اختر درگاهيءَ جي بيدل جي حوالي کان تحريرن جو جائزو
ڀٽائي،سچل، بيدل ۽ ڪُنو:
اختر درگاهيءَ بيدل فقير بابت لکيو آهي ته “ هن به حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي انهيءَ فڪري ڪُني مان فيض حاصل ڪيو جنهن جو ڍڪڻ سچل سائين لاٿو هيو.“ (بيدل بيڪس ۽ سڪايل ص 10) هي ڳالهه ان روايت جو حصو آهي ته ڀٽائي، سچل کي ٻالڪپڻ ۾ ڏسي چيو هو ته جيڪو ڪُنو مون چاڙهيو آهي ان جو ڍڪڻ هي ٻار لاهيندو يعني ڀٽائي ۽ سچل جي ملاقات ٿي آهي. حالانڪه اها روايت درست نه آهي ڇو ته ڀٽائيءَ جي وفات متفقه طور 1165هه ۾ ٿي آهي جڏهن ته سچل چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ رکيل فاروقين جي شجري ۾ سچل جي ولادت 1170هه لکيل آهي ان طرح سچل ڀٽائيءَ جي وفات کان پنج سال پوءِ پيدا ٿيو هو ته ملاقات ڪيئن ڪيائون؟ ان ڪري اها روايت ئي غلط ثابت ٿئي ٿي ته ان روايت جي بياد تي اختر درگاهي جي ڪيل ڳالهه به غلط ٿيندي.
بيدل جي ولادت:
اختر درگاهيءَ بيدل جي ولادت 1814ع ۾ لکي آهي(بيدل بيڪس ۽ سڪايل ص 12)
ڊاڪٽر نواز علي شوق موجب فقير محمد محسن بيڪس، پنهنجي والد بيدل فقير جي ولادت جي تاريخ لاءِ جيڪو قطعو لکيو ان جي لفظن“ راحت العاشقين” مان هن سندس ولادت جو سنه 1231هه ڏنوآهي (ديوان بيدل مرتب عبدالحسين موسوي ايڊيشن 1991ع ص 23)
گلي راحت العاشقين” جا عدد هي آهن:
گ 20
ل 30
ي 10
ر 200
ا 1
ح 8
ت 400
ا 1
ل 30
ع 70
ا 1
ش 300
ق 100
ي 10
ن 50
————
جوڙ 1231
۽ 1231 هه جو عيسوي سنه 1815ع هو (تقويم تاريخي از عبدالقدوس هاشمي ص 308) يعني اختر درگاهيءَ جو ڏنل سنه 1814ع غلط آهي.
سچل جي وفات وقت بيدل جي عمر:
اختر درگاهيءَ لکيو آهي ته “ جڏهن حضرت سچل سائينءَ چولو مٽايو تڏهن حضرت بيدل جي عمر 14 سال هئي(بيدل بيڪس ۽ سڪايل ص10 ۽ 13)
سچل سرمست متفقه طور 1242هه ۾ وفات ڪئي جڏهن ته بيدل فقير 1231هه ۾ پيدا ٿيو ان طرح 1242هه مان 1231هه ڪٽ ڪبا ته بيدل فقير جي عمر 11 سال ٿيندي جڏهن ته اختر درگاهيءَ پاران ٻڌايل ان وقت عمر 14 سال آهي. جيڪا غلط ثابت ٿئي ٿي.
اگر عيسوي سنه جي حوالي کان ڏٺو وڃي ته سچل سرمست 1827ع ۾ وفات ڪئي آهي ۽ بيدل جي پيدائش 1815ع آهي. ان طرح سچل جي وفات وقت بيدل جي عمر 12 سال ٿيندي. ان صورت ۾به اختر درگاهيءَ جي ٻڌايل عمر 14 سال غلط ثابت ٿئي ٿي.
بيدل جي وفات:
اختر درگاهيءَ بيدل جي وفات 1872ع ۾ لکي آهي.(بيدل، بيڪس ۽ سڪايل ص 10)
بيدل فقير جي وفات محسن بيڪس بيدل فقير جي وفات جي تاريخ هن طرح ٻڌائي آهي:
سال ٻارهن سو اڻانوي ۽ سوز گداز هو،
سورهين ذوالقعد جي هادي سندو پرواز هو
( ديوان بيدل عبدالحسين موسوي ص 35)
يعني 16 ذوالقعد 1289هه تي بيدل فقير وفات ڪئي پهرين ذوالقعد 1289هه تي عيسوي تاريخماهه ۽ سنه 11 ڊسمبر 1872ع بروز اڱارو (تقويم تاريخي عبدالقدوس هاشمي ص 323)
اهڙي طرح16 ذوالقعد 1289هه عيسوي تاريخ ماهه ۽ سنههو 15 جنوري 1873ع بروز اربعا يعني اختر درگاهيءَ جو ڏنل سنه 1872ع صحيح نه آهي.
ڇا اويس قرني صحابي هو؟
اختر درگاهيءَ بيدل بابت مضمون ۾ لکيو آهي ته ”اهڙن اصحابن ۾ حضرت علي رضه، حضرت سلان فارسي رضه، حضرت عمار رضه،حضرت ياسر رضه ۽ حضرت ابوذر غفاري رضه ۽ حضرت اويس قرني رضه وڏي مرتبي وارا ٿي گذريا آهن(بيدل، بيڪس ۽ سڪايل ص19)
اختر درگاهي جو حضرت اويس قرني رحه کي اصحابي لکڻ درست نه آهي ڇو ته اويس قرني رحه صحابي نه هو. صحابيءَ لاءِ رسول الله صه صحبت جو هجڻ ضروري آهي. حضرت اويس قرني، رسول الله صه جي دور جو ته هو پر رسول اللهﷺ جي کيس صحبت نصيب نه ٿي ان ڪري صحابي نه هو. هن حضرت عمر فاروق رضه ۽ حضرت علي رضه کي ڏٺو ان ڪري تابعي هو.
علامه محمد بن عبدالله الخطيب (740هه) ۾ اويس قرنيءَ کي تابعين ۾ ڳڻيندي لکيو آهي ته حضور اڪرم ﷺ جو زمانو ته حاصل ڪيائين پر پاڻ سڳورن کي نه ڏسي سگهيو (اڪمال في اسماء الرجال اردو ترجمه حرف الف ص 8)
ڇا منصور سوليءَ چڙهيو هو؟
اختر درگاهيءَ بيدل بابت مضمون لکيو آهي ته منصور قرباني ڏني ۽ ان کي بيدل سميت ٻين شاعرن ڳايو آهي ته منصور جي شخصيت اسلامي تصوف ۾ اهم آهي لکيو اٿس:
منصور جي شخصيت اسلامي تصوف جي تاريخ، وحدت الوجود جي فڪر، ۽ ان سان لاڳاپيل بر صغير جي ڪلاسيڪل شاعريءَ تي ڇانيل آهي (بيل بيڪس ۽ سڪايل ص 20)
اهڙين ڳالهين ڪري منصور حلاج تي ڪفر جي فتويٰ لڳي (بيدل بيڪس ۽ سڪايل ص 21)
منصور حلاج جي نعري “ حق! حق! انالحق!” ان عباسي خلافت کي لوڏي ڇڏيو (عشق ڪيم اظهار مرتب ڊاڪٽر ڪلام الله لاشاري ص 62)
منصور کي گرفتار ڪيو ويو،نو سال قيد ڪرڻ کان پوءِ هن بيباڪ صوفي سرواڻ ۽ وحدت الوجوديءَ کي پهريان سنگسار ڪيو ويو پوءِ سندس هٿ ۽ پير وڍيا ويا ۽ سوليءَ تي چاڙهي سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري سندس لاش کي ساڙيو ويو ۽ ان جي خاڪ کي هوا ۾اڏاريو ويو. (عشق ڪيم اظهار ص 62)
ڏٺو وڃي ته اختر درگاهيءَ ٻين وانگر غلط آهي ته ڪو منصور وڏو صوفي هو يا هن تي عباسي خلافت ۾ ڪفر جي فتويٰ لڳيا هن کي سوليءَ چاڙهيو ويو هو. حالانڪه اهو سڀ ڪجهه منصور جي پٽ“ حسين” سان ٿيو انڪري حسين بن منصور، ابن منصور، حسين منصور چوڻ درست آهي ۽ منصور چوڻ غلط آهي.
حڪومت جي مدد ۽ بيدل جو فڪر:
بيدل يادگار ڪاميٽيءَ جي سيڪريٽري اختر درگاهيءَ لکيو آهي ته “ هڪ ڀيري خيرپور رياست جي والي مير علي مراد خان ، بيدل فقير ڏانهن نذرانو موڪليو ته بيدل ڪاوڙجي لال ٿي ويو. ۽ نذرانو واپس ڪري ڇڏيائين. اهڙي طرح ٻي ڀيري بيدل فقير ڏانهنميرن جاگير جو پروانو موڪليو جيڪو پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. هڪ ڀيري مير علي مراد بيدل فقير ڏانهن ملاقات جي دعوت موڪلي جيڪا بيدل قبول نه ڪئي ۽ فرمايائون ته امير جي دروازي تي فقير جو وڃڻ بڇڙو ۽ خراب آهي. بيدل ڪڏهن به درٻاري انعام اڪرام جي طلب نه ڪئي ۽ نه ئي وقت جي حاڪمن جي تعريف ۽ قصيده گوئي ڪئي ( عشق ڪيم اظهار مرتب ڪليم الله لاشاري ص 64) اگر بيدل فقير حڪومت کان پري هو ته پوءِ اختر درگاهي اهو ٻڌائي ته بيدل جو فڪري مرشد سچل ڇو حڪمرانن وٽ ويندو هو؟ حڪومت جي مدد سان بيدل يادگار ڪميٽيءَ جو ٺهڻ، حڪومت جي مدد سان بيدل جي ڪتابن جو ڇپجڻ، حڪومت جي مدد سان بيدل جو عرس ملهائجڻ، ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعري جو ٿيڻ، حڪومت پاران “ بيدل ايوارڊ” ڏيڻ ڪيتري قدر بيدل فقير جي فڪر مطابق آهي؟
بيدل جو اردو ڪلام جي ترتيب جون خاميون:
اختر درگاهيءَ بيدل جو اردو ڪلام مرتب ڪيو آهي. ان ۾ ڪجهه خاميون به رهجي ويون آهن جيڪي جدا مضمون ۾ ٻڌائبيون في الحال هتي محمد پنهل ڏهر جي ان حوالي کان ڪيل تنقيد پيش ڪجي ٿي “ ص 107 کان ص 171 تائين بيدل سائينءَ جو هٿ آيل سمورو اردو ڪلام ڏنو اٿس. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ايڏي ساري محنت ۽ ڪوشش جي باوجود اختر درگاهي صاحب حاشيي ۾ بياضن،نسخن ۽ ڇپيل ڪتابن واريون پڙهڻيون به ڄاڻايون آهن. ڏاڍو سٺو ٿئي جو ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ انهيءَ طرفڌيان ڏيئي حاشيي ۾ سوموري ڪلام جا ماخذ به ڄاڻاي وڃن. ۽ مختلف متضاد پڙهڻيون به ڏنيون وڃن.(عشق ڪيم اظهار مرتب ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري ص 48،49)
بيدل جي ڪافي “ پاڻ تو پيدا ڪيو” الحاقي ناهي:
اختر درگاهيءَ بيدل جي حوالي کان نواب شاهه سڪايل جو احوال ڏنو آهي ان مضمون ۾ ان جي وفات بابت لکيو آهي ته “ فقير غلام علي مسرور جي سهيڙيل “ ملفوظات بيدل” مان سڪايل جي ولادت جو سنه 1261هه مليو آهي. ٻئي پاسي نواب شاهه سڪايل جي وفات جي تاريخ 7 ذوالقعد 1319هه جو عيسوي سنه 1901ع ڄاڻايو ويو آهي راقم الحروف جي تحقيق موجب سڪايل جي وفات جي عيسوي تاريخ 15 فيبروري سنه 1902ع بيهي ٿو. (بيدل بيڪس ۽ سڪايل ص 49)
جڏهن اختر درگاهي نئين تحقيق ڏئي ٿو ته هن تحقيق جو طريقو ۽ حوالو نه ڏنو آهي ته ڪيئن 7 ذوالقعد 1319هه تي 15 فيبروري 1902ع بيهي ٿو. ان جو طريقو ۽ حوالو هن طرح جو پهرين ذوالقعد 1319هه تي 9 فيبروري 1902ع بروز آچر هو. (تقويم تاريخي از عبدالقدوس هاشمي ص 330) ان حساب سان 7 ذوالقعد 1319هه تي 15 فيبروري 1902ع بروز ڇنڇر ٿيندو.
ڇا علي گوهر شاهه کي بيدل تعليم ڏني؟
اختر درگاهيءَ پنهنجي مضمون “ سنڌ جو باڪمال صوفي فقير قادر بخش بيدل” ۾ لکيو آهي ته “ پير ڳوٺ ويندي پاڻ مشهور بزرگ پير صبغة الله شاهه اول جي پٽ علي گوهر شاهه کي به ڪجهه علم سيکاريو. علي گوهر شاهه بيدل جي تعليم، صحبت ۽ اثر جي ڪري ئي پاڻ به شاعر ٿيو.( خمار پبليڪيشن روهڙي 2006/1ع ) اختر درگاهيءَ جي اها ڳالهه درست نه آهي ان جو سبب ڊاڪٽر بلوچ ڏنو آهي. مون حزب الله جي تحقيق ابجد جي حساب سان بيدل جي سنه ولادت 1231هه جي ساراهه ڪندي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ چيو ته “ بيدل سائينءَ جي باري۾ اها سٺي تحقيق ٿي ته بيدل سائين جي سنه 2131هه ۾ ولادت ٿي. ان مان گهڻيون ڳالهيون ۽ٻيا به نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا. ڏاڍا سٺا بيدل سائينءَ جو تعلق ڪهڙين درگاهن سان خاص طور تي رهيو آهي. چوٿينءَ سان به چونس پر ٽن سان خاص طرح سان پير سائين پاڳاري جي درگاهه سچلسائين، جهوڪ شريف جي درگاهه سان تعلق رکي ٿي. پر هي ٽي جيڪي درگاهون آهن هاڻي انهيءَ تي ڪجهه سنه ڏسڻا پوندا انهيءَ تي ڪجهه غور ڪري پوءِ کڻي نتيجا ڪڍجن. لکيو ويو آهي ته پير سائين پاڳاري جي نالي تي ان وقت جو گاديءَ تي سائين هيو صبغة الله شاهه اول، ته انهيءَ پنهنجو ماڻهو موڪليو. بيدل سائينءَ کي وٺي ويا ته هو سندس صاحبزادي سيد علي گوهر شاهه بادشاهه کي مثنوي پڙهائي. اها ڳالهه جيڪا ان مصنف لکي آهي پر غور طلب آهي ته بيدل سائينءَ جي ولادت آهي 1231هه ۽ پير سائين صبغة الله شاهه جي وفات آهي 1246هه هاڻي بيدل سائينءَ جي عمر ٿي 15 سال جنهن وقت پير صبغة الله شاهه وفات ڪئي ان کان اڳ ۾ جي کين گهرايائون ته صاحبزادي کي پڙهائي. ان وقت بيدل سائين جي عمر 13 سال هوندي، 14 سال هوندي معنيٰ ته اها روايت جيڪا آهي سا پڪي ڪانهي.( بيدل 2005/5ع ص 10)
يعني 13، 14 سالن جي ننڍڙي ٻار کي پير صبغة الله شاهه ڪيئن گهرائيندو؟ وڏن استادن جي کوٽ ٿي وئي ڇا؟ ڊاڪٽر بلوچ ان جي ٻي رخ ڏانهن به ڌيان ڏياريو آهي ته:
بيدل سائين سنه 1230هه ۾ ڄائو ( اها ڳالهه منهنجي تحقيقي کان اڳ ڪئي اٿائون نه ته پوءِ 2131هه کي تسليم ڪيائون جيئن مٿي ٿي آيو (حزب الله،) جنهن جي معنيٰ ته هو سن 1246هه يا 1247هه ۾ وفات ڪئي جيڪڏهن ان کان اڳ بيدل درگاهه تي آيو هوندو ته ان وقت بيدل جي عمر 15 سال هوندي جڏهن ته اصغر سائين جي عمر 16 سال هئي ۽ ٻئي هم عمر هئا پير سائين جن وٽ وڌيڪ پخته مشق ۽ قابل استاد موود هئا ان ڪري اصغر سائين جي تربيت سندن ڪنهن هم عمر جي حوالي ڪرڻ به قرين قياس نٿو نظر اچي (اصغر سائينءَ جو ڪلام، مرتب شيخ محمد فاضل ايڊيشن 1999ع)
ان ڪري اختر درگاهيءَ جي مٿين ڳالهه درست نه آهي.
ماڻهپو ڪهڙو مذهب آهي:
اختر درگاهيءَ پنهنجي مضمون سنڌ جو باڪمال صوفي فقير قادر بخش بيدل ۾ لکيو آهي ته “ صوفي جو مذهب ماڻهپو ٿيندو آهي.” (خمار پبليڪيشن روهڙي2006/1)
سوال پيدا ٿئي ٿو ته “ ماڻهپو” نالي مذهب جو وجود آهي به يا اهو اختر درگاهيءَ جهڙن ماڻهن جو اٿاريل شوشو آهي؟ اگر ان جو وجود آهي ته ان جو ڪتاب ، آئين يا اصول ڪٿي آهن؟
ڇا ان نام نهاد مذهب ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کان نفرت نه آهي ته صوفين وٽ “ ملان” ڪردار کان نفرت ڇو آهي؟ ۽ ڇا ان نالي جي حد تائين وجود رکندڙ مذهب ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کان نفرت نه آهي ته چور کان نه ڌاڙيل،نه زاني ۽ شرابي کان؟ جو اهڙو مذهب صوفين کي ڏيڻ ٿو چاهي؟اختر درگاهيءَ کي اهو ٻڌائڻ کپي ته اسلام سان تعلق رکڻ ماڻهپي جي خلاف ڪيئن آهي جو بيدل کي اسلام بجاءِ نام نهاد “ماڻهپي” جي مذهب سان وابسته ڪيو ٿو وڃي؟ڇا اسلام ۾ احترام انسانيت نه آهي؟ جو اسلام بجاءِ ٻئي طرف ٿو واجهائي؟ اختر درگاهي تصوف کان ناواقف آهي. ڇو ته تصوف جو تعلق اسلام سان آهي تصوف جا چار وڏا سلسلا به حضرت ابوبڪر صديق رضه ۽ حضرت علي رضه سان تعلق رکن ٿا. انڪري صوفين جو مذهب “ ماڻهپو” نالي ڪو نام نهاد مذهب نه آهي پر انهن جو مذهب دين اسلام آهي.
ڇا بيدل لا دين هو؟
اختر درگاهيءَ پنهنجي مضمون “ سنڌ جو باڪمال صوفي فقير قادر بخش بيدل” ۾ لکيو آهي ته “ شروعاتي شاعريءَ ۾ اهو ڄاڻايو اٿائين ته مان حنفي ۽ قادري طريقي جو آهيان پر سندس شاعريءَ جي مجموعي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته سندس مذهب اهو آهي جيڪو هڪ سچي صوفي پنهنجي وقت جي هڪ بيباڪ شاعر ۽ انقلابيءَ جو هئڻ گهرجي ان سان گڏوگڏ کيس آل رسول لاءِ تمام گهڻي عزت هئي ۽ سندس ڪجهه شاعري تي اسلامي عقيدن جي ڇاپ نظر اچي ٿي. پر سندس هي سٽون سندس عقيدي يا نظريي کي آئيني جيان چٽو ظاهر ڪن ٿيون.
صوفي لا مذهب تڪرار، هر مذهب کان آ بيزار،
بيدل مذهب کان رهه نيارو، وحدت رک ويساهه،
مذهب دا سٽ ڪوڙا جهگڙا وحدت دي گهن راهه.
(خمار پبليڪيشن روهڙي 2006/1ع)
اختر درگاهي پنهنجي تحرير ۾ تضادن جو شڪار آهي رڳو ان ڪري جو بيدل کي لا دين ثابت ڪيو وڃي. بيدل حنفي يا قاسدري شروع ۾ هو ته اختر درگاهي ٻڌائي ته ڇا بيدل آخر ۾ انهن کان انڪار ڪيو آهي. بيدل آل رسول جي تعريف ڪئي آهي ته اختر درگاهي اصحاب رسول جي بيدل پاران تعريف ڇو کائي ويو آهي؟ تاثر ڏنو اٿس ته بيدل به اختر درگاهيءَ وانگر ڪنهن مخصوص فرقي سان تعلق رکندڙ هو. اختر درگاهي اهو ڇو نه ٿو ٻڌائي ته اگر بيدل لادين هو ته سندس ڪلام تي اسلامي عقيدن جي ڇاپ ڇ آهي؟ هو آل رسول يا اصحاب رسول جي تعريف ڇو ٿو ڪري؟ حالانڪ مذهب مان بيدل فرقا ورتي آهي.
بيدل ساميءَ کان ڇا ۾ گهٽ؟
اختر درگاهيءَ پنهنجي مضمون “ سنڌ جو باڪمال صوفي فقير قادر بخش بيدل” ۾ لکيو آهي ته “ پاڻ شاهه لطيف، سچل ۽ ساميءَ کان پوءِ سنڌ جو وڏي کان وڏو شاعر آهي. (خمار پبليڪيشن روهڙي 2006/1)
اختر درگاهي، پهرين ته ان ترتيب جا معيار ٻڌائي ته شاهه ،سچل ۽ ساميءَ جي ترتيب ڪيئن ٺاهي وئي آهي. ان بعد اهو ٻڌائي ته ساميءَ ۾ اهي ڪهڙيون خصوصيتون آهن جو ان کي شاهه ۽ سچل جي پائي جو شاعر ليکيو ويو آهي ۽ اختر درگاهي کي اهو به ٻڌائڻ گهرجي ته شاهه سچل کان پوءِ بيدل ڇو نه هجڻ گهرجي ۽ اهي ڪهڙيون شيون آهن جن ۾ بيدل ساميءَ کان گهٽ آهي جو بيدل کي ساميءَ کان پوءِ جو درجو ڏئي ٿو.مون کي اختر درگاهيءَ جي شاهه سچل سامي، بيدل واري ترتيب درست نظر نٿي اچي سو اها ڳالهه غلط آهي ته بيدل ساميءَ کان پوءِ وڏو شاعر آهي.