ڇا شڪارپور جا در ڌُڪن تي وڌندا رهندا؟
شڪارپور جي ٻن وڌيڪ درن بابت ڪجهه وقت اڳ پهريائين پهريائين سنڌي اخبارن ۾ ۽ پوءِ پيغام آڪٽوبر 1999ع ۾ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جو مضمون “ شڪارپور جا ٻه وڌيڪ در” شايع ٿيو. مضمون کي هروڀرو وڌائڻ لاءِ شڪارپور جي ٻن نام نهاد درن سميت ڏهن دروازن جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪو عنوان يا موضوع کان ٻاهر آهي اگر مضمون اهو رکڻو هو ته پوءِ عنوان يا موضوع کان ٻاهر آهي اگر مضمون اهو رکڻو هو ته پوءِ عنوانرکڻ کپي ها“ شڪارپور جا ڏهه دروازا” پر جيڪڏهن عنوان اهو رکڻو هو ته “شاڪرپور جا ٻه وڌيڪ در” ته پوءِ شڪارپور جي ثابت ٿيل اٺن دروازن جا نالا کڻي باقي ڦاٽ کائيندڙ ٻن درن جو ذڪر ڪيو وڃي ها ۽ انهن کي ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ۽ ثٻوت ڏنا وڃن ها پر هتي اٽي ۽ گهوٻاٽي واري ڪار لڳي پئي آهي.
مضمون جو حال اهو آهي ته اول ثابت ڪيو ٿو وڃي ته قديم حوالن ۾ شڪارپور جا اٺ دروازا آهن ڪنهن به قديم حوالي ۾ اٺن کان مٿي دروازن جو ڪر نه آهي البته هن صديءَ جي وچ ڌاري لکيل غلام رسول مهر جي ڪتاب ۽ ميونسپل جي رڪارڊ بغير ڪنهن تفصيل جي بنياد تي ٻح در ٻيا به اڙايا ويا آهن. جڏهن ڪوٽ ۽ دروازا انور صاحب چواڻي 1843ع۾ سلامت ملن ٿا اهڙو ذڪر تاريخن ڪيو آهي تهه ان دور ۾شيخ افضل در ۽ ڪوٽ در ڪنهن کي ڏسڻ ۾ ڇو نه آيا ان جي ڪابه وضاحت نه آهي. تحقيق ۽ وضاحت ۾ اڳين حوالن کان وڌيڪ حوالن مطابق اٺن درن کي رد ڪرڻ لاءِ ۽ ڏهن دروازن کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪٿي به قديم ۽ مستند حوالا نه ڏنا آهن. جنهن ڪري اها ڳالهه تاريخي اصولن مطابق ڪوڙ تي مبني چئبي ته شڪارپور ۾ ڏهه دروازا هئا باقي تو مونجهڙي هن دور جيماڻهو جي بي دليل ۽ بنا ثبوت جي ڳالهه تي ڳنڍ ڏيڻ نه تحقيق آهي نه تاريخ ۽ اهو رواج هليو ته صبحاڻي جا ليکڪ اهو لکندا ته 1999ع ۾ ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي لکيو هو. ته شڪارپور کي ڏهه دروازا هئا پر دليل ثبود ندارد. منهنجو ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو کان هڪڙو سوال آهي ته شڪارپور کي ڏهه دروازا هئا ته قديم ثبوت پيش ڪري نه ته قديم حوالا ۽ لوڪ روايت ته شڪارپور کي اٺ دروازا هئا رد نه ٿيندا.
هاڻي ٿورو تفصيل انهن قديم ۽ مستند دليلن ۽ حوالن جو مختصر ذڪر ٿي وڃي جيڪي ڪوٽ ۽ درن جي سلامت هجڻ واري دور جا آهن.
شڪارپور جي اها لوڪ روايت آهي ٽه شڪارپور کي اٺ دروازا هئا لوڪ روايت بي دليل ۽ بي ثبوت ڳالهه جي بنياد تي ڪيئن رد ٿيندي؟ ان لوڪ روايت ۾ عام ماڻهن جو روايتون شاعرن ۽ ليکڪن جون لکڻيون اچي وڃن ٿيون. مثال طور ڊاڪٽر انور فگار موجب شڪارپور جي شاعرن جي دفترن مان گمنام شاعر جو شعر به اٺ دروازا ٻڌائي ٿو
لکيءَ لک اپايا هزاري هنيا
هاٿي جي همت سان خانپور کنيا
ڪرن در ڪوڙو ٿيو،واڳڻو وريو
سوي در سائو ٿيو، نوشهرو نئون.
مٿي مولا بخش مسڪين جي شڪارپور بابت ستن بيتن ۾ به شڪارپور جا اٺ دروازا ذڪر ٿيل آهن مثال طور
لقو مان لکي در تي عالم اچي ٿو
محبتي ماڻهن جو ميڙو مچي ٿو
عجب رنگ رچي ٿو،مهربان مسڪين چئي.
*******
مهر مان مسڪين چئي، آهه هزاري در هل
هاٿي در جي هٻڪار جو مور نه آهي مل
برهه ڏسي نه ڀل، خوشيءَ مان خانپوري در جو
*********
خوشيءَ مان خانپوري در ڇڏي ،سوي در ڏي سر،
اسٽور ۾ اچي ڪري، واڳڻي در ور
ڪامل کڻي ڪر، گهمج باغ وڪيل جو.
***********
ڏسي باغ وڙهي هلج لاڳاپا لاهي
صديق ماڙيءَ کان سري ڪرن در ڪاهي
نوشهرو نالي، وڃي ڏس شاهي باغ کي.
**********
وڃي ڏس شاهي باغ گهمي گهٽيون گهيرا
ڏئي چڪر چمن جا ڏي چاهه منجهان ڦيرا
ڳٽ ڳٽ ڪن ڳيرا، ويهي وڻن وچ ۾.
*****
اهڙي طرح “ شڪارپور تاريخ جي روشني ۾ ” نالي سان غلام احمد بدوي مضمون لکيو جيڪي هاءِ اسڪول شڪارپور جي 1978ع جي سو سالا جشن جي صورت ۾ شايع ٿيو. ان ۾ ۽ 1988ع ۾ حبيب الله مولا بخش جي لکيل ڪتاب “ سهڻو شهر شڪارپور” ۾ ۽ تذڪره لطفي جلد 2 ۾ شڪارپور جا اٺ دروازا ،هزاري در، هاٿي در، خانپوري در، سوي در، واڳڻو در،، ڪرن در ۽ نوشهرو در لکيل آهن. اهي سڀ لوڪ روايت ۾ شامل آهن. آخر انهن کان شڪارپور جا ٻه وڌيڪ در ڪوٽ در ۽ شيخافضل در لڪل ڇو رهيا؟ انهيءَ لوڪ روايت کي هڪ غلام رسول مهر جي راءِ تي قربان ڇو ڪجي جيڪو هن دور جو ليکڪ ٿيو آهي؟
1843ع ۾ آيل ڪيپٽن ٽي پوسٽنن پنهنجي ڪتاب “ پرسنل آبزرويشن آن سنڌ” ۾ لکيو آهي ته شڪارپور جي چوڌاري ڀت آهي پر حالت زبون اٿس.”
1855ع ۾ ڪيپٽن ايف جير گولڊ سمڊ جي رپورٽ اين هسٽاريڪل ميموريز آ شڪارپور ۾ شڪارپور جا اٺ دروازا بيان ڪيا آهن. (جنت السنڌ ص 651از مولائي شِدائي) جڏهن 1843ع ۾ ڀت موود هئي ته 12 سال پوءِ 1855ع ۾ انهن جا آثار ختم ڇو ٿيا هوندا ۽ 1855ع ڌاري شڪارپور جي ڀت موجود هئي ته دروازا يا دروازن جا نشان ضرور موجود هوندا ته پوءِ ڏهه دروازا ذڪر وڃن ها نه ڪي اٺ دروازا ذڪر ٿين ها. بشرطيڪه ائين هجي ها. جڏهن اٺ دروازا ذڪر ڪيا ويا آهن ته اهي اٺ ئيدروازا هئا وڌيڪ نه هئا ان کان پوءِ اچو ته ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جي اها تحقيق ڏسو جيڪا هن ٻن وڌيڪ دروازن ڪوٽ در ۽ افضل در بابت ڪئي آهي.
[b](الف) ڪوٽ در:
[/b]هن در بابت ڊاڪٽر انور لکي ٿو ته مختلف روايتن ۽ ميونسپل جي اڳوڻي رڪارڊ کي مد نظر رکي ان نتيجي تي پهتا آهيون ته هي در هزاري در جي ڀرسان ٺاٺارن جي گهٽيءَ وٽ مشتاق مسجد ڏکڻ ۾ نصب ٿيل هو.
سوال پيدا ٿئي ٿو ته روايتن ۽ ميونسپل جي اڳوڻي رڪارڊ جي نقل يا عبارتن پيش ڪرڻ کان سواءِ ڊاڪٽر انور فگار ڪهڙي طريقي سان نتيجا ڪڍي ٿو؟ آخر روايتون ڪهڙن قسمن جون آهن؟ ڪهڙي دور جي ڪهڙن ماڻهن جون آهن؟ ڪابه وضاحت دليل، ثبوت ۽ حوالو نه ڏنو ويو آهي. ميونسپل جو ڪيترو اڳوڻو رڪارڊ يا ان جي عبارت ۽ نقل ڪٿي آهن ڪوبه تفصيل نه آهي. ڇا ڊاڪٽر انور فگار جي خالي چوڻ تي پت ڪري در شيخ افضل مڃون؟ مضمون جو عنوان يا موضوع گهر ڪري ٿو ته هنن وڌيڪ ٻن درن بابت پوري معلومات دليل، ثبوت ۽ حوالا ڏنا وڃن پر ائين نه ڪيو ويو جنهن ڪري ڪجهه به ثابت نه ٿيو.
[b](ب) شيخ افضل در:
[/b]ان در کي ثابت ڪرڻ لاءِ انور فگار 1963ع ۾ غلام رسول مهر جي لکيل ڪتاب “ تاريخ سنڌ ڪلهڙا” جو حوالو ڏنو آهي ته اهو در ڏکڻ ۾ هو ان در کان 1136هه ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي حملو ڪيو هو. اهو ڪو قديم يا مستند حوالو نه آهيجو سڀن قديم حوالن ۽ لوڪ روايت کي رد ڪجيص ٻيو ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته اهو ڪنهن ثابت ٿيل در جو ٻيو انلو هجي ٻئي پاسي شيخ افضل جي ڳولا ۾ به ڊاڪٽر انور فگار ناڪام ۽ حيران رهجي ويو آهي جو لکي ٿو ته شايد دائودپوٽن طرفان نادري درٻار۾ ويندڙ سفير، شيخ صادق جي خاندان مان هجي. هاڻي شايد جي بنياد تي ڪا ڳالهه ثابت ٿيندي آهي ڇا؟ جڏهن ته شيخ افضل جي ئي ڪا ڪا خبر آهي نه شيخ افضل در ملي ٿو نه وري شيخ افضل لاءِ ڪو قديم ۽ مستند حوالو آهي نه ڪا لوڪ روايت آهي ته پوءِ آخر شيخ افضل در ۽ ڪوٽ در زوري شڪارپور جي ڪوٽ ۾ ثابت ڪيا ويندا ڇا؟ ۽ ڇا ڌڪن جي بنياد تي اهي در ثبات ڪيا ويندا؟ اگر هائو ته پوءِ اها تاريخ سان مذاق ٿيندي ۽ اڃا شڪارپور واسي شڪارپور وڌيڪ درن جي فاٽ کائڻ جو جو انتظار ڪن.