آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

منهنجي ڪهاڻي، منهنجي زباني

هي ڪتاب ريڊيو، ٽي وي، اسٽيج ۽ فلمن جي نامياري اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ سيد يار محمد شاهه جي آتم ڪٿا ۽ يادگيرين تي مشتمل آهي. هو لکي ٿو:
”مون ڪوشش ڪري پنهنجي بي ترتيب يادگيرين کي سهيڙن جي ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به آئون اندر ۾ جهاتي پائي انصاف ٿو ڪريان ته الله تبارڪ وتعاليٰ مونکي جيڪو مشاهدو ۽ مطالعو نصيب ڪيو ان جو چوٿون حصو به نه چئي سگهيو آهيان، پر هيءُ ڪتاب اڳين ڏهن ڪتابن کان پوءِ يارهون ڪتاب هوندو.“
Title Cover of book منهنجي ڪهاڻي، منهنجي زباني

فلمسازي

جيئن ته مونکي ٻالڪ پڻ کان ئي فلم ٺاهڻ، ان جي اسٽوري ٺاهڻ، ان جا گانا ٺاهڻ، مرڪزي ڪردار ڪرڻ ۽ ڊائريڪشن ڪرڻ سان گڏ فلمسازيءَ جو به شوق هوندو هو، ڇو ته منهنجي گهر ۾ منهنجو آئيڊيل ايس گل صاحب موجود هو، جيڪو فلمسازي ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندو هو، ۽ برصغير جي نامور فلمساز ۽ هدايتڪار ايس ايم يوسف ۽ ٻين سان فلمسازيءَ ۾ حصو رکندو هو، ۽ پاڻ ان فلم ۾ بطور ولين به ڪم ڪندو هو، بس قدرتي طرح مونکي به اهوئي شوق هوندو هو ته آئون به ڪا يادگار فلم ٺاهيان، جنهن جي ڪري پهرئين فلم “چهچٽو” جيڪا ڀٽ شاهه جي ميلي تي مون “ٻه دٻا” يعني ٻه هزار فٽ شوٽ ڪئي، جنهن ۾ ملهه پهلوان سيد سمن شاهه، سرور جتوئي، الهجڙيو سمون به شامل هئا، ۽ سرڪسن ۽ ٿيٽرن ۾ لطيف مني، فيض علي شاهه ۽ شفيع پنڃارو جا ڪجهه خاڪا به شوٽ ڪيا هئا، انهن ڏينهن ۾ مشهور فوڪ سنگر جلال چانڊيو عروج تي هو، جهڙو “چهچٽو” گهر گهر ۾ مشهور هو، تهڙي طرح سنڌ ۾ جلال چانڊيو به مشهور هو، جڏهن مون “چهچٽو” فلم شروع ڪئي ته شاهه اسد جيڪو منهنجي ڇڏيل فلم “غيرت جو سوال” جو تجربو حاصل ڪري، پاڻ ڊائريڪٽر ٿي چڪو هو، ۽ ان وقت ان فلم “جلال چانڊيو” ٺاهي، جنهن جو فلمساز لالچند هو، جنهن به ان فلم ۾ هڪ ڪردار ڪيو، جڏهن ته مون ۽ چاچا فضل ان فلم ۾ “جلال چانڊئي” جي سامهون ڪو ڪردار ڪرڻ کان لنوائي ڇڏيو، پر فلم سپرهٽ ويئي، ته مون ان وقت نصير فقير، جيڪو ان وقت اسان جي علائقي جو نامور ڌاڙيل ٿي مئو هو، جنهن تي مون فلمي ڪهاڻي مڪمل ڪئي، ته ان وچ ۾ فلم “جلال چانڊئي” جي آمدني مان شاهه اسد وري لالچند سان گڏجي، ان وقت جي نامور ڌاڙيل “پرو” تي رنگين فلم “پرو” ٺاهي، جنهن ۾ مون ذاتي طرح دوست جي حيثيت ۾ سندس ڀرپور ساٿ ڏنو، ۽ فلم ۾ “پرو” جي ڀاءُ “علي گوهر” جو ڪردار پڻ ادا ڪيو، جڏهن اها فلم حيدرآباد جي ڪوهنور سئنيما ۾ لڳي، ته اها سپرهٽ فلم ٿي، جنهن وڏين اڙدو فلمن کي به حيدرآباد ۾ هلڻ نه ڏنو، ۽ سڄي سنڌ ان جي ڀرپور آجيان ڪئي.
آئون هڪ ڏينهن زاهد معصومي سان گڏ اها فلم ڪوهنور سئنيما حيدرآباد ۾ ڏسڻ ويس، فلم تمام سٺي لڳي، منهنجو ڪردار ننڍو هو، پر پروءَ “منصور بلوچ” مرندي، منهنجي جهوليءَ ۾ آخري مقالمو چيو ته “علي گوهر” ڀاءُ پٺيان جي پارت اٿئي، ان کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ وري “علي گوهر” به “پرو” وانگر ئي مشهور ڌاڙيل ٿي گذريو هو، فلم جي اختتام تي زاهد معصوميءَ مشورو ڏنو ته توهان فلم “نصير فقير” جي بدران فلم “علي گوهر” ٺاهيو، ۽ اها “پرو” جو پارٽ 2 هوندي، مون ساڻس گڏ اچي ٻن ڏينهن ۾ فلم “علي گوهر” جي ڪهاڻي مڪمل ڪئي، ۽ پنهنجي دوست سينئر ساٿي مشتاق جسڪاڻي کي سڏايو، ۽ اسڪرپٽ مڪمل ڪيو.
اڳتي هلي فلم “علي گوهر” جو پارٽنر محمود صديقي ٿيو، ۽ هدايتڪاريءَ لاءِ محمود صديقيءَ زاهد معصوميءَ کي چيو، حالانڪه مون ان عمل جي مخالفت ڪئي، ۽ چيو ته پاڻ ٽئي گڏجي ڊائريڪشن ڪنداسون، ۽ نالو آخر ۾ زاهد جو ڏينداسون، پر هن ضد ڪيو، اڳيان هلي جيڪي مسئلا اسان لاءِ زاهد معصوميءَ پيدا ڪيا، انهن اسان کي ڏاڍو تنگ ڪيو، لطيف سرڪار تي فلم جي پهرئين ڏينهن جي پهرئين شوٽ، جنهن ۾ آئون ۽ مرحومه ميڊم شهزادي شامل هئاسين، زاهد معصوميءَ اها سين شوٽ شروع ڪئي ته جيڪو شوٽ ڪرڻ جو انداز زاهد معصوميءَ جو هو، اهو ڪنهن ٽي وي ڊرامي وانگر هو، جنهن تي منهنجو اسسٽنٽ مرحوم شاهد وحيد ۽ ڪئميرامين بشير بيگ پاڻ ۾ صلاح ڪري، مونکي خلاصو وٺي چيائين، ته هن طريقي سان اها فلم ٻن سالن ۾ به مڪمل نه ٿيندي، ڇو ته زاهد صاحب ٽي وي ٽيڪنڪ تي پيو فلم شوٽ ڪري، ۽ زاهد صاحب کي فلم بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي، جڏهن اها ڳالهه مون محمود صديقي کي سمجهائي، ته ان منهنجي ڳالهه جي تائيد ڪندي، ان وقت ئي مرحوم شاهد وحيد کي منهنجي اڳيان خلاصو وٺي چيو، ته هي هدايتڪاريءَ جو ڪريڊٽ تنهنجي نالي ٿا ڪريون، ۽ پوءِ فلم ٽن مهينن اندر مڪمل ٿي، ريليز ٿيڻ تي هئي ته سنڌي مهاجر هنگاما ٿيا، ان وچ ۾ لاڙڪاڻي ۾ خميسو جانوري وارن فلم “نادر گوهر” ٺاهي هئي، ۽ ايور ريڊي فلمز پبلسٽي اسان واري “علي گوهر” جو سٺو ڪريڊٽ ان فلم “نادر گوهر” کي ڏيئي چار پئسا ڪمايا، ۽ اسان کي اهو چئي روڪيو ويو ته توهان جي ههڙي خوبصورت ۽ مهنگي فلم انهن حالتن ۾ ڌڪجي وڃي ها، ان ڪري جڏهن حالتون بهتر ٿينديون ته پوءِ اها فلم ريليز ڪنداسون.
ان کان پوءِ جڏهن حالتون ڪجهه بهتر ٿيون ته اسان جي اها فلم “علي گوهر” ايوريڊي فلمز جي بينر هيٺ، ستيش آنند جي معرفت، حيدرآباد جي مشهور سئنيما فردوس ۾ ريليز ڪئي سون، ته وري حيدرآباد جي ميئر آفتاب شيخ تي گوليون هليون، جنهن ڪري وري فلم هنگامن جي نذر ٿي ويئي، اهڙي طرح ڪجهه ڏينهن کان پوءِ فلم جي وڊيو به چوريءَ نڪري ويئي، ۽ اسان جي فلم مور به نه ڪڍي سگهي. جنهن کان پوءِ وري ٻي فلم ٺاهڻ جو خيال تڏهن آيو، جڏهن ڌاڙيل “محب شيدي” جيڪو اسان جو پاڙي جو ۽ غريب نوڪرن وانگر هيو، ننڍيون ننڍيون چوريون ڪرڻ ۽ دشمنيءَ ۾ ٻه ٽي قتل ڪرڻ کان پوءِ گم ٿي ويو ۽ پوءِ مسلسل وڏن ان وقت جي ناليوارن ڌاڙيلن سان گڏجي پاڻ به ناليوارو ڌاڙيل بنجي ويو، ۽ سرڪار طرفان مٿس 50 لک روپيه انعام پڻ رکيو ويو.
هڪ شام جو اسان دادو ۾ شاهه اسد سان گڏ “مخدوم بلاول ايوارڊ” جي تقريب ۾، ايوارڊ وٺڻ لاءِ ويٺا هئاسون، مرحوم استاد بخاري، محمد بخش سميجو، مشتاق چنگيزي، رشيد چارڻ، منان عباسي ۽ زاهد معصومي به مون سان گڏ هئا، ته ات مشتاق چنگيزيءَ ٻڌايو ته موسيٰ ڪليم ۽ مصطفيٰ قريشي فلم “محب شيدي” ٺاهڻ جي تياري ڪري رهيا آهن، تاج محل هوٽل ۾ ڪمرو وٺي، ڪهاڻي ۽ گانا لکي رهيا آهن، جڏهن اها خبر شاهه اسد ٻڌي ته هن فورا مونکي آماده ڪيو، ۽ اسان قلندر تي وڃي دعا گهري ۽ واپس اچي دادو ۾ پريس ريليز ڪڍيو، جڏهن ته اسان جي ڳوٺ ۾ يونس سنائي هڪ نوجوان ٽولي علمدار شاهه ۽ غلام حسين وڏيرو، بچل ميمڻ سان گڏجي پنهنجي طرفان فلم “محب شيدي” ٺاهڻ جو اعلان اخبار ۾ ڏئي چڪا هئا، آئون جڏهن مٽياري پهتس ته رات جو علمدار شاهه ۽ غلام حسين وڏيرو مون وٽ گڏجي آيا، ۽ چيائون ته توهان جو به فلم “محب شيدي” ٺاهڻ جو اعلان اخبار ۾ آيو آهي، ۽ اسان به اعلان ڪيو آهي پوءِ ڇو نه گڏجي فلم ٺاهيون، بحرحال علمدار شاهه جي چوڻ تي مون ان وقت وري فلمسازي ڪئي، جڏهن آئون ان فيلڊ کان پاسيرو ٿي، مٽياري ۾ شگرمل جو ڪاروبار، ٽراليون ٺاهي ڏيڻ، ڀاڻ ۽ دوائون ڏيڻ جو دڪان “مٽياري ٽريڊرس” جي نالي سان هلائي رهيو هوس، ۽ سنجيدگيءَ سان ڪاروباري ٿي چڪو هوس.
مون علمدار کان اهو واعدو ورتو ته هو مونکي ڪاروبار ۾ به تعاون ڪندو، ۽ آئون سندس فلم ۾ ڀائيوار ٿيندس، اها فلم به ڀائيواريءَ جي ڪري ڪيترن مسئلن جي ور چڙهي، ۽ ان وقت جيئن ته “محب شيدي” تازو مارجي ويو هو، ان ڪري اخبارن ۾ اسان جي خلاف بيان اچڻ شروع ٿيا، ته اسان ڌاڙيلن کي هيرو بڻائي پيا پيش ڪريون، ۽ ايتري قدر مخالفت ٿي جو سنڌ حڪومت کي ٽيليگرام ٿيا، ته ان فلم کي نه پاس ڪيو وڃي، پر مون هر ممڪن ڪوشش ڪري فلم سنسر ڪرائي، ۽ ريليز ڪئي، ۽ ان جو به انجام اهوئي ٿيو، ته فلم ٽي هفتي پي ايف سئنيما بدين مان وڊيو نڪري ويئي ۽ 40 هزار وڊيو پرنٽون سکر جي گلفام وڊيو نالي ريليز به ٿي، هڪڙي ڏينهن ۾ سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويون، ۽ ان وقت موري ۾ به اسان جي فلم ٻه سو روپيا بليڪ تي ٽڪيٽ هلي رهي هئي ۽ اها فلم شوقين هوٽلن تي پنج روپيه چانهه جي ڪوپ تي مفت ۾ ڏسي رهيا هئا، نتيجن اها به فلم مور نه ڪڍي سگهي، ۽ ان ۾ به منهنجا ۽ منهنجي ڀائيوارن جا پئسا ٻڏي ويا، جيئن ته فلم کي ريليز ڪرڻ لاءِ مون اسد الله شاهه جي چوڻ تي حيدرآباد جي مارڪيٽ ۾ “سخي فلمز” جي نالي سان، ڊسٽري بيوشن جي آفيس کولي، پنهنجي اداري طرفان فلم ريليز ڪئي هئي، ۽ ٽوٽل 5 پرنٽون سنڌ ۾ هلي رهيون هيون، ته وڊيو نڪرڻ کان پوءِ فلم شهر شهر پهچي ويئي، اهڙي طرح وري شاهه اسد جي چوڻ تي “محب شيدي” جي ريليز کي يقيني بنائڻ لاءِ پراڻي فلم “وفا ياران دي” سنڌيءَ ۾ فلم “مسٽر شڪارپوري” جي نالي سان ٺاهي، ريليز ڪئي، جنهن ۾ به پئسا ٻڏي ويا. ان کان پوءِ جڏهن آئون لاهور فلم انڊسٽري جو چيئرمين ٿيس، ته مون انهن دوستن (ميان خالد فيروز ۽ چوڌري ڪامران اعجاز) سان گڏجي فلم “مهلت” بطور فلمساز ٺاهي هئي، ان کان علاوه “عقابون ڪا نشيمن” ۽ پشتو فلم “گرهستي” ۾ بطور فلمساز منهنجو نالو ريڪارڊ تي آهي، جڏهن ته آخري فلم مون تعليم متعلق جديد ٽيڪنالاجي تي “باغ جنت” اڙدو سنڌي ۾ ٺاهي، ڪراچي پريس ڪلب ۾ نثار کهوڙي جي هٿان افتتاح ڪرائي، ٽن ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنرن جي تعاون سان ريليز ڪئي آهي، پر اڃان ڪنهن سئنيما ۾ ريليز نه ڪئي آهي، ۽ هاڻ هڪ فلم مشهور ٽي وي سيريل “چهوٽي سي دنيا” جي طرز تي ٺاهڻ جي تياري ڪندي، اسڪرپٽ لکرائي رهيو آهيان.