رُسي ويل سرن جو راڳي : ادل سومرو
راڳ سنڌي ماڻهن جي روح ۾ رچيل آهي. هن ڌرتيءَ جي راڳين ۾ پنهنجي آواز توڙي ڏيک جي نسبت سان انفراديت رکندڙ راڳي سهراب فقير، صوفين جي هن ديس جي سڃاڻپ هو. صوفياڻي راڳ ۾ ڪلاسيڪي رنگ سان، هم آهنگ ٿي، جڏهن به سهراب فقير جون صدائون گونجيون ته ٻڌندڙن تي وجد جي ڪيفيت سان گڏ هڪ سحر ڇانئجي ويندو هو.
هُنَ سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني ۽ پنهنجي آواز جي معرفت اُنهن جي فڪر کي جهر جهنگ ڦهلايو. ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌ جي ثقافتي سفير طور هُن، پنهنجي ديس جو نالو روشن ڪيو. هو هڪ گھڻائتو فنڪار ۽ يار ويس انسان هو. مزاج ۾ صوفي هو، تنهنڪري هر قسم جي لوڀ لالچ کان پري هو. پنهنجي فن سان سچو هو ۽ آخر تائين پنهنجي فن سان نڀائيندو آيو. ڏات هن کي ڏک به ڏنا، پر هن وٽ شڪايت ڪنهن لاءِ ڪانه هئي. هن سنڌ جي ثقافت کي گھڻو ڪجهه ڏنو، موٽ ۾ سنڌ جي ماڻهن هن کي عزت ۽ محبت ڏني. اهو ئي هن جو سرمايو ۽ پونجي هئي.
”ڏات اسان تي ڇانو نه ڪئي پر نانوَ ٿيا مشهور“
زندگيءَ جي آخري باب ۾ سر هن کان رسي ويا هئا ۽ هو پنهنجي گھٽيل آلاپن سان اُنهن کي سڏيندو رهندو هو ۽ پرچائڻ جا جتن ڪندو هو، پر اهي هن وٽ موٽي نه آيا آخرڪار هو به پهنجن سرن جيان، هن ڌرتيءَ کان رسي هليو ويو. سنڌ جي گيڙو رنگ ثقافتي اتهاس ۾ سهراب فقير جو نالو سدائين امر رهندو.