امن ۽ آشتيءَ جو اهڃاڻ، لوڪ صوفي راڳي سهراب فقير : نثار کوکر
سنڌ ۾ صوفي بزرگن جو ڪلام صديون اڳ قديم زماني کان روايتي سازن سان گڏ ڳائڻ ۽ ٻڌائڻ جو عمل جاري ساري آهي. اها روايت ڪا نئين نه آهي پر جڏهن لوڪ صوفي ڳائيڪي ۾ سهراب فقير جو آواز گونجيو ته تصوف جي رمزن ۾ رنگيل صوفي راڳ کي نت نيون راهون، نوان ٻڌندڙ، پسنديدگي جو الڳ ئي انداز ۽ عوامي مقبوليت جون انتها واريون بلنديون پڻ مليون.
سهراب فقير جا ڳايل صوفي ڪلام ايترا ته مشهور ۽ مقبول ٿيا جو اهي سنڌ جي لوڪ صوفي ثقافت جو هڪ اڻ ٽٽندڙ حصو بڻجي رهجي ويا. امن ۽ آشتي جي اهڃاڻ سنڌ سان وابسته سهراب فقير جي ڳايل ڪلام ”مين آيا مک ويکڻ“ ڳائڻ بغير اڄ به ڪنهن صوفي بزرگ جي درگاهه تي عرس جي ٿيندڙ تقريبن جي شروعات نه ٿي ڪئي وڃي. اهو سهراب فقير جي ڳائڻ جو اثر آهي، جو ڪنهن به صوفي بزرگ جي درگاهه تي ان جا ڳايل صوفي ڪلام ڳايا ۽ ٻڌايا وڃن ٿا.
سهراب فقير جي پيدائش 1937ع ڌاران ضلع خيرپور ميرس جي ڳوٺ ٽالپر وڏا جي هڪ فنڪار گھراڻي ۾ ٿي. سهراب فقير جو والد حمل فقير ميراثي، سارنگي ۽ طبلي وڄائڻ جو بهترين استاد هو. حمل فقير هندو ڀڳتين سان گڏ سنگت ڪندو هو. انهن ۾ برصغير جو مشهور مقبول ڀڳت ڪنور به شامل آهي.
حمل فقير جي گهر ۾ پيدا ٿيڻ ڪري سهراب فقير جي سازن ۽ سرن سان واقفيت ننڍپڻ کان ئي ٿي هئي. سهراب فقير کي سندس والد طبلو وڄائڻ سيکاريو هو پر سهراب فقير جي آواز ۽ سر ۾ هڪ عجيب ڪشش کي محسوس ڪندي ۽ ڪنهن دوست جي مشوري ڏيڻ بعد سندس والد حمل فقير سهراب کي روهڙي جي مشهور استاد کيتو خان جي شاگردي ۾ ڏيئي ڇڏيو ته جيئن سهراب فقير راڳداري جي سرن ۽ رمزن کان چڱي طرح واقف ٿي سگھي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته استاد کيتو خان مشهور استاد عاشق علي خان جو شاگرد هو، جنهن سهراب فقير جي راڳ جي حوالي سان نهايت ئي بهترين تربيت ڪئي.
سهراب فقير جو والد حمل فقير صوفي فقير خوش خير محمد جو مريد هو. هو پنهنجي پٽ کي ننڍي عمر ۾ پنهنجي مرشد جي درگاهه تي حاضري ڏيڻ خاطر وٺي ويندو هو. جتي ڳائڻ جي فرمائشن ڪندڙن ننڍي عمر واري سهراب فقير جا صوفي ڪلام ٻڌا ته ٻڌندڙ داد ڏيڻ کان بغير رهي ڪين سگھيا. اتي سهراب فقير کي ايتري ته موٽ ملي جو سهراب فقير ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا وٺڻ کي ڇڏي باقاعده صوفي ڪلام ڳائڻ شروع ڪيا.
سهراب فقير پنهنجي پوري جواني صوفي بزرگن ۽ شاعرن جي درگاهن تي ٿيندڙ محفلن ۾ ڪلام ٻڌائڻ ۾ گذاري ڇڏي. هو طبيعتن پنهنجي عشق ۾ گم رهڻ وارو ماڻهو هو جڏهن ته هو شهرت جي پويان ڊوڙڻ وارن مان نه هو. هن کي صوفي بزرگ غمدل فقير جي ڳايل هڪ ڪلام صوفي ڪلام ڳائيندڙن جي پهرين صف ۾ بيهاري ڇڏيو. سهراب فقير جي آواز ۾ جڏهن ”گليان پريم نگر ديان“ ڪلام ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽوڊيو مان هوا جي لهرن ذريعي نشر ٿيندو هو ته ٻڌندڙ ان سحر انگيزي گم ٿي عشق جي مستي ۾ اچي ويندا هئا.
سهراب فقير جي آواز بابت موسيقي جي ڄاڻو ۽ ماهرن جي اها راءِ آهي ته هو هڪ الڳ ۽ منفرد آواز جو مالڪ هو. هن جي آواز ۾ صوفياڻا رواني ۽ سرمستي شامل آهي جيڪا صوفي بزرگ حضرت سچل رحه جي ڪلام جي ضرورت آهي. سهراب فقير ڪيترين ئي ٻولين جي شاعر حضرت سچل سرمست رحه جا سنڌي کان علاوه سرائيڪي ۽ پنجابي ۾ ڇپيل ڪلام به ڳايا آهن. جيڪڏهن سهراب فقير سچل سرمست رحه ڳايو آهي ته هن بابي بلي شاهه جا ڪلام به پنهنجي سريلي آواز ۾ ڳايا آهن. سهراب فقير شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شاعري ڳائي آهي ته هن وارث شاهه رحه کي به نه وساريو آهي.
سهراب فقير پنهنجي ڳائڻ واري منفرد انداز ۾ عشق جون وڏيون منزلون پار ڪيون. لوڪ صوفي موسيقي سان سندس عشق ڪيترائي ورهيه پراڻو هو جنهن جي سحر ۾ سهراب فقير قابو هو ۽ پوءِ جڏهن ان سحر انگيز عشق جي ٻولن ۾ قيد عاشق کي دنيا شهرت جي بلندين تائين پهچايو ته عشق ۾ هن جا ڪارا وار مهندي جي ڀنل خوشبو ۾ ويڙهجي ڳاڙها ٿي ويا هئا. بلڪل ائين جيئن سندس جسم تي گيڙو پوشاڪ. ان رنگ کي اوهان ڪجهه به چئو پر سهراب فقير جي نظر ۾ اهو صوفياڻو رنگ آهي.
سهراب فقير هميشه اهڙا ته ڪلام پنهنجن چاهيندڙن ۽ ٻڌندڙن جي نذر ڪيا جيڪي نه صرف ان وقت پر هر دور جا مشهور مقبول ڪلام بڻجي ويا هن صوفي ڳائيڪي کي عوامي انداز بخشيو، طبلي ۽ سارنگي جي تربيت ته هو اڳ ئي وٺي چڪو هو پر صوفي ڳائيڪي ۾ هن هڪ تار وارو صوفياڻو ساز يڪتارو استعمال ڪيو ان سان گڏ ڪاٺيءَ جي ٽڪرن مان ٺهيل چپڙي به استعمال ڪندو هو ته جيئن چپڙي جي تال تي سرن کي سنگت ملي.
سهراب فقير ڪيترن ئي مشهور شاعرن سان گڏ شهرت نه رکندڙ اهڙن شاعرن جي ڪلامن کي به ڳائڻ لاءِ چونڊيو جن جي ڪلام ۾ هن کي خيال جي گھرائي نظر ايندي هئي. سندس پٽ رجب فقير جي چوڻ مطابق سهراب فقير جڏهن صوفي شاعر علي محمد فقير جو ڪلام ”مين صوفي هون سرمسته ميڏاڪون پهچاني رسته“ اهڙي ته رنگ ۾ ڳايو جو شهرت يافته فنڪاره عابده پروين جڏهن اهو ڪلام ٻڌو ته اها به اهيو ساڳيو ڪلام پنهنجي آواز ۾ ڳائڻ کانسواءِ نه رهي سگھي.
ٻين خوبين سان گڏ سهراب فقير جي اها به هڪ خوبي آهي ته هن روايتي تعليم حاصل نه ڪرڻ جي باوجود پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به غير معياري شاعري کي پئسن يا شهرت جي لالچ ۾ پنهنجي آواز جو سهارو نه ڏنو . هن صرف اهي ئي ڪلام ڳايا جيڪي سندس دل جي تارن کي ڇيڙيندا هئا.
سهراب فقير جي ڳائڻ تي اختلاف به ٿيا پر هن اهڙن معاملن کي به پاڻ ئي حل ڪيو هن جو هڪ مشهور ڪلام ”فقير جي محبت الله جي محبت، فقير راضي الله راضي“ تي ڪجهه مذهبي حلقن تنقيد ڪئي. جڏهن سهراب فقير کي وضاحت لاءِ سڏايو ويو ته هن اهڙي ڪلام جي دل سان وضاحت ڪئي جنهن سان اعتراض ڪندڙ دنگ رهجي ويا. حالانڪ ان تنقيدي ۽ اختلافي معاملي تي ڪلام جي شاعر طارق نجفي کان به وضاحت ڏيڻ لاءِ گڏجي هلڻ جي مدد به نه ورتي.
سهراب فقير جا صوفي ڪلام جڏهن مشهور ٿيڻ لڳا ته حڪومت جي به ان تي نظر پئي پوءِ وقت به وقت ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ويندڙ وفدن ۾ کيس شامل ڪندا رهيا. سهراب فقير جرمني، هالينڊ، برطانيه، آمريڪا ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جا ثقافتي دورا ڪيا ۽ اتي پنهنجو فن پيش ڪيو. هن جي ٻولي بظاهر ته اتان جا ماڻهو نه سمجهندا هئا پر محبت ۽ موسيقي ٻولين جي قيد و بند کان آزاد هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان کان ٻاهر به سهراب فقير جي مداحن جو گهڻو تعداد موجود آهي.
سهراب فقير کي صدارتي اعزاز حسن ڪارڪردگي سان نوازيوويو جڏهن لوڪ صوفي موسيقي جي حوالي سان سنڌ جا تمام اعليٰ اعزاز به هن کي ملي چڪا هئا. سهراب فقير کي شاهه عبداللطيف رحه (2) ايوارڊ، سچل سرمست رحه (2) ايوارڊ، بيدل (2) ايوارڊ سميت سمورا اعزاز مليا جيڪي ان جي فن جي قدر جو مظهر آهن.
سهراب پنهنجي والد کي ٽن نياڻين سان گڏ اڪيلو پٽ هو. سهراب فقير ٻه شايديون ڪيون جن مان کيس پنج پٽن ۽ ڇهه نياڻين جو اولاد ٿيو. هاڻي سهراب فقير پنهنجي اباڻي ڳوٺ ٽالپر وڏا ۾ مدفن آهي.
سهراب فقير جو وڏو پٽ رجب فقير چوندو آهي ته بابا زندگي ۾ سرن سان گڏ گڏ دل جو به سخي هو ڏيهي توڙي پرڏيهي محفلن مان جيڪي نقد انعام ملندا هئس اهي هو پنهنجي ضرورت مند مائٽن ۽ ساٿين کي ورهائي ڏيندو هو. هو صوفي رنگ جو سچو پيروڪار هو جيڪو ڪجهه به ملندو هئس گڏجي ورهائي کائيندو هو.