شفيع محمد شاهه
پي ٽي وي تي اسڪرپٽ پروڊيوسر ۽ نالي وارو اديب، شاعر، ميزبان، براڊ ڪاسٽر ممتاز مرزا جيڪو پڻ اسان سڀني کي ساهه ۾ سانڊيندو ۽ پيار سان پاليندو هو، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اڄ ثقافت جا جيڪي به رنگ نروار آهن، انهن ۾ فنڪار، فن ۽ سنڌ کي سنوارڻ ۾ ممتاز مرزا صاحب ۽ عبدالحميد آخوند صاحب جو وڏو پورهيو شامل آهي، هو فوڪ سنگرن کي سڄي دنيا جي ملڪن ۾ به وٺي ويندا هئا ۽ سنڌ جي موسيقي ۽ ثقافت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ متعارف ڪرائيندا هئا ۽ ملڪ اندر بزرگن ۽ اوليائن جي هر ميلي ملاکڙي ۽ قومي ڏينهن تي ڪراچي توڙي اسلام آباد ۾ به انهن کي وڏي پذيرائي ڏياريندا هئا، انهن ڏينهن ۾ شفيع محمد شاهه جي بيٺڪ ممتاز مرزا جي آفيس ۾ گهڻي هوندي هئي، محمود صديقي ۽ آئون به گڏ ممتاز مرزا جي محفل مان مزا وٺندا هئاسين ۽ علم پرائيندا هئاسون، هو اسان کي ڇيڙي، پاڻ ۾ اٽڪائي لطف اندوز ٿيندو رهندو هو. شفيع محمد شاهه سان گڏ پهريون ڊرامون ته بيدل مسرور وارو ئي ڪيم، ان کان پوءِ ڪجهه ناٽڪ رنگ جا به ڊراما مون ساڻس گڏ ڪيا، گهڻو ڪري سميجو صاحب ۽ اقبال انصاري جي ڊرامن ۾ گڏ هوندا هئاسون، هڪڙو يادگار واقعو جڏهن اڙدو ڊرامون “سمجهوتا” محمد بخش سميجو آئوٽ ڊور ۾ ريڪارڊ ڪري رهيو هو، جنهن ۾ آئون ۽ شفيع محمد شاهه دوبدو هئاسون، مغرب جو وقت هو، منظر سج لهڻ جي ڪري مڪمل ريڪارڊ نه ٿي سگهيو، جنهن جي ڪري لانگ شاٽ وٺي سميجي صاحب چيو ته هن سين جو ڪلوز ورڪ اسٽوڊيو جي انڊور ريڪارڊنگ ۾ ڪنداسين، جيئن ته سميجو صاحب شفيع محمد شاهه جا تمام گهڻا ناز نخرا برداشت ڪندو هو، هڪ ڏينهن ڊراما “سمجهوتا” جي رهيل سينن جا جملا ياد ڪرڻ لاءِ کيس ڪافي وقت ڏنو ويو، ۽ آئون مڪالما ياد ڪري آيو هوس، ان وقت جڏهن شفيع محمد شاهه ڪافي ري ٽيڪ ڏنا ۽ ان کان پوءِ ٽائيم وٺي، مڪالما ياد ڪري ۽ تياري سان جڏهن سين شوٽ ڪري رهيا هئاسين، ته وري به اهم موڙ تي شفيع محمد شاهه ري ٽيڪ ڏنو، ۽ شرمندي کي ڪور ڪندي چيائين “شاهه مڪالما ياد نه اٿم، نه ته اتي ڇڏياء جتي پاڻي به نه ملنئين” جيڪو جملي ٻڌي سڀني کيس ٿوري گهڻي تنقيد ڪئي، بحرحال جنهن به سيٽ تي يا سين ۾ اسين جڏهن به گڏ هوندا هئاسون، تڏهن هو مونکي اکين جي اشارن مان پنهنجي اداڪاري جو داد يا تنقيد ضرور گهرندو هو، ۽ آئون به اشارن ۾ کيس تنقيد يا داد ڏيئي ڇڏيندو هوس.
قربت بطور فنڪار ايڏي هئي جو واقعي وڏيون محفلون گڏ ڪندا هئاسون پر شاهه صاحب جتي وڏن وڏن پروڊيوسرن ۽ ڊائريڪٽرن کي رت رئاڙي ڇڏيندو هو، ات هن جو مون سان هڪڙو پيار زندگي جو وڏو احسان آهي جيڪو صرف آئون ڳائي سگهان ٿو، لاهي نه سگهندس، واقعو هن ريت آهي ته مون کيس ۽ سڪينه سمون کي ٽنڊو آدم ۾ “لطيف گولڊ ميڊل” واري تقريب ۾ سڀني پي ٽي وي ايوارڊ يافته فنڪارن کي گولڊ ميڊل ۽ سلور ميڊل ڏنا ۽ هنن کي به مدعو ڪيو هو، ان دفعي پي ٽي وي ايوارڊ وارن مرحوم محمود صديقي جو بهترين اداڪار وارو ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪري، پوءِ واپس وٺي صرف اهو دليل ڏنو ته ڊرامي “جنگل” ۾ محمود صديقيءَ بهاول خان جو ڪردار تمام سٺو ڪيو، پر اهو ان ۾ ميڪ اپ جو ڪمال هو (اهو ذڪر مٿي ڪيل به آهي)، ۽ دوست جي ان دل آزاري کي دور ڪرڻ لاءِ مون ان سال جي سڀني بهترين پي ٽي وي ايوارڊ حاصل ڪندڙن فنڪارن، رائيٽرن ۽ ڊائريڪٽرن کي سونا ٻلا “لطيف گولڊ ميڊل” ڏنا، پر شفيع محمد شاهه ۽ سڪينه سمون ان ايوارڊ تقريب ۾ نه آيا، انهن ڏينهن ۾ انهن جي جوڙي هر وقت گڏ هوندي هئي، ان ڪري اسان سڀني کي سندن نه اچڻ جو ڏک ٿيو هو، وري مون ٻيو پروگرام حيدرآباد جي نيوميجسٽڪ سئنيما ۾ “سانگين سندو سنگيت” جي عنوان سان ڪيو، ان ۾ به شفيع محمد شاهه ۽ سڪينه سمون کي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ مدعو ڪيو، پر وري به هو ڪونه آيا.
هڪ ڏينهن جڏهن آئون فلم “محب شيدي” جي تياري ڪري رهيو هوس، مارڪيٽ ۾ خبر عام هئي ته اوچتو شفيع محمد شاهه مونکي پي ٽي وي جي رسيپشن تي مليو، ۽ ٽوڪيندي چيائين ته مونکي پنهنجي فلم “محب شيدي” ۾ ڪردار ڏي، مون چيومانس ته ٻه دفعا واعدو ڪري ايوارڊ وٺڻ به نه آئين، هاڻ فلم ۾ وري بڪ ڪري ويٺو روز رئان ڇا...؟؟؟ هن مون کان ان وقت ڪردار پڇيو، مون چيومانس ته فلم ۾ پازيٽو وڏيري جو مرڪزي ڪردار آهي، جيڪو معاشري ۾ اسان جو سردار سيد ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ آهي، اهو ڪردار آئون پاڻ ڪري رهيو آهيان، جيڪڏهن تون اهو ڪردار ڪرين ته آئون توکي ڪردار بابت ٻڌايان، مون اتي بيٺي بيٺي کيس سندس ڪردار ٻڌايو، پاڻ ڪردار ٻڌڻ کان پوءِ ايڏو متاثر ٿيو جو هڪ رپيو وٺي ان تي لکي ڏنائين ته مونکي مڪمل پيمينٽ ملي ويئي، ۽ پوءِ شوٽنگ جي تاريخون پڇيائين ۽ واقعي شوٽنگ واري ٽائيم تي اسان جي ساٿي اداڪار منظور مراد کي پاڻ سان گڏ کڻي، پنهنجي طرفان ٽيڪسي ڪري اچي لوڪيشن تي پهتو، ۽ چار ڏينهن مسلسل شوٽنگ ڪيائين، ۽ فلم جو هيرو گلاب چانڊيو جنهن کي مون وڏي قرباني ڏيئي اهو ڪردار ڏنو هو، گلاب چانڊيو شفيع محمد شاهه کي اسان طرفان وڌيڪ عزت ڏيڻ تان ناراض ٿيڻ لڳو، ۽ پوءِ فلم ريليز ٿيڻ تائين مون سان ناراض رهيو، ۽ مونکي مشڪلاتون ڏيڻ واري ٽيم ۾ حصو به رهيو، حالانڪه اسان سندس طي ٿيل معاوضو به کيس ڏئي چڪا هئاسون، بحرحال “جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن”، هو اڄ به منهنجو فنڪار ساٿي آهي ۽ اسان هڪٻئي جي عزت ڪيون ٿا.
شفيع محمد شاهه فلم “محب شيدي” جي شوٽنگ ڪري موڪلائي وڃڻ لڳو ۽ ٽيڪسيءَ جو ڪرايو به نه ورتو ته مون ان وقت سندس امانت “لطيف گولڊ ميڊل” جيڪو مون وٽ رکيل هو، اهو مون پنهنجي مرحوم والد صاحب جي هٿان کيس پارايو ۽ اصلي پٽ جي قيمتي لونگي جيڪا موکي شاديءَ ۾ پارائي ويئي هئي، اها جڏهن ڪردار لاءِ کيس پائڻ لاءِ ڏني ويئي ته اها کيس ايڏي پسند آئي جو پاڻ موکان اها گهري ورتائين، ۽ ان جهڙو ٻيو حصو به هٿ ڪري ڏيڻ لاءِ چيائين، شايد اڄ به سندس گهر ۾ اهو لونگيءَ وارو پهريون حصو فريم ۾ سندس گهرواريءَ لڳرائي ڇڏيو آهي، هو ان ڏينهن هليو ويو ته وري ٻيو مرحلو فلم جي ڊبنگ جو شروع ٿيو، انٽرنيشنل اسٽوڊيو ۾ آئون سڀني جي ڊبنگ ڪرائيندو هوس، شاهه اسد گڏ هوندو هو ۽ شفيع محمد شاهه کي روز فون ڪري ڊبنگ جي لاءِ وقت گهرندو هوس، هڪ ڏينهن ٻڌايو مانس يار تنهنجي شڪل جي مٿان ٻئي ڪنهن جو آواز سوٽ نه ڪندو، ان ڪري آئون چاهيان ٿو ته تون پنهنجي آواز ۾، پنهنجي ڪردار جي ڊبنگ ڪري وڃ، ته مهرباني ٿيندي. هن فون تي وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو ته آئون سمجهي ويس، تون ڇا پيو چئين، تون اهڙو ڏنگو ماڻهو آهين جو منهنجي ڪردار جي پاڻ به ڊبنگ ڪري ڇڏيندين، ۽ پوءِ خواري منهنجي ٿيندي، تنهن ڪري آئون سڀاڻي اچي ڊبنگ ڪرائيندس، پوءِ هن اچي ڊبنگ مڪمل ڪرائي، مون کان هڪ رپيو به نه ورتائين. بحرحال مون ساڻس دل و جان سان محبت ڪئي، ۽ هن به منهنجي تمام گهڻي عزت ڪئي، خدا کيس جنت نصيب ڪري، هو شوبز جي ڪيترن دوستن لاءِ آزاريندڙ هو، پر اسان جي محفلن جو مور هو، سندس ڳالهيون هميشه سنڌي ۽ اڙدو فن جي تاريخ ۾ نمايان رهنديون.