لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اک اُلٽي ڌار

ڪتاب ”اک الٽي ڌار“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي نامياري ليکڪ ۽ محقق حزب الله آءِ سومري صاحب جو لکيل آهي. حزب الله آءِ سومري کي تنقيدي کيتر ۾ الائجي ڇا ڇا ٻڌڻو پيو آهي. هن انهيءَ ميدان ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي ۽ کيس شديد مخالفت سان منهن ڏيڻو پيو آهي. هو هڪ بي ڊپو، کرو نقاد ۽ محقق آهي ٿوري ئي عرصي ۾ هو گهڻو مٿي اُڀري آيو آهي. تحقيقي ڪم جي حوالي سان هن ڪيترن ناميارن ليکڪن ۽ دانشورن جي ڪم جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. حزب الله آءِ سومري جي تحقيق ۽ تنقيد جي حوالي سان اها خصوصيت آهي ته هن جو تمام گهڻو زور مختلف ادبي ۽ تاريخي غلطين جي درستگيءَ تي هوندو آهي. جنهن ڪري مختلف تاريخي، ادبي مسئلا ڇنڊجي ڇاڻجي هڪ ڪرا ٿي پوندا آهن
Title Cover of book اک اُلٽي ڌار

وحيدمحسن جي غزل “ ديپ جيڪو ٻري” جو جائزو

وحيد محسن جي باري ۾ ٻڌو اٿم ته هي نوجوان هڪ سٺو شاعر آهي مون کي سندس هڪ چونڊ غزل مطالعي هيٺ آيو آهي جنهن جو مختصر جائزو وٺان ٿو.
ديپ جيڪو ٻري ٿو، اجهاڻو نه آ،
تيز طوفان ۾ ڀي وساڻو آ.
روز توکي ميارون ڏيان ڪهڙيون،
عرض منهنجو اوهان وٽ اگهاڻو نه آ.
تون صبا آن سکي، آءٌ رولاڪ هان،
پاڻ کي ڪو پرين ڪٿ ٺڪاڻو نه آ.
رمز تنهنجي سڄڻ ڀي ڳجهي ناهه ڪا،
خيال منهنجو وري ڪو اياڻو نه آ.
وقت ويندو پيو سوچ ڪر، سمجهه ڪر،
پيار محسن ڪڏهن ڀي وڪاڻو نه آ.
(هفتيوار سنڌو ميگزين 20 مارچ 2005ع ، بيڪ ٽائٽل)
قافيو شاعري خصوصا غزل جي جان هوندو آهي ۽ سٺا شاعر قافيا مضبوط آڻيندا آهن پر وحيد محسن جي غزل جا قافيا مضبوط نه آهن جيڪي هي آهن. “ اجهاڻو، وساڻو، اگهاڻو، ٺڪاڻو، اياڻو، وڪاڻو” پنهنجن بندن واري هن ننڍي غزل ۾ “ڀي” لفظ جو ٽي ڀيرا استعمال مزو نه ٿو ڪري مثال طور:
تيز طوفان ۾ ڀي وساڻو نه آ( مطلع جي سٽ)
رمز تنهنجي سڄڻ ڀي ڳجهي ناهه ڪا
پيار محسن ڪڏهن ڀي وڪاڻو نه آ
مون اهي سٽون هن طرح سڌاريون آهن.
تيز طوفان ۾ سدو وساڻو آ
رمز تنهنجي ته مون کان ڳجهي ناهه ڪا
پيار محسن اسان جو وڪاڻو نه آ
غزل جي ٻيو بند آهي ته:
روز توکي ميارون ڏيان ڪهڙيون؟
عرض منهنجو اوهان وٽ اگهاڻو نه آ
پرينءَ کي ميارن ڏيڻ بدرانان کي عرض ۽ گذارشون ئي ٺهن ٿيون ٻيو ته لفظ“ ڪهڙيون” “ فاعلن” تي ماپيو ويو آهي. جيئن ته وزن اچارن تي هوندو آهي. “ خوش”، ۾ اچار “خش” نڪري ٿو ان ڪري ان کي ٽن ماترائن ۾ ڳڻڻ بدران ٻن ماترائن ۾ ڳڻيو ان طرح “ڪهڙيون” جو اچار وحيد محسن وارو (ڪهه+ڙ+ يون) نه آهي پر اهو آهي (ڪهه، ڙيون) ان ڪري اهو لفظ فاعلن بجاءِ فعلن تي ماپي سگهجي ٿو. اهو بند مون هن طرح سڌاريو آهي جنهن ڪري ان مان اهي ٻئي خاميون به نڪري ويون آهن ۽ رواني به پيدا ٿي پئي آهي.
روز توکي گذارش ڪيان ٿو پيو،
عرض منهنجو اوهان وٽ اگهاڻو نه آ.
غزل جو ٽيون بند آهي ته:
تون صبا آن سکي، آءٌ رولاڪ هان،
پاڻ کي ڪو پرين ڪٿ ٺڪاڻو نه آ.
بند ۾ پاڻ کي “ رولاڪ” چئي رلڻ کي سٺو محسوس ڪرايو ويو آهي جيڪو اعليٰ پيغام نه آهي. سنڌ ۾ رول کي سٺي حيثيت ۾ نٿو ڄاتو وڃي. ٻي سٽ ۾ “ ڪو پرين” پرينءَ سان “ ڪو” جي نسبت ڏيکاري پرين مخصوص نٿو ڪيو وڃي جڏهن ته شاعر “ ڪو” جي نسبت ڄاڻي سان ڏيڻ چاهي آهي. جنهن ۾ هو ناڪام ويو آهي مون اهو بند هن طرح سڌاريو آهي.
تو صبا آن سکي، آءٌ رولاڪ هان،
پاڻ کي ڪٿ پرين ڪو ٺڪاڻو نه آ.
غزل جو چوٿون بند آهي ته:
رمز تنهنجي سڄڻ ڀي ڳجهي ناهه ڪا،
خيال منهنجو وري ڪو اياڻو نه آ.
پهرين سٽ ۾ “ڀي” لفظ ڪيڏو نه خراب لڳي ٿو جو “ سڄڻ ڀي” ٻڌائي ٿو ته سڄڻ به ۽ ٻيو به پر بند ۾ شاعر ٻيو خيال ڏيڻ چاهيو آهي جيڪو “سڄڻ ڀي” خراب ڪيو آهي.ٻيو ته ان ننڍي غزل ۾ ٽي ڀيرا “ ڀي” لفظ سٺو نه آهي. ان کان علاوه پهرين سٽ“ سڄڻ” لفظ ( س/ڄڻ) ڪري ماپيو اٿس جيڪو غلط آهي ڇو ته اسان اهو لفظ (سڄ/ڻ) ڪري اچاريندا آهيون ان ڪري وزن تي به انطرح ماپيو اڳ هڪ ئي لفظ“ سڄڻ” “ ڪڏهن” “ڪرم،وغيره کي ڪڏهن به “فاع” ته ڪڏهن “ فعو” تي شاعر ماپيندا رهيا آهن جو اصول ته هيا مون ڪجهه اصول ترتيب ڏنا آهن جن جو مختصر تعارف هت ڏيندس ته جيئن وحيد محسن سميت ٻيا به ان مان فائدو وٺي سگهن ٽن اکرن وارا لفظ هي قسم ۽ انهن لاءِ هي اصول آهن.
جن ٽن اکري لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ “ ا،و، ي” هجي ته اهي لفظ “ فعو” تي ماپيا ويندا مثال طور روا، ادا، ٻچا،اچو، چٻي،وڃو وغيره پر ٽيون اکر نون غنو هوندو ته اهو نون غنو نه ڳڻي لفظ ٻه اکري چئبومثال طور (تون، مون) بشرطيڪ سندس پويان متحرڪ “ء” نه هجي. جيئن (ڀونءِ،پونءِ) ان طرح چوٿون اکر نون غنو ته اهو نون غنو نه ڳڻي لفظ ٽه اکري چئبو مثال طور (اچون، وڃان) بشرطيڪه سندن پويان متحرڪ “ ء” نه هجي جيئن (وڇونءَ، ڪمونءَ)
اهي ٽه اکري لفظ جيڪي فاع تي ماپيا اهي ٻه قسم آهن.
(الف) جن ٽه اکري لفظن وچ ۾ “ ا،و،ي” هجن ته اهي فاع تي ماپيا ويندا مثال طور، راز، ڪار، ٻار، ٻوڙ،شور،ڪوڙ، کيل، تير وغيره
(ب) جن ٽه اکري لفظن جي وچ وارا اکر ساڪن يا وچان اکر اڳين سان تعلق رکن ٿا ته اهي به “ فاع” تي ماپبا مثال طور شهر،بحر، جنم، گڏهه،امر،وکر وغيره اهي لفظ شهر (شه/هر)سان نه پر (شهه/ر) بحر(ب/حر) سان نه پر بحه/ر) سان اچرايا وڃن ٿا ته پوءِ سندن وزن (ف/عو) ڇو هجي ان ڪري اهو (فا/ع) ٿيندو.
ان تمهيد جو مقصد هي آهي ته “ سڄڻ” ۾ “ ڄ” جو تعلق “ س” سان آهي انڪري اهو “ فاع” تي ماپيو جو اهو اچار ۾ (سه/ڄڻ) نه آهي پر (سڄه/ڻ) آهي. ان طرح ان جاءِ تي ٻيا لفظ آندا اٿم ٻي سٽ “ خيال منهنجو وري ڪو اياڻو نه آ” ۾ “ وري” لفظ ٻاڙو ٿو لڳي ته اڳ ۾ ڪو خيال اياڻو نه هو هاڻي به نه آهي. ان کي ائين ادا نه ڪيو وڃي ها مون اهو بند هن طرح سڌاريو آهي.
رمز تنهنجي ته مون کان ڳجهي ناهه ڪا،
خيال منهنجو اڃا ٿيو اياڻو نه آ.
آخري بند مقطع آهي ته:
وقت ويندو پيو،سوچ ڪر سمجهه ڪر،
پيار محسن ڪڏهن ڀي وڪاڻو نه آ.
پهرين سٽ ۾ “ وقت ويندو پيو” پر وقت جي وڃڻ تي فڪر نه آهي پر اڌ سٽ کان پوءِ وقت وڃڻ تي سوچڻ لاءِ چيوويو آهي. شاعر جيڪو خيال چاهيو سو نه ڏئي سگهيو آهي ۽ ٻيو ته “پيار محسن ڪڏهن ڀي وڪاڻو نه آ” ۾ “ ڪڏهن” لفظ (ڪ/ڏهن) آهي ته وزن به ان طرح ماپيو ويندو ان طرح اهو بند هن طرح سڌاريو اٿم.
وقت بيهي نٿو، سوچ ڪر، سمجهه ڪر،
پيار محسن اسان جو وڪاڻو نه آ.
تنقيد مان ڇنڊ جي ڇاڻجي هن طرح سڌري بيٺو آهي.
ديپ جيڪو ٻري ٿو، اجهاڻو نه آ،
تيز طوفان ۾ سو وساڻو نه آ.
روز توکي گذارش ڪيان ٿو پيو،
عرض منهنجو اوهان وٽ اگهاڻو نه آ.
تون صبا آن سکي، آءٌ رولاڪ هان،
پاڻ کي ڪٿ پرين، ڪو ٺڪاڻو نه آ.
رمز تنهنجي ته مون کان ڳجهي ناهه ڪا،
خيال منهنجو اڃا ٿيو اياڻو نه آ.
وقت بيهي نٿو، سوچ ڪر، سمجهه ڪر،
پيار “ محسن” اسان جو وڪاڻو نه آ.