سانوڻ ٽيج: هڪ رومانس ڀريو ڏڻ
ٽيجلڙي جي رنگ منچ وارا سڀئي سُندر رنگ تڏهن نِکرندا آهن جڏهن سانوڻ جو مينهن ڀرپور وسندو آهي. هر هند ساوڪ هوندي آهي. ٽوڀا تار هوندا آهن. سمورو مروڌو ڏيهه ڦولڙن سان ڇانيل هوندو آهي. پلر پالوٽون ڏيئي پدمڻين جا پير چمندو آهي. مور مستيون ڪندا آهن. تڏهن هي سرامڻ جي پهرين ٽيج تمام رومانٽڪ رنگن ۾ رنگجي ويندي آهي. سانوڻي ٽيج وارين سندر رسمن ۾ ڀٽائي جي سر سامونڊي وارو ساءُ به ملي ٿو. هن ڏينهن تي سرتين جي سينن ۾ ساجن جي سڪ جو درياءُ پور چڙهندو آهي. ملن جي جوار ڀاٽا نس نس مان نروار ٿي پوندي آهي. جن جا وَر هن رُت ۾ گهر نه هوندا آهن انهن جي اندر ۾ آند ماند جو طوفان اُٿندو آهي ۽ ور سان ورونهن لاءِ ولکي ورلاپ ڪنديون آهن.
ٽيج آوي ري سهيليان، جيڏليان رو تهوار،
جڻ رو والمو گهر نهين، اوئان سين ڪڻ وهنوار.
(اي سرتيون! ٽيج آئِي آهي، جيڏين جو کيڏڻ وارو تهوار آهي. هن ڏينهن تي جنهن جو ور گهر نه هوندو ان تي ڇا گذرندو آهي).
ٽيجلڙي جي تهوار تي وڻجارن لاءِ ورلاپ ڪندڙ ونين جو قسم هي ڏڻ لاڙي لهجي جهڙو وڻندڙ آهي. هونئن ته هندو سڀيتا جا سڀئي ڏڻ، تهوار، ۽ پرٻ وڏا آهن، ديپاولي جي اُجالن ديپن کان وٺي هولي جي حُلواڻيل رنگن تائين سڀني ڏڻن جي پنهنجي الڳ الڳ مهانتا آهي پر سڀني کان سُندر سهائي ٽيج وارو پرٻ آهي جنهن تي عورتون خصوصن خوش هونديون آهن. وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائينديون آهن. هن ٽيج جي تهوار کي هريالي ٽيجڙي به چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته هي چوماسي جي مند ۾ هوندي آهي بارش وسڻ ڪري هرهنڌ ساوڪ يعني هريالي هوندي آهي.
هن ڏينهن تي ڇوڪريون ٽيجڙي ماتا جو ورت رکنديون آهن. اهڙو ورت جنهن ۾ صرف اَناج ناهن واپرائينديون. سانوڻ جي مهيني کي هندو ڌرم ۾ ورتولن وارو مهينو چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته سانوڻ ۾ سهائي ٽيج کان وٺي اونداهي اٺم تائين مختلف تِٿن (تاريخن) تي وِرت (روزا) رکيا ويندا آهن. هي مهينو هندو ڌرم ۾ ان ڪري به مهانتا رکي ٿو جو هن ئي مها مهيني ۾ گيتا جهڙو امر اپديش ڏيندڙ ڀڳوان شري ڪرشن جو جنم مُبارڪ ٿيوهو. شري ڪرشن جي جنم شڀ تي جنم اشٽمي ملهايو ويندو آهي جنهن کي ڍاٽڪي ۾ ڪانهوڙو چوندا آهن. ڪانهوڙو سڀني وِرتن جي انت ۾ ملهايو ويندو آهي.
سانوڻ جي پهرين ٽيج اچڻ سان سرتين ۾ خوشي جي لهر اٿيندي آهي. هي تهوار عورتون خاص ڪري پيڪين گهر ملهائينديون آهن. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ساهرن ۾ هوندي آهي ته ان جا مائٽ هن کي ڪوٺڻ ايندا آهن. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ڪنهن مجبوريءَ سبب مائٽن کان ڪوٺجي نه سگهي ته هن ڏڻ تي ڏوراپا ڏيندي آهي ۽ چوندي آهي بقول مرچو ورتيو جي ته؛
بيرا منان بيگو تيڙڻ آئي، آوي سرامڻ ري ٽيج ري،
هون تو جهولان وڙلي، ٻڌوڙي هينڏ ري.
(اي ڀاءُ! مون کي جلدي وٺي وڃ، سانوڻ جي ٽيج آئي آهي. وڻ ۾ ٻڌل پينگهه ۾ لڏڻ لاءِ مُنهنجو من تڙپي ٿو).
هي تهوار ٿر ۽ مارواڙ (راجسٿان) ۾ خاص طور تي مشهور آهي. ڍاٽ ۽ مارواڙ جي تهذيب ۽ تمدن لڳ ڀڳ هڪ جهڙي آهي. راسوڙن واري رمڻيڪ ريت کان وٺي ڏانڊيي راند تائين سڀئي سڀيتائون هڪ گريٽر سنڌ جي گواهي ڏين ٿيون. سانوڻي رت جي مڌر ماحول ۾ ملهائي ويندڙ ٽيجڙي جو پس منظر تمام رومينٽڪ هوندو آهي. چوڙيلين جي ميندي رتن هٿن ۾ چوڙين جي جهنڪار، سرتين جا سئو سئو سينگار، پن پاتلين اکين ۾ ڪجل ريک جي ڌار ۽ جوڀن جا کل کيٽا هن تهوار کي تمام خوبصورت بڻايو ڇڏين. چنچل روپي ڇوڪرين جي ڇڙواڳي تڏهن ويتر وڻندي آهي. جڏهن هينڏ (پينگهه) ۾ لڏنديون آهن. نم، ڪنڊي يا ديوي جي وڻ ۾ ٻڌل پينگهه ۾ لڏندڙ پدمڻيون هر لوڏي تي وڻ جي ٽاريءَ کي ڇهڻ جي چٽا ڀيٽي ڪنديون آهن. جنهن کي ساسو جي سونڪڻي چيو ويندو آهي. جڏهن ڪا ساهڙي ٽاريءَ کي ڇهندي آهي تڏهن ٻيون سڀئي سرتيون کِل ۾ ويڙهجي وينديون آهن ۽ هن جا محبت ڀريا رومانوي ڀوڳ ڪنديون آهن. ٽيجلڙي جي تهوار تي هر سرتي جي هِردي ۾ ساجن جي سڪ جو ساگر ڇوليون هڻندو آهي. ڍولي جي ڇڪ اندر ۾ اڃ اُساٽ پيدا ڪندي آهي. جڏهن سڀئي سرتيون آڀي ۾ اُڏامندڙ سرمئي بادلن جهڙا بانورا ويس وڳا پائي . هڪ ٻئي سان هٿڙا ملائي تاڙين جي تڙاپ ۾ راسوڙن تي رقص ڪنديون آهن تڏهن هر جوان وجود جي جيءَ ۾ ڪانڌ سان ڪچهري ڪرڻ واري تمنا ڪارونجهر جئين ڪر کڻندي آهي. نوجواني جي نبور عشق ۾ آرس موڙيندي انگ انگ مان ارگت وهي ويندو آهي. پوءِ ارهه ڏيئي اِيس ڀڄڻ واري من ڀاونا پيئان پيئان ته به نه ڍاپان واري حيرت ڪندڙ حد تي پڄندي آهي.
سرامڻ را سترنهن ڏينهن، آوي نويلي ٽيج،
تون برسين پِرديس پيا، مين اوپر بيج.
(سانوڻ جا سندر ڏينهن سترنهن آهن ۽ هي ٽيج ته نياري آهي اي پريتم! تون پرديس ۾ آهين، مون مٿان کنوڻ تجلا ڏيئي رهي آهي).
مور تو جهينگور ٻولي مور ٻـولي ون ۾،
ٽيج رو تو نه آويو ڍولا ڌوڙ ٿانري ڌن ۾.
(اي ڍوليا! ڌيما ڌيما مڌر مور ٻولي رهيا آهن. بنِ ۾ مورن جا ٽهوڪا آهن. ٽيج جهڙي سندر ڏڻ تي به تون نه آئين پرديس ۾ ڌن ڪمائڻ ويو آهين. پوئتي ڪنڌ به ڪو نه ورايو ته تو سواءِ ٿاريليءَ هن مند ۾ ڪئين ڪٽيندي. ڍولا! تنهنجي اهڙي دولت ۾ شل ڌوڙ پوي!)
ٽيجلڙي جي هن تهوار تي جيڪڏهن بارش پوندي آهي ته وڻجاريءَ کان ورَ جو وڇوڙو برداشت ناهي ٿيندو ۽ هن جي دل دانهون ڪري چئي ڏيندي آهي ته؛
گهڻ گاجي ٻيجل، کوي برسي بادل ٻَار،
ساجن بن لاگي، سکي انگ پريوند انگار.
(اي سکي! گج گوڙ سان مينهن وسي رهيو آهي. کنوڻ جا تجلا آهن، مينهن ڪڻين ۾ آئون اڪيلي ڀِڄي رهي آهيان. ساجن بنان هي بوندون منهنجن پياسن لنڱن تي ٽانڊن جئين لڳي رهيون آهن. منهنجي ننڊ چتا ۾ جلي رهي آهي).
ٽيج جي ڏينهن ٽيجڙي ماتا جو روزو رکندڙ ڇوڪريون تراين ۾ گجوا تارينديون آهن. گجوا ڪڻڪ جي سلن کي چيو ويندو آهي. جيڪو ٽيج کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ مٽي جي ڪونڊي ۾ واري وجهي ان ۾ پوکينديون آهن. پلر جي پالوٽ ۾ تار تلائن جي ڪپرن تي گيتڪاريون گيت ڳائي، گجوا پاڻي تي تارينديون آهن. سامروٽي جي سيمن کان وٺي گڊ امراڻي تائين گيتن جي گونج ۾ دراوڙ دوشيزائن ۽ سوڍين جي سونهن جا تجلا ٿر کي امر بڻايو ڇڏين.
هيلوڪي ٽيج ۽ عيد گڏ ٿيون آهن، ٿر اهڙو خطو آهي جتي هندو مسلم ايڪتا سموري سنسار لاءِ مثال آهي. اهڙي خطي ۾ ٽيج ۽ عيد جو گڏجڻ هڪ سٺو سنئوڻ آهي. الڳ الڳ تهذيبون ۽ ڌرم جڏهن بنان ڪنهن ٽڪراء جي هڪ الک ۽ آڪاش جي ڇانوري هيٺ گڏجي خوشيءَ ملهائيندا آهن تڏهن دُنيا امن جو هندورو ٿي پوندي آهي...!!