اسين خود بهارن لاءِ ڀٽڪون پيا...
شهيد بختاور جي ڏاڏاڻڪي ڏيهه ۾ هيل به ڪارو ڏُڪار ڪاهي پيو آهي. هر طرف موت جو بدحواس حبشي مست هاٿي وانگي ڊوڙي رهيو آهي. تيز طوفاني هوائن ۾ اُڏندڙ واري ماروئڙن جون مَتيون ئي منجهائي ڇڏيون آهن. جَر جي ڪڙوي جَل جي ڪري پکي پياس ۾ ڦٿڪن پيا. ٿر جي معصوم ٻارڙن جا لوساٽيل لَب پاڻي جي لاءِ واجهائن پيا، ڏور ڪٿي ڪو مٺي پاڻي وارو سروَر نظر ئي نٿو اچي. سواءِ کارين ڄارين جي سموري صحرا ۾ ڪو سائَو سَلو رهيو ئي ناهي جيڪو بُکايل مال جي منهن ۾ وڃي. ڀورين ڀٽن جي پاساڙن ۾ چرندڙ چوپايو مال به چَٽ ٿي ويو آهي. چڙن جي چونگار ۾ ماٺار اچي ويئي. سڄو صحرا سُڃ بڻجي چُڪو آهي.
انهي سموري روئداد ۾ اسان ريگستانين جا روح مٽيءَ جي رانديڪي وانگي ٽُٽي ٽُڪرا ٿي ويا آهن. اسين هيل ڏاڍا اُداس آهيون. اسانجي اُٻاڻڪين، آتمائن جون سڀئي سرهايون هن صحرا سان وابسته آهن ۽ هيل صحرا ستايل آهي. مورن ۽ ڍورن کانسواءِ ٿر جا لاک رتا گلابڙا به غذا جي پن ڇڻ ۾ ڇڻي ويا آهن.
سارو صحرا ڪنهن جواڻ جماڻ وڌوا جي اُجڙي ويل مانگ جهڙو منظر پيش ڪري ٿو. ڍول ڍاٽيئرن جي هنيئڙن هول پيا آهن. ماروئڙا هيل ملول آهن. گُلابي گجن تي هٿرادو هُرمچ جهڙي هِن حَسين صحرا جون سموريون سيمون ڀڙڀانگ بڻجي ويون آهن. کوهن تان کينچل موڪلائي ويئي آهي. دَڙن تان ديدون ۽ اسان کان عيدون رُسي ويون آهن. وينڍليهاڻن وجودن جي ملوڪ مکڙن تان حسين مُرڪن جا پوپٽ پرواز ڪري ويا آهن. ٽڪن جهڙا ٽهڪ ۽ اگسڻي جي مهڪ به ماضي جو قصو بڻجي وئي آهي. ولوڻن ۾ وقفا پئجي ويا آهن. ڪنهن هٺيليءَ ڪامڻي جي هار سينگار جهڙيون هن ساڻيهه جون سڀئي حُسناڪيون اياڻيون لڳن ٿيون. روپلي ڪولهي جي ننگراڻي ۾ راسوڙن جا آلاپ وياڪل ورلاپ بڻجي ويا آهن. ڪڙوا چوٿ رکندڙ نارين کان ناز ۽ ميراثين کان ساز وسري ويا آهن. ڏُڪاريل ڏيهه ۾ ڏينهن رات، پاپي پيٽ جي پوڄا لاءِ وارياسن وجودن ڪاڙهن ۾ ڪڙهي سدا سُندر سريرن جي ونڪي ئي وڃائي ڇڏي آهي. بقول شيخ اياز جي ته؛
سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا،
ڍَوبنان ڍولا ناهي ساڃاهه سونهن جي.
ڳڀي جي ڳولا ۾ حياتي سڄي هنبو ڇيون هڻندڙ اسان مارو ماڻهن جي ڪرم ۾ شايد سُک لکيا ئي ناهن. تڏهن ته هميشه هار ۾ آهيون. ڇاڪاڻ ته اسان کي پوري طرح پڪ آهي ته اسانجي قسمت ۾ ڪوڏ لکيل ئي ناهن. اسين ان ديس جا واسي آهيون جنهن ۾ واريءَ جو درياءَ وهي ٿو. جنهن ۾ ڏُڪار هر سال شڪار ڪري ٿو. جتي لُڪون ۽ جهولا بدني بناوٽ ئي ڦٽايو ڇڏين ٿا. اسين اُن بدنصيب صحرا جا واسي آهيون جنهن جي مقدر ۾ رڳو گوندر ۽ غم لکيل آهن. رسمي خوشين جي راند کان اسين ناواقف آهيون.
اسين جيڪي پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪشالا ڪاٽون ٿا، اُنهن جي اُجاڙ کيتر جهڙي مقدر ۾ کنياتا ڪٿان آيا؟ اسين سدائين سورن جي سرلي هيٺ وڃايل خوشين کي ڳوليندا وتون ٿا.
اسين هن دورنگي دُنيا جا اُهي بدنصيب ماڻهو آهيون جن لاءِ بهار به سرءَ جا سنديشا کڻي ايندي آهي. جن جي بيوسي ۽ غريبي تي چنڊ به چَٿرون ڪري هليو ويندو آهي. اسين اُهي ڀٽن جا ڀٽڪيل مسافر آهيون جن سان مندون به وڏا مذاق ڪنديون آهن، جن سان بارشون اڪثر بي وفا محبوب وانگي ماڻا ڪري رُسي وينديون آهن! گهُمڻ جو ميهه ڪري اسان جي هن غريب ڏيهه جي گهونگهٽ جي گهٽائن ۾ لڪيل چنڊ چهرن تي اوڇي نظر اُڇلائڻ لاءِ ڏور کان ايندڙ سياحن کي هيل صلاح آهي ته متان اچجو ڇو ته ڏيهه ڏُکايل آهي بقول ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي ته؛
اسان جا باغ سڀ ڀيلاڙ ٿيا،
اسين خود بهارن لئه ڀٽڪون پيا.