اڄ سهراب فقير کي ياد ڪنديون ”ڳليان پريم نگر ديان“ : مصطفيٰ ملاح
سهراب فقير جا وڏا اصل ۾ کاڏڙا (جيسلمير) جي علائقي جا رهاڪو هئا. سهراب فقير 1934ع ۾ ڪوٽڏيجي جي ننڍڙي ڳوٺ ٽالپر وڏا ۾ اک کولي. هن کي فن ورثي ۾ مليو هو، جڏهن ته سندس والد حمل فقير پنهنجي دور جو بهترين ڍولڪ نواز هو. سهراب فقير ننڍپڻ ۾ ڪجهه درجا پڙهيو، پر ڳائڻ جي عشق ۾ هن تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏني ــ ۽ 12 سالن جي عمر ۾ يڪتارو چپڙي کڻي ڳائڻ شروع ڪيائين. سهراب فقير کي ڪو ڀاءُ نه هيو، پر ٻه ڀينر هيون. سهراب فقير پنهنجي پهرين زال جي گذاري وڃڻ کانپوءِ ٻي شادي ڪئي هئي. کيس پهرين گهر واريءَ مان 2 پٽ ۽ 3 نياڻيون پوئين گهر واريءَ ۾ 3 پٽ ۽ 3 نياڻيون ٿيون هيون.
هن وقت سندس پٽ رجب فقير سندس سڪون لاهي رهيو آهي.
سهراب فقير 1985ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي خوش خير محمد ۽ پوءِ غمدل فقير جو ڪلام ڳايو. جن سندس لاءِ شهرت جا دروازا کولي ڇڏيا. سهراب فقير ر اڳ جي سکيا استاد کيتو خان کان ورتي. پي ٽي وي جي اختر ٽالپر کيس متعارف ڪرايو. هن پهريون ڪلام سچل سرمست جو ”گهنڊ کول ديدار ويکائو“ ڳايو هو. سهراب فقير جي شهرت جڏهن صوفياڻين ڪلامن ذريعي عروج تي پهتي، ان دوران 1997ع ۾ اسلام آباد جي هڪ تقريب ۾ کيس اڌرنگو ٿي پيو، جنهن سبب آخر تائين سندس طبيعت مڪمل طور تي بهتر نه ٿي سگهي. اڌ رنگي جي حملي هن کان ڳائڻ به ڦري ورتو هو. تنهن هوندي به هيءُ پنهنجي راڳي ٽولي سان گڏجي ويهندو هو ۽ اُتي لڙڪ به لاڙيندو رهندو هو.
هيءُ جيتوڻيڪ سمجھندو ۽ ٻڌندو هيو، پر ڳالهائڻ صرف اشارن تائين محدود ٿي ويو هيس. پنهنجي زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ هيءُ جڏهن 19 ڏينهن ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ علاجَ هيٺ رهيو ته ان دوران سنڌ ثقافت کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري حميد آخوند جڏهن سندس طبيعت پڇڻ آيو ته هن روئي کيس اشارن ۾ چيو ته، ”مون کي هِتان وٺي هلو، مان هِتي مري ويندس.“ ۽ ٿيو به ايئن 19هين ڏينهن سندس پُٽ رجب فقير سندس علاج اڌ ۾ ڇڏي کيس ڳوٺ کڻي ويو. جِتي هن اسان کان موڪلايو.
مرحوم کي شاهه لطيف ايوارڊ، ڪي ٽي اين ايوارڊ، سچل ايوارڊ، قلندر لعل شهباز ايوارڊ، ريڊيو پاڪستان، پي ٽي وي ايوارڊ ۽ صدارتي ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ مليا. هيءُ آخري ڏهاڙن ۾ سخت مايوس ٿي ويو هيو. تڏهن ئي چوندو هو ته، ”سنڌي فنڪارن جي ڪِرڻ کانپوءِ ڪير به سندن سار لهڻ وارو ناهي هوندو.“
شهيد بينظير ڀُٽو سهراب فقير کي سرڪاري خرچ تي حج به ڪرايو هو. هِنَ آخري ڀيرو اسلام آباد ۽ پئرس ۾ سُرن جي ورکا ڪئي هئي. هن پاڪستان جي چئني صوبن کان سواءِ ٻاهرين ملڪن جهڙوڪ: جرمني، هالينڊ، ناروي، ڊينمارڪ، لنڊن، آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ موسيقي جون محفلون مچايون هيون.
سهراب فقير جي پٽ فقير رجب فقير خميس ڏينهن 19 آڪٽوبر تي ڪاوش دنيا سان ڳالهائيندي چيو ته، ”بابا پنهنجي راڳ ذريعي سنڌ جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو، تنهن ڪري اسان جو سرڪار کان رڳو اِهو مطالبو آهي ته، سندس آخري آرامگاهه تي مقبرو تعمير ڪرايو وڃي. ان سان گڏ هڪ اوتارو پڻ ٺهرائي ڏنو وڃي، ڇو ته هر سال ورسي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پوري سنڌ مان سندس شاگرد، پرستار ۽ مداح سندس آخري آرامگاهه تي پهچن ٿا، جِتي اِنهن جي ويهڻ لاءِ ڪا مناسب جاءِ ناهي.“
هن ٻڌايو ته، ”جڏهن سچل سرمست جو ميلو لڳندو آهي ته، ڪيترائي ماڻهو سهراب فقير جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ ايندا آهن، جنهن تي مون کي خوشي ٿيندي آهي ۽ حيرت به ٿيندي آهي، بابو ته صوفي راڳي هو. ڪو ولي نه هو تنهن هوندي به ڪيترائي ماڻهو سندس قبر تي باسون باسي ويندا آهن.“
هن چيو ته، ”بابا جي اولاد مان. آئون ۽ ڀاءُ سلامت، ڏوهٽو امتياز ۽ ڀاڻيجو غلام حسين ڳائيندا آهيون.“