جلدي اچ تُنهنجي مُند مونکي ڏاڍي وڻي ٿي. آئون پاڻياري پاڻي ڀرڻ وڃان ٿي. منهنجي هلڻي هاٿي وانگي نياري آهي).
ڇيلڪڙي جي مڌم سرگم تي گينور چال چلندڙ پاڻياري جوڀن اوسٿا ۾جڏهن مٿي تي هيل کڻي کينچل ڪندي کوهه ڏانهن ويندي آهي، تڏهن سموري سيم سدا ملوڪ لڳندي آهي. وطن جو وڻ وڻ سدا بهار مهڪار سان واسجي ويندو آهي. پاڻيءَ تي جيئن پکي سونهندا آهن. ائين ئي ٻانهياريءَ جي مٿي تي ٻيلهڙا، بقول شاهه ڪريم رحه جي ته؛
ٻانهياري سر ٻيهلڙو، جَرَ تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تئين، رهيو آهي روح ۾.
سامروٽي جي سُونهن ٻانهياري ڀٽ به هڪ پڻيار جي پنڌ واري ڪربناڪ قصي سان منسلڪ آهي. روايت آهي ته آڳاٽي زماني ۾ هڪ گرڀوتي پاڻياري هُئي جنهن سان پنهنجي ڏير شرط رکيو ته ”هيل کڻي هڪڙي ساهي ۾ هن جبل جيڏي ڀٽ جي چوٽي تي چڙهي ڏيکار، ته عاج جي ٻانهن وٺي ڏيان“ (عاج جو چوڙو هاٿي جي ڏند مان ٺهندو آهي). ڏير جي انهيءَ شرط کي پورو ڪرڻ لئه هٺيلي ڀاڄائي هڪڙي ساهي ۾ ٻيهلڙو کڻي ڀٽ تي چڙهڻ لڳي ۽ جڏهن چوٽيءَ تي پُڳي (پهتي) تڏهن دم پرواز ڪري ويس. ٿاريلي پڻيار پراڻ ڏيئي به پرڻ (وچن) پورو ڪيو ۽ شرط کٽي ورتو. پوءِ ڏُکايل ڏير پنهنجي پياري ڀاڄائي جي قبر به اُتي ڀِٽ جي چوٽي تي ٺهرائي ۽ عاج جي ٻانهن (چُوڙو) وٺي اُتي ڀٽ تي ٽوڙي ٽُڪرا ٽُڪرا ڪئي، جنهن جا آثار اڄ به موجود آهن.
هيءَ ڀٽ تعلقي ڏيپلي جي ڏکڻ اولهه ۾ واقع آريا ڳڀڻ جي ويجهو قلندر ڳوٺ وٽ آهي. اهڙي هڪ ٻي به ڀٽ آهي جيڪا مٺي تعلقي جي ڳوٺ عالمسر جي ڏکڻ ۾ واقع آهي، اُن تي به پاڻياريءَ جي قبر ۽ عاج جي چوڙي جا آثار اڄ به موجود آهن. ان ڀٽ کي ڀٽياڻي ڀر چوندا آهن. ڀٽياڻي راجپوت هُئي، جيڪا ڏير سان شرط ۾ کير جي هيل کڻي ڀٽ تي چڙهي ته هانءُ ڦاٽي پيس ۽ دم ڏنائين.
ساهه ڏيئي ويساهه ڏيندڙ اهڙين انمول پڻيارين جي پيار، پريت، سونهن، سجاوٽ، چال چلت، ناز، ادائن ۽ حجابن کان وٺي پيڙائن، ڀوڳنائن کي وقت جي ڪوين پنهنجين انمول ڪوتائن ۾جيئن جو تئين بيان ڪيو آهي. جديد سنڌي شاعريءَ جي سرتاج شيخ اياز به پاڻياريءَ جي پنڌ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيو آهي.
پاڻياري ٽُلڪي
سينهونءَ تي سَوَ سانگ گهَڙي جا،
پَلڪ پَلڪ ڇُلڪي،
پاڻياري ٽُلڪي،
آلا آلا رنگ چُنيءَ جا،
انگ پيا اُلڪي،
پاڻياري ٽُلڪي.
ڪُنڀر واري ڪار ڪيائن،
جاڙ ڪئي جهُلڪي،
پاڻياري ٽُلڪي.
شيخ اياز جي هن امر وائي ۾ سينڍوڻي تي گهڙي جي سونهن، ذري ذري ڇُلڪڻ ، ڀنل چُنيءَ جا ڀنا ڀنا رنگ ، پاڻياريءَ جو ڌيري ڌيري هلڻ ۽ جاڙ ڪري گهڙي جو جُهلڪڻ؛ اهي سڀئي حُسناڪيون ان ڳالهه جون گواهه آهن ته پاڻياري جي پيڙائن ۾ به سونهن سمايل آهي. انهيءَ سونهن ۽ سجاوٽ کي حياتي جي هار ۾ پوئي پيڙائن جا پنڌ جهاڳندڙ پاڻيارين جي دک ۽ درد ۾ سمورو صحرا سُڏڪندو آهي. پاڻياريءَ جي وک وک ۾ صحرا جا اُداس سُڏڪا سمايل هوندا آهن. اهي سُڏڪا اُهي ڪن ئي ڪنائي سگهندا آهن، جيڪي جنم جنم کان صحرا جا ساٿي هوندا آهن. جن جي روحن جا رشتا ريٽن جي تن ۾ تحليل ٿيل هوندا آهن، جن جا مزاج ميڻ کان به نرم ۽ صحرا کان گرم هوندا آهن!.
ٿر ۾ پاڻياريءَ واري ريت اڄ به هلندي اچي. نئين نويلي ڪُنوار کي پهرين ريت رسم سان هيل کڻائي ويندي آهي انهيءَ رسم کان اڳ ۾ هُوءَ کوهه تي پاڻي ڀرڻ نه ويندي آهي. ٿري ڪُنوار جي ڏاج ۾ هيل ضروري هوندي آهي. جيڪا اڳ ۾ پتل جي هوندي هُئي. هاڻي مهانگائي جي ڪري اسٽيل مان به ڪم هلايو وڃي ٿو. هيل ۾ ٽي ٿانوَ هوندا آهن: هانڊو، چَروڙي ۽ موريو اِن کي رنگين سينڍوڻي مٿي تي رکرائي. پوءِ اهي ٽئي ٿانو کڻائي، پنج ست ڄڻيون گڏجي گيت ڳائينديون، کوهه تي وينديون آهن، اُتي پاڻي وارو ناريل ڦوڙي ورهائينديون آهن. ائين هيءَ شاندار رسم پوري ٿيندي آهي - ۽ نئين ڪُنوار پاڻيار ٿيندي آهي ـــ ۽ پوءِ اُها پاڻيار لُڪن ۽ جهولن ۾ پنهنجو چاندي جهڙو چم ساڙيندي به پرڻ پورو ڪندي آهي. اهڙي طرح حياءَ ۽ شرم جو مجسمو بڻيل ٿاريلي پڻيار پنهنجو چنڊ چهرو گهٽائن جهڙي گهونگهٽ ۾ لڪائي هلندي آهي - ۽ جڏهن تيز هوائون لڳنديون آهن، تڏهن ٿورڙو آنچل مُک تان پري ٿيندو آهي ته هن کي لڄ ٿيندي آهي.
اوڍڻو اُڏتو جاوي ماوڙي مني لاج آوي،
ٽٻ ٽٻ آنسوڙا ڍڙڪين مانرو جيءَ جُهلڪا کاوي،
ڍوڙي ڍوڙي وِلکان ٻيٺي هُون ڍاٽ ري ڌياري،
هون چلي پاڻي نان پڻياري.....
گينور جيسي چال نياري.....
(اي منهنجي آيل! تيز هوا ۾ مُنهنجي چُني مُنهن تان اُڏري ٿي. مونکي لڄ اچي ٿي. لار ڪري لُڙڪ وهن ٿا، منهنجو جيءَ تڙپي ٿو. دڙي دڙي تي اُداس ورلاپ ڪيان ويٺي. آئون ڍاٽ جي ڌيءَ آهيان. آئون پاڻياري پاڻي کي وڃان ٿي. مُنهنجي هلڻي هاٿي جهڙي آهي).