ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي هائيڪن تي تنقيد جي ڇنڊ ڇاڻ
روزانه بخت ور ۾ 17_9_97 ۽ 18_4_1997 تي رزاق انصاريءَجو تنقيدي مضمون تنوير عباسيءَ جي ڪتاب “ساجن سونهن سر جو تنقيدي جائزو” شايع ٿي.ڏٺو وڃي ته ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب به غلطي ڪري سگهي ٿو ۽ رزاق انصاريءَ کي به تنقيد جو حق آهي پر تنقيد ۾ رزاق انصاريءَ ڪيترا بنياد ڪمزور کنيا آهن. ذاتي حملا به ڪيا اٿس ۽ پڻ اجائي پٽاڙ جو به شڪار ٿيو آهي. بار بارساڳيا لفظ مٽائي سٽائي ساڳي ڳالهه ڪندو رهيو آهي.
تنقيد لاءِ پهريون هي هائيڪو ڏنل آهي:
سانوڻ رات ننڍي،
پنهنجي درد فراق ۾،
ڪيتري پئي اينگهي.
ان تي رزاق انصاريءَ اعتراض واريو آهي ته سانوڻ ۾ مينهن پوندا آهن سو بجلي به ويندي آهي. مڇر ۽ مينهوڳيءَ سبب رات وڏي لڳندي آهي. انڪري ٽيڙو غلط آهي. حالانڪ هائيڪي ۾ مينهن واري موسم جو ذڪر نه آهي. پر سانوڻ جي ننڍين راتين ڏانهن اشارو آهي ته محبوب جي ياد ۾ اهي ننڍيون راتيون به وڏيون لڳن ٿيون. ڇا سانوڻ(اونهاري) جون راتيون ننڍيون نه هونديون آهن؟ ان ڪري ان هائيڪي تي اعتراض خود اعتراض جوڳو آهي.البته هائيڪي جي قافين “ ننڍي..اينگهي” جي ڪمزور هجڻ جي نشاندهي ڪئي وڃي ها ته به ڳالهه ٺهي ها. متان ڪو چوي ته اصل هائيڪي صنف ۾ قافيو ڪم آڻي نواڻ ڪئي وئي آهي. هر هڪ شاعر کي خبر آهي ته قافيو شاعريءَ جي جان هوندو آهي. انڪري ئي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سنڌي هائيڪي ۾ قافيا آندا آهن. برابر اها نواڻ لائق تحسين آهي پر جڏهن قافيا (هم آواز لفظ) ڪتب آڻبا ته اهي ڪمزور ۽ غلط نه هجڻ کپن پر ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ڪن هائيڪن ۾ ڪمزور قافيا استعمال ڪيا آهن جيڪا شاعريءَ جي اعتبار کا خامي آهي.
ان کان پوءِ هي هائيڪو ڏنل آهي:
رات ڊگهي ۽ سيءُ،
وقت گذارڻ آ ڏکيو،
وٺ هي برنڊي پيءُ.
ان هائيڪي جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي سان اختلاف ۽ رزاق انصاريءَ سان اتفاق ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته برانڊي(منشيات) جي ترغيب ڏيڻ چڱي ڳالهه ڪونهي. جيڪڏهن وقت گذارڻ ۽ سيءَ کان بچڻ لاءِ سوڙ سورڻ، مچ ٻارڻ، هيٽر هلائڻ، ماکي کائڻ ۽ چانهه پيئڻ جي صلاح ڏني وڃي ها ته سٺو هو.
تنقيد هيٺ آيل ٽيون هائيڪو آهي:
موتئي جي سرهاڻ،
هي گرمي ۽ گهٽ ڀي،
وڻي ٿي ڏاڍي هاڻ.
رزاق انصاريءَ موجب گرمي ۽ گُهٽ ڪنهن کي وڻندي آهي پر دوست کي خبر ناهي ته محبوب جي موجودگيءَ ۾ اها گُهٽ يا گرمي به نه لڳندي آهي.
چوٿون هائيڪو هي لکيو ويو آهي:
ڏاڍا ميگهه ملهار،
ڏسي ڏسي سڏڪا ڀريا،
ڀني لغڙ کي،ٻار.
رزاق انصاري لکي ٿو ته مينهن جي موسم ۾ لغڙ نه اڏاربا آهن پر کانئس سوال آهي ته ڪنهن ٻار اگر لغڙ اڏاريو ته ڇا نا ممڪن آهي۽ ڪيئن؟ البته هائيڪي جو مواد وچڙيل بيان ڪيو وڃي ها ته صحيح ٿئي ها ۽ “ ميگهه ملهار” لفظ مذڪر ناهي نه وري ان جو جمع ٿيندو انڪري اهو هائيڪو هن طرح ٿيندو:
ڏاڍي ميگهه ملهار،
ڏسي ڏسي سڏڪا ڀريا،
ڀنل لغڙ کي، ٻار.
پنجون هائيڪو هي آهي ته:
وڃڻو ڇاتيءَ تي،
هن گهٽ ۾ به کڻي وئي،
ننڊ نماڻيءَ کي.
رزاق انصاري ان تي تنقيد ڪري ٿو ته گُهٽ ۾ ننڊ نٿي اچي سگهي حالانڪ ايئن ناهي سڄو ڏينهن هڻ هڻ ڪرڻ واري کي گرمي ۽ گهٽ ۾ به تمام جلد ننڊ اچي ويندي آهي.
ڇهون هائيڪو هي ڏنو ويو آهي:
ٽي وي بند ڪريو،
مان ڀي ويٺو آهيان،
مون ڏي ڀي ته ڏسو.
رزاق انصاريءَ موجب تنوير عباسيءَ جي اهميت ڪري هن ڏانهن ڪير نه خيال ڪندو پوءِ ٽي وي ڇو ٿو بند ڪرائي؟ حالانڪ هي جذبا چٽيل آهن. هڪ ان ڪراڙي جا جيڪو ڏسندو آهي ته ڪو به ان ڏانهن ايترو به توجه نٿو ڪري جيترو ٽي ويءَ ڏانهن ڪري ٿو. ان ڪري جوش ۾ اچي چوي ٿو ته مان اوهان جو وڏو ويٺو آهيان مون سان به ڳالهيون ڪريو مون سان دل وندرايو اها ٽي وي کڻي بند ڪريو. رزاق انصاري جيڪڏهن قافين“ ڪريو... ڏسو” کي ڪمزور قرار ڏئي ها ته به سٺو هو ۽ ٻيو ان هائيڪي ۾ ٻه ڀيرا لفظ “ڀي ” استعمال ڪري هائيڪي جهڙي ننڍي شعر جي سونهن ختم ڪئي وئي آهي. ان جو ذڪر ڪري ها.
ستون هي هائيڪو ڏنل آهي:
پکين ڪهڙا ماڳ،
سج لٿي واهيرو ۽،
پرهه ڦٽيءَ جا جاڳ.
رزاق انصاري موجب ڊاڪٽر تنوير عباسي پکين جو ماڳ واهيرو يعني آکيرو ٻڌائي به ٿو ٻي طرف لکي ٿو ته پکين کي ماڳ آهي ئي ڪونه اها ڳالهه ڪنهن قدر صحيح نه آهي. اها تنقيد جائز آهي.
اٺون هائيڪو ڏنل آهي ته :
ڀڙڪو کاڌو جهرڪ،
۽ هن الهڙ ڇوڪريءَ،
ڪيئن نه ڀريو ڇرڪ.
رزاق انصاري ان تي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته جهرڪ جي ڀڙڪي تي ڇوڪري ڇرڪ ڪيئن ڀريندي؟ حالانڪ ڪڏهن ڪڏهن معمولي کڙڪي تي ڇرڪ ڀرجي ويندو آهي. رزاق انصاري هائيڪي جي ڪمزور قافين طرف اشارو نه ڪيو آهي. حالانڪ جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب اهو هائيڪو هن طرح لکي ها ته ساڳيا قافيا صحيح ٿي پون ها.
اوچتو اڏريو جهرڪ،
۽ هن الهڙ ڇوڪريءَ،
ڪيئن نه ڀريو ڇرڪ.
نائون هائيڪو هي ڏنو ويو آهي:
ڪولاچيءَ جو ڪن،
هي جو کاڏيءَ کپ آ،
يا هي تنهنجو دن.
رزاق انصاريءَ موجب سنڌ جي تاريخي ماڳ جي دن يا کاڏيءَ کپ سان تشبيهه ڏيڻ ان جاءِ جي توهين آهي.” حالانڪ تاريخي جاين جي عضون سان تشبيهه ڇو نه ٿي ڏئي سگهجي رڳو ڏسجي ته فحاشيءَ جو ڪو ڪو پاسو نٿو نڪري ۽ هائو ان هائيڪي ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي ڪولاچيءَ جو ڪن استعمال نه ڪري ها ڇو ته اهو ڪلاچيءَ جو ڪُن سڏبو هو. ان طرح هن هائيڪي ۾ ٻه ڀيرا “هي” لفظ يڪسانيت پيدا ٿو ڪري هڪ شعر ننڍو، وري ان ۾ هڪ جهڙن لفظن جو استعمال صحيح ڪيئن لڳندو؟ ان کان علاوه اهو هائيڪو ڪو خاص تعميري مقصد نٿو ڏئي.
ڏهون هائيڪو هي آهي:
گهٽبو ناهي پيار،
جيڏا وار اڇا ٿيا،
اوڏو وڌندو يار.
رزاق انصاري لکي ٿو ته محبت وڌڻ جو اڇن وارن سان ڇا؟ حالانڪ جيئن عمر گذرندي آهي تئين شعور وڌندو آهي. هڪ ٻئي جو تجربو ٿيندو آهي جنهن جي بنياد تي پيار وڌندو آهي.
يارهون هائيڪوهي ڏنو ويو آهي:
اونداهي ٻٽ هاڻ،
آندي جهوٽي اوچتو،
رابيلن سرهاڻ.
رزاق انصاري لکي ٿو ته اوندهه ۾ رابيلن جي سرهاڻ جو جهوٽو ڊاڪٽر صاحب کي ڪيئن نظر آيو. پر روشني جو ترورو چيو وڃي ها“ حالانڪ هائيڪي ۾ سرهاڻ جي جهوٽي ڏسڻ جو ڪو ذڪر ناهي. انڪري تنقيد غلط ڪيل آهي. البته رزاق انصاري ان هائيڪي تي حقيقي تنقيد نه ڪري سگهيو آهي جو ٻٽ گرمي يا ٻوسٽ چئبو آهي. اگر چيو وڃي ته اتي اونداهي ۽ ٻٽ جدا آهن ته انهن وچ ۾ حرف جملو به ڪونهي. اهو هائيڪو هن طرح ٿيندو.
اوندهه ۽ ٻٽ هاڻ،
آندي جهوٽي اوچتو،
رابيلن سرهاڻ.
جيڪڏهن چيو وڃي ته “اونداهي ٻٽ” مان مراد ڏاڍي اوندهه آهي ته به غلط آهي ڇو ته ڏاڍي اوندهه کي گهگهه اوندهه چئبو آهي. ٻٽ ته ٻوسٽ کي چئبو آهي.ان صورت ۾ هائيڪو هن طرح ٿئي ها:
اونداهي گهگهه هاڻ،
آندي جهوٽي اوچتو،
رابيلن سرهاڻ.
ٻارهون هائيڪو تنقيد هيٺ هي آندو ويو آهي:
هوريان هوريان پيءُ،
مينهن به ڦڙ ڦڙ ٿو وسي،
ان جو ساٿي ٿيءُ.
رزاق انصاري موجب ڊاڪٽرتنوير عباسيءَ هائيڪي ۾ شراب نوشيءَ جي ترغيب ڏئي غلط ڪيو آهي. ان ڳالهه ۾ رزاق انصاريءَ سان اتفاق ڪري سگهجي ٿو.
تيرهون هائيڪو هي ڏنو ويو آهي:
اسر کان هڻ هڻ،
منجهند نم جا ڇانءَ ۾،
ڪٻرين جي ٽڻ مڻ.
رزاق انصاري لکي ٿو ته ڪٻريون نم جي ڇانوَ ۾ سو به منجهند جو ڏيکاريون ويون آهن سو اهو غلط خيال آهي.” حالانڪ اهو ڇا لاءِ غلط آهي؟ ڇا ڪٻريون منجهند جو نم جي ڇانو ۾ ٽڻ مڻ نه ٿيون ڪري سگهن؟ وري رزاق انصاري لکي ٿو ته اگر ڪٻرين مان مراد عورتون وٺجن ته ڪم وارين عورتن جي گهرن ۾ ٽڻ مڻ ڪونه ٿيندي آهي. حالانڪ کاري ۾ ٻه وٽا هوندا ته اهي به ٺهڪندا ان طرح عورتن جي ٽڻ مڻ جو هجڻ ڪيئن نا ممڪن آهي؟ مٿين هائيڪي ۾ “ هڻ هڻ” (آخري حرفن تي پيش) سان ٽڻ مڻ (آخري حرفن کي زير) قافيا ڪمزور آهن. اها نشاندهي نه ڪئي وئي آهي.
چوڏهون هائيڪو هي ڏنو ويو آهي:
ماڪ سان آلي ڪار،
سومهڻي سياري سندي،
ڪنهن جو انتظار.
رزاق انصاري ان هائيڪي ۾ ڪمزور قافين “ڪار، انتظار” ڏانهن اشارو نه ڪيو آهي ۽ پڻ رزاق انصاري لکيو آهي ته ماڪ صبح جو وسندي آهي حالانڪ ماڪ ته سومهڻي کان وسڻ شروع ٿيندي آهي.
رزاق انصاري اهو غلط لکيو آهي ته ڪار ڪيئن ٿي انتظار ڪري حالانڪ هائيڪي ۾ ڪار بيٺل ڏيکاري انتظار محسوس ڪرايو ويو آهي ان ۾ ائين به ڪونهي ته ڪار انتظار ڪري ٿي پر ان موجب ڪار ڪنهن جي انتظار ۾ بيهاري وئي آهي.
پندرهون هائيڪو تنقيد لاءِ هي آندل آهي ته :
ٻگهه چپ بيٺو هو،
هوا لڳي ڍنڍ تي،
ٻگهه جو عڪس چريو.
رزاق انصاري لکي ٿو ته ٻگهه کي هٿ سان ڊاڪٽر صاحب چپ ڪرائي آهي ڇا؟ وري ٻگهه ڪيئن چريو جو عڪس چُريو؟” حلانڪ رزاق انصاري هائيڪي سمجهڻ ۾ غلط ويو آهي ڇو ته هوا پاڻي ۾ معمولي ڇولي آندي جنهن ڪري ٻگهه جو عڪس چريو. يا وري خود پکي بس ڪري بيهڻ کان پوءِ چري ٿو ائين ٿي سگهي ٿو. ڇا ٿئي ها جو رزاق انصاري هائيڪي ڪمزور قافين “ هو، چريو” جي نشاندهي ڪري ها. ان طرح هائيڪي ۾ ٻگهه بجاءِ ڪنگ ڪتب آندل هجي ها جيڪو مڇيءَ جي تاڙ ۾ چپ چاپ پاڻي اندر بيٺو هوندو آهي.
سورهون هائيڪو هي ڏنل آهي:
بنا سبب سنسار،
پوءِ به ڪيڏي سونهن آ،
پوءِ به ڪيڏو پيار.
رزاق انصاري سان مان ان باري ۾ اتفاق ڪريان ٿو ته هي سنسار(جهان) بنا سبب پيدا نه ٿيو آهي. پر ڊاڪٽر تنوير عباسي ان کي بنا سبب پيدا ٿيل ٻڌائي ٿو. عقلي طرح ڏٺو وڃي ته به ننڍي ڪا شيءِ ٺاهجي ٿي ته ان جو به ڪو نه ڪو مقصد يا سبب هوندو آهي. سئي ننڍي ۽ معمولي شيءِ آهي ان جو مقصد سبڻ، کوٽڻ، سوراخ ڪڍڻ وغيره آهي ته پوءِ هي جهان بنا مقصد جي ڪيئن پيدا ٿيندو؟ شرعي اعتبار کان به اهو کائڻ، پيئڻ ۽ مرڻ مقصد حيات هجڻ يا بنا سبب تخليق ڪائنات وارو فلسفو غلط آهي الله تعاليٰ فرمايو آهي ته:
اسان زمين آسمان ۽ ان ۾ جو ڪجهه آهي پيدا ڪيو راند روند نه ڪئي آهي (انبياء 16، دخان 38) اسان آسمان، زمين ۽ انهن ۾ جو ڪجهه آهي هروڀرو پيدا نه ڪيو آهي (ص 27) دهرين چيوته “ ۽ چيائون زندگي جو ڪجهه آهي رڳودنيا جي ئي آهي ۽ مرڻ بعد اسان کي نه جياريو ويندو.(مومنون 37) چيائون ته زندگي بس هن دنيا واري ئي آهي هتي اسان جو مرڻ جيئڻ آهي ۽ زماني کان سواءِ ڪا شيءِ ناهي اهو ئي ختم ڪندو (جاثيه 24) وري ٻي پاسي آيو آهي ته کا سمجهو ٿا ته اسان توهان کي بي فائده خلقيو آهي (مومنون 115) مسلمانن چيو “ رب اسان جا هي سڀ ڪجهه تو هروڀرو نه پيدا ڪيو آهي (آل عمران 191) الله فرمايو،“خدا موت حياتي پيداڪئي ته توهان کي آزمائي ته ڪير ٿو چڱا ڪم ڪري (ملڪ 2).
سترهون هائيڪو تنقيد لاءِ هي پيش ڪيو ويو آهي.
پرينءَ جو پاڙو،
گهٽي گهٽي ڪاڪ آ،
۽ پاڻي ٻاڙو.
ان ڳالهه ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي صحيح نٿو لڳي جو پرينءَ جي پاڙي جو پاڻي ٻاڙو ٿو چوي ڇو ته عاشق محبوب جي ڏنل زهر کي به زم زم سمجهندو آهي. جيئن شاعر چيو آهي:
زهر کي زم زم ڪري پي ڏٺو مون.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمائي ٿو ته:
سون برابر سڳڙا، مارو سندا مون،
پٽولا پنهوار کي، عمر آڇ مَ تون،
ورُ لوئي جي لُون، ڏاڏاڻن ڏنيام جا
(شاهه جو رسالو آءِ آءِ قاضي سرمارئي داستان 3 بيت 3)
ارڙهون هائيڪو هي آهي جنهن تي تنقيد ڪئي وئي آهي.
ها ها او ڌاڙيل،
کڻي وڃ سڀ سون پر،
پٽيو نه هي رابيل.
رزاق انصاريءَ جي تنقيد صحيح ناهي ته ڌاڙيلن سان ڪير ڳالهائندو؟ پر ائين ناهي انهن سان مقابلو به ٿيندو آهي ڪڏهن انهن کي قرآن ۽ واسطا به ڏنا ويندا آهن. رزاق انصاري رابيل مان گل ئي مراد ورتي آهي ته ڌاڙيلن جو رابيل گل پٽڻ سان ڇا؟ حالانڪ رابيل مان مراد ٻار آهن ڌاڙيل سون وغيره ته ڦريندا آهن پر ماڻهو به اغوا ڪندا آهن خاص ڪري ٻار جن جي ڇڏائڻ لاءِ پيءُ ماءُ سر ڌڙ جي باري۾ لائي به ڌاڙيلن لاءِ رقم جو بندوبست ڪندا آهن ۽ اهڙي رابيل (ٻار) جي قيمت سون کان وڌيڪ آهي. والدين مان ڪو ڌاڙيلن کي سون ڏيندي ايلاز ٿو ڪري ته ٻار نه کڻي وڃو. ٻارن جي اغوا جا واقعا ٿيندا رهن ٿا ان لاءِ هي خبر ثبوت طور پيش ڪران ٿو. روزانه بخت ور ۽ روزانه مهراڻ 7.1.1998موجب ٻه هٿيار بند خيرپور جي ڏٻر محلي ۾ الهڏني شر جي گهر ۾ داخل ٿي پنجين درجي جي شاگردياڻي زبيده شر کي اغوا ڪري ويا. اهڙيون خبرون لڳنديون رهن ٿيون.
اڻويهين هائيڪي تي رزاق انصاريءَ تنقيد ڪئي آهي.
هي ٽشو پيپر،
سرهو اڄ ڀي جنهن سان تو،
اُگهيو ڪالهه پگهر.
رزاق انصاري لکي ٿو ته ٽشو پيپر سان پگهر وڏا ماڻهو اگهي اڇلي ڇڏيندا آهن سو رکي ڇڏڻ جي ڳالهه غلط آهي. حالانڪ شاعر جو معشوق وڏ گهراڻي سان تعلق رکندڙ هوندو ۽ عاشق لاءِ معشوق جي پگهر اگهيل ٽشو پيپر جي وڏي اهميت آهي. تنقيد ۾رزاق انصاري غلط آهي.
ويهون هائيڪو تنقيد ۾ آيل آهي ته:
ڏکڻ هير لڳي،
ڪنهن وينگس جي ارهه تان،
رئو ويو کسڪي.
ان باري ۾ اگر رزاق انصاري لکي ها ته اهو هائيڪو پڙهندڙن کي سواءِ الفت جي ٻيو ڪجهه به نٿو ڏئي ته ساڻس اتفاق ڪريان ها پر سندس اهو لکڻ غلط آهي ته رئو ارهه تان ڪيئن کسڪندو. ان کان علاوه رزاق انصاريءَ جي ديد قافين طرف نه وئي نه ان هائيڪي ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ڪمزور قافيا “ لڳي......کسڪي” ڪم آندا آهن.
ايڪويهون هائيڪو تنقيد لاءِ هي ڏنو ويو آهي.
سانوڻ مينهن پيو،
ڪنهن سهڻيءَ جي ارهه سان،
چولو چنبڙي پيو.
رزاق انصاري غلط لکيو آهي ته مينهن سان چولو ڪيئن چنبڙندو آهي ان ڪري هائيڪو غلط آهي. حالانڪ کيس ان هائيڪي ۾ تنقيد جا ٽي بنياد نظر نه آيا آهن. هڪ ته هائيڪو فحش ۽ جنسي لذت کانسواءِ ڪجهه ناهي ٻيو ته مينهن رڳو ارهه تي پيو ڇا؟ مينهن ته سڄي جسم يا بدن تي پوندو آهي ان ڪري بدن سان ڪپڙن جو چنبڙڻ بيان ڪيو وڃي ها. ٽيون ته هائيڪي ۾ قافيي بجاءِ “ پيو” رديف استعمال ڪيو ويو آهي.
ٻاويهون هائيڪو تنقيد لاءِ آندل آهي ته :
تنهنجا ارهه انار،
مکڻ جي نرمي منجهن،
ڪٿان آئي يار.
رزاق انصاريءَ لکيو آهي ته ارهه جي تشبيهه انار سان غلط آهي ڇو ته انار ۾مکڻ جهڙي نرمي نه هوندي آهي ٻيو ته انار ۾ داڻا هوندا آهن. اها تنقيد غلط آهي ڇو ته ارهه جي انار سان تشبيهه نرمي ڪري ڏنل آهي. تشبيهون رنگ ۽ صورت سبب ۽ مکڻ سان تشبيهه نرمي ڪري ڏنل آهي. تشبيهون صحيح آهن البته هائيڪو فحش ۾ ڀريل آهي. اهڙي شاعري تعميري نه پر تخريبي آهي. جنهن سان جنسي انتشار پکڙجي ٿو. هن تنقيد ۾ آيل ٽن هائيڪن ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ “ارهه” لفظ استعمال ڪيو آهي.خبر پوي ٿي ته ڊاڪٽر صاحب وٽ لفظن جو ڪال آهي نه ته ارهه لاءِ ٻيا لفظ پستان، ببا ۽ ڇاتيون وغيره آهن. ٽيون ته عورت کي يار چوڻ صحيح ناهي. ڇو ته سنڌي ۽ اسلامي ثقافت ۾ مرد عورت جي ياري خراب ليکي ويندي آهي.
ٽيويهون هائيڪو تنقيد لاءِ هي ڏنل آهي:
مسجد ڏي پئي ويو،
رستي ۾ گل ٽڙيل ڏسي،
اتي ترسي پيو.
رزاق انصاريءَ جي تنقيد غلط آهي جو لکي ٿو ته ڪو به سچو نمازي نماز لاءِ ويندي گل ڏسي بيهي ڪونه رهندو. حالانڪ گل مان مراد حسن ۽ تماشا وغيره آهن. جيڪڏهن ڪو نمازي نماز لاءِ ويندي ڪنهن تماشي يا محبوب جي ديدار۾ بيهي رهيو ته ڇا ٿي پيو؟ ائين زماني ۾ نٿو ٿي سگهي ڇا؟
(روزانه مهراڻ حيدرآباد ۾ 4.2.1998ع ۽ 5.2.1998ع تي ڇپيل)