عشقَ اسان کي آهي اُڏاريو....
[b]
(سهراب فقير جو يادگار ريڊيو انٽرويو )[/b]
[b]سوال: توهان پنهنجي فني سفر بابت تفصيل سان ٻُڌايو؟[/b]
سهراب فقير: سائين موسيقيءَ جو فن، اسان جي گهر جي ميراث آهي. منهنجو والد صاحب ۽ منهنجا چاچا ڳائيندا هئا. پيءُ جو نالو حمل فقير، وڏي چاچي جو نالو محرم فقير ۽ ٻيو زوار پير بخش فقير، اهي ڳائيندا به هئا ۽ ساز به وڄائيندا هئا. اهي به اسان وانگر سُنگ جي صورت ۾ ڳائيندا هئا. سندن جو زمانو هوندو هو، ٽوليون ڪري ڳائڻ جو رواج هوندو هو، ڀڳت انداز ۾. بابو طبلي نواز هو استاد ماڻهو هوندو هو، اڳتي هلي هلي عشق جي ميدان ۾ لٿاسون تڏهن وڃي مرشدن جي پاسي پياسي. مرشد سائين خوش خير محمد فقير جو فرزند در محمد هيسباڻي سائين، ان سان روح جي ڪشش تڏهن کان ٿي وئي جڏهن ڏهه ٻارنهن سال عمر هُئي. ڇو ته هنن وٽ طالب تمام گهڻا ايندا هئا، فقير اچي ڪٺا ٿين، راتين جون راتيون ڳائڻ وڄائڻ جو سلسلو هلندو هو. فقير ڳائين اسان ڪڏهن ڪنهن سان باجو وڄايو، ڪنهن سان ڍولڪ، پاڻ يڪتارو کڻي ڳائڻ لڳاسي. شروع ۾ مون عاشق علي خان جي شاگرد کيتو خان کان سکڻ شروع ڪيو، اهو روهڙيءَ ۾ رهندو هو. استاد عاشق علي خان به روهڙيءَ ۾ تمام گهڻو رهندو هو. اسان ان وقت ننڍا هوندا هئاسي، باقي استان کي ڏٺوسي ضرور، ڳائي ته ڪونه سگهندا هئاسين، پر باجو ۽ چار سُر سکي ورتاسي. ڪُجهه نه ڪجهه حاصل ڪيوسي. گهڻي ڊيوٽي فقيرن سان ڏني. هونئن راڄ جا فقير مڱڻهار به رهيا آهيون. انهن جون شاديون، ڳائڻ وڄائڻ ڌنڌو رهيو آهي. اڳتي هلي اسان سان فقير عنايت علي جنهن مرشد پاڪ جي ڪافي ”رخ رانجھن ماه منير هويا“ ڳائي ان سان جوڙ ٺهيو. مون به اهو ريڪارڊ ڪرايو، پوءِ گهڻن فنڪارن ڳايو. اسان هڪ درگاهه تي رهندا هئاسي، ان سان پڪو جوڙ ٿي ويو ۽ گڏ ڳائڻ لڳاسي، هو مون کان سينيئر هو. مون کي هارمونيم، فقير کي يڪتارو ان ڪري ائين سٺو وقت گذرڻ لڳو. فقير سائين اوچتو فوت ٿي ويو. مون لاءِ اُداسيون ۽ پريشانيون وڌي ويون، ڪُجهه وقت مان مرشدن جي درگاهه ڇڏي فقير سائين جي مزار تي وڃي رهيس، اها محرابپور ۾ آهي. فقير تي ڏهاڙي ڳائڻ شروع ٿيو. هونئن اصل ڳوٺ ٽالپر وڏا آهي. ڪجهه وقت اُتي رهيس ته هيڪر خورشيد علي خان اچي محرابپور نڪتو، مونکي ملي چيائين يار! مون کي تو جهڙي ماڻهو جي ضرورت آهي، پنجابيءَ ۾ چيائين، ڇو ته منهنجو فن ڏٺائين پر ائين وڄائڻ به پسند آيس. اسان هن کي پسند اچي وياسي، اسان کي هو پسند اچي ويو. ڏاڍو پيارو ۽ مٺو گَويو، پنج ڇهه سال سنگت خورشيد علي خان سان رهي، اُنَ سان طبلو وڄائيندو هوس. ان وچ ۾ مونکي مجبوري اها ٿي پئي ته منهنجي گهر واري فوت ٿي وئي، منهنجي عمر جي ساٿياڻي هئي. ٻچڙا ننڍا هئا، وري اُداس رهڻ لڳس. خان صاحب مون وٽ هر چڪر ۾ اچي دلداريون ڏيندو هو، ٻچن کي دلداريون ڏئي، پوءِ مون پنهنجي مئخاني ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. فقير علي محمد فقير جي درگاهه ٽالپر وڏا ۾ آهي، اهي فقير جيئرا هوندا هئا ته مون سان ننڍي لاڪون ڏاڍو پيار ڪندا هئا. اداسي ڏٺائون ته مونکي سيني سان لاتئون، چيائون عنايت فقير جو ڏک، زال مرڻ جو فڪر، ٿي سگهي ته فقير چريو ٿي وڃي ان ڪري سهارو ڏيڻ لڳا، ڏاڍي همدردي ڪيائين. هُو صوفي فقير هو مونکي اڪيلو ڳائڻ جو شوق به ان فقير ڏياريو. ڪجهه دؤر اڪيلو به ڳايم، محفلون، شاديون، ميلا سڀ ڳايم، آهسته سُنگ به تيار ڪيم. علي محمد فقير جو ميلو هو، پهرين ورسي هئي ته اتي الله بخش شاهه بُخاري آيو، ان وقت پُراڻي بلڊنگ ۾ خيرپور ريڊيو اسٽيشن هوندي هُئي.
[b]سوال: معاف ڪجو اوهان جي ڳالهه ٿو ڪٽيان ته استاد منظور علي خان سان به ساٿ رهيو اوهان جو؟[/b]
سهراب فقير: واهه جو ڳالهه ياد ڏياري اوهان! مان خان صاحب خورشيد علي خان سان هوس ته هڪ دفعي استاد منظور علي خان سان ملاقات ٿي. هُو جڳ مشهور استاد فنڪار هو، مونکي چيائين طبلو ظالم ساز آهي تون شينهن جي ڪن ۾ هٿ وجھيو ويٺو آهين اهو ڇڏ، تون ڳاءِ، اسان تنهنجو ساٿُ ڏينداسين. حوصله افزائي زبردست انداز ۾ ڪيائين. پوءِ محفلن، شادين مرادين ميلن ۾ مونکي منظور علي خان ڏسي ته پاڻ سڏ ڪري ته اچو صوفي فقير اسان سان سنگت ڪيو، ڇو ته هو سچو استاد هوندو هو. اهو ئي سبب آ ته هُنَ جا شاگرد جيڪي ڳائين ٿا ته لڳي ٿو اُستاد پاڻ ٿو ڳائي. شاگردن سان به سچو هوندو هو.
[b]سوال: ته اوهان بُخاري صاحب جي ڳالهه پئي ڪئي؟[/b]
سهراب فقير: ها بُخاري صاحب ان ميلي ۾ آيو اسان جي به ڊيوٽي هئي. پيرين اگهاڙو، جڳ پاڻيءَ جو کنيو سڀني کي پاڻي پيئاريندو وتان. فقراءَ پئي ڳايو، شاهه صاحب اٿڻ وارو هو، ان کي خبر هئي ته مان به ڳائيندو آهيان. مونکي چيائين اسان کي به ٻول ٻڌاءِ، مون ڳائڻ شروع ڪيو. صبح جا پنج ٿي ويا، ٻڌندو رهيو. اسان کي به خريدار سٺو مليو، ويتر جو ريڊئي جي حوالي سان تعارف ڪرايائين ته اسان تي به مستي چڙهي، سائين راضي ٿي ويو. ضلعي ڪائونسل هال ۾ گلزار علي خان ڪمپوزر هوندو هو. مونکي بُخاري صاحب گهرايو هو ۽ ان مونکي موقعو ڏنو.
[b]سوال: ريڊيو تي پهرين لائيو پروگرام مِليو يا ريڪارڊنگ ٿي؟[/b]
سهراب فقير: پهريان لائيو پروگرام ٿيو، ڳوٺاڻي پروگرام ۾ سڀ کان پهريان ”ڳليان پريم نگر ديان“، ڳايم جيڪو بعد ۾ ريڪارڊ به ڪيائون، پوءِ جيڪي به دوست پروڊيوسر آيا انهن پيار ڪيو ۽ محنت ڪئي مون تي. اوهان جا لک احسان جو انٽرويو لاءِ گهرايو.
[b]سوال: ريڊيو تي ڪيترا ڪلام ريڪارڊ ٿيا هوندا؟ [/b]
سهراب فقير: بهاولپور تي به پنج ڇهه ڪلام ريڪارڊ ٿيل آهن، خيرپور تي به تمام گهڻا ريڪارڊ ٿيا.
[b]سوال: پهريان اوهان جو آواز لا محدود ٿي ويو، اوهان تمام گهڻو مشهور ٿيا پوءِ ڪلچر کاتي وارن اوهان جي همت افزائي ڪئي ۽ ٻاهر وڃڻ جو موقعو فراهم ڪيو؟ [/b]
سهراب فقير: ڏاڍا ملڪ گهمي آيا آهيون ”عشق اسان کي آهي اڏاريو، پل پل پيا پرواز ڪيون“ اهو سڄو رنگ عشق جو آهي، عشق معصوم آهي. عشق پاڪ آهي ان جو مرڻ جيئڻ سان ڪو به واسطو ڪونهي، هو تا حيات آهي سڀ کان پهريان جرمنيءَ ويس سرڪاري طور، وري هالينڊ وياسي، جرمنيءَ ۾ عبرت ڀري ڳالهه اها نظر آئي ته لطيف جي ٻوليءَ جا اسان کان وڌيڪَ پوڄارا ۽ پريمي هئا. اسان جي دل بهار ٿي وئي ته سنڌي ته پري، انگريز به لطيف کي مڃن پيا. لطيف اسان جي سڃاڻپ آهي، اينمري شمل به هئي ان وڏو ڪم ڪيو آهي، ان سنڌ ۾ مونکي جڏهن ٻڌو هو ته مون سان واعدو ڪيو هئائين ته توهان کي جرمني گهرائينديس ۽ هن ائين ڪيو، پوءِ هالينڊ وارن ٻيهر به گهرايو، کين ڏاڍو پسند آياسي.
[b]سوال: هنن کي توهان جو لباس، ڳائڻ جو انداز، آواز يا مرڪون، مينڍون، ساز، ڪهڙيءَ شيءِ وڌيڪَ مُتاثر ڪيو؟[/b]
سهراب فقير: قبلا سائين! پهريون ته هنن کي لباس تمام گهڻو پسند آيو، ٻيو اسان جي رڌم بلڪل منفرد لڳي. ساز اتي به گهڻا آهن پر اسان وارا ساز هنن کي عبرت ڀريا ٿا لڳن. چپڙي هڪ هٿ ۾ ٻئي هٿ ۾ يڪتارو، انهن جي لئه کي گڏ ملائڻ هنن کي ڏاڍو مُتاثر ڪري ٿو. يڪتاري جي تنبن ۾ سوراخ آهن، انهن سوراخن کي کولي ڏسن، ته اُنَ ۾ ڇاهي؟ چپڙين جو کڙڪو الڳ، ڍولڪ تي سنڌ جون ڌنون، مٿان وري ٻولن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي هُنن کي ملي پيو ته ڏاڍو انجواءِ پيا ڪن. هالينڊ کانپوءِ لندن ٽي دفعا وڃي چڪو آهيان، اتي پاڪستانين ۽ سنڌين تمام وڏي پيار ۽ خوشيءَ سان ٻڌو. مون ڌاري ملڪ ۾ لطيف، سچل، خوش خير محمد فقير کي جڏهن ڳايو پئي عجيب احساس هُئا ۽ خوشي ٿي رهي هئي. چيزل کي ڳايم، بيدل کي ڳايم، ڏاڍي عزت ڏنائون. لنڊن ۾ سنڌي جام هن، تازو ناروي ۾ ويس ، اتي برف پئي اڏري ۽ ڄڻ ڪپهه پئي اڏري، اسان ٽالپر وڏا جا، صبح جو اٿياسي، رڳي ڪپهه پئي اڏامي سوچيو سي شايد ڪپهه جا ڪارخانا آهن، پوءِ خبر پئي برف آهي، گهمياسي، ڏاڍو خوبصورت ملڪ آهي.
[b]سوال: فقير سائين ملڪ نوان ٻولي ڌاري، ماحول نئون، پرڏيهه ۾ ڪو واقعو پيش آيو؟ [/b]
سهراب فقير: هالينڊ ۾ هڪ ڳائڻي اسان سان مقابلي لاءِ تيار ٿي، اتان جي هئي شايد، مائيءَ جو نالو ڪونه ٿو اچي تمام قداور، اسان جي چڙهائي ٻي هنن جي ٻي، اسان جي ڳلي جي شيريني ٻي هنن جي ٻي. دوبدو ويٺاسي هن اسان کي ڀيروي ٻڌائي، غلام حيدر صديقي صاحب اسان جو اڳواڻ هو، آلاپ ڀيرويءَ جو ڪيائين ٻولي انگريزي هئي. مونکان پڇيائون ڇا ٿي ڳائي مون جواب ڏنو ڀيروي. وري لوڙائوءَ جو آلاپ ڪيائين، مان ٻڌايو، مانجهه، جوڳ ڳايائين، مون سڃاتو ۽ سُر سمجھيا، چار آئٽم ڪيائين واري مونکي حڪم ٿيو ته شروع ڪر ته مائي سمجھي. مون چيو ڳالهه اهڙي سروع ڪر جو انگريزياڻيءَ جي مٿي کي چڪر اچي وڃن. مون پهريان ڪوهياري شروع ڪئي، آلاپ جيئن مٿي وڃي ته هوءَ مٿي نهارڻ لڳي، مٿي ڏسي وري هيٺ ڏسي، مائي پريشان، چوي، ”نو“ ”نو“ اسان به سمجهي وياسي، ماڻهن تاڙيون وڄايون ته سنڌي فنڪار کٽي ويو. وري راڻو، سورٺ، هُنَ کي ڪجهه سمجھهه ۾ ڪونه آيو، پوءِ هت لاهوت ويس ٽي دفعا لاهوت ڪيم. اڳ موري واري پل ڪونه هئي سکر ۽ لاڙڪاڻي کان بس تي وياسي، بس ڪلٽي ٿي وئي، ٽي ڪلٽيون کاڌائين ماڻهو مئا، زخمي ٿيا، اسان جو نعرو هو مولا تون بچاءِ. اسان جي غيبي مدد ٿي، اسانکي ڪجهه ڪونه ٿيو، خير! پوءِ هروڀرو ٻين زخمين سان اسان کي به اسپتال ۾ وڌائون وري ٻئي ڏينهن سيوهڻ لاءِ تيار ٿي وياسون وري لاهوت وياسي هليا.
[b]سوال: ڳائڻ جي مڃتا ۾ ايوارڊ به ملي چڪا هوندا؟[/b]
سهراب فقير: الحمد الله تمام گهڻا ايوارڊ مليا آهن. سونهاري سنڌ مان. سچل ايوارڊ ٻه دفعا، قلندر ايوارڊ، لطيف ايوارڊ، ريڊيو خيرپور تان ٻه دفعا ايوارڊ به مليا.
[b]سوال: اسڪول جي تعليم ڪيتري آهي؟ [/b]
سهراب فقير: ڪجهه به نه، ”الف“ اسان نون يار پڙهايا، ”ب“ دي غرض نهين.
[b]
سوال: ”ب“ دي غرض نهين ته پوءِ اِهي ايترا ڪلامَ ڪيئن ٿا ياد ڪيو؟[/b]
سهراب فقير: هن وقت تائين ان جو جواب مونکي به ملي نه سگهيو آهي ته اِهو سڀ ڪجهه ڪيئن پيو ٿئي! ڪير آ ٻولڻ وارو ڪير آ ٻولائڻ وارو، حالانڪه هر وقت بيمار به رهان ٿو، ٻه دفعا هارٽ اٽيڪ به ٿيو اٿم، پر ڪم هلي پيو. سُنگ ۾ مون سان پٽ به آهي رجب علي، غلام عباس به آهي، سيد باقر شاهه، قلندر بخش خاصخيلي ۽ گلبهار جويو ۽ ٻيا به آهن.
[b]
سوال: اڄ ڪلهه نوجوان راڳي پيا ڳائين، اوهان سينيئر فنڪار آهيو، موسيقي، ڄاڻ ۽ هنن جي انداز جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي؟[/b]
سهراب فقير: مان توهان کي اڄ کليل لفظن ۾ ٻڌايان ته جيڪڏهن هنن جو سنڌ وطن ۽ ڌرتيءَ سان پيار آهي ته ائين نه ڳائين، جيئن هن وقت ڳائين ٿا. شاعرن کي به کپي ۽ ڳائڻ وارن کي به کپي ته هو سوچين ته اسان جي ثقافت ڪهڙي آ. اسان جو ايندڙ نسل به ائين ئي ڳائيندو ته پوءِ اسان جي ثقافت پوئِتي رهجي ويندي.
[b]سوال: هزارين ڪلامن مان، اهو ڪهڙو ڪلام آهي جنهن جا ٻولَ بي اختيار اوهان جي زبان تي ايندا رهندا هُجن؟[/b]
سهراب فقير: ”ميڏا روح منگدا محبوب آ وي“
[b]سوال: پرستارن لاءِ پيغام؟[/b]
سهراب فقير: انهن کي رب پاڪ آباد، شاد رکي. اهي محبوبـبڙا عشق جي ٻولي ٻڌندا رهن. ڳائيندڙن کي، فنڪارن کي ۽ شاعرن کي به اها نصيحت ۽ عرض ته ٻول فنڪارن کي اهي ڏيو جن ۾ وطن جي به ڀلائي هجي، قوم جي به ثقافت ۾ به واڌارو اچي، فنڪار فوڪ ضرور ڳايو، وطن کي نه وساريو.