سهراب فقير ــــــ منهنجو ڳوٺائي : اختر ٽالپر
انهيءَ وقت ۾ اڌڙوٽ عمر جو سهراب فقير گهڻي ڀاڱي هن ئي درگاهه تي رات جي ڊيوٽي (راڳ ويراڳ) ڪندو هو ــ سهراب فقير ڳوٺ ٽالپر وڏا جو ئي رهواسي هو ــ اصل ۽ خانداني طور تي ڳائڻ ۽ وڄائڻ تي سندس ڪرت هئي. سهراب فقير سڀني ميراثي فقيرن مان سريلي آوازن وارو هيو.
جڏهن مان پاڪستان ٽيليويزن ۾ آيس ۽ ڪجهه ڪلا ڪرت جي به شڌ ٻڌ ٿي ته ڄڻ سهراب سائين کي سمجھڻ ۾ اڃان به آساني ٿي پئي. سهراب فقير کي عام ماڻهو جي نظر وانگر ڏسجي ته قدرت واري کيس سهڻي آواز ۽دل ڇهندڙ آلاپ جي اندازَ سان نوازيو هو. باقي راڳ ويراڳ جي استاد گهراڻن واري تڪ تور مڙئي گهٽ هئس.
سهراب فقير ڄڻ ته درگاهه جلال فقير جو ئي هو سو مونکي اهو محسوس ٿيو ته کيس T.V تي آڻجي. سو کيس هڪ دفعي PTV ڪراچي مرڪز تي وٺي آيس ۽ فقير پنهنجو پروگرام رڪارڊ ڪرايو. انهي وقت ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو واحد ذريعو پاڪستان ٽيليويزن هئي PTV جا پروگرام ڏيهه توڙي پرڏيهه انتهائي مقبول ٿيا ۽ اهڙي طرح جڏهن سهراب فقير جو پهريون پروگرام On Air ويو ته ڄڻ سهراب فقير سڄي سنڌ ۾ متعارف ٿي ويو.
ڪجهه هفتن کانپوءِ ٻيهر PTV جي واسطيدار پرروڊيوسر چيو ته يار سهراب فقير کي ٻيهر گهرائڻو آهي. ۽ اهڙي طرح سهراب فقير ٻه پروگرام ڪيا ۽ ان کانپوءِ ريڊيو پاڪستان ۽ سچل سرمست جي عرس ۾ به کيس گهرايو ويو. سهراب فقير پنهنجي سر جي سفر جي شروعات ۾ ئي ڄڻ ته عمودي اڏام ورتي ــ هر ڏينهن سندس سُر کيس اونچو ڪندا ويا ــ انهي وقت پرائيويٽ چئنل ته ڪونه هيا باقي ڪيسٽن جو ڪاروبار به ڄڻ چمڪي اٿيو، ڏسندي ڏسندي سهراب فقير سرڪاري ادارن ۽ عملدارن جي محفلن ۾ ستارو بڻجي چمڪڻ لڳو . بدقسمتي سان ننڍڙي ڳوٺ ٽالپر وڏا جي مٽي ۽ ڌڌڙ واريون گهٽيون پڻ ڌنڌلائجڻ شروع ٿيون. کيس ڪلچر کاتي وارن سنگ سميت ٻاهرين ملڪن ۾ وٺي وڃڻ ۽ پرفارم ڪرائڻ شروع ڪيو ۽ وقت گذرندي گذرندي پرائيويٽ سنڌي چئنل پڻ ميدان ۾ لٿا ۽ ڄڻ ته سهراب فقير سنڌ جو هيرو بڻجي ويو. سهراب فقير جي شهرت جي بلندين تي پهچڻ ۽ هڪدم هيٺ لهڻ ڄڻ ته قدرت جو ئي ڪو ڪرشمو لڳي ٿو.
سهراب فقير اڌرنگي جي سَٽَ ۾ نه صرف پنهنجن سُرن کان محروم ٿيو پر آواز کان به مڪمل طور تي محروم ٿي ويو. مونکي ائين لڳندو هو ڄڻ سهراب فقير جي سُرن کي نظر لڳي ويئي.
سهراب فقير جي تيز رفتار انتهائي اونچي شهرت کيس اوتري تيزي سان ئي زمين تي وٺي آڻي ڪيرايو، سهراب جي زبان بند ڇا ٿي، چمڪ دمڪ شهرت پڻ ڌنڌلائي ۽ ائين دنيا به کانئس منهن موڙيندي ويئي قدرت جي انهي غربت واري قصي ۾ مونکي ائين لڳو ڄڻ ساوڻ جو تيز وسڪارو آيو. تيزي سان آيو اوتري تيزي سان هليو ويو.
مان ڪيترائي ڀيرا سهراب فقير کي ڳوٺ جي گهٽين ۾ ايندي ويندي مليس ته هو مونکي ڀاڪر پائي ملندو هو ۽ کيس اکين ۾ لڙڪ لڙي ايندا هيا.
هو منهنجي ڪافي عزت ۽ پيار ڪندو هو. هميشه پيار ۾ اختر سائين چوندو هو. سندس اصل ۽ گهرو ٻولي ته ڍاٽڪي هئي پر صاف ۽ سنڌي سرائڪي پڻ ڳالهائيندو هو. سهراب فقير، علي محمد فقير ٽالپر جو دادلو فقير هو. سهراب کي آخري ڏينهن ۾ جناح اسپتال ڪراچي ۾ پڇڻ ويس ته سندس اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا شايد اها سندس موڪلاڻي هُئي. ٻئي ڏينهن تي ڊاڪٽرن جي مشوري تي کيس ڳوٺ نيو ويو ۽ هن ڦڦڙن جي ڪينسر سبب دم پنهنجي ڌڻي حوالي ڪيو.
سهراب آواز جو شهنشاهه ۽ آلاپن جو بادشاهه هو ــ مون سميت اڪثر دوست درگاهه جلال فقير تي کانئس رات جي محفل ۾ راڻو ڳائڻ لاءِ چوندا هياسين. سندس هٿ ٻڌي سهڻي صورت سان محبوب سائين اختر سائين سنڌ سلامت ۽ پريم سلامت جهڙا لفظ چوندو هو اهي ته شايد ٻڌندڙن وٽ رهجي ويا هجن باقي سندس آواز سنڌي موسيقي جو هڪ حصو بڻجي چڪو آهي جيڪو هر وقت هر نسل جي من کي موهيندو رهندو.