سهراب فقير جو وڇوڙو : صوفياڻي ڳائڪيءَ جي هڪ دؤرَ جي پڄاڻي ؛ شوڪت نوناري
خيرپور جي ننڍڙي ڳوٺ نما شهر ٽالپور وڏا ۾ جنم وٺندڙ يوناني ديومالائي ڪردار جهڙو نظر ايندڙ سهراب جنهن اڳتي هلي پوري دُنيا ۾ نالو ڪمايو سو گذريل ڏهن سالن کان ڳوٺ جي گهر ۾ بيماريءَ جي بستري تي پيل هو، جنهن کي ثقافت کاتي سميت پاڪستان جي حڪمرانن توڙي سندس آواز کي پسند ڪندڙن وساري ڇڏيو. عظيم ۽ اتهاسڪ ڪلاڪار ناقدريءَ جو شڪار ٿي بي وسيءَ جي زندگي گذاري رهيو هو. سهراب فقير آخري وقت صرف اشارن سان ڳالهائي سگهندو هو. فالج ۽ اڌرنگ جو شڪار ٿيڻ سبب سندس آواز به ساٿ ڇڏي ويو. راڳ جي حوالي سان هو صرف ائين هو جو آلاپ ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه به نه اُچاري سگهندو هو. سرڪاري محفلن ۾ هو پنهنجي پٽ رجب علي ۽ ڪجهه ويجھن صوفي فنڪارن سان گڏ آلاپ آلاپي ڳائڻ جي آسيس پوري ڪندو هو. سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ صوفياڻي راڳ کي نئون انداز ڏيندڙ هن الهامي فنڪار کي ماهوار وظيفو جيڪو پهريان هڪ هزار ڏنو ويندو هو، جنهن کي بعد ۾ وڌائي 5 هزار روپيا ڪيو ويو. جيڪي پئسا به کيس مهيني سر ملڻ بجاءِ 12 مهينن بعد 60 هزار جي صورت ۾ مليا. انهن 12 مهينن ثقافت کاتي، بي حسي ۽ ڪن لاٽار سبب پنهنجي گهر جو چرخو هلائڻ ته پري رهيو علاج ڪرائڻ کان به هلاڪ ٿي رهيو هو. هو صرف گهر جي اڱڻ تي پٽن ۽ پوٽن جي سهاري سان لٺ تي گهمندو هو. سنڌ جي ايڏي وڏي مهان فنڪار کي ضعيفي لاچاري ۽ بي وسيءَ واري حالت ۾ ڏسي هن وٽان راڳ جي دُنيا ۾ نالو ڪمائيندڙ شاگرد توڙي ويجھن دوستن به سندس سارَ لهڻ، پڇڻ توڙي اچڻ ڇڏي ڏنو. احساسِ محرومي جو شڪار ٿيندڙ فنڪار مهان فنڪار جي الهامي آلاپن کي ٻڌندي بي حسيءَ واري حالت ڏسي عام ماڻهن جي اکين ۾ به لُڙڪَ اچي ويندا ها.
سنڌ جي هن ٻهڳڻي فنڪار جو جنم پاڪستان ٺهڻ کان ڪجهه سال اڳ 1937ع ڳوٺ ٽالپر وڏا ۾ ٿيو. هن ٻه شاديون ڪيون. ٻنهين گهر وارين مان کيس 5 پٽ ۽ 6 نياڻين جو اولاد هيو. جڏهن ته سندس وڏو پٽ رجب علي فقير لطيف يونيورسٽي ۾ پٽيوالو آهي. سندس باقي پٽ حامد علي، اعجاز علي ۽ سلامت علي بيروزگار آهن. سهراب فقير 17 سالن جي ڄمار ۾ راڳ ڳائڻ شروع ڪيو. هن راڳداريءَ جي فن جي سکيا پنهنجي والد حمل فقير ۽ پوءِ محرابپورجي رهواسي عنايت علي فقير نوناريءَ کان ورتي. سهراب فقير در محمد فقير هيسباڻي جو طالب هيو. گيڙو رنگ ۾ رنڱيل صوفي فنڪار جي شاگردن ۾ نالو ڪمائيندڙ شاگردن ۾ هن وقت جمال الدين فقير ۽ ڪجهه عرصو اڳ فوت ٿي ويل قلندر بخش فقير کان سواءِ غلام علي منڱڻهار، اياز ملاح، گل بهار جويو، فقير امتياز علي، غلام حسين فقير، سيد باقر شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن.
سهراب فقير درگاهه خوش خير محمد فقير هيسباڻي جو معتقد هجڻ سان گڏوگڏ حضرت سچل سرمست، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت قلندر شهباز جو پڻ طالب هيو. سهراب فقير انهن درگاهن جي ساليانن ميلن ۾ وڃي حاضري ڀريندو هو. ميلن جا سمورا ڏينهن انهن درگاهن جي چؤگانن تي گذاريندو هيو. سهراب فقير راڳ جي دنيا ۾ 70 کان وڌيڪَ ايوارڊ ماڻي چُڪو هو. جن ۾ (3) سچل ايوارڊ (2) لطيف ايوارڊ (2) قلندر لال شهباز ايوارڊ سرڪار طرفان سندس مڃتا جو اهڃاڻ بڻيا. ٽالپر وڏا واري سندس گهر ۾ اهي سمورا ايوارڊ سندس بستري جي سامهون سجائي رکيل هيا، جن کي ڏسي هو آسيس ماڻيندو ۽ ٿڌيون آهون ڀريندو پنهنجي بي وسيءَ تي لڙڪ لاڙيندو رهندو هو. هن وٽ ملڪي توڙي غير ملڪي محفلن جون سوين تصويرون پڻ موجود هيون. جيڪي پڻ سندس ڦٽن ۽ زخمن تي مرهم رکڻ جو ڪم ڪنديون هيون. اداسيءَ جي عالم ۾ زماني، سماج، پنهنجن پراون توڙي سرڪار جي بي رخيءَ کي ساري اهي تصويرون ڏسي هي مهان صوفي گائڪ پنهنجي حياتيءَ جا بچيل چار ڏهاڙا ڪاٽڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
سهراب فقير پنهنجي زندگيءَ جا چار مختلف دور گذاريا جنهن ۾ 17 سالن جي ڄمار ۾ ڪلاڪار جِتي به ميلو يا راڳ جي محفل ٻڌندو هيو ته باجو ڪُلهي تي کڻي اتي اچي پهچي ويندو هو. ٻئي دور ۾ هن مختلف فنڪارن جي سازندي جو ڪردار ادا ڪندي پس منطر ۾ طبلو پڻ وڄايو. هن صوفياڻي سرمستي رکندڙ اتهاسڪ ڪلاڪار جڏهن مشهور فنڪار استاد خورشيد علي خان سان طبلو وڄايو ته اُتي استاد خورشيد علي خان کيس ڳائڻ لاءِ چيو. پنهنجي الهامي آواز وسيلي جڏهن سهراب فقير سُر وکيريا ته استاد خورشيد علي خان حيران ٿي ويو ۽ ان وقت ئي کانئس طبلو ڇڏرائي ڇڏيائينس کيس چيائين ته تون وڃي ڳاءِ، پوري دنيا ۾ تنهنجو آواز پهچندو. ٽئين دور ۾ هن طبلو ڇڏي ڳائڻ شروع ڪيو ۽ سموري دُنيا ۾ صوفياڻي فنڪار طور شهرت ماڻي. گيڙو ويس اوڍيل ميندي وسيلي ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار هميشه ڳاڙها رکندڙ سهراب فقير پنهنجي مخصوص ديو مالائي انداز سان پاڪستان کان سواءِ لنڊن، جرمني، اٽلي، پيئرس، ڊينمارڪ ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ محفلون ڪري صوفين جي عالمگير ٻولي وسيلي لکين ماڻهو پنهنجا مداح بڻايا. ٻاهرين ملڪن ۾ سندس شيدائي ۽ چاهيندڙ اڄ به موجود آهن. سهراب فقير جرمنيءَ ۾ جڏهن صوفياڻي سرمستيءَ ۽ وجد ۾ بي خود ٿي محفل ڪئي ته هن جي مٿان هڪ جرمن عورت فقير سان شادي ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري پر فقير اڳ ئي 2 گهر واريون هجڻ سبب کيس انڪار ڪيو.
سهراب فقير راڳداريءَ جي جهان کان سواءِ سماجي فلاحي ۽ خدمتي ڪمن جي حوالي کان به پنهنجي تر ۾ مشهور هو. ٽالپر وڏا جي ڪچي گهر ۾ ميراثي برادريءَ جي وچ ۾ گذارڻ دوران پنهنجي ذات وارن مٽن مائٽن جي ٻارن کي پڙهائڻ جو شوق جاڳڻ تي سرڪاري ڪامورن کان وڏي ڪوششن کانپوءِ ميراثي محلي ۾ پرائمري اسڪول کولرايو. جِتي اڄ به ميراثين، منڱڻهارن، چنن ۽ ٽالپرن کانسواءِ ٻين ذاتين جا 200 جي لڳ ڀڳ ٻارَ تعليم پرائي رهيا آهن، انهيءَ اسڪول جو نالو به سهراب فقير پرائمري اسڪول رکيو ويو آهي، جِتي اٺ استاد علم جي جوت جڳائي رهيا آهن. ڪو وقت هو جڏهن هي صوفياڻو بادشاهه گائڪ محفلن کان موٽندو هو ته پئسن جا جھول ڀريل هوندا هئا ۽ فقير غريب، فقرائن ۾ ٿڏي تي ورهائيندو هو. سهراب فقير جي آواز جو موت نه صرف سندس فن ۽ ڪلا جو قاتل ثابت ٿيو پر تر جي ڪيترين بيواهه عورتن ۽ بيمار ٻڍڙين جي ساهه جو سهارو پڻ کسجي ويو. پئسي جي اڻ هوند جِتي سهراب فقير کي محتاج بڻائي ڇڏيو اتي ئي سوين جڳهن هلندڙ چلهو پڻ اجھامي ويو.
سهراب فقير جي شهرت کي چار چنڊ ريڊيو پاڪستان خيرپور تان نشر ٿيندڙ سندس ڪلامن لڳايا، جِتان هو جھر جھنگ وستي واهڻ مقبول ٿيو. ريڊيو پاڪستان خيرپور تي کيس سنڌ جو مشهور اديب ۽ محقق مرحوم تنوير عباسي وٺي ويو. جنهن جا ٿورا هو دل ۽ جان سان ڳائيندو رهندو هو.
افسوس جو مقام اهو آهي ته سموري ڄمار فن ۽ ڪلا کي ارپيندڙ هي دريا دل ۽ سخي فنڪار مايوسين، محرومين ۽ مجبورين جي ڌٻڻ ۾ ڏينهون ڏينهن غرق ٿي گذاري، بيماري ۽ بدحالي ۽ بي وسي کيس جيئري ئي ماري ڇڏيو هو. سندس آواز کسجي چڪو هو. پئسي ڏوڪڙ وسيلن ۽ سرڪاري سهڪار نه هجڻ سبب هي عظيم فنڪار هوريان هوريان مايوسين جي اونداهين ۾ پوندو رهيو. هڪ عظيم مهان ۽ اتهاسڪ ڪلاڪار ختم ٿي ويو. اڄ جڏهن مڻين مٽيءَ هيٺان دٻجي ويو پر سندس آواز، الهامي آلاپ، سندس سُر، سوز ۽ گيڙو رتا گيت هوائن ۽ فضائن ۾ هميشه گونجندا رهندا. سندس نقش سنڌ جي چهري تان ڪڏهن به مٽجي نه سگهندا.