لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

اک اُلٽي ڌار

ڪتاب ”اک الٽي ڌار“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي نامياري ليکڪ ۽ محقق حزب الله آءِ سومري صاحب جو لکيل آهي. حزب الله آءِ سومري کي تنقيدي کيتر ۾ الائجي ڇا ڇا ٻڌڻو پيو آهي. هن انهيءَ ميدان ۾ گهڻو ڀوڳيو آهي ۽ کيس شديد مخالفت سان منهن ڏيڻو پيو آهي. هو هڪ بي ڊپو، کرو نقاد ۽ محقق آهي ٿوري ئي عرصي ۾ هو گهڻو مٿي اُڀري آيو آهي. تحقيقي ڪم جي حوالي سان هن ڪيترن ناميارن ليکڪن ۽ دانشورن جي ڪم جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. حزب الله آءِ سومري جي تحقيق ۽ تنقيد جي حوالي سان اها خصوصيت آهي ته هن جو تمام گهڻو زور مختلف ادبي ۽ تاريخي غلطين جي درستگيءَ تي هوندو آهي. جنهن ڪري مختلف تاريخي، ادبي مسئلا ڇنڊجي ڇاڻجي هڪ ڪرا ٿي پوندا آهن
Title Cover of book اک اُلٽي ڌار

نصير مرزا جون تاريخي غلطيون

نصير مرزا پنهنجي ڪالمن ۾ تاريخي غلطيون ڪندو رهندو آهي جنهن جو مثال هي به آهي

[b]امام حسين رضه ۽ سنڌ اچڻ جي روايت
[/b]نصير مرزا پنهنجي ڪالم ۾ لکيو آهي ته،“ ڪيترين روايتن ۾ مون هي پڙهيو آهي ته مولا حسين ڪوفي جي گورنر ابن سعد کي خط ۾ هيءَ تجويز پيش ڪئي ته اي ابن سعد! توتي واضح ٿو ڪريان ته آئون يزيد سان بيعت نه ڪندس ۽ آگاهه رهه ته جيڪڏهن يزيد سمجهي ٿو ته آئون مديني مان پنهنجي عيال سان گڏ ساڻس جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو آهيان ته ائين نه آهي. ۽ ڀلا جي مون کي ڪوفي ڏانهن نٿو اچڻ ڏنو وڃي ته مون کي رستو ڏنو وڃي ته آئون اهل بيت سميت هند (سنڌ) ڏانهن هليو وڃان (روزانه ڪاوش 3 جنوري 2008ع) وري ٻئي ڪالم ۾ به اهائي ڳالهه لکي اٿس،“ مولا حسين هي جو ابن سعد ذريعي يزيد کي خط لکيو هو ته ڪوفي نٿو اچڻ ڏنو وڃي ته مون کي رستو ڏنو وڃي ته اهل بيت سميت آئون هند هليو وڃان (روزانه ڪاوش 18 جنوري 2008ع) سوال ٿو پيدا ٿئي ته نصير مرزا ڪهڙن ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته حضرت حسين رضه يزيد کي لکيو هو ته کيس هند سنڌ ڇڏيو وڃي ۽ اهي ڪتاب ڪيترا مستند آهن؟ ٻنهي ڪالمن ۾ بنا حوالي جي ڳالهه ڪرڻ عجيب آهي ۽ امام حسين رضه جو هند ۽ سنڌ ڏانهن وڃڻ جي خواهشن جو مطلب ته پاڻ يزيدي فڪر سان ٽڪر کائڻ نه پيا چاهين. ڇا اها امام حسين رضه جي عظمت بيان ڪئي وئي آهي.
[b]علي اصغر ۽ قام جو عمريون
[/b]نصير مرزا ڪالم ۾ لکيو آهي ته “ ڪو ڇهن ورهين جو معصوم شهزادو علي اصغر، ڪي ڏهن ورهين جا شهزادا عون و محمد هئا ۽ ڪو تيرهن ورهين جو شهزادو قاسم هو. (روزانه ڪاوش 11 جنوري 2008ع) اول ته حضرت علي اصغر، عون و محمد ۽ قاسم اسم خاص آهن ته انهن لاءِ اسم عام جا لفظ “ ڪو” ۽ “ ڪَن” لکڻ صحيح نه آهي. ٻيو ته ان ۾ ٻڌايو اٿس ته حضرت علي اصغر جي ڇهه ورهيه ۽ حضرت قاسم جي عمر 13 ويهيه هئي پر ڪجهه ڏينهن پوءِ واري ڪالم ۾ نصير مرزا لکيو آهي ته شهزادو قاسم گهوٽ چوڏهن سالن جو ۽ شهزادي علي اصغر جي ڄمار ان وقت ڇهه مهينا هئي (روزانه ڪاوش 20 جنوري 2008ع).
يعني هتي حضرت قاسم جي عمر 14 سال ۽ حضرت علي اصغر جي عمر فقط ڇهه مهينا لکي اٿس. ڪيڏي نه تضاد بياني آهي؟
[b]حيدرآباد نيرون ڪوٽ:
[/b]نصير مرزا پنهنجي ڪالم ۾ لکيو آهي ته “ هي اسان جي شهر حيدرآباد جي شاهي بازار جنهن کي آئون نيرون ڪوٽ جي سينڌ سڏيندو آهيان (روزانه ڪاوش 19 جنوري 2008ع ) يعني حيدرآباد کي نيرون ڪوٽ قرارڏنو اٿس. حالانڪ “ نيرون ڪوٽ” اصل ۾“ نئن رني ڪوٽ” ( نئين رنيءَ وارو ڪوٽ) هو جيڪو پوءِ بگڙي نيرون ڪوٽ ٿيو. رني ڪوٽ جي نيرون ڪوٽ هجڻ ۽ حيدرآباد جي نيرون ڪوٽ نه هجڻ جا دليل هي آهن:
چچ نامو ص 181 موجب نيرون ڪوٽ سڪندر روميءَ جي ٻنڌ وانگر قلعو آهي.” جڏهن ته حيدرآباد نه پر رني ڪوٽ اهڙي وڏي ٻنڌ جو مثال پيش ڪري ٿو.
چچ نامو ص 165 موجب نيرون ڪوٽ جا دروازا کوليا ويا. ڏٺو وڃي ته رني ڪوٽ جا چار دروازا پر حيدرآباد قلعي کي هڪ دروازو آهي.
چچ نامو ص 128 کان 130، تحفة الڪرام ص 22 موجب بديل ديبل کان نيرون ڪوٽ آيوو پر درياءُ ٽپڻ جو ذڪر نه آهي ان طرح چچ نامو ص 139،146 ۽ 162 موجب محمد بن قاسم به درياءُ نه ٽپيو اگر حيدرآباد نيرون ڪوٽ هجي ها ته اهي صاحب مڪران کان ديبل اچڻ ۽ اتان حيدرآباد اچڻ مهل درياءُ ٽپن ها جڏهن ته انهن درياءُ نه ٽپيو. اگر رني ڪوٽ کي نيرون ڪوٽ سمجهيو ته درياءُ جي اولهائين طرف آهي.
تاريخ مظهرشاهجهاني ص 181 تي نيرون قلعي بابت آيل آهي ته سيوهڻ جي قلعي کان 25 ڪوهن جي فاصلي تي آهي. رني ڪوٽ تي سيوهڻ جي ويجهو آهيي نه ڪي حيدرآباد.
تاريخ مظهر شاهجهاني ص 163 موجب نيرون قلعي ۾ ڪاريز وهندڙ هو. ڏٺو وڃي ته نيرون ڪوٽ ۾ نئن رني وهندڙ هئي پر حيدرآباد قلعي ۾ ان جو ڪو آثار به نه آهي.
ابن حوقل( 150 هه) ۽ الادريسيءَ جي سنڌ جي قديم نقشن ۾ نيرون ۽ ديبل هڪ پاسي درياءَ جي اولهه ۾ آهن. جڏهن ته اروڙ ان جي ابتڙ اوڀارين پاسي آهي. ڏٺو وڃي ته هاڻي به رني ڪوٽ اولهائين ڪپ تي ۽ حيدرآباد اوڀارين ڪپ تي آهي ان ڪري حيدرآباد رني ڪوٽ نه آهي.
مدينه جو گورنر وليد، يزيد جو سوٽ يا چاچو؟
نصير مرزا پنهنجي ڪالم “ حيدرآباد جا قديم پڙ”۾ مديني جو گورنر وليد ابن ابو سفيان لکيو آهي ( روزانه ڪاوش حيدرآباد 30 ڊسمبر 2008ع)
يعني ابو سفيان جو پٽ ۽ يزيد جو چاچو جڏهن ته اڳين محرم ۾ پنهنجي ڪالم “ حسيني قافلو ۽ آهي ڪربلا جو گس” ۾ لکي چڪو آهي ته “ مديني جو گورنر وليد بيعت طلب ڪئي اهو يزيد جو سڳو سوٽ هو.( روزانه ڪاوش حيدرآباد 11 جنوري 2008ع)
۽ ان کان اڳين محرم ۾ ڪالم “ دم......علي علي تون چوندو آ.” ۾ لکيو اٿس “ يزيد جي سڳي سوٽ ۽ مديني جي گورنر وليد (روزانه ڪاوش حيدرآباد 21 جنوري 2007ع)
ان کان اڳين محرم ۾ ڪالم “ يا حسين” ۾ به لکيو اٿس. “ مديني جي گورنر يزيد جي سڳي سوٽ وليد جي مجبور ڪرڻ تي (روزانه ڪاوش حيدرآباد 31 جنوري 2006ع)
يعني اڳ وليد کي يزيد جو سوٽ لکندو رهيو آهي پر ڇا سبب آهي ته هن سال وري ان کي يزيد جو چاچو بڻائي ڇڏيائين؟ ٻئي پاسي شاهه معين الدين ندويءَ موجب ان دور ۾ مديني جو گورنر وليد، عتبه جو پٽ هو. (تاريخ اسلام اردو 2003ع جلد ص 379)
واقعه ڪربلا ڪهڙي مهيني ۾ ٿيو؟:
نصير مرزا پنهنجي ڪالم “ فرات” ۾ واقعه ڪربلا بابت لکيو آهي ته “ ان ايڪهٺ هجريءَ ۾ اهي مئي يا جون جا لڪ لوساڙيندڙ ڏينهن ٻڌايا وڃن ٿا (روزانه ڪاوش حيدرآباد 6 جنوري 2009ع)
ان لاءِ تقويم کي ڏٺو وڃي ته واقعه ڪربلا گرمي جي موسم ۾ ٿيو هو يا نه؟ ڇا اهو مهينو مئي يا جون جو هو؟
تقويم کي ڏسبو ته پهرين محرم 61 هه تي پهرين آڪٽوبر 680ع هو. (تقويم تاريخي از عبدالقدوس هاشمي 1987ع ص 16)
ان طرح 10 محرم 61 هجريءَ تي 10 آڪٽوبر 680ع هو يعني واقعه ڪربلا گرميءَ جي مهيني مئي يا جون ۾ نه ٿيو هو پر اهو آڪٽوبر جي مهيني ۾ ٿيو هو.
راجا ڏاهر جي تصوير ڪٿي؟
نصير مرزا راجا ڏاهر ڏانهن اشارو ڪندي لکيو آهي ته،“ پراڻن تاريخي حوالن ۾ درج آهي ته سنڌ جي ان سپوت پٽ جي تصوير ڪنهن وقت ۾ عراق جي ڪنهن عجائب گهر ۾ ڏٺي وئي هئي. (روزانه ڪاوش حيدرآباد 6 جنوري 2009ع ڪالم فرات)
نصيرمرزا پراڻن تاريخي حوالن (ڪتابن) ٻڌائڻ کان قاصر آهي ڪهڙن ڪتابن ۾ اها ڳالهه لکيل آهي؟ ٻيو ته مورخ البلاذري (وفات 279هه) لکيو آهي ته “ مون سان منصور بن حاتم بيان ڪيو ته ڏاهر۽ ان جي قاتل جون تصويرون بروص (ڀڙوچ) ۾ آهن.( فتوح البلدان اردو ترجمه ص 622هه) ٻوليءَ جي حوالي کان سپوت جي معنيٰ “ سٺو پٽ” پوءِ وري ان سان لفظ “ پٽ” ملائي “ سپوت پٽ” ڪري لکڻ صحيح نه آهي.
[b]موهن جو دڙو يا مهين جو دڙو؟
[/b]نصير مرزا پنهنجي ڪالم “ فرات” ( ڪاوش 6 جنوري 2009ع) ۾ سنڌ جي مشهور قديم آثارن کي به ٻه ڀيرا “ موهن جو دڙو”لکيو آهي. اهواچار غلط آهي ڇو ته ان جي اصل نالي جي اڃا خبر نه هئي نه پئي آهي.ڀلا“ موهن جو دڙو” لفظ نصيرمرزا ڪٿان آندو؟ اصل ۾ جيسيتائين ان جي اصلي نالي جي خبر پيئي. تيسيتائين ان کي مقامي نالي مطابق چوڻ ۽ لکڻ گهرجي. جيڪو رائج رهيو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي موجب “ ان جو تر ۾ نالو مهين جو دڙو آهي. (سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ص 22) ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي به ائين لکي ٿو ته “ تر ۾ مهن جو دڙو يا مهين جو دڙو آهي (قديم سنڌ ص 73) ان ڪري ان کي في الحال “ مهن جو دڙو يا مهين جو دڙو” سڏڻ ۽ لکڻ گهرجي نه ڪي “ موهن جو دڙو”
ٽالپور دور؟
نصير مرزا ڪربلا جي حوالي کان پنهنجي ڪالم ۾ لکيو آهي ته “ ڀٽائيءَ جي وصال جي ويهن ورهين بعد 1772ع ڌاري ٽالپر بادشاهن جي ايامڪاريءَ ۾ سيد ثابت علي شاهه شاعريءَ جي آسمان جي مثل ستاري جي نمودار ٿيو. (روزانه ڪاوش حيدرآباد 12 فيبروري 2005ع) يعني نصيرمرزا موجب 1772ع ۾ ٽالپرن جو دور حڪومت هو! ڇا اها ڳالهه صحيح آهي؟ ڏٺو وڃي ته ٽالپرن ڪلهوڙن وچ ۾ لڙائي 1782ع ۾ هالاڻيءَ وٽ ٿي جنهن کان پوءِ ٽالپرن ڪلهوڙن وچ ۾ لڙائي 1782ع ۾ هالاڻيءَ وٽ ٿي جنهن کان پوءِ ٽالپر دور شروع ٿي.(رياست خيرپور مرزا قليچ بيگ 1922ع ص 16)
ان طرح 1772ع ۾ ٽالپر دور نه هو پر ڪلهوڙا دور ئي هو. نصير مرزا جي ڳالهه غلط آهي. ان طرح نصيرمرزا جي هي ڳالهه به غلط ثابت ٿئي ٿي جو هڪ ڪالم لکيائين ت 1763ع ڌاري هالاڻيءَ ۾ ڪلهوڙن کي شڪست ڏئي سنڌ سنڌ تي پنهنجي راڄ جو آغاز ڪيو هئائين (روزانه ڪاوش 27 فيبروري 2004ع ) يعني ٽالپرن جي دور جو سن 1763ع به غلط لکيو اٿائين جيڪو 1782ع ثابت ٿيو.
[b]واقعه ڪربلا ۽ بنو اميه دور:
[/b]نصير مرزا ڪالم ۾ لکيو آهي ته “ مديني ڏانهن پهچڻ دوران سفر ۾ امام زين العابدين خود پنهنجي چيل شعرن ذريع جنهن آه فغار سان پرچار ڪندو پئي ويو. ان جي نتيجي ۾ نهايت جلد يزيد جو ڇٽ پٽ تي اچي پيو. ۽ بنو اميه جو دور تمام جلد پڄاڻيءَ تي پهتو (روزانه ڪاوش حيدرآباد، 12 فيبروري 2003ع) نصير مرزا موجب واقعه ڪربلا بعد يڪدم يزيد ۽ بنو اميه جو دور پڄاڻيءَ تي پهتو، ڄڻ بنو اميه جو دور يزيد جي دور تي ختم ٿيو هجي. تاريخ جو مطالعو ڪجي ته اهي ڳالهيون هن طرح سامهون اچن ٿيون.
واقعه ڪربلا جو سنه : سن 61 هجري (تاريخ اسلام شاهه معين الدين ندوي جلد 1 ص 380)
يزيد جي وفات جو سنه: 64 هه(تاريخ اسلام شاهه معين الدين ندوي ج 1 ص 389)
بنو اميه دور جي پڄاڻيءَ جو سنه؛ سنه 133هه (تحفة الڪرام ، مير علي شير قانع ٺٽوي ص 68)
ان طرح واقعه ڪربلا سن (61 هه) کان اٽي سال پوءِ سن 64هه ۾ يزيد وفات ڪئي. ان کي “نهايت جلد” نٿو چئي سگهجي ۽ بنو اميه دور واقعه ڪربلا (سن 61هه) کان 72 سال پوءِ سن 133هه ۾ ختم ٿيو ان کي پڄاڻي نٿو چئي سگهجي.
[b]تعزيه معنيٰ شبيهه روضه رسول؟
[/b]نصير مرزا پنهنجي ڪالم ۾ لکيو آهي ته “ جيئن ته تعزيه روضي پاڪ ﷺ جي شبيهه آهي(روزانه ڪاوش 27 فيبروري 2004ع) حالانڪ تعزيه مان اها مراد نه آهي! ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي هي معنيٰ لکي آهي“ تعزيه معنيٰ ڏک ۾ آٿت، مُئي پرچار. حضرت امام حسين رضه جي تربت يا روضي جو نقل ( جوڪاٺ بانس ۽ ڪاغذ وغيره مان قبي جي مثل، محرم جي پهرين ڏهن ڏينهن ۾ ماتم خاطر ٺاهين) (جامع سنڌي لغات ج 2 ص 612) ان طرح هر ڪو ڄاڻي ٿو ته تعزيه لفظ حضرت امام حسين رضه جي روضي يا قبر جي نقل يا شبيهه کي چيو ويندو آهي. ان طرح نصير مرزا غلط لکيو آهي ته تعزيه جي معنيٰ روضه رسول جي شبيهه.
رضا شاهه جو ٿلهو:
نصير مرزا پنهنجي ڪالم ۾ لکيو آهي ته “ رضا شاهه جو ٿلهو،اهو خيرپور جي هڪ ايريا جو نالو آهي. (روزانه ڪاوش 27 فيبروري 2004ع) نصير مرزا “ رضا شاهه جو ٿلهو” اڌ نالو لکيو آهي اهو سڄو نالو “ علي رضا شاهه” جي حوالي کان اڄ به “ علي رضا شاهه جو ٿلهو” سڏجي ٿو. نصير مرزا نالو ناقص نموني لکي غلط ڪيو آهي.
[b]سنڌ ۾ تعزيه جي شروعات:
[/b]نصير مرزا پنهنجي ڪال “ سنڌ ۾ تعزيه داري جي ابتدا” ۾ لکيو آهي ته ٽالپور دور ۾ مير فتح علي خان سپه سالار ميان فقير محمد جوڻيجي کي حڪم ڏئي هڪڙو شاندار پر شڪوه تعزيه تيار ڪرايو هو.” (روزانه ڪاوش 27 فيبروري 2004ع) عنوان ۽ بيان مان واضح آهي ته نصيرمرزا تعزيه يا تابوت جي شروعات ٽالپور دور کان مڃي ٿو. ان تي سکر جي شوڪت خواجائي بنا ڪنهن تاريخي حوالي لکيو آهي ته تعزيه جي شروعات ٽالپور دور کان ڪيتريون صديون اڳ روهڙي ۾ 980هه ۾ سيد مور شاهه کان ٿي آهي. (روزانه ڪاوش 29 فيبروري 2004ع) شوڪت خواجائي ان سلسلي ۾ اعتراف ڪيو آهي ته،“ جيئن ته سنڌ ۾ تعزين جي ابتدائي تاريخ بابت ڪابه خبر نه آهي.” پر منهنجي تحقيق آهي ته سنڌ ۾ تعزين جو ثبوت ٽالپرن کان اڳ تاريخي طور ثابت آهي. ڪلهوڙن جي دور ۾ انهن کي شرعي طور ڪم چئي انهن تي پابندي وڌي وئي. 2 شعبان 1172هه (31 مارچ 1759ع) تي ڪلهوڙن جي حاڪم غلام شاهه کان بادشاهه احمد شاهه ابداليءَ ذريعي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي شريعت جي نفاذ جو جيڪو حڪم جاري ڪرايو ان ۾ آهي ته “ و منع ماتم و تابوت وغيره بدعات ايام عاشورا” (تذڪره مشاهير سنڌ ڀاڱو 2 ص 256 مولانا دين محمد وفائي) ترجمو: ماتم ۽ تابوت وغيره عاشوري جي ڏينهن جي بدعتن تي پابندي وڌي وڃي ٿي.” ان مان ثابت آهي ته ڪلهوڙا دور ۾ 2 شعبان 1172هه مطابق 31 مارچ 1759ع تي تابوت تي پابنديءَ جو حڪم جاري ٿيو ته معنيٰ ان کان اڳ سنڌ ۾ تابوت ٺهي ۽ استعمال ٿي رهيا هئا انڪري نصير مرزا غلط لکيو آهي ته تعزين جي ابتدا ٽالپر دور يعني 1782ع کان پوءِ ٿي آهي.
[b]ڀٽائي ۽ ڪارا ڪپڙا:
[/b]نصير مرزا پنهنجي ڪالم ۾ لکيو آهي ته “ هتي سوال آهي ته لطيف سڄي حياتي تن تان ڪارو لباس ڇو نه لاٿو (روزانه ڪاوش حيدرآباد 25 فيبروري 2004ع) اها ڳالهه هن طرح به لکيائين ته “ شاهه عبداللطيف ڀٽائي هميشه سياهه پوش ۽ سدا سوئيتو ڪاپڙي (روزانه ڪاوش 2فيبروري 2006ع) حالانڪ ڀٽائي هر هميشه ڪارا ڪپڙا نه پائيندو هو پر ٻارهين مهيني ڪارا ڪپڙا رڱائيندو هو.
مير مدينئان نڪري، آئيا نه موٽي،
ڪارا رڱج ڪپڙا ادا نيروٽي،
آءٌ تنين لئه لوٺي جي مير مسافر رانيئا
(شاهه جو رسالو سرڪيڏارو داستان 1 بيت 3)
مرزا قليچ بيگ (1887ع) موجب “ شاهه صاحب اڪثر ڪري زردي گيڙو رنگ جا ڪپڙا پائيندو هو (احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي باب 5 ص 49) اها ڳالهه مير عبدالحسين سانگي (1888ع) لطائف لطيفي حڪايت 19 ص 78 تي به لکي آهي. مرزا قليچ بيگ موجب شاهه کي به چادر به گيڙو هئي (احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي ص 50)