آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

منهنجي ڪهاڻي، منهنجي زباني

هي ڪتاب ريڊيو، ٽي وي، اسٽيج ۽ فلمن جي نامياري اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ سيد يار محمد شاهه جي آتم ڪٿا ۽ يادگيرين تي مشتمل آهي. هو لکي ٿو:
”مون ڪوشش ڪري پنهنجي بي ترتيب يادگيرين کي سهيڙن جي ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به آئون اندر ۾ جهاتي پائي انصاف ٿو ڪريان ته الله تبارڪ وتعاليٰ مونکي جيڪو مشاهدو ۽ مطالعو نصيب ڪيو ان جو چوٿون حصو به نه چئي سگهيو آهيان، پر هيءُ ڪتاب اڳين ڏهن ڪتابن کان پوءِ يارهون ڪتاب هوندو.“
Title Cover of book منهنجي ڪهاڻي، منهنجي زباني

پيش پريان : يار محمد شاهه منهنجي نظر ۾...

(عبدالمنان ميمڻ کان خبرون ٻڌندا)

(عبدالمنان ميمڻ، حنان ميمڻ، سلام ميمڻ، غفران ميمڻ ۽ سبحان ميمڻ اهي نالا ڪاليج تائين گڏ هئا، ۽ قربت ساڻن هڪ فيملي ميمبر جهڙي هئي، پر واٽون ويهه ٿيون، ڪو ڪيڏانهن ويو، ڪو ڪيڏانهن ويو، پر سڄي دنيا ڪافي سالن تائين اسلام آباد مان، سنڌيءَ مان ريڊيو تي اهو آواز ضرور ٻڌو هوندو ته عبدالمنان ميمڻ کان سنڌيءَ ۾ خبرون ٻڌندا، جيڪي هن وقت هن منهنجي باري ۾ ڪيون آهن، سي هيٺ پڙهندا، پر ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته عبدالمنان ميمڻ مون کان عمر ۾ وڏو آهي، ان ڪري منجهانس وڏي ڀاءُ جي شفقت جو آساس ايندو آهي، پاڻ جڏهن کان منهنجن لکيڻن تي خوبصورت راءِ، تعريف ۽ تنقيد ڪندو هو ته سچ پڇو ته هن مونکي سندس راءِ پڙهڻ جو موالي ڪري ڇڏيو، ۽ اهو نشو اڃان تائين پرائيندو اچي، الله ڪري ته اهڙا پر پيالا پيارڻ وارا پرين هميشه گهوٽيو ويٺا هجن ۽ اچي اچي سر سيد جو بچي، هڪڙي پوک ته ٻي پچي، اهڙا آواز قبر تائين ڪنن تي پوندا رهن، خدا منان کي سلامت رکي جو سندس خوبصورت انداز جي همت افزائي جي ٻن ٻولن جو مونکي سڄو هفتو شدت سان انتظار رهندو آهي، خدا سندس صحت سلامت رکي ۽ اسان تي سندن دست شفقت هميشه قائم رهي. پاران: سيد يار محمد شاهه)...
سائين يار محمد شاه سان منھنجي پھرين ملاقات 1965 ۾ حيدرآباد جي سچل سرمست آرٽس ڪاليج ۾ ٿي ھئي. جتي ھو منھنجي ننڍي ڀاءُ حنان ميمڻ سان گڏ پڙھندو ھو، يا شايد ھڪ ٻه ڪلاس ھيٺ ھجي. حنان ان سال ڪاليج جي شاگرد يونين لاء نائب صدر جي عھدي جي چونڊ ۾ بيٺو ھو، ۽ آئون سندس ورڪ لاء آچر ۽ ٻين موڪلن وارن ڏينھن کانسواء لڳ ڀڳ روزانو ڪاليج ۾ ويندو ھوس. آئون ورڪ جي ڪارڊن جو ٿيلهو کڻي، جيڪو نئون ماڻھو ڏسان تنھنکي ووٽ لاء راضي ڪرڻ خاطر وٽس ھليو وڃان.
ھڪ ڏينھن چار پنج ماڻھو گڏ ڏسي اڳتي وڌي وڃي مليوسان. تعارف ڪرائڻ مھل ٻڌايائون ته مٽيارين جا سيد آھيون، منجھن شھاب الدين شاه حسيني جيڪو پوء قومي اسيمبليءَ جو ميمبر هئڻ سان گڏوگڏ غوث علي شاه جي وڏ وزارت ۾ صوبائي وزير جي حيثيت سان زراعت بابت سندس صلاحڪار ٿيو، ٻيو غلام علي شاهه پاشا جيڪو وفاقي سيڪريٽري ٿي رٽائر ٿيو ۽ وڏو عرصو سنڌ جو چيف سيڪريٽري به ٿي رھيو، ٽيو ذوالفقار شاهه جيڪو
ايڊيشنل آء جي رھيو، چوٿون مرحوم امداد شاهه “باقر پوٽه” جيڪو روڊ حادثي ۾ گذاري ويو (مثيارين جوئي ھڪ ٻيو امداد شاه ڄاموٽ جيڪو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ھو سو به روڊ حادثي ۾ گذاري ويو ھو) ۽ ھڪ وڏي گھير واري تاڪئي کن جي شلوار ۽ بوسڪيءَ جي قميص پاتل سائين يار محمد شاه ڄاموٽ شامل هئا. مون ساڻن ملاقات جو مقصد بيان ڪيو ته يارمحمد شاه ڏاڍي فضيلت ڀريئي انداز ۾ چيو ته "سائين اميدوار توھان آھيو...؟؟؟" مون سمجھيو ته ڪارڊ تي تصوير ڏسي ڀليو آھي، جو اسان ٻنھي ڀائرن جي شڪل ۾ تمام گھڻي ھڪجھڙائي هئي (اڃا به گھڻا ماڻھو ڀلبا آھن)، پر جڏھن حنان کي ملائڻ لاء وٺي آيس ته يار محمد شاه ساڻس زوردار ڀاڪر پائي مليو. حقيقت ۾ ھو اڳ ئي ھڪٻئي جا واقف ھئا جو حنان به شيعو آھي ۽ عاشوري دوران مجلسن ۾ سندن ڪافي ملاقاتون ٿيل ھيون.
ان کانپوء مٿي ذڪر ڪيل سڀ سيد 1965 واري جنگ سبب ٿيندڙ بليڪ آئوٽ باوجود منجھائن واري واري سان ڪڏھن ھڪ جي ته ڪڏھن ٻئي جي، پر ھڪ ئي گاڏيءَ ۾ روزانو سندس ورڪ تي اچڻ لڳا ۽ نيٺ کٽرايائونس، جو سچل ڪاليج ۾ پڙھندڙ مٽياري ۽ ھالا جي شاگردن کانسواء حيدرآباد شھر ۽ ٻين پسگردائيءَ وارن علائقن جي تمام گھڻن ڇوڪرن تي به سندن سٺو اثر رسوخ ھو، جن جا ووٽ حنان کي ڏيارڻ ۾ وڏي مدد ڪئي هيائون.
ان کانپوء آئون ٽنڊي ڄام ۾ ايم ايس سي زراعت جي پڙھائيءَ، ۽ بعد ۾ سرڪاري نوڪريءَ سبب پھرين اسلام آباد ۽ پوء ڪراچيءَ ۾ مصروف ٿي ويس، ان دوران يار محمد شاهه کي فلمون ٺاھڻ ۽ ٽيليويزن ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق ٿيو، پاڻ ڪيترن ئي سنڌي ۽ اڙدو فلمن ۾ اھم ڪردار ادا ڪيائون. ڪن فلمن جا فلمساز، ھدايتڪار، ڪھاڻيڪار، مڪالمه نگار، نغمه نگار ۽ ڌنون ترتيب ڏيڻ ۾ موسيقارن جي رهنمائي ڪندڙ به رھيا. ڪافي عرصي تائين فلم پروڊيوسرس ايسوسي ايشن جا چيئرمين به رھيا، ۽ ان حيثيت ۾ پاڪستاني وفد جي مھندار طور مختلف ملڪن جا دورا ڪري اتي جي فلمي دنيا جي نامور شخصيتن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪيائون. اھڙي ئي ھڪ شخصيت فلمي دنيا جي بي تاج نه پر تاجدار بادشاه دليپ ڪمار جي به هئي (تاجدار ان ڪري جو دليپ ڪمار ڪيترائي ايواڊ حاصل ڪيا، جيڪي وٺڻ مھل کيس شاندار تاج پڻ پارايا ويا ھيا، جن مان ڪن تي سون ۽ قيمتي ھيرن جي جڙات به ٿيل هئي)، دليپ نه رڳو شاهه صاحب جي اخلاق ۽ گفتگو جي انداز کان متاثر ٿيو، پر فلميات بابت سندس زبردست ڄاڻ تي به حيرت سان گڏ خوشيءَ جو اظھار به ڪيو هئائين، ۽ شاه صاحب جي دعوت تي پاڪستان اچڻ جي حامي به ڀري هئائين. ساڳي طرح روس ۾ به سندس شاندار پذيرائي ٿي ھئي.
ھڪ ڏينھن ڪراچيءَ جي سائوٿ سٽي اسپتال جي ھڪ ڪلينڪ ۾ پنھـجي واري جو انتظارڪري رھيو هوس ته ڀر واري ھمراه کان عوامي آواز جي پراڻي اخبار جي آچر واري ميگزين وٺي، پنا اٿلائڻ لڳس (پراڻي ان ڪري چيم جو آچر تي ڪلينڪ بند ھونديون آھن)، اوچتو يار محمد شاه جي مضمون تي نظر پئي ته مون سوچيو ته ھن اداڪار ۽ وڏي گھير واري سٿڻ پائيندڙ وڏيري جي مضمون جو معيار ڪھڙو ھوندو...؟؟؟، ان وقت تائين سندس مٿي ذڪر ڪيل خوبين ۽ ڪارنامن جي سڌ ڪانه ھيم، سو ٻين مشھور ليکڪن جا مضمون ۽ ڪي تبصرا پڙھندو رھيس، پر ڊاڪٽر ھڪ ته آيو دير سان، ٻيو مريضن جي گھڻائيءَ سبب منھنجي واري ۾ اڃا گھڻي دير ھئي، تنھنڪري ويٺس يار محمد شاه جو ڪالم پڙھڻ. ان وچ ۾ اخبار واري ھمراهه جو وارو اچي چڪو ھو، جيڪو ميگزن مونکان وٺڻ کانسواء ئي ھليو ويو، ھونئن به اخبار پراڻي هئي، يا شايد پڙھي چڪو ھوندو، يا مرڳوئي اخبار متان ٽئين ماڻھوءَ جي ھجي.
ھاڻي شاه صاحب جو ڪالم پڙھڻ شروع ڪيم. مونکي ويسر جو مرض گھڻو آھي، تنھنڪري اخبار کي بابي جي ملڪيت سمجھي، مضمون جي اھم نقطن تي کيسي مان پين ڪڍي نشان ڪندو ويس، ته جيئن شاهه صاحب کي انھن بابت پنھنجي راءِ کان آگاه ڪري سگھان. گھر وڃي پھريون ڪم اھو ڪيم ته اخبار جي گھورڙئي کي فون ڪري چيم ته ايندڙ آچر کان ھر ھفتي عوامي آواز پھچاءِ. ايستائين ته سڀ ٺيڪ پر ھڪڙو آئون ميسيج ٽائيپ ڪرڻ ۾ صفا جڏو، ٻيو مضمون ۾ نشان تمام گھڻا هئا، جو ھر نقطو نھايت ئي اھم ھو، جن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻي ھئي، تنھنڪري ٽائيپ جو ڪم وڌڻ سبب ڏکيو لڳم.
نيٺ ڪجھ ٻارن جي مدد سان ۽ ڪجھ شاهه صاحب جو موبائل فون ھٿ ڪرڻ ۾ لڳل ھفتي کن جي وٿيءَ سبب، پنھنجي مدد پاڻ جي اصول تي ھڻي وڃي ھنڌ ڪيم ۽ پنھنجي راءِ ڊرافٽ جي صورت ۾ محفوظ ڪري ڇڏيم، جيڪا نمبر ملڻ شرط ان تي موڪلي ڏنم. ان مھل رات جا يارھن کن ٿيا هئا. آئون ميسيج موڪلي، دوائونن کائي سمھي رھيس، مون ڀانيو ته شاهه صاحب به مضمون کان وڏي ۽ بيڪار تبصري کي واندڪائيءَ ۾ پڙھندو، ۽ مون وانگر ٽي چار ڏينھن ته لڳائيندو، پر تڏھن منھنجي حيرت جي حد نه رھي، جڏھن صبح جو اٿڻ سان ئي سائينءَ جو جواب ڏٺم، جيڪو ھن رات جو ئي موڪلي ڇڏيو ھو. منھنجو خيال ھو ته منھنجي ڪچي ڦڪي لکڻيءَ تي چڱو خاصو دٻنامو آيو ھوندو، پر ھتي ٻاجھاري ٻوليءَ ۾ خوشيءَ جو اظھار ٿيل ھو، پر ترسو... اھا خوشي ٿوري ئي دير ۾ ڪافور ٿي ويئي جو سائين نيٺ به ته وڏيرو آھي...! لکيائين ته “سائين السلام عليڪم... توھان تمام سٺو ۽ صحيح تجزيو ڪيو آھي، جيڪو آڪسيجن وانگر مون لاء اتساه جو باعث آھي”. ايستائين ته سڀ سٺو لڳو، پر جڏھن آخر ۾ لکيائين ته “ڇا آئون پڇي سگھان ٿو ته ھي ڪھڙي مھربان لکيو آھي...؟؟؟” تڏھن وڻ وڄي ويم، حقيقت ۾ غلطي منھنجي هئي جو پھريون ڀيرو ڪو تبصرو ڪرڻ جي شوق ۾ ھيڏي وڏي شخصيت سان مخاطب ٿيڻ مھل ذھن تي ڇانيل رعب ۽ پراڻي مھربان سان ايتري گھڻي وقت کانپوءِ، بحال ٿيل رابطي جي خوشيءَ منھنجون وايون بتال ڪري ڇڏيون ھيون، جنھنڪري پڇاڙيءَ ۾ پنھنجو نالو لکڻ وسري ويو ھيم. سندس جواب پڙھي يڪدم فون ڪيومانس، جنھـجو جواب ڪونه آيو، پر ڪجھ گھڙين کانپوءِ پاڻ خرچ ڪري فون تي ڪافي دير ڳالھايائون. اھو ئي شفيق لھجو جنھن ۾ فون اٽينڊ نه ڪرڻ تي معذرتون ۽ وضاحتون، ته وھنجڻ ويو هوس، تنھنڪري فون کڻي نه سگھيس. ٻي وڏي ڳالھ ته ھيتري ساري وقت کانپوء رابطو ٿيڻ باوجود به ڳالھيون ھلندي منھنجو آواز به سڃاڻي ورتائون، جنھنجي مون جڏھن تعريف ڪئي ته وراڻيائون ته “سائين، ڪمال آھي...! توھين به ڪي وسارڻ جھڙا آھيو...؟؟؟” پوء ته آئون ھر ھفتي سندن شاندار ڪالمن تي پنھنجي ناقص راءِ موڪليندو رھيس ۽ وٽائن سدائين همٿائيندڙ جواب ايندا رھيا.
نيٺ ڪالمن جو اھو سلسلو مڪمل ٿيو ته ھڪ شاندار سياسي ناول قسطوار شايع ڪرايائون، جنھن ۾ پڙھندڙن جي دلچسپي برقرار رکندي، وڏيرڪي ذھنيت جو چٽو نقشو پيش ڪيائون، ان ۾ کين ان ڳالھ وڏي مدد ڏني جو پاڻ وڏيرو ھوندي کيس انھن جي ڪڌن ڪرتوتن جي ڀليءَ ڀت پروڙ هئي پر روشن خيال هئڻ ناتي اھڙن منفي روين جي چڱي کل لاٿائون. سندن مطالعي ۽ ڳوڙھي مشاھدي جي قوت به سندن مددگار ٿي. ناول ۾ ھڪ ھندستاني ڇوڪريءَ کي اڏيري لال جي ياترا ڪرڻ ۽ پنھنجي جنم ڀومي ڏسڻ لاء ان جي ڳولا ۾ ايندڙ ڏکيائين جھڙوڪ انٽيليجينس وارن جو پيڇو، ۽ اوباش نوجوانن طرفان اغوا جي ڪوشش ۾ ليکڪ سندس فيس بوڪ واري شناسا ۽ پوء پاڪستان اچڻ تي سندس سفر جي ساٿيءَ جي ڪردار سان کيس بچائڻ لاء ڪيل مدد کي، اھڙي نموني پيش ڪيو آھي، جھڙو توھان علامتي ڪردارن وارو ناول نه پيا پڙھو، پر حقيقي واقعو پيا ڏسو.
ناول تي ليکڪ جي شروع کان ئي مضبوط جڪڙ رھي آھي، وچم نون ڪردارن جو شامل ٿيڻ ۽ اڻھن جو منظر مان غائب ٿيڻ به نھايت ئي منطقي آھي، ۽ پڄاڻي به اھڙي شاندار جو لڳي ٿو ته ڪٿي به ڪو جھول ڪونھي. ناول زبردست لکيو ويو آھي.
ان وچم سائينءَ مونکي پنھنجي آتم ڪھاڻيءَ جو ڪتاب ۽ ٻيا به سندس ڇپيل ڪافي ڪتاب، تڪليف ڪري، خاص ماڻھوءَ ھٿان ڏياري موڪليائين، جيڪي باوجود ان جي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ پيش نه ڪيو ويو آھي معلوماتي ۽ دلچسپ هئڻ سان گڏوگڏ سائينءَ جي جرعت ۽ عقلمنديءَ جو داستان به آھن. مون ڪيترن ئي نقادن سان به ان ڪتابن بابت ڳالھايو، جن سڀني جي راءِ ھڪ ئي ھئي ته ڪتاب ۾ نه فني نقص آھي، ۽ نه ئي وري ڪا اجائي ڊاڙ، اھو ان ڪري ٿا چئون جو اسين کيس ذاتي طرح سڃاڻون ٿا، ھو پنھنجي زندگيءَ ۾ به بلڪل ائين ئي آھي. ان کانسواء ڪافي سالن کان يار محمد شاه جو ملڪي ۽ بين الاقوامي حالتن تي تبصرو به شايع ٿيندو اچي، جيڪو ھر خميس تي عوامي آواز جي ايڊيٽوريل صفحي تي “جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر” جي عنوان سان باقاعدگيءَ سان ڇپبو آھي، ان ۾ سڄي ھفتي جي اھم واقعن تي سندس بي لاگ تبصرو پڙھڻ وٽان ھوندو آھي، نه رڳو گذريل واقعن تي سندس جائزو متاثر ڪندڙ ھوندو آھي، پر وقت جي نبض تي اھڙو ھٿ اٿس، جو سندس اڳڪٿيون به گھڻي ڀاڱي سچيون ثابت ٿينديون آھن.
پاڻ ايران، عراق، سعودي عرب ۽ ڪن ٻين ملڪن ڏانھن زيارتـن، مقدس فرض ادائگين ۽ گھمڻ وغيره لاء ويندا رهندا آھن، ته سندن ڪالم نه ڇپجڻ جي صورت ۾ آئون فون ڪري چوندو آھيانس ته موالي پيو ڳالھايان. جڏھن چوندو ته “اڻ پيتي جا نشا ٿيا اٿئي ڇا...؟؟؟”، ته منھنجو جواب ھوندو ته “جي نشو ٿئي ھا ته فون ئي ڇو ڪريان ھا، ٻاڙ لڳي اٿم جو توھان پنھنجن ڪالمن جو موالي ڪري ڇڏيو آھي.” تڏھن چوندو ته ملڪ کان ٻاھر آھيان، فلاڻي تاريخ تي ورندس ۽ ڪالم وري شروع ڪبو، ۽ گذريل ھفتن جي يڪي ڪسر ڪڍبي، پوءِ واقعي ايندڙ ڪالم ٻين کان اڳرو ھوندو.
ڪڏھن ڪڏهن سوچيندو آھيان ته ايڪسائيز وارا يا ڪا ٻي ايجنسي ٻڌي نه وڃيس، جو مون جھڙا الائي ڪيترا موالي ٺاھيا هوندائين، 50 کن ته آئون به سڃاڻان.
دعا آھي ته سندن قلم کي اڃان وڌيڪ زور نصيب ٿئي ته جيئن سندن پڙھندڙ شاهه صاحب جي لکڻين مان فيض پرائيندا ئي رھن.

منان ميمڻ
ڪراچي 6 مئي 2018ع