شخصيتون ۽ خاڪا

ڳليان پريم نگر ديان

ڪتاب ”ڳليان پريم نگر ديان“ سنڌ جي سدا حيات صوفي ۽ لوڪ راڳي سهراب فقير جي فن ۽ شخصيت تي لکيل مضمونن، انٽرويوز ۽ رپورٽن جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب ڪوثر ٻرڙو صاحب آهي.سهراب فقير جو سنڌ جي انهن صوفي فنڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو جن جي ڳائڻ جو هڪ الڳ Style آهي، هن جي طبيعت، هن جي لباس، هُنَ جي آواز، هُنَ جي انداز ۽ هن جي فني پختگيءَ کيس پنهنجي ٻين هم عمر ۽ هم عصر فنڪارن کان سدائين منفرد ۽ ممتاز رکيو.
  • 4.5/5.0
  • 4160
  • 663
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڪوثر ٻرڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڳليان پريم نگر ديان

اڄ نه جوڳي جُوءِ ۾: ڪرم ٽالپر

شاهه سائين فرمايو آهي ته:
جوڳيئڙا جهان ۾، نُوري ۽ ناري
ٻَرِي جن ٻاري، آنءُ نه جيئندي اُنَ ري

چوندا آهن ته اُها قوم مهان هوندي آهي جنهن ۾، ڏاها، شاعر، ليکڪ، چترڪار، سگهڙ، فنڪار پهلوان، سورهيه ۽ سَخي گهڻا هوندا آهن. ان لحاظ کان اسان سنڌي گهڻا ڀاڳ وارا آهيون. خاص طرح، اسان ڳوٺ ٽالپر وڏا جا رهواسي ته گهڻا شاهوڪار آهيون. هڪ ڳڻپ پٽاندر، هن ڳوٺ ۾، پنجويهه شاعر، ست ليکڪ، ست سُگھڙ، ٻه چترڪار ۽ چوڏنهن فنڪار آهن. انهن سڀني ڳائڻن وڄائڻن ۾، سڀني جو استاد، مهندار، مٺي آواز جو مالڪ، فقير سِيرت، ملوڪ صورت، راڳ جو برک ڄاڻو ست پيڙهيو ڳائڻو، سهراب فقير به هڪ هو، شاهه سائين فرمايو آهي ته:

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بُوءِ بهارَ جي

سهراب فقير، پنهنجي همت، حوصلي، پورهئي، سوچ ۽ لوچ سان نه رُڳو پاڻ وڏو نالو ڪمايو پر ڳوٺ، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي، ملڪ ۽ دنيا ۾ وڏو مشهور ڪيو. سندس آواز سان گڏ، هن جي هلت، چلت، قرب محبت سهڻي، سڀاءَ، سٻاجھي سلوڪ ۽ سهڻي صورت ڪيترا مُلڪي ۽ غير مُلڪي ماڻهو مٿس موهت ڪري وڌا جنهنجا ڪيترائي شاهد آهن، جن مان هڪڙو مان به آهيان. سهراب فقير گهڻن ڳڻن وارو ۽ گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو. سندس سڀني ڳڻن جي ڳالهه ته مان به نٿو ڪري سگهان پر ڪجهه ڳالهيون اوهانکي ٻڌايان ٿو.

جنم: سهراب فقير 1937ع ۾، ڳوٺ ٽالپر وڏا ضلع خيرپور جي سنڌ جي هڪ فنڪار گهراڻي ۾ جنم ورتو، جيترو ڳوٺ ٽالپر وڏا ساڍا ٽي سؤ سال پُراڻو آهي ايترو، تصوف، طب ۽ تعليم به پُراڻا آهن. سهراب فقير جي وڏڙن جو ڳوٺ ۾ لڏي اچي رهڻ کانپوءِ گائڪي جو فن به تقريبن ايترو ئي پُراڻو آهي.

تعليم: جيئن ته اُنَ زماني ۾ مسجد اسڪول هُيا، جِتي ديني تعليم سان گڏ، دنيوي تعيلم به ٻن ٽن درجن تائين پڙهائي ويندي هئي. اهي اسڪول ڳوٺ وارن جي سرپرستيءَ ۾ هلندا هيا جِتي ٻار اکر شناس ته ضرور ٿيندا هُيا پر ڪنهن وڏي سرٽيفڪيٽ يا ڊگريءَ جو تصور ڪونه هوندو هو ان ڪري گُهرج آهر ڪُجهه ٻارن کي ڳوٺ ۾ پڙهايو ويندو هو. وڌيڪَ تعليم لاءِ شاهوڪار ۽ بااثر ماڻهو، خاص طرح سان ڳوٺ جا هندو پنهنجن ٻارن کي وڏن شهرن ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليندا هئا. اهڙي ماحول ۾، سهراب فقير جي خاندان ۾ واجبي تعليم آئي ۽ سهراب فقير پاڻ به اکر شناس هجڻ کان مٿي ڪونه پڙهيو.

تربيت: جيئن ته سهراب فقير گائڪيءَ واري گهراڻي ۾ اک کولي جِتي سندس ڪنن تا راڳ ئي لوليءَ جي صورت ۾ پهتو ۽ سندس سُڃاڻ به انهن سازن سان ٿي جن راءِ ڏياچ راجا کي، سر قربان ڪرڻ تي مجبور ڪيو. سهراب فقير راڳ جي شروعاتي سکيا پنهنجي والد حمل فقير کان ورتي جيڪو راڳ جو سُٺو ڄاڻو ۽ بهترين سارنگي نواز پڻ هو. سهراب فقير ڳائڻ سان گڏ وڄائڻ جي تربيت به ورتي ۽ تقريبن هر سازو وڄائڻ ڄاڻندو هو. وڌيڪَ تعليم هن کيتو خان کان ورتي جيڪو ان وقت مشهور گائڪ هو. راڳ ۾ سهراب فقير سان وڌيڪَ مدد صوفي فقير علي محمد ٽالپر سجاده نشين درگاهه صوفي جلال الدين فقير ٽالپر ڪئي ۽ فقير جو تلفظ به درست ڪيو ڇو ته سهراب فقير وارن جي ٻولي ڍاٽڪي آهي. سهراب فقير کي رنگ به مذڪوره درگاهه تان لڳو جِتي هن فقير صوفي علي محمد سائين ٽالپر جي ورسيءَ جي موقعي تي ڳايو پئي، اتي مانَواري ڊاڪٽر تنوير عباسي مرحوم سان گڏ ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان خيرپور مانَوارو الله بخش شاهه بُخاري صاحب به آيل هو جيڪو سهراب فقير کي ريڊيو تي وٺي ويو. هيءَ 1984ع جي ڳالهه آهي. ان کانپوءِ سهراب فقير کي PTV تي متعارف اختر اختر حسين ٽالپر ڪرايو جيڪو اڄڪلهه PTV نيوز آفيسر آهي. ان کانپوءِ ثقافت کاتي وارن سهراب فقير کي چونڊيو، سهراب فقير پهرئين ڪيسٽ لوڪ ورثه اسلام آباد وارن وٽ ڪئي. اهڙيءَ طرح سندس سُر جو سفر جاري رهيو.

دست بيعت: سهراب فقير باقاعده دم اسم وارو فقير هو، پهريان ئي ته کيس جيڪو ڳائڻو به صلاحيندو هو ته فقير اُنَ سان گڏجي پوندو هو پر پوءِ فقير عنايت علي نوناري ۽ فقير صوفي علي محمد ٽالپر جي صلاح سان ٻين سان وڃڻ ڇڏيائين. اُنَ وقت درگاهه خوش خير محمد سائين هيسباڻيءَ جي سجاده نشين فقير دُر محمد سائين هيسباڻي جو باقاعده دست بيعت ٿيو ۽ صوفين سان واڳجي ويو. ڪنٺا، ڪولابا، گيڙو پڳ ۽ الفي سندس لِباس بڻجي ويئي. جيڪو کيس سونهندو به ڏاڍو هو.

قومپرست: عربي چوڻي آهي ته ”حُب الوطن من الايمان“ يعين وطن جي محبت ايمان جو حصو آهي. پنهنجي ٻوليءَ ۾ چوندا آهن ته ”جنهنجو کائجي تنهنجو ڳائجي.“ سهراب فقير ان چوڻيءَ مطابق سنڌ جو نالو دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ روشن ڪيو، بي ڌڙڪ سنڌي سڏايائين. جن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌين کي بي حساب قتل پئي ڪيو ويو ۽ تقريباً سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ سنڌين جا لاشا آيارتن ڏينهن ۾ اڪثر سنڌي، ڪراچيءَ ۾ ڪم ڪار سانگي وڃڻ وقت سنڌي ٽوپي لاهي کيسي ۾ وجھندا هُئا. سهراب فقير پنهنجي سنڌي لِباس ۾، ٽوپي يا پٽڪي سان PTV جا ٻيا قومي پروگرام بنا ڌڙڪ جي ڪيا. لوڪ ورثو اسلام آباد ۾ سنڌي ڪيسٽ ڪرڻ کانپوءِ جنهن مقبوليت جا سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. لوڪ ورثي وارن سهراب فقير کي چيو ته تون اردو ۽ پنجابي ڳاءِ، اسان توکي مرڪز جو فنڪار ثابت ڪرڻ گهرون ٿا پر سهراب فقير هر مفاد کان درگذر ڪندي، چيو ته هُو پهريان سنڌي آهي ۽ پوءِ مرڪز جو هن سنڌيءَ کان سواءِ ٻي ٻولي ۾ ڳائڻ ۽ مرڪز جو سڏائڻ قبول نه ڪيو. جرمنيءَ ۾ سهراب فقير جي تمام گهڻي عزت ڪئي ويئي بي انتها پيار ڏنو ويو ۽ کيس اُتي رهي ميوزڪ اسڪول ۾ گائيڪي جي سکيا ڏيڻ لاءِ پُرڪشش معاوضي جي پڻ باس ڪئي ويئي پر فقير گهڻو وقت سنڌ کان پري رهڻ قبول نه ڪيو ۽ بي حساب ڊالرن جي فائدي کي ٿُڏي ڇڏيو جرمنيءَ وارن سهراب فقير جي نشاني طور هڪ C.D رڪارڊ ڪئي جيڪا پوءِ کيس موڪلي ويئي. جرمنيءَ جا ڪيترا ماڻهو رُڳو فقير سان ملڻ لاءِ، پاسپورٽ ۽ ويزا جا بندوبست ڪري ڏاکڙا سهي، خرچ ڪري ٽالپر وڏا ۾ آيا!
هڪ ڀيري جڏهن ايم ڪيو ايم ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ وارن پاڻ ۾ اتحاد ڪيو ته ڪراچيءَ ۾ ثقافتي پروگرام رکيو سهراب فقير کي به گهرايو ويو. سهراب فقير جڏهن ٻُڌايل جڳهه تي پهتو ته هال ۾ ٻي پارٽيءَ جي ليڊرن جا فوٽو ڏٺا ته بنا ڪنهن کي ٻڌائڻ جي ساٿين سميت نڪري آيو ته هِت مان نه ڳائيندس ڇو ته ڪنهن سنڌي قومي اڳواڻ جو فوٽو ناهي. روڊ تان جسقم جي نمائندن مس مس کيس منٿون ڪري واپس آندو ته پروگرام اسانجو آهي.
شاهه سائين فرمايو آهي ته:
سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري
حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو
(شاهه)
سهراب فقير، سن ۾، سائين جي ايم سيد جي ڪيترن پروگرامن ۾ شامل ٿيو. ڪيترا ڀيرا سائين سيد جي حڪم مُطابق کيس گهرايو ويو. سائين جي ايم سيد سان ڪيترين ڪچهرين جو به کيس شرف حاصل هو.

فقير: سهراب فقير ٻين سڀني گڻن کان اڳ ۾ ته فقير هو. فقير جي چئني حرفن جي معنيٰ مٿس ٺهڪي اچي ٿي. ”ف“ معنيٰ فقر فاقو، ”ق“ معنيٰ قناعت، ”ي“ معنيٰ يقين، ”ر“ معني رضا تي راضي. جيئن ته مان فقير سهراب کي گهڻو ويجھو هيس تنهنڪري سندس حال جو گهڻو ڄاڻو آهيان. سهراب فقير لاءِ شاهه سائين جي بيت جي هڪڙي سِٽَ گهڻو ٺهڪي اچي ٿي ته: ”آڻين ۽ چاڙهين، ڏُٿ ڏِهاڙي سومرا“ مُلڪي ۽ غير ملڪي ايوارڊ ماڻڻ واري سهراب فقير جي جُهڳي اڃا به سِيءَ جھلڻ جهڙي ڪانهي. فقير جيڪي ڪمايو سو ونڊي ورهائي ڇڏيو. گهڻين محفلن ۾ منهنجو سهراب فقير سان ساٿُ رهيو. پنجن ستن هزارن کان ويهه پنجويهه هزار ٿيا ڇو ته فقير مقرر پئسا نه وٺندو هو. رُڳو ڪِرائي جا پئسا وٺندو هو باقي جيڪي گهور ۾ مليا. اٺ ڏهه ساٿي جن ۾ ورڇ کان پوءِ کيس هزار ٻه مس مليا. جيڪي ساٿي محفل ۾ شريڪ نه ٿيا انهن کي، انهن جو حصو گهر ويٺي آڻي پهچايو جيتوڻيڪ سندس ڪن ساٿين ونڊ ورڇ تي اعتراض به ڪيا. پنهنجي مرشد فقير در محمد سائين طرفان ميلي ۾ جاني، مالي ۽ اخلاقي مدد وس کان وڌيڪَ ڪندو هو، فقير سائين طرفان مقرر ڪيل چوڏهين رجب المرجب جي تاريخ به پاڻ وٽ نهايت کليءَ دل سان ملهائيندو ويو. سهراب فقير جڳ مشهور فنڪار جي حيثيت سان ڪڏهن به پاڻَ کي وڏي ماڻهو ڪونه سمجھيو. هڪ ڀيري ريڊيو پاڪستان خيرپور جي سالگرهه جي موقعي تي جڳ گلاس کڻي، ماڻهن کي پاڻي پياريندي مون ڏٺو. پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ فالج جي حملي سبب معذور ۽ مجبور ٿي پيو. محمد قاسم ماڪا طرفان چوري ڇپايل سندس ٻن ڪيسٽن تي، دٻاءَ سبب جڏهن ماڪا ۽ سندس گهر واري ڳوٺ ٽالپر وڏا ۾ معافي گهرڻ آيا ته سهراب فقير سنڌ جي روايت مطابق کانئن ڪجهه گهرڻ ۽ وٺڻ بدران مائيءَ جي مٿي تي پوتي وجھي، پنهنجي هڙان خرچي ڏيئي معاف ڪري ڇڏيو.

سماجي ورڪر: سهراب فقير ڳوٺ جي سمورن مامرن ۽ مسئلن ۾ اسان سان گڏ رهيو. مسئلن جي مونجھارن جي حل لاءِ، وفد جي صورت ۾ اسان سان گڏ هليو. مقرر ڪيل چندو به ڏنو. ڪمن ڪارين لاءِ مقرر ڪيل ڪميٽين ۾ ميمبر به رهيو. سهراب فقير پنهنجي همت ۽ محنت سان سندس محلي ۾ بجلي جيڪا ڪجهه ٿنڀن جي ڪري رهيل هئي سا ورتي. گئس به ورتي ۽ پنهنجي نالي سان پنهنجي محلي ۾ هڪ پرائمري اسڪول به قائم ڪرايو.

چڱو مڙس: سهراب فقير ڳوٺ جي مامرن مسئلن ۾ چڱي مڙس جي حيٿيت سان شامل ٿي فيصلا ڪرايا پنهنجي ذات وارن ۾، ٽالپر وڏا، بوزدار وڏا، راڻيپور ۽ ٻيءَ ۾ ڪيترا برادريءَ جا منجھيل مسئلا حل ڪيا. ڪيترين رُٺل ڌرين کي پاڻَ ۾ پرچايو، ملڪ جا وڏا ماڻهو شهيد بينظير ڀُٽو ملڪي سربراهه جي حيثيت ۾ هُجڻ باوجود، سهراب فقير جي هڪ ڀيرو ناچاقائي سبب ڪمشنر لاڙڪاڻو جي معرفت هڪ گلدستي سان گڏ سندس خير عافيت پڇائي موڪلي. وڏا ڊنگ سياستدان ووٽن لاءِ سندس در جا چڪر ڪاٽيندا هيا پر سهراب فقير ڪنهن مخالف کي نه ٻڌايو يا ڇوڙايو. سندس روّيو سڀني سان پيار ڀريو رهيو. ساڻس ملڻ لاءِ ڪيترا وڏا ماڻهو ۽ ساٿي فنڪار به آيا جن ۾ موهن ڀڳت، علڻ فقير ۽ مُلڪ جي مهان فنڪاره عابده پروين پنهنجي ور مرحوم غلام حسين، مرحوم سائين ڊاڪٽر تنوير عباسي مختيار ملڪ سان گڏ فقير سائين جي خير عافيت پڇڻ لاءِ آيا. مون سندن مان ۾ آجياڻو ڏنو، اجرڪ پارايا. عابده پروين ماڻهن جي زور ڀرڻ تي درگاهه صوفي جلال الدين فقير ٽالپر تي ڳايو به. اهڙا فوٽو سهراب فقير جي پوين وٽ اڃان تائين موجود آهن.

دوست: سهراب فقير ايترو ڪجهه هجڻ جي باوجود هڪ سٺو دوست پڻ هُيو. خاص طرح سان مان پنهنجي ڳالهه ڪيان ته مون سان تمام گهڻي ڪس کاڌائين. هڪ ڀيري مون ساڻس واچ مٽائڻ جي ڳالهه ڪئي، يڪدم پنهنجي واچ لاهي مونکي ڏئي ڇڏيائين. منهنجي واچ سادي هئي جيڪا خراب ٿي ويئي پر سندس واچ مون وٽ اڃا سوڌو موجود آهي. هڪ ڀيرو مون ساڻس ڪستو وٺڻ جي ڳالهه ڪئي. ٻن ٽن ڏينهن اندر مونکي ڪستو وٺي ڏنائين پر گهڻي چوڻ باوجود به پئسا نه ورتائين. ڪيترا ڀيرا پنهنجا قيمتي ڪنٺا، ڪولابا ۽ منڊيون دوستن کي ڏنائين. ڪيئي ڀيرا پنهنجي خرچ تي دوستن کي ميڙا گهمايائين. ماڻهن کي منهنجي ۽ سهراب فقير جي محبت جي ڄاڻ هئي تنهن ڪري ڪيترا ماڻهو سهراب فقير کان پروگرام لاءِ ٽائيم وٺڻ لاءِ، مون وٽ ايندا هئا. ڪيتري به مصروفيت هوندي فقير سهراب سدائين منهنجي ڳالهه کي او‌‌‌‌‌ليت‌‌ڏني. ‌

فنڪار : جيڪڏهن ايئن کڻي چئجي ته فنڪار ته سهراب فقير ڄائي ڄم کان هيو، ڳائڻ وڄائڻ سندس وڏڙن کان وٺي سندن پيشو رهيو آهي پر سهراب فقير ٻين سڀني ۾، پنهنجي رسيلي آواز، رياض، محنت ۽ ڄاڻ سبب گهڻو مشهور رهيو. سڄي سنڌ، پورو ملڪ ۽ اڌ دنيا سندس فن جي مڃتا ڪئي. هندي ٻولي ۾ هڪ چواڻي آهي ته: ”راڳ، رسوئي پاڳڙي ڪڀي ڪڀي بن جات“ يعني راڳ، طعام ۽ پٽڪو ڪڏهن ڪڏهن ٺهندو آهي پر سهراب فقير جي هر محفل لڳي ۽ هن ماڻهن کي جھومايو. سهراب فقير جي محفل مان ماڻهو ڪڏهن ڪونه ڍاپيا. سندس آلاپ تي مون، ماڻهن کي رئندو ڏٺو. عام خاص سندس آواز جا عاشق هيا. هڪ ڀيري هڪ فقير جي ورسيءَ جي موقعي تي اسان هڪ ڳوٺ مان سُنگ جي صورت ۾ وڃي رهيا هياسين ته هڪ سفيد پوش ماڻهو آيو ۽ منٿ ڪري چيائين ته پاڙي جا ٻار سهراب فقير کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ، اسانجي گهر گڏ ٿيا آهن اوهان پنج منٽ ترسو ته اُهي سهراب فقير کي ڏسي وٺن. اهڙيءَ طرح وڏا گهراڻا پرده دار ٻار کيس ڏسڻ ٻڌڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيا. سهراب فقير جا مون تي به ڪيترائي ٿورا آهن. منهنجا ڪلام ڳائي مونکي به گهڻو مشهور ڪيائين. فقير غمدل سائين وڳڻن واري جي هڪ ڪافي سندس آواز ۾ گهڻي مشهور ٿي ”ڳليان پريم نگر ديان حضرت عشق گهمايم“ ان کان پوءِ غمدل سائين دايو جا طالب ته فقير سهراب جا بي حد ٿورائتا بنجي پيا. جرمني ۾ مصر جي هڪ فنڪاره سان سندس مقابلو ڪرايو ويو. فنڪاره جيڪي سُر ڳايا سهراب فقير اُهي سُڃاتا ۽ ڳائي ويو پر سهراب فقير ٺيٺ سنڌي راڳ جيئن راڻو، ڪوهياري ۽ سورٺ ڳايا جيڪي اُها فنڪاره نه ڳائي سگهي ۽ سهراب فقير کي اُستاد مڃيائين. سهراب فقير پنهنجي فن ۽ آواز جي وسيلي سان اڌ دنيا گهمي آيو.

خدا خوفي: ان سلسلي ۾ مان هڪڙو ئي مثال پيش ڪندس. سهراب فقير جي هڪ عاشق R.O صاحب کيس شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي زماني ۾ زميني ورهاست ۾ 16 ايڪڙ زمين ڏيڻي ڪئي ان سلسلي ۾ رُڳو سهراب فقير کي قسم کڻي چوڻو هو ته مان هر هاري آهيان پر فقير قسم کڻڻ ۽ زمين وٺڻ کان صاف انڪار ڪيو.
شاگرد: سهراب فقير جا شاگرد هونئن ته بنهه گهڻا آهن پر ڪجهه شاگرد جيڪي گهڻا مشهور ٿيا ۽ ريڊيو، ٽي وي تي پهچڻ سان گڏ ساڻس گڏ دنيا به گهمي آيا اهي آهن مرحوم قلندر بخش فقير خاصخيلي جنهن جا ريڊيو تي سهراب فقير سان گڏ ۽ الڳ ڪيترا نغما ريڪارڊ آهن. سندس ڪيتريون ڪيسٽون پڻ آهن. گل بهار جويو جيڪو سدا بهار آواز جو مالڪ آهي سندس ڪافي نغما ريڪارڊ ۽ ڪيسٽن جي صورت ۾ آهن. جمالدين فقير جيڪو سهراب فقير جو عزيز پڻ آهي. سندس بي شمار ڪيسٽون ۽ ريڊيو ريڪارڊنگ موجود آهي. سندس پٽ ۽ ڀاڻيجا، جلال فقير ۽ قلندر بخش فقير بهترين وڄتا ۽ سيد باقر شاهه، سُنگ ۽ ساٿين جي صورت ۾ موجود آهن.

ايوارڊ: هونءَ ته فنڪار لاءِ، واهه واهه يا تاڙي به ايوارڊ ئي هوندي آهي جنهن سان سندس حوصلو وڌندو آهي پر سهراب فقير بنهه گهڻا ايوارڊ ماڻيا جن ۾ تمغا، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ شامل آهن. اُنهن جي اُپٽار هن ريت آهي. شاهه لطيف ايوارڊ ٻه ڀيرا، سچل ايوارڊ ٻه ڀيرا، قلندر شهباز ايوارڊ ٻه ڀيرا، اجرڪ ايوارڊ، ريڊيو پاڪستان خيرپور طرفان بيسٽ ايفيشنسي ايوارڊ، سڀ کان وڏو ايوارڊ حُسنِ ڪارڪردگي، صدارتي ايوارڊ کيس 23 مارچ 2000ع ۾ مليو. ڪيترا ايوارڊ سندس پوين وٽ موجود آهن ۽ ڪجهه وڃائجي به ويا آهن بهرحال ايوارڊ به هڪ سٺي نشاني آهي. ماڻهن کي ڏيکارڻ ۽ يادگيري لاءِ پر بهترين ايوارڊ آهي، ڳُڻ، ڳالهيون ۽ محبت جيڪا سهراب فقير لاءِ هر دل ۾ موجود آهي ۽ زندگيءَ جو سرمايو آهي.
ميران چيو آهي ته:

نیڑا تو نیناں بسے، ڈور تو ہینئڑے مانھ
سجن بچھڑیا جو کہے ، پریت بھی جانت نانھ

يعني سڄڻ ويجھو آ ته اکين ۾ آهي يعني کيس ڏِسون ٿا پرجي پري آهي ته دل ۾ آهي سندس تصور، تصوير ڳڻ ۽ ڳالهيون دل ۾ آهن، جيڪو ماڻهو سڄڻ کي وڇڙيل چوي ٿو اُهو پريت نٿو ڄاڻي.
سهراب فقير وڏي وڳر ولر وارو ماڻهو هو، اٽڪل ڇويهه ستاويهه ڀاتي سندس گهر ۾ موجود آهن. سندس گڏيل خاندان ۽ ڪٽنب آهي. سڀني جو سنڀاليندڙ پاڻ هو. سندس وڏي پُٽ کي يعني رجب عليءَ کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ لوئر گريڊ ۾ نوڪري آهي. سندس ٻيو نمبر پٽ نياز علي کي سيده نفيسه شاهه صاحبه، سائين قائم علي شاهه صاحب طرفان ڪو آپريٽو سوسائٽي ٽنڊو الهه يار ۾ لوئر گريڊ ۾ نوڪري ڏني آهي. باقي ٽي ڀائر مزدوري ڪن ٿا. سهراب فقير جي بيماري وقت يعني فالج جي حملي وقت ڄاڻ پئي ته ڪيترائي يتيم ٻار، بيواهه عورتون ۽ بي سهارا عمر رسيده مرد خاص طور سندس ذات برادريءَ ۾ سندس زيرِ ڪِفالت هيا جن کي وس آهر مقرر وظيفو ڏيندو هو سندس وصال کانپوءِ اهي سڀ يتيم ۽ بي سهارا ٿي ويا آهن. ڀڳت ڪبير صاحب چيو آهي ته:

کبیر سُکھی یہ سنسار ہے کاءِ اور سوءِ
دکھی داس کبیر ہے جاگے اور روءِ

يعني ڪبير صاحب چوي ٿو ته هي سنسار سک ۾ آهي جيڪو کائي پي ۽ ننڊون ٿو ڪري پر ڏکيو مان آهيان جو جاڳان به ٿو ۽ رُئان به ٿو.