سهراب فقيرَ جهڙو ڀاڳُ ۽ اندازُ شايد ئي ڪنهن کي ملي
[b](سنڌ جي ڪلاسيڪل راڳي استاد عبدالغفور سومري
کان سهراب فقيرَ جي فَنَ ۽ زندگيءَ متعلق ورتل انٽرويو)[/b]
[b]
سوال: استاد منظور علي خان اڪيڊمي سهراب فقير لاءِ ڇا ڪيو؟[/b]
عبدالغفور سومرو: استاد منظور علي خان اڪيڊمي ۽ آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن سهراب فقير جي بيماري دوران اخلاقي ادبي ۽ سماجي حوالي سان موثر ڪردار نڀائيندي رهي. بيماري دوران مختلف وقتن تي عيادت ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو ويو. جڏهن ته همدردن ۽ مهربانن وٽان سهائِتا پڻ ڪرائي وئي. باقي حڪومت کي اپيلون ان ڪري نه ڪيون سين ۽ نه ئي ڪريون پيا جو حڪومت ۽ ثقافت کاتي جي ڪارڪردگي سمورين سڄاڻ ڌرين کي خبر آهي. ان کان علاوه سهراب فقير جر مرتئي تي کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ استاد منظور علي خان اڪيڊمي طرفان تعزيتي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. جڏهن ته سهراب فقير کي دعائون ڏيون پيا ٻيو انسان ڇا ٿو ڪري سگهي.
[b]
سوال: راڳ جي حوالي سان سهراب فقير جي خدمتن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟[/b]
عبدالغفور سومرو: ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سهراب فقير خوبصورت راڳي هو سندس آواز ۾ ڀرپور لئه ۽ طاقت هئي جيڪا ڪنهن وٽ به ناهي جنهن ۾ سُر به هو، ٻولي جي مٺاس به هئي گڏوگڏ ان سان هڪ خوبصورت انداز به هو.
[b]سوال: سهراب فقير جي ذات جي حوالي سان متضاد ذاتين جو ذڪر ڇپجي چڪو آهي اوهان ڇا چوندا؟[/b]
عبدالغفور سومرو: مون کي جيڪا هن پاڻ ڄاڻ ڏني هئي ته اسان مڱڻهار آهيون جڏهن ته مان پاڻ استاد خورشيد علي خان سان طبلو وڄائيندو هوس. بهرحال فن جي دنيا ۾ ذات پات جو تعلق ئي نه ليکيو ويندو آهي ۽ نه ئي هوندو آهي فن ته اسان جي اندر جو آواز هوندو آهي جيڪو عام انسان کي ڪلا بخشي سندس ڪردار کي امر بڻائي ڇڏيندو آهي.
[b]
سوال: سهراب فقير جي وفات کانپوءِ اوهان ڪهڙو خال محسوس ڪيو ٿا؟[/b]
عبدالغفور سومرو: سهراب فقير جي وفات کانپوءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي پليٽ فارم کان اهي ڳالهيون سامهون اچي چڪيون آهن ته لوڪ موسيقي فوت ٿي وئي. ۽ ان کان اڳ به جڏهن ڪو ناليوارو ۽ مهان ڪلاڪار هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي ته انهن جي حوالي سان به ساڳيون ڳالهيون چيون وينديون رهيون آهن جيئن استاد منظور علي خان، محمد جمن، محمد يوسف ۽ علڻ فقير ۽ ٻيا ڪيترائي نامور ڪلاڪار آهن، دراصل ائين نه آهي. سهراب فقير ٻيو ڪونه ٿو ٿي سگهي جڏهن ته سهراب فقير جهڙو ڀاڳ ۽ انداز به شايد ئي ڪنهن کي ملي سگهي. جڏهن ته سهراب فقير تلفظ جي ادائگي جي حوالي سان تمام پختو ۽ سٺو هو، ان وانگر چٽو ۽ سُرَ ۾ ڳائڻ مشڪل آهي.
[b]سوال: سهراب فقير جي ساٿين ۽ سندس شاگردن کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ [/b]
عبدالغفور سومرو: سهراب فقير جي ساٿين ۽ شاگردن مان هونئن ته تمام ساٿي ۽ شاگرد سُٺا آهن پر جمال الدين فقير ۾ سهراب فقير جو عڪس نظر اچي ٿو. هونئن به استاد کانپوءِ سندس شاگردن مان اميد رکي ويندي آهي.
[b]
سوال: ثقافت کاتي طرفان فنڪارن سان پيش ايندڙ نامناسب رويي کي ڪيئن بهتر ڪري سگهجي ٿو؟[/b]
عبدالغفور سومرو: ثقافت کاتي طرفان فنڪارن سان نامناسب رويي کي نظر ۾ رکندي ۽ ڪجهه فنڪارن جي هڪ هٽيءَ جي ڪري فنڪارن کي کي هڪ گڏيل آسا جي پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ سرگرم آهيون. فنڪارن ۾ ٻڌي، ايڪو ۽ اتحاد نه هجڻ ڪري ثقافت کاتي طرفان فنڪارن سان وقت به وقت ناانصافيون ٿينديون رهن ٿيون. ثقافت کاتي کي گهرجي ته ٿيڻ ايئن گهرجي جو ٽيلنٽ کي سامهون رکي فوڪ، ڪلاسيڪل ۽ نئين انداز سان ڳائيندڙ فنڪارن جون الڳ الڳ ڪيٽيگريز ٺاهيون وڃن ته جيئن هڪ هٽيءَ وارو رواج ختم ٿي سگهي. اڪثر طور ائين ٿيندو رهيو آهي ته هڪ اڌ نامور ۽ باقاعده راڳ جي ڄاڻ رکندڙ فنڪارن کان علاوه باقي سفارش ۽ پرچي ڪلچر تحت راڳ جي الف ــ ب کان اڻڄاڻ فنڪارن کي عالمي سطح جي دورن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. ثقافت کاتي جي اهڙي روش خلاف جڏهن اسان آواز اٿاريو ته ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اسان کي ثقافت کاتي طرفان ٿيندڙ پروگرامن کان پري رکيو ويو. حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه اها به آهي ته ثقافت کاتو عالمي سطح تي ٿيندڙ پروگرامن ۾ راڳ سان وابسته فنڪارن کي شامل ڪرڻ لاءِ هتان وٺي ته ويندا آهن پر جڏهن اهي ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجي پرفارمنس پوري ڪري ڏيهه پهچندا آهن ته انهن وٽ ايئرپورٽ کانپوءِ پنهنجي شهر، ڳوٺ يا گهر اچڻ لاءِ ڀاڙي جا پئسا به نه هوندا آهن يعني ٻاهرين ملڪن مان قدردانن طرفان يا حڪومتن طرفان فنڪارن کي ملندڙ رقم به ثقافت کاتي وارا نه ڏيندا آهن. ان حوالي سان فنڪارن کي پاڻ سڃاڻڻ کپي. جڏهن ته ثقافت کاتي وارن وٽ پڻ راڳ جي ڄاڻ رکندڙ فنڪارن بابت لسٽ هئڻ گهرجي ڇو ته ٻاهرين ملڪن جي دوري تي ويندڙ فنڪار سٺي پرفارمنس تڏهن ئي ڏئي سگهندا جڏهن انهن کي راڳ جي سُرَن راڳڻين ۽ ٻين اسمن بابت چڱي طرح ڄاڻ هجي.
[b]سوال: نجي ٽي وي ادارن جي ڪردار بابت ڇا چوڻ چاهيندا؟[/b]
عبدالغفور سومرو: نجي ٽي وي، توڙي ريڊيو ادارن ۾ به راڳ سان ويڌن ئي رهي آهي انهن ادارن ۾ به فن جو قدر نه ٿي رهيو آهي ائين کڻي چئجي ته ميڊيا جي ادارن به راڳ کان واقفيت رکندڙ فنڪارن کي خوار ڪيو آهي. ڏينهون ڏينهن ميڊيا جي ادارن اندر ادبي ۽ ڪلاسيڪل راڳ ۽ راڳيءَ جو موت ٿي رهيو آهي. نون اڀرندڙ فنڪارن ۽ پراڻن فنڪارن جي وچ ۾ فن جو قدر ڪرڻ وارو وڏو تفاوت آهي. جنهن سبب سنڌي موسيقي تباهي ڏانهن وڃي رهي آهي. ان حوالي سان سخت مايوس آهيون. تازو ئي سهراب فقير جي مرتئي تي ميڊيا جي ادارن صرف سياستدانن ۽ ڪامورن کان ته سندس شخصيت بابت ڳالهرايو پر ڪنهن راڳي يا فنڪار کان ڪمنٽس نه ورتا ويا. ميڊيا جي اهڙي رويي کي ڇا چئجي؟
[b]
سوال: راڳداري بابت ڇا چوندا ۽ سهراب فقير کي راڳداري جي ڪيتري ڄاڻَ آهي؟ [/b]
عبدالعفور سومرو: موسيقي ۾ ٻه ڳالهيون اهم آهن هڪ سر ٻيو لئه جڏهن ته انهن ۾ وري ٻولن جو ڪردار نهايت ئي اهم هوندو آهي. جڏهن ته سهراب فقير کي انهن سمورين شين جي سٺي واقفيت هئي ها البته هن کي ڪلاسيڪل راڳ جو علم گهٽ هو.
[b]
سوال: سنگ ڇا کي چوندا آهن ۽ ان جو رواج ڪڏهن کان پيو؟[/b]
عبدالغفور سومرو: سنگ هڪ قسم جو صوفياڻي قوالي آهي. هِتي اسان وٽ گڏ ڳائڻ جي روايت گهٽ رهي آهي جڏهن ته سنگ ۾ ڳائيندر راڳين کي سر ۽ لئه جي انداز سان گڏ ڳائڻ گهرجي. سنڌ ۾ سنگ جي صورت ۾ ڳائڻ جو رواج ڪافي پُراڻو آهي. اڪثر ڪري سنڌ ۾ قائم صوفي درويش جي درگاهن تي راڳ ويراڳ سان چاهه رکندڙ فقير ميلن يا اسلامي چنڊ جي پهرين تاريخن يا جمعي جي راتين تي سنگ جي صورت ۾ ڳائيندا هئا، پر سنگ جي صورت ۾ ڳائڻ جي حوالي سان سهراب فقير عالمي سطح تي مڃتا ماڻي ان کان علاوه شمن فقير شڪارپور وارو به بهتر ڳائيندو هو. اهي فقير خاص طور تي صوفي درويشن جي درگاهن تي لڳندڙ ميلن دوران شهرن ۽ ڳوٺن جي چونڪن ۽ چوراهن تي سنگ جي صورت ۾ سندن چيل عارفاڻا ڪلامَ ڳائيندا هئا.