سماج سيوڪ
مٽياري ٽائون ڪميٽي کي سڌارڻ لاءِ اسان جي مرشد گهراڻي سائين پير الهيار شاهه، ان کان پوءِ پير بقادار شاهه، ان کان پوءِ سائين حاجي محمد زمان شاهه، ۽ مرحوم سائين پير نور شاهه جن بطور چيئرمين جي ريڪارڊ ڪم ڪرايا، ان کان پوءِ مرحوم حاجي فضل علي شاهه ڄاموٽ به چيئرمين رهيو هو، جيڪو ساڳي وقت مون وانگر فنون لطيفه يعني فلم انڊسٽري ۾ بحيثيت اداڪار، موسيقار، فلمساز ۽ هدايتڪار جي وابسته هئڻ جي باوجود به مٽياري جي لاءِ ڪم ڪندو هو، هڪ دفعو سائين پير نور شاهه جو چونڊيل چيئرمين حفيظ الله ميمڻ کي متفقه طور تي هٽائي سائين فضل علي شاهه کي موقعو ڏنو ويو، جنهن وڏيون اسڪيمون پاس ڪرايون ۽ پگهار نه وٺندو هو، ۽ يادگار خدمتون سندس ريڪارڊ ۾ آهن. ان کان پوءِ مٽياري جي چيئرمني هميشه پير صاحبن وٽ ئي رهي، جيتوڻيڪ باقر پوٽه ۽ ڄاموٽ گڏجي به اها حاصل ڪرڻ چاهيندا هئا، جنهن ۾ هڪ دفعو مرحوم مراد شاهه منهنجي دوست نعيم شاهه جو والد پنهنجي ئي عزيز اميد علي شاهه مرحوم کي شڪست ڏيئي، چيئرمين چونڊيو هو ۽ نعيم شاهه جي ڪري ان چيئرمني مان مون کي اسڪالر نصيب ٿي هئي، پر جيئن ته شهر ۾ ڊراما ڪرڻ ۽ اجرڪ جي ڪاريگرن، ٻيڙي جي مزدورن ۽ ٽيڪسي ڊرائيورن جا مسئلا حل ڪرڻ به اسان جي اداري جو ڪم هو.
“مٽياري ويلفيئر آرگنائزيشن” ۾ مٽياري جا مٿيان نالي وارا بزرگ سڀ اسان جي سرپرستي ڪندا هئا ۽ اسان مٽياري کي پهرئين تعلقو، پوءِ سب ڊويزن ۽ پوءِ ضلعو ڪرائڻ لاءِ جيڪا جاکوڙ ڪئي، تنهن ۾ جيڪي ساٿي مون سان جاکوڙ ۾ وفدن جي صورت ۾، تحريڪن ۾ يا بيان بازي ڪرڻ ۾ گڏ هئا تن جا نالا هن ريت آهن، غلام نبي مغل، نواز علي سمون، غلام حسين ميمڻ، اسرار احمد مغل، سيف الدين قاضي، مشتاق قاضي، پير بهائو الدين سرهندي، سيد گل حسن شاهه، سيد محمد علي شاهه، سيد فدا حسين شاهه، پير آغا عبدالرحيم جان سرهندي، پير شهاب الدين سرهندي، غلام محمد خاصخيلي، مٺو ڏاهري، ولي محمد سمون، ولي محمد ميمڻ (سينيٽري انسپيڪٽر) ۽ ماما لالو شامل هئا. اسان هر مهيني پمفليٽ ذريعي ماڻهن جو تعاون حاصل ڪنداهئاسون ۽ پمفليٽ جي ذريعي ئي ماڻهن کي مسئلن جي حل جي ڪاميابي جو خوشخبريون ڏيندا هئاسون ۽ هر مسئلي ۾ تعاون ۽ آگاهي پنهنجو فرض سمجهندا هئاسون، ان ڪري شهري اسان سان ٻڌجي ويا ۽ هر ڏک سور جو مداوا اسان کي ئي سمجهيو ويندو هو.
اسان جڏهن مٽياري ۾ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جي ڪورٽ منظور ڪرائي ته ان وقت بلڊنگ جي اڻاٺ سبب اها نالي مٽياري جي هئي، ڪم حيدرآباد جي سيشن ڪورٽ جي بلڊنگ ۾ ڪندي هئي، اسان روڊ بند ڪري، تحريڪون هلائي، ان کي مٽياري شفٽ ڪرڻ پئي چاهيو، ته مخدوم خليق الزمان وارن مخالفت ڪري، ان کي روڪيو، ڇو ته ان وقت ۾ اسان جي اداري جي عملي جدوجهد مٽياري کي تعلقو ڪرائڻ بابت هلي رهي هئي، ۽ اسان جا مطالبا ۽ بيان روز اخبارن ۾ هوندا هئا.
هڪ ڏينهن خليق الزمان سائين طنزيه پڇيو ته ڪڏهن ٿا ڪورٽ کي شفٽ ڪرايو...؟؟؟، تڏهن مون چيو ته سائين اهو اسان جو حق آهي، توهان وٽ هميشه اسان جي قومي اسيمبلي جي سيٽ رهي آهي، پر ترقياتي ڪمن ۾ اسان کي ڪجهه به نه مليو آهي، حالانڪه جڏهن مخدوم رفيق الزمان ضلعي حيدرآباد جو ناظم مقرر ٿيو هو، تڏهن مٽياري ان ۾ شامل هو ۽ ان وقت ڪجهه پليون ۽ ڪجهه لنڪ روڊ رفيق الزمان جي تعاون سان مٽياري وارن کي نصيب ٿيا، جن جا پٿر اڄ به لڳل آهن، پر ڪيتريون اسڪيمون اڳتي جڙي نه سگهيون، وري هن حڪومت جي پڄاڻيءَ تي ڪجهه اسڪيمن جا افتتاح رفيق الزمان ڪري، همدرديون تازيون ڪيون آهن.
اسان مٽياري ۾ ۽ سنڌ ۾ سماج سيوڪ مشهور هئاسون، مٽياري تعلقي لاءِ قاضي مشتاق (فضل الله) جيڪو هاڻ اي سي ٿي رٽائر ٿيو آهي. ۽ “البيلو قاضي” جي نالي سان فيس بڪ تي اڄ به مٽيارين جون يادگيريون ڏيندو رهندو آهي، ان ۽ سندس مامي قاضي عبدالقادر جيڪو ان وقت ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جو آفيس سپريڊنٽ هوندو هو، ۽ هر ڊپٽي ڪمشنر هن کان سواءِ هلي نه سگهندو هو، ان جي تعاون سان اسان جيڪا تعلقي جي تحريڪ شروع ڪئي، ان کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پهچائڻ ۽ پنهنجي تعلقي جي اسڪيم کي مطالبي ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ ان وقت جي صوبائي اسيمبلي ميمبر سائين امير علي شاهه ڄاموٽ، جنهن حفيظ پيرزاده جي تعاون سان مٽياري کي انٽرميڊيٽ ڪاليج منطور ڪرائي ڏنو هو، ان جي تعاون سان اسان تعلقي جي تحريڪ ڪامياب ڪرڻ پئي چاهي، پر جيئن ته ان وقت ۾ آئون مخدوم خاندان جي ويجهو هيس ته امير علي شاهه وارا، ممتاز ڀٽي صاحب جي ڪري ان وقت مخدوم خاندان کان پاسيرا هئا، جيڪو اول ڀٽي صاحب جي مرضيءَ سان سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو، سنڌي ٻوليءَ جي بل کان پوءِ سنڌي مهاجر فساد ٿيا، ۽ ايم ڪيو ايم انهن جي روين جي ڪري وجود ۾ آئي، جنهن ڪري ڀٽي صاحب موقعو ڏسي ممتاز ڀٽي کي هٽائي، مخدوم صاحب جي خوشيءَ خاطر غلام مصطفيٰ جتوئي کي سنڌ جو وزيراعليٰ بنائي ڇڏيو. پر امير علي شاهه وارا اسان جي هر سجاڳي واري قدم کي مخدومن جي چال چوندا هئا، حالانڪه اسان خود سمجهي چڪا هئاسون ته مخدوم صاحب ڪنهن به صورت ۾ اسان کي مٽياري تعلقو ڪرڻ نه ڏيندا، ان وقت ۾ سائين جي ايم سيد جو ساٿي علڻ خان عرف محمد سومار ٿيٻو، جيڪو جيئي سنڌ ۽ جي ايم سيد جو اهم اڳواڻ سمجهيو ويندو هو، جنهن مون سان محبت ايتري وڌائي جو بحيثيت استاد ۽ محسن جي مون وٽ مٽياري ۾ رهندو هو، ۽ منهنجي مٽياري بابت جاکوڙ تي نظر رکندو هو، ۽ وفد جي صورت ۾ اسان ڪنهن به اداري وٽ ويندا هئاسين، ته هو اسان سان گڏ هلندو هو، انهيءَ سلسلي ۾ اسان چاهيو پي ته سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ امير علي شاهه تعلقي جو مطالبو ڪري، ۽ علڻ خان جي معرفت اسان ان وقت مخالف ڌر جي اڪيلي ميمبر سائين ظفر علي شاهه وٽ هلي وياسين، ۽ کيس اسان جي تعلقي جي مطالبي کي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ، ۽ حمايت ڪرڻ جي گذارش ڪئي سون، جنهن چيو ته اصل ۾ اهو حق امير علي شاهه جو آهي اسين سندس حمايت ۾ سڀ دوست آڻي سگهون ٿا، توهان کيس آماده ڪريو ته هو اجلاس ۾ ڳالهائي، ان وقت اسان تعلقي جي مڪمل فزيبلٽي ٺاهي، سنڌ اسيمبلي، قومي اسيمبلي ۽ هر سينيٽر تائين هٿ ۾ پهچائي، جنهن ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ امير علي شاهه جي ڳالهائڻ جو وارو هو ته ان ڏينهن اسان اسيمبليءَ ۾ ڏٺو ته هر ميمبر جي هٿ ۾ اسان جي تعلقي جي فزيبلٽيءَ جا پيپر هئا، ۽ سڀني اسان سان واعدو ڪيو ته توهان جو ايم پي اي ڳالهائيندو ته اسان حمايت ڪنداسون.
ان وقت امير علي شاهه اسيمبليءَ جي ورانڊي ۾ مليو جتي علڻ خان، قاضي مشتاق ۽ مون ساڻس حال احوال ڪيا، ۽ هر صوبائي اسيمبلي جي ميمبر جي هٿ ۾ اسان جي تعلقي جي ڪاپي ڏيکاريندي ٻڌايوسين ته هي سڀ تيار آهن، توهان ڳالهايو ته سڀ حمايت ڪندا، پر سائينءَ چيو ته اها مخدوم صاحبن جي سوچ آهي، جيڪي اسان کي ڪڏهن به مٽياري کي تعلقو نه ڪرڻ ڏيندا، پر اهو ڳالهائڻ منهنجو حق آهي، پر آئون حمايت پارٽيءَ وارن سان ڳالهائڻ کان پوءِ ئي حاصل ڪري ڳالهائيندس، تنهن ڪري آئون اڄ نه ڳالهائيندس، ان کان پوءِ اسان سائين ظفر علي شاهه سان ملياسون جنهن چيو ته آئون کيس سمجهايان ٿو، اسان ملڪ جي سڀني چونڊيل ميمبرن تائين پنهنجو ڪيس پهچائي چڪاسون، پر پنهنجي ميمبر جنهن جي حق ۾ سڄي ڳالهه هئي، تنهن کي آماده نه ڪري سگهياسون.
ان کان پوءِ وري هڪ دفعو مٽيارين ۾ اسان هڪ تقريب رکائي، جنهن ۾ اسان شهر جي مسئلن خاص ڪري امن و امان جي سلسلي ۾ سڀ مقامي سادات موجود هئاسون، ۽ نالي وارن چورن ۽ پاٿاريدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اي سي ۽ ڊي ايس پي کي چيوسين، جيڪي ان کلي ڪچهري ۾ جيڪا ٽائون ڪميٽي مٽياري ۾ اسان ۽ اي سي صاحب ڌڻي بخش ڪاڪا جي تعاون سان منعقد ڪئي ويئي هئي، جتي شهر ۾ ٿيندڙ بدامني جو جواب ڏيندي ڊي ايس پي ٻڌايو ته اسان انهن چورن ۽ پاٿاريدارن کي گرفتار ڪريون ٿا ته ڪنهن نه ڪنهن سادات جو فون اچيو وڃي، ان ڪري اسين انهن کي ڇڏيو ڏيون، جنهن سبب بدامني وڌي آهي، تنهن تي مون اٿي اعلان ڪيو ته تون انهن چورن جا نالا کڻ ۽ انهن جي لاءِ فون ڪري ڇڏائيندڙن جا به نالا کڻ، اڄ کان پوءِ هتي ويٺل اهي سڀ سادات پاڻ به لکي ڏيندا، ته انهن چورن سان اسان جو ڪوبه تعلق نه آهي، ۽ نه رهندو، کين گرفتار ڪيو ويو ته اسين پوليس ۽ انتظاميه سان تعاون ڪنداسون.
ان کان پوءِ سڀني پنهنجن پنهنجن واسطيدار چورن، پاٿاريدارن جا نالا پوليس وٽ لکرايا، جن ۾ گهڻي ڀاڳي انهن ساداتن جا نوڪر ئي هئا ۽ سڀني صحيحون ڏنيون، ان کان پوءِ پوليس شام تائين نوي عدد چور ۽ پاٿاريدار گرفتار ڪيا، ته سڄي شهر ۾ وٺ وٺان پئجي ويئي، ۽ سڀ سادات ۽ ميمڻ وفد جي صورت ۾ سائين امير علي شاهه وٽ ويا، جنهن هڪ هنگامي ميٽنگ سڏائي، ان فيصلي کي رد ڪرڻ لاءِ ٻئي ڏينهن مٽياري هائي اسڪول جي هال ۾ هڪ شهري گڏجاڻي سڏائي، جنهن ۾ سندس لاءِ جيڪا تقرير لکي ويئي هئي، ان ۾ به اسان جي دوستن جو ذهن شامل هو، جن شهر ۾ قتل ٿيندڙ مرحومه حاجياڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو به شامل ڪيو هو، جنهن کان پوءِ سائينءَ کي ڪا کڙڪ پئجي ويئي ۽ سائين امير علي شاهه اهو سپاسنامو اڳواٽ گهرائي پڙهي ۽ پوءِ ڦاڙارائي ٻيو سپاسنامو هٿ سان لکرايو، جڏهن اسان کي خبر پئي ته سائين سڀاڻي اچي اسان جي ڪيل ڪوششن کي ختم ڪرائيندو، ۽ سائينءَ جي نظر ۾ ته اها مخدوم هائوس جي پلاننگ آهي، ۽ منهنجي حلقي ۾ دست اندازي آهي، آئون ان رات جو وٽس هلي به ويس، سندس والد صاحب يعني چاچا انور شاهه ۽ آفتاب علي شاهه، علي گوهر شاهه موجود هئا، مون کيس ٻڌايو ته توهان سڀاڻي اسان واري ڪيل ڪوشش جو خاتمو ڪرڻ پيا اچو، ۽ تعلقي متعلق به اسان جي ڪيل ڪوششن تي پاڻي وجهڻ ٿا چاهيو، جيڪڏهن اوهان ائين ڪيو ته پوءِ اسان سڀ شهري ان وقت توهان جي ان تقريب جو بائيڪاٽ ڪنداسون، جنهن تي سائين چيو ته توهان اسان جا نوڪر چاڪر گرفتار ڪرايا آهن، ۽ اهو سڀ مخدوم هائوس جي چوڻ تي ٿي رهيو آهي. مون چيو ته انهن کي ته ڪا خبر به ڪانهي هي شهرين جون پنهنجون گهرجون ۽ مطالبا آهن، جيڪي اسان گڏجي حل ڪندا آهيون، ۽ توهان جي به تعاون جي آجيان پنهنجن پمفليٽس جي ذريعي ڪندا رهندا آهيون.
بحرحال ٻئي ڏينهن سائين آيو ۽ تقرير ڪئي، ان وقت قاضي سيف الدين اسان جو تيار ٿيل پمفليٽ هال ۾ ورهايو، ۽ سائين امير علي شاهه ڄاموٽ تقرير ۾ چيو ته ڪالهه منهنجو هڪڙو ڪاوڙيل ڀاءُ مون وٽ آيو، ۽ مونکي جيڪي ڪجهه چيائين، ان تي اسان جو هڪ دوست جيڪو ات ويٺل هو نالي انجنيئر اسلم ميمڻ جيڪو محمد رحيم ميمڻ جي خلاف گفتگو ٻڌي ناراض ٿيو، آئون ان کان معافي وٺي چڪس، هت آئون ان جو نالو نه وٺندس ته اهو ڪهڙو ڀاءُ هو...؟؟؟، سائينءَ وڌيڪ چيو ته اڳ مونکي تقرير ڪرڻ نه ايندي هئي، منهنجو دوست علي نواز شاهه جيڪو پڻ ان وقت تقريب ۾ ويٺل هو، جنهن جي نالي چيائين ته اهو هميشه چوندو آهي ته امير علي شاهه کي تقرير ڪرڻ ڪونه اچي، ۽ صرف حضرات پاڻيءَ جو گلاس چئي ويهي رهندو آهي، پر ان وقت امير علي شاهه ڪاوڙ ۾ اسٽيج تي ويٺل هيڊ ماسٽر غياث الدين قاضي کي چيو ته ڪاليج جي منظوريءَ وارو پنو مونکي ڏيکاريو، جڏهن قاضي صاحب اها گزيٽ جي ڪاپي کڻي سائينءَ وٽ مائيڪ تي آيو، ته سائين اها ڪاپي ان جي هٿ مان وٺي بي خياليءَ ۾ اسٽيج تان مون ڏي کڻي آيو، ۽ چوڻ لڳو ته توهان ٿا چئو ته مون ڪو ڪم نه ڪيو آهي، هي ڏسو مون ڪاليج منظور ڪرايو آهي، خاموشيءَ سان پڙهي وري کيس واپس ڏيندي وڃي سيٽ تي ويٺس، ته ڀر ۾ ويٺل شهاب الدين شاهه حسينيءَ طنزيه چيو ته ڪالهه تون هن کي چيڙائي آيو آهين، ۽ اڄ هو الائي ڇا ڇا پيو ڳالهائي.
ان کان پوءِ سائين ڪاوڙ ۾ تقرير ڪندي چيو ته اي سي ڪاڪا کي ڪهڙي جرئت آهي، جو هن اسان جا ماڻهو گرفتار ڪيا آهن، بحرحال ان وقت سائينءَ جا حمايتي منهنجا ڪارڪن به مونکان لئوائڻ لڳا، لائيٽ ريفريشمنٽ تي سندس ڀاءُ آفتاب علي شاهه مونکي چيو ته، معاف ڪجو، ادا کي اهو نه چوڻ گهرجي ها، تڏهن مون چيو ته جنهن ماڻهوءَ چيو ته مونکي تقرير ڪرڻ ڪانه ايندي آهي، تنهن کي اڄ منو ڪلاڪ تقرير ڪرڻ اچي ويئي، پر مون سندس رويي تي ڪابه ڪاوڙ نه ڪئي آهي، اهڙي طرح جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو صاحب مخدوم هائوس ۾ پهريون وڏو ميڙاڪو ڪوٺايو، جنهن ۾ مير رسول بخش سنڌ جي گورنر جي حيثيت ۾ شامل ٿيو، ان وقت سڄي پاڪستان جا قومي اسيمبليءَ جا ميمبر، سينيٽر ۽ صوبائي وزير ۽ ميمبر موجود هئا، جنهن وقت ڀٽو صاحب مخدوم هائوس ۾ داخل ٿيو ۽ ماڻهن سان هٿ ڏيندي جنهن وقت اسان جي قريب آيو، ته مون تعلقي جي درخواست اڳيان ڪئي، پاڻ پڇيائين، مون ٻڌايو ته مٽياري کي تعلقو بنائڻ جي مڪمل فزيبلٽي بمع درخواست آهي، پاڻ ان وقت بلو مس واري پين سان لکيائين “اپرووڊ” ۽ پوءِ اها درخواست پنهنجي اي ڊي سي کي ڏيئي ڇڏيائين، ان کان پوءِ اسان ڪجهه ڏينهن انتظار ڪيو، انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو هوم سيڪريٽري محمد خان جوڻيجو (بدين وارو) هوندو هو، جيڪو علڻ خان جو دوست به هو، اسان ان وٽ وياسون ۽ کيس ٻڌايوسون ته ڀٽي صاحب اسان جي تعلقي جي درخواست اپرووڊ ڪئي هئي، جنهن تي هن طنزيه مسڪرايو ۽ اها درخواست گهرائي، ۽ اسان کي ڏيکاري ته ان اپرووڊ جي ڀر ۾ ڀٽي صاحب ڳاڙهي پين سان لکيو ته (It will not Aproved up to the interest of Makhdoom Talib-ul-Mola) اها مخدوم طالب الموليٰ جي راضپي تائين نه اپرووڊ ڪئي وڃي. اسان جي اداسي ڏسي هن دلداري ڏيندي چيو ته توهان شينهن کي ٿا چئو ته اسان کي ٻيلو ورهائي ڏي، پر ان جي لاءِ توهان کي ان ٻيلي ۾ هڪڙو ٻيو شينهن پيدا ڪرڻو پوندو، اسان سوچن ۾ مايوسي کڻي هليا آياسين، پر سماج سيوڪ جدوجهد تيز ڪري، تعلقي جا مطالبا هر تنظيم جي طرفان ڪرائڻ لڳاسون.
ان کان پوءِ ايترو ٿيو جو مٽياري جي لاءِ منظور ٿيل سول ڪورٽ جي بلڊنگ مٽياري ۾ منتقل ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسون، پر جيستائين پيپلز پارٽيءَ جو دور هو تيستائين اسان تعلقو ڪرائي نه پي سگهياسين. ڀٽي صاحب جي شهادت کان پوءِ جڏهن ضياءُ الحق جي حڪومت هئي، ڄاموٽ صاحب شهزادي شاهه جي معرفت مون وٽ پاڻ هلي آيو ۽ مون تي ان لاءِ هٿ رکيائين جو کيس خبر هئي، ته سڄي شهر جي غريب عوام ۽ سجاڳ ذهن تعليم يافته طبقو اسان سان گڏ آهي، ان ڪري کيس وري فنڪشنل ليگ لاءِ ڪم ڪرڻو هو، سو هن اسان جي ضرورت محسوس ڪندي اسان تي هٿ رکيو، ۽ پوءِ مون تعلقي جي سموري صورتحال سندس سامهون رکي، ۽ اهو ٻڌايو جيڪڏهن هن ٻيلي جا شينهن ٿيڻ پسند ڪريو، ۽ تعلقي حاصل ڪرڻ ۾ ساٿ ڏيو ته اسان سڀ سماج سيوڪ توهان سان گڏ هونداسون، ۽ ان کان پوءِ جيئن ته سائين کي شگرمل قائم ڪرڻ لاءِ جيڪي قانوني تقاضائون پوريون ڪيون، انهن ۾ به سائينءَ سان وک وک تي آئون گڏ هوس، پر سندن ئي دور حڪومت ۾ جڏهن وزيراعظم محمد خان جوڻيجو ٿيو ته، مٽياري شگرمل جا فنڊ رڪجي ويا، جن لاءِ ڄاموٽ صاحب ڪافي جدوجهد ڪئي پر حاصل نه ٿي سگهيا، ان وچ ۾ اسان ساڻس گڏجي علائقي جي تمام گهڻن مسئلن ۾ سندس ساٿ حاصل ڪيو، پاڻ تعليم ۾ گهڻي دلچسپي رکندا هئا، ۽ اڪثر ان سلسلي ۾ بيروزگاري ختم ڪرڻ تي به منهنجو ڀرپور ساٿ ڏيئي مسڪينن کي نوڪريون وٺارائي ڏيندا هئا.
بينظير جو دور آيو ان دور جي به خاتمي ٿيڻ وقت وري شهزادي شاهه مرحوم جو فرزند ظهير علي شاهه مرحوم (سيڪريٽري ايڪسائيز) جيڪو ڄاموٽ صاحب جو قريب ترين هو، ان جي تعاون سان آصف زرداري ۽ بينظير صاحبه جيڪي پڻ ظهير شاهه سان ويجهڙائپ رکندا هئا، انهن جي هڪ مسئلي کي پير پاڳاري جي حلقي مان حل ڪرائي ڏيڻ ۾ ڄاموٽ صاحب کان ظهير شاهه تعاون حاصل ڪري، آصف زرداري جي حق ۾ فيصلا ڪرائي ڏنا، ته هڪ هفتي اندر مٽياري شگر مل جا فنڊ ريليز ٿي ويا ۽ ان کان پوءِ ابتدائي طور ڄاموٽ صاحب ۽ مون گڏجي علائقي جي بيروزگارن کي مل ۾ نوڪريون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو، اهڙي طرح مونکي به ٽي پي ٽي جو ڪانٽريڪٽ مليو، ۽ زميندارن کي ٽراليون ٺاهي ڏيڻ ۽ ڀاڻ دوائون ڏيڻ لاءِ مون “مٽياري ٽريڊرس” جي نالي هڪ دڪان کوليو جتان زميندارن کي ٽالهيون ٺاهي ڏيڻ کان علاوه ڀاڻ وغيره به ڏيندو هوس، پر ان وقت مل ۾ ٻه عدد ڪردار اڪبر پنجابي ڪين منيجر، ۽ مسعود چوڌري ايم ڊي هوندو هو، جن جي ڪوشش سان مٽياري شگر مل ۾ پنجابي انتظاميه گهڻي شامل ٿي ويئي، ۽ سائين جي لاءِ ڪافي مشڪلاتون ۽ روز مسئلا هوندا هئا.
هڪ دفعو جڏهن شفقت علي شاهه صوبائي وزير اطلاعات هو ته مل انتظاميه ۾ ليبر هڙتال ڪري انتظاميه کي يرغمال بنائي، مل تي قبضو ڪري ڇڏيو، ان وقت آئون ۽ سائين عالم شاهه گڏجي ڄاموٽ صاحب وٽ وياسون، رات جو وقت هو، سائين عالم شاهه ان وقت پاڪستان قومي اتحاد جو جنرل سيڪريٽري پڻ هو، جنهن ۾ سڀ سياسي جماعتون جنرل ضياءُ الحق جي خلاف جدوجهد ڪري رهيون هيون، ۽ پليجي صاحب جي بدران نمائندگي سائين عالم شاهه ڪندو هو، جنهن کي سڀ ماڻهو عزت ڏيندا هئا، ان وقت سائين ڄاموٽ صاحب وٽ جيڏي مهل اسان رات جو ويٺاسون ته ان مل جو قبضو ڇڏائڻ لاءِ جيڪا پريشاني دور ڪرڻ جي ڪوشش پي ڪئي، ان ۾ زرار خان ڊي ايس پي چاهيو ته زبردستي اندر داخل ٿي قبضو ڪندڙن تي ڪنٽرول ڪجي، پر ڄاموٽ صاحب ائين ڪرڻ کان منع ڪئي، ۽ مشهور ٺيڪيدار دائود خان پٺاڻ کي گهرائي، ساڻس ڳالهائي کيس سائين منٿ ڪندو رهيو، جنهن چيو ته آئون سڀاڻي لاهور ويندس ۽ جيڪي قبضو ڪريو ويٺا آهن، انهن جي چڱي مڙس کي وٺي ايندس ۽ پوءِ قبضو خالي ڪرائينداسين.
ان کان پوءِ آئون ۽ سائين عالم شاهه جان جي بازي لڳائي، رات جو ڏهين بجي قبضي ڪندڙن وٽ مل ۾ پهتاسون، جن ۾ سنڌي مزدور پير صاحب جا مريد ۽ جماعت جا مزدور به، ڄاموٽ صاحب جا پنهنجا خاص گهرو نوڪر ۽ مزدور سڀ مزدور ليڊرن وٽ يرغمال ٿيو ويٺا هئا، جنهن وقت يرغمال ڪندڙ ليڊر اسان سان ڳالهائي مطالبا پيش ڪري رهيا هئا، ته ان وقت مل جي اندر ڀت کان ڌماڪو ٿيو، جنهن تي سڀ ڇرڪي اوڏانهن ڀڳا ۽ هٿياربندن هٿيار کنيا، ڇو ته اسان سڀني سمجهيو ته ڄاموٽ صاحب پنهنجي همراهن جي هٿان مل جو قبضو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو حملو ڪرايو آهي، اسان به جلدي نڪري آياسون، ۽ سائين عالم شاهه ۽ آئون رات جو اڍائي بجي نيازي ٽرانسپورٽر جي مالڪ عصمت الله نياز وٽ حيدرآباد چينل جي ڀر ۾ سندس گڊز ٽرانسپورٽ جي اڏي تي پهتاسون، سائين عالم شاهه جي هن بي حد عزت ڪئي، ۽ اسان کي اها پريس ڪانفرنس ڇپيل ڏيکاري، جيڪا صبح جو هنن کي ڪرڻ هئي، ان وچ ۾ ليبرس وٽ شگرمل وارن ڊپٽي ڪمشنر جي معرفت ڏيتي ليتي ڪري قبضو ڇڏائڻ جو معاهدو ڪيو، ۽ اهو قومپرست ليڊر ان معاهدي جو ٽياڪڙ ٿيو، جيڪو اسان صبح جو جڏهن نيازي صاحب جي ڏنل واعدي مطابق شگرمل پهتاسون ته قبضو خالي ڪرائي چڪو هو، ۽ اهو مزدور ليڊر اتان وڃي رهيو هو، ۽ اسان کي چيائين ته اسان کي رات ئي حڪم ٿيو ته سائين يار محمد شاهه ۽ سائين عالم شاهه اچن پيا، انهن کي عزت ڏبي، هو توهان جا مطالبا پورا ڪرائي ڏيندا، ۽ توهان مل جو قبضو ڇڏي ڏجو، پر اها ڳالهه اسان کان لڪائي ويئي ته ڪيس جي صورت ۾ قبضي وارن کي گهڻو ڏنو ويو، ڪن ٻڌايو ته ويهه لک روپيا تنظيم کي ڏنا ويا معرفت انتظاميه جي.
آئون جڏهن صبح مهل سائين ڄاموٽ صاحب وٽ پهتس، ته ان وقت ڪافي آفيسر ۽ علائقي جا زميندار موجود هئا، مل جو قبضو خالي ٿي چڪو هو، پر اهو نالي وارو قومپرست اڳواڻ جيڪو ڊي سي صاحب جي طرفان قبضي ڇڏڻ جي طي ٿيل رقم وٺڻ لاءِ ويٺو هو، اهو اٿي مون سان مليو ۽ ڀاڪر پائڻ وقت ڪن ۾ چيائين ته اسان توهان جي حڪم تي ئي رات قبضي مان هٿ ڪڍيا، ۽ نيازي صاحب به فون ڪري ڇڏيو هو، پر مل وارن جيڪي ڏيڻو ڪيو آهي سو وٺڻ آيو آهيان، تڏهن مونکي ڏک ٿيو ته سڀ ڪجهه اسان جي صلاح کان سواءِ ڪيو پيو وڃي، مون جڏهن ڄاموٽ صاحب سان ڀاڪر پاتو ته مونکي آهستي چيائين ته “وري... ان جي ڪن ۾ ڇا پئي چيئي...؟؟؟ ۽ ڇا پئي سيکارئيس...؟؟؟” مل کي خون پسينو ڏيئي چالو ڪرائڻ تائين پهريون ٽرانسپورٽر ۽ پهريون زميندار اڄ به ريڪارڊ تي آئون هوندس، پر ان وقت ڄاموٽ صاحب جي جملي کان پوءِ اهڙي دل ٽٽي جو وري مل جي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ ڇڏي ڏني.
ان وچ ۾ وري جڏهن طالب الموليٰ سائين وارن جو دور عروج تي آيو ته مونکي سندن قربت ۾ ڪافي ويجهڙائپ نصيب ٿي، ۽ پوءِ سندن تعاون سان مون مٽياري جي خدمت ڪئي، پر جيڪا ڳالهه ڄاموٽ صاحب بابت آئون مٿي ڄاڻائي آيو آهيان، جيڪو ڀٽي صاحب ناراضپو ڏيکاري طالب الموليٰ سائين کي محمد علي سوسائٽي واري بنگلي ۾ فورس جي ڪنٽرول ۾ رکي ڇڏيو هو، جتي ڄاموٽ صاحب پير پاڳاري جي چوڻ تي مون کي وٺي هليو، ۽ سندس مقصد پاڳاري جي حڪم تي ناراض طالب الموليٰ کي مسلم ليگ فنڪشنل ۾ شامل ڪرڻو هو، ان وقت اسان جي گهر ۾ ممتاز ڀٽي جي نياڻي جي شادي امير علي شاهه جي ننڍي ڀاءُ غلام قادر شاهه سان ٿي رهي هئي، ۽ ڄاموٽ صاحب مونکي ان ٽيليفون تان مخدوم صاحبن سان ڳالهارايو، جيڪو ٽيليفون ڊائريڪٽريءَ ۾ نه هوندو آهي، پاڻ بظاهر مخدوم صاحب جي طبعيت پڇڻ لاءِ هليا پئي ۽ مونکي نمبر ملائي ڪن تي فون رکي ٽائيم وٺڻ لاءِ چيائون، ٻئي طرف مخدوم شفيق الزمان مرحوم جيڪو منهنجو پيارو دوست هو، اهو ئي موجود هو کيس ٻڌايم ته ڄاموٽ صاحب مخدوم صاحبن جي طبعيت پڇڻ لاءِ اچڻ ٿو چاهي، ٽائيم ڏيو، شفيق الزمان مون کان ڪجهه ٽائيم ورتو ۽ ڄاموٽ صاحب مونکي فون جي ڀر ۾ ويهاري مٽياري ۾ غلام قادر شاهه جي شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هليو ويو، جتي سڄي حڪومت لٿل هئي. مونکي شفيق الزمان ٻئي ڏينهن شام جو پنجين بجي اچڻ لاءِ چيو، مون اچي ڄاموٽ صاحب کي شاديءَ ۾ خلاصو ڪري ملاقات جو ٽائيم ٻڌايو ۽ ٻئي ڏينهن آئون ۽ ڄاموٽ صاحب مخدوم صاحب سان ملڻ لاءِ محمد علي سوسائٽي واري بنگلي تي پهتاسون ۽ ڄاموٽ صاحب مونکان پڇيو ته ڪيئن ڳالهائجي ۽ هو ڇا چوندو....؟؟؟ مون چيو ته توهان جيڪي ڪجهه چوندا ان جو جواب هو هيئن ڏيندو ته “الله مالڪ آهي، وقت ايندو ته پري نه هونداسون.” سائينءَ حيران ٿيندي پڇيو ته ڇا مطلب...؟؟؟، مون وراڻيو مطلب ته ها.... ۽... لا..... ۽ پوءِ جڏهن اسان مخدوم هائوس پهتاسون ته ات موجود نوڪر گلو جي معرفت سائين جن وٽ حاضر خدمت ٿياسون، چانهه ٺهي آئي، پيئڻ جي دوران ٻئي وڏا ماڻهو صرف مون تي طنز ڪري رهيا هئا ته پئسا گڏ ڪيا اٿس، دعوت نٿو ڪري وغيره وغيره، تڏهن مون محسوس ڪيو ته منهنجو هاڻ ويهڻ مناسب نه آهي، ٻنهي کي خلاصو ڇڏجي، مون گذارش ڪئي ته قبلا مون کي ڪجهه فون ڪرڻا آهن، اجازت هجي ته آئون هيٺ فون ڪريان، ائين چئي آئون هليو آيس ۽ گلو سان ڪجهه دير تائين ڪچهري ڪيم ته ڄاموٽ صاحب کي مرڪندي ايندو ڏٺم، هن چيو ته هلون، مون چيو ته توهان بيهو ته آئون سائين کان اجازت وٺي اچان ٿو، آئون جيئن مخدوم صاحب جي در تي پهتس ته پاڻ خوشيءَ ۽ مدهوشيءَ جي عالم ۾ اهڙي سر ۾ ڳائي ۽ شاعري ٺاهي پني تي لکي رهيا هئا، جو منهنجي بيهڻ جي وجود جو احساس به کين نه ٿيو، پر آئون احترامن خاموش بيٺو رهيس، جڏهن پاڻ شعر مڪمل ڪيائون، تڏهن مونکي ويجهو سڏي ڀاڪر پاتائون، ان کان پوءِ ائون کائن موڪلائي، ڄاموٽ صاحب سان گاڏيءَ ۾ روانو ٿيس، ڄاموٽ صاحب ٽهڪ ڏيئي چيو ته جيڪي تو جملا چيا، مخدوم صاحب بالڪل اهي ئي جملا چيا، ته وقت ايندو ته هڪٻئي کان پري نه هونداسون، ان جو مطلب ڇا ٿيو...؟؟؟، مون چيو ته ان جو مطلب ته آئون توهان کي ٻڌائي چڪو آهيان ته ها.... ۽ .... لا.... معني اقرار به آهي ته انڪار به آهي، تنهنجي رمز سهڻا مان سمجهان.
ڄاموٽ صاحب مغرب جي ٽائيم تي ريس ڪورس ۾، پير صاحب پاڳاري جي اسطبل وٽ، گاڏي بيهاري مونکي اندر وٺي وڃڻ لڳو ته ان وقت پير صاحب جو گرجدار آواز منهنجي ڪن تي پيو، زلفي اهو ڪير آهي تون سان گڏ...؟؟؟ آئون گهبرائجي بيهڻ لڳس، ڄاموٽ صاحب منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجهي وٺي ويندي چيو ته منهنجو مائٽ آهي، ويجهو اچي پير صاحب کي پيرين پوڻ لڳس ته پاڻ منهنجي ڇاتيءَ تي هٿ هڻي، مونکي پري ڪيائون ۽ چيائون تون مائٽ آهين، پيرين نه پوندو ڪر، ڀاڪر پائيندو ڪر.
ان وقت سندن پيجارو ٽائيپ گاڏي جي بانٽ تي هڪ ٽري رکيل هئي، جنهن ۾ ٿرماس ۽ ڪافيءَ جا مگ، هڪ انگريز ليڊي ۽ هڪ انگريز مرد پڻ بيٺا هئا، پير صاحب ڄاموٽ صاحب کي پاسي تي وٺي وڃي ڳالهائڻ لڳو، ۽ پير صاحب پريان منهنجو جائزو وٺندو رهيو. ان وقت مون محسوس ڪيو ته ذڪر منهنجو پيو هلي، پير صاحب ويجهو آيو، ۽ آئون موڪلائڻ لڳس ته مون هٿ ٻڌي چيو ته قبلا سائين اجازت...، ته پاڻ وري منهنجون ٻانهون پڪڙي چيائون ته تنهنجا قبلا هالن ۾ آهن، آئون تنهنجو مائٽ آهيان، مونکي مائٽ چئو، مون هر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر اهو لفظ پير صاحب جي سامهون مونکان ادا نه ٿي سگهيو، ۽ آئون بار بار قبلا چوندو رهيس.
ان کان پوءِ پير صاحب پاڳاري سان هر ڇنڇر تي ڪنگري هائوس ۾ يارنهين بجي کان هڪ بجي تائين ڪچهري ٿيندي هئي، پر خاص طور جيئن ته اسان ٻنهي جو ستارو هڪڙو ئي آهي يعني “عقرب”، يعني آئون به 22 نومبر تي ڄائو هوس، ۽ پير صاحب به ساڳي تاريخ تي جنم ورتو هو.
هڪ دفعي خان محمد جيڪو سندن حاضريءَ ۾ هو ۽ سنڌ ۾ ڄام صادق عليءَ وٽ صوبائي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ڪنهن محڪمي ۾ به هو، اتفاق سان مون ڪا درخواست ڏني ان تي منهنجي دستخط کڻي اچي پير صاحب کي ڏيکاريائين ته سائين هيءَ دستخط ڏسو، سائين کلي پيو ۽ چيائين ته منهنجي ۽ هن جي ڄم جي تاريخ به ته ساڳي آهي، پر نالو منهنجو شاهه مردان شاهه آهي، ۽ آئون به ايس گولائيءَ سان ڪڍي پوءِ ايم شاهه لکندو آهيان، ۽ هن جي به صحيح ذري گهٽ مون سان ملي ٿي، مون ان ڏينهن پنهنجي دستخظ جي ايس مٽائي ڇڏي ۽ اڄ تائين آئون اها استعمال ڪندو آهيان.
پيپلز پارٽي سينيٽ جي چونڊن لاءِ هٿ پير هڻي رهي هئي، ٽيڪنو ڪريٽ واري سيٽ لاءِ مون پنهنجي خواهش ڪئي جيڪا مون ڪجهه صحافي ۽ ڪجهه بينطير صاحبه جي ويجهن جي معرفت خواهش ڪئي، مونکي جواب مليو ته اسان وٽ ووٽ نَوَ آهن ۽ پنڌرنهن ووٽن تي سينيٽر ٿيندو، ڇهه ووٽ پير صاحب پاڳاري کان وٺو ته توهان کي سينيٽري ڏيون، مون جڏهن پير صاحب سان ان خواهش جو اظهار ڪيو ته پاڻ لفظ هڪڙو ڳالهايائون، چيائون ته ٺيڪ آهي، آيا توکي...، وڃي تون ڳالهائين، جڏهن مون انهن وسيلن کي استعمال ڪيو، جنهن ۾ منهنجا پنهنجا سينئر دوست ۽ عزيز شامل هئا، انهن ان وقت يار محمد شاهه جي بدران رسول بخش پليجي صاحب جو نالو ڏنو، جنهن جي لاءِ ڀٽو صاحب بينظير صاحبه کي وصيت ڪري ويو هو، ته جڏهن به مشڪل ۾ اچين ته مشورو ۽ مدد رسول بخش پليجي کان وٺي سگهين ٿي، پر هو ڪڏهن به تون سان ڪونه گڏبو، دوستن وري به منهنجو نالو ڪٽي هن جو نالو ڏنو ۽ مونکان انهن دوستن پڇيو ته بينظير صاحبه چوي ٿي ته پير صاحب پاڳارو انهن ووٽن ڏيڻ جي عيوض اسان کان ڇا وٺندو...؟؟؟، تڏهن منهنجي ضمير گوارا نه ڪيو ته آئون ان ماڻهوءَ کان وڃي اهو سوال ڪريان، جنهن ماڻهوءَ منهنجي هڪ جملي تي بنا معاوضي جي چيو ته اهي ووٽ آيا توکي. بحرحال اهو سنگت جو فيصلو هو ته يار محمد شاهه جي بدران رسول بخش پليجي جي لاءِ راهه هموار ڪري ايوان ۾ آڻجي، پر هنن اهو ڪونه سوچيو ته رسول بخش پليجو پ پ ۽ پاڳاري جي ووٽن تي سينيٽ ۾ آيو ته پوءِ هو نظرياتي طرح ڪنهن جي حمايت ڪندو...؟؟؟، مجبورا اها سيٽ حسين شاهه راشدي جي نصيب ۾ آئي، ۽ پير سائين بادشاهه جي ۽ منهنجي وچ ۾ جيڪا به خلاصي ڪچهري ٿيندي هئي، ان ۾ هر موضوع سان گڏ ڄاموٽ ذوالفقار جي ڪردار تي به ڳالهايو ويندو هو، سائينءَ مرحوم کي اهو ارمان هو ته مون ڄاموٽ کي سنڌ ۾ فنڪشنل ليگ جو صدر مقرر ڪيو آهي، پر اڄ تائين هو پنهنجي شهر مٽياري ۾ به آفيس نه کولي سگهيو آهي، اهڙي طرح ڪجهه ڏک ڄاموٽ صاحب وٽ به هوندا هئا، جو کيس محمد خان کان اڳ وزيراعظم جو آسرو هو، ان کان پوءِ شگرمل جا فنڊ روڪرايا ويا، جيڪي بينظير جي دور ۾ معرفت ظهير علي شاهه رليز ڪرايا ويا هئا، ۽ اڄ تائين جماعت وارا چوندا رهيا ته ڄاموٽ صاحب کي اها مل پير پاڳاري جي ڪري نصيب ٿي آهي، ان ڪري ان ۾ جماعت جو حصو آهي، ۽ ٻين وانگر درگاهه تي حصو ڏيڻ گهرجيس، جڏهن ته ڄاموٽ صاحب ۽ سندن ستن ميمبرن وٽ اهو احساس هو ته اها منظور به ڄاموٽ ڪرائي، ۽ ان جا فنڊ به بينظير دور ۾ ڄاموٽ جي ڪري رليز ٿيا، پر جماعتي اڄ ڏينهن تائين مهڻان ڏيندا رهيا آهن ته ان مل جو حصو درگاهه کي يا پير سائين کي نٿو ڏنو وڃي.
قصو مختصر هيئن ٿا ڪريون ته مون سان ٿيل ڪچهرين مان، پير سائين پاڳاري ڄاموٽ صاحب کي صرف منهنجي سينيٽري واري ڳالهه ٻڌائي آهي، ۽ ميار ڏني هئي ته يار محمد شاهه وري نه آيو آهي. ڄاموٽ صاحب اها ميار هڪ عزيز جي فوتگيءَ تي مونکي ڏيندي پڇيو ته ڪڏهن ٿا سينيٽر ٿيو....؟؟؟، مون چيو سائين اسان جي حيثيت ئي نه آهي، اسين توهان جا خادم ۽ غريب مائٽ ئي ڀلا آهيون، پر ڄاموٽ نه ٿينداسون، ڇو ته ڄاموٽ تون اڪيلو آهين، جڏهن ته تنهنجي خاندان ۾ سڀ ڄاموٽ آهن، پر آئون خالص موسيٰ سادات آهيان، ۽ اسان جو پڳدار تون اڪيلو آهين.
اهو قصو بعد جو آهي جيڪو پير سائينءَ سان وري ڪجهه ملاقاتون ٿيون پر اسان جيئن ته ضلعي سانگهڙ ۾ وريام فقير سان گڏ اڄ به زميندار آهيون، ۽ پير سائين بادشاهه جي خليفن سان نيهن نڀائيندا اچون ۽ پٽڙن کي سنجهوري واري زمين ڏني اٿئون، جيڪي پڻ وريام فقير ۽ سندس پٽن سان نڀائيندا اچن.
ٻئي طرف پنهنجي مخدوم صاحب سان گفتگو هلي پئي، ان کان پوءِ مخدوم صاحب فرمايو ته ڀٽو صاحب جيڪو سائين خليق الزمان جي دعوت تان ۽ ڪمري ۾ هلي اچڻ تان ناراض ٿيو، ۽ قانوني طريقو اختيار ڪري گهر تي ايف سي ايف وارا بيهاري ڇڏيا هئا، تنهن جي باري ۾ پاڻ مخدوم صاحبن مونکي عيد جي ڏينهن، جڏهن آئون سڀني باقر پوٽن ساداتن سان گڏجي عيد ملڻ ويس، ته سائين سڀني جي سامهون مونکي چئي ڏنو، يار محمد شاهه...! ڀٽي صاحب کي سڀ خبر پئجي ٿي وڃي، توهان به ڪڏهن ڄاموٽ صاحب سان ته ڪڏهن اسان سان، بحرحال ان رات جنهن وقت تون ۽ ڄاموٽ صاحب واپس ويا، ته ان وقت وزيراعليٰ سنڌ جتوئي صاحب مونکي فون ڪيو ته توهان کي ڀٽي صاحب فورا اسلام آباد سڏايو آهي، ۽ آئون توهان سان گڏ پيو هلان، توهان مهرباني ڪري تيار ٿيو، اسان ٻئي جڏهن جهاز ۾ چڙهي اسلام آباد ڀٽي صاحب وٽ آئون ۽ جتوئي صاحب اسلام آباد پهتاسون ته در کلڻ شرط ڀٽي صاحب اٿي بيهي مخدوم صاحب کي جملو چيو ته اهو يار محمد شاهه ڪير هو...؟؟؟ جيڪو ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ کي توهان وٽ (مخدوم صاحب) وٽ وٺي آيو هو...؟؟؟ تنهن تي مون چيومانس ته اهو منهنجو اولاد وانگر آهي، جهڙو منهنجو پٽ رفيق الزمان آهي، تهڙو ئي يار محمد شاهه آهي، باقي طبعيت پڇڻ سڄي دنيا پي آئي، ڄاموٽ ۽ يار محمد شاهه ان سلسلي ۾ گڏجي آيا هئا، هن مونکي خوف ڏياريندي چيو ته ميان يار محمد شاهه...! ڪابه ڳالهه ڀٽي صاحب کان لڪي نٿي سگهي...، تڏهن مون به جرئت ڪندي چيو ته قبلا سائين... آئون ڄاموٽ صاحب کي توهان جي ئي بنگلي تي توهان وٽ وٺي آيو هوس، نه ڪي توهان جي ڪنهن فرزند کي سندس در وٺي ويو هوس، اهو ڀٽو صاحب جنهن توهان سان اسلام آباد ۾ جڏهن توهان خليق سائين جي شاديءَ جي دعوت ڏيڻ پاڻ ويا ته ڀٽي صاحب ملڻ کان لنوايو ۽ خليق سائين جي شاديءَ ۾ نه آيو، منهنجي ان عمل سان ڀٽي صاحب رد عمل ۾ امين فهيم سائين سان ملاقات ڪري، توهان کي راضي ڪيو ۽ کين وزير مملڪت بنايو، خليق الزمان کي پيپلز پارٽي سنڌ جو نائب صدر بڻايو، ۽ توهان وٽ خصوصي طرح خليق سائين جي شاديءَ جي مبارڪ ڏيڻ لاءِ هالا هلي آيو، جنهن لاءِ وري توهان خصوصي دعوت جو اهتمام ڪيو، جنهن ۾ پڻ آئون توهان سان گڏ هوس، منهنجي ان عمل سان توهان جي خاندان کي ڪو نقصان نه پهتو، ۽ اڄ تائين مون توهان کان پنهنجين قربانين ۽ وفائن جي بدلي ۾ جيڪي ڪجهه ورتو، يا حاصل ڪيو آهي اهو اوهان کي ۽ رفيق سائين کي معلوم آهي. جنهن تي پاڻ سمجهيائون ته آئون ناراض ٿيو آهيان، ان وقت مونکي سڏ ڪري، ويجهو ويهاري، ڀاڪر پائي چيائون، تون ناراض ٿيو آهين...؟؟؟، تون اسان کي رفيق الزمان جهڙو آهين، ان ڪري جيڪو مون محسوس ڪيو، اهو توکي ٻڌايم.
ان کان پوءِ مون عملي سياست ڇڏي ته سماجيت به پنهنجي چند دوستن تائين محدود رکي، نالي ماتر اڄ به “مٽياري ويلفيئر آرگنائيزيشن” جي ساٿين سان گڏ علائقي جي هر ڪم ۾ هٿ ونڊائيندا رهندا آيا آهيون ۽ رهنداسين، دعا ڪريو ته ضلع جا سڀ بند اسڪول کولرايو جو اسان جي ضلعي جي تعليم بالڪل تباهه ٿي ويئي آهي، تازو ڀٽ شاهه ۾ ان سلسلي جو سيمينار به ڪوٺايو ويو.
بطور ڪالمسٽ، اسڪرپٽ رائيٽر، ڊرامه رائيٽر ۽ ناول نگار:
ابتدائي دور 1963 ۾ “نگار” اخبار ۾ آئون فلمي خبرون پڙهندو به هوس، ۽ ڪڏهن ڪڏهن خط به لکي ڇڏيندو هوس، جيڪو هو شايع ڪندا هئا ته مونکي خوشي ٿيندي هئي. هندستان جو فلمي شاعر شڪيل بدايوني جڏهن انتقال ڪري ويو ته پوءِ مون هڪ خط به عنوان “لتا اب تو آجا، دارالبقا سي شڪيل بدايوني ڪا خط” ان ۾ مون لتا جي ڳايل سڀني گانن جا ذڪر ڪندي شڪيل بدايوني طرفان کيس ميار ڏيندي چيو هو ته، جنهن ههڙا درديلا ۽ سهڻين ڌنن وارا يادگار گانا ڳايا، اها لتا وري ڪيئن ٿي جديد دور جي آزاد شاعري، يا اگهاڙي شاعري جا گانا ڳائي...؟؟؟، ان خط فلمي حلقن ۾ منهنجي پذيرائي ڪئي، ان کان علاوه لاهور مان ماهوار فلمي رسالا “مصور”، “منصور” ۽ “شمع لاهور” انهن ۾ به فلمي خبرون لکندو هوس، ڪالم به لکندو هوس پر سنڌي صحافت ۾، ابتدا ۾ مرحوم شيخ علي محمد جي صحبت ۾ جڏهن سياسي سوجهه بوجهه ۾ بلوغت محسوس ڪئي، ۽ هر موضوع تي ڳالهائي سگهڻ جي سگهه سمجهيم ۽ علڻ خان ۽ شيخ علي محمد جي معرفت مرحوم مير رسول بخش ٽالپر سان به قربت ٿي ۽ سياسي سمجهه وڌي ته پوءِ “آفتاب” اخبار ۾ هفتيوار ڪالم “تنهنجو منهنجون ڳالهيون” جي عنوان سان معاشري جي مسئلن جي اپٽار ڪندو هوس، ان کان پوءِ “هلال پاڪستان” ۾ جي اين مغل صاحب جي تعاون سان پڻ آرٽيڪل ڇپبا هئا، ان کان پوءِ يوسف شاهين صاحب جي اخبار “برسات” ۾ باقاعده ڪالم لکندو هوس، جنهن ۾ دليپ ڪمار جي ڪراچي ريڊ ڪراس يعني فاطميد وارن جي طرفان فنڊز گڏ ڪرڻ لاءِ اچڻ تي هڪ ملاقات عبدالڪريم بلوچ جي معرفت ڪراچي ٽي وي سينٽر تي ٿي، جنهن ۾ بلوچ صاحب کيس ٻڌايو ته هيءُ وڏيرو به آهي، فلمساز به آهي، اداڪار به آهي ۽ اندرون سنڌ مان توهان سان ملڻ آيو آهي، تنهن تي دليپ ڪمار وڏي گرمجوشيءَ سان ڀاڪر پائي چيو ته “سنڌي ماڻهو ڍاڍو تڪڙو ماڻهو، خوشحال ماڻهو” تڏهن مون کلي وراڻيو ته اهي خوشحال سڀ پارٽيشن ۾ هندستان لڏي ويا، اسان سڀ مولائي ماڻهو هتي رهجي ويا آهيون، وري ٻئي ڏينهن هوٽل “انٽرڪانٽينيٽڪل” ۾ بلوچ صاحب قربان جيلانيءَ جي قيادت ۾، اسان سنڌي فنڪارن جو وفد وٺي ملاقات ڪرائي، جنهن ۾ محمود صديقي، فريد نواز بلوچ، عبدالڪريم بلوچ، هارون رند، شهباز دراني، منظور مراد، شهزادي، سڪينه سمون، گلاب چانڊيو، نواب مهدي، عدنان جيلاني شامل هئا، دليپ صاحب جي ڊائريڪشن ۾ فوٽو سيشن ٿيو، جنهن ۾ هن سڀني کي ترتيب سان ويهاري، ليڊيز ۽ پاڻ بلوچ صاحب سان صوفا تي ويهاريائين، ٻين کي صوفا جي پٺيان بيهاريائين، ۽ ڪجهه اڳيان پٽ تي به ويٺا، فوٽو گرافر کي بيهاري پاڻ اسان سڀني جي منهن ۾ نهاري چيائين ته هاڻ توهان سڀ رليڪس ٿي وڃو، فطري انداز سان مرڪو، مصنوعي مرڪڻ ڇڏي ڏيو ۽ رليڪس ٿيو، دليپ صاحب اهو سبق سيکاريو جيڪو اڄ تائين اسان ٻين کي به سيکاريندا اچو، بحرحال ڪچهري دوران جڏهن دليپ صاحب کي محمود صديقيءَ چيو ته اسان ۽ يار محمد شاهه سنڌي فلم “علي گوهر” ٺاهي رهيا آهيون، توهان اسان جي فلم ۾ مهمان اداڪار طور شموليت ڪري، اسان جي همت افزائي ڪريو، جنهن تي پاڻ ورايائين ته منهنجي ملڪ ۾ خبر نه آهي، ته ڪيترين ٻولين ۾ فلمون ٺهن ٿيون، جيڪڏهن آئون مدد ڪريان ته انهن جي ڪريان، باقي ڪو خير جو فلاحي ڪم هجي، ته اسان حاضر آهيون. ان وقت ئي مون کيس ياد ڏياريو ته توهان اسان جي سنڌ جي ليڊر محترم رسول بخش پليجو صاحب کي هڪ ملاقات ۾ چيو هو ته جيڪڏهن ٿر ۾ ڪا اسپتال يا ڪو فلاحي ڪم ڪيو ويو، ته آئون ان ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندس. دليپ صاحب حيرانگيءَ سان منهنجو هٿ پڪڙي ۽ هٿ ۾ ڏيئي ويهي رهيو، ۽ چيائين ته مون ائين ته نه چيو هو، بحرحال جڏهن کائنس تفصيلي انٽرويو ڪري آئون ٻاهر نڪتس، ته پاڻ ناظم جيوا کي منهنجي لاءِ پيغام ڏنائين، هن اچي مونکي ٻاهر چيو ته دليپ صاحب چوي ٿو ته توهان ٿر ۾ اسپتال قائم ڪرڻ لاءِ ڪوبه پروگرام ڪريو ۽ جيڪي فنڪار چئو ته آئون وٺي ايندس. ناطم جيوا مونکي وري سندس آفيس ۾ اچي ان پروگرام کي طي ڪرڻ لاءِ چيو، پر ان کان پوءِ ناظم جيوا سان ڪوشش جي باوجود به اهو پروگرام طي نه ٿي سگهيو، پر مون بحيثيت صحافي دليپ صاحب جو اهو انٽرويو “برسات” رسالي ۾ ڇپرايو. اهڙي طرح آئون ان کان پوءِ قربان جيلاني جي رسالي “ناٽڪ” ۾ به شوبز جون خبرون ۽ تنقيدون تبصرا لکندو هوس، آفتاب اخبار ۾ لکڻ کان پوءِ ڪاوش ۾ “گلڻ جا گفتا”، عوامي آواز ۾ “جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر” اڙدو اخبار “جهان پاڪستان” ۾ “عوام اناڙي” ۽ اڙدو اخبار “انجام” ۾ “سياسي ڪالم” لکندو رهيس، جڏهن ته شوبز جي صحافت جي حوالي سان پنهنجي مامي جي پٽ طارق اشرف جي نامور رسالي “سهڻي” ۾ “ٽي وي او ٽي وي” جي عنوان سان شوبز جون خبرون ۽ پروگرامن تي تبصرا لکندو هوس. ان کان علاوه انعام عباسي جي رسالي “جياپو” ۽ ڪجهه ٻين رسالن ۾ به لکندو رهندو هوس.
پي ٽي وي جو مزاحيه خاڪن جي پروگرام “چهچٽو” جيڪو ٽي سال هليو، جنهن ۾ هزارين خاڪا منهنجا هئا، جڏهن هالا ۾ “چهچٽو شو” ڪيوسين ته هزارين ماڻهو ڏسڻ آيا، مخدوم طالب الموليٰ مهمان خاص هيو، ۽ منهنجي دوست پروڊيوسر منظور قريشيءَ اتي اعلان ڪندي چيو هو ته “چهچٽو” جو ٻيو نالو يار محمد شاهه آهي، جنهن هزارين خاڪا ڏنا پر ڪڏهن به پنهنجي نالي جي تقاضا نه ڪيائين، ان کان پوءِ مزاحيه خاڪن جو پروگرام “رس چس” جيڪو ارڙنهن مهينا هليو، پروڊيوسر فيض بگهيو، بيدل مسرور، عبدالحق ۽ اقبال لطيف ان کي پروڊيوس ڪيو، جڏهن ته ٻيو مزاحن خاڪن جو سنڌي پروگرام “کل ڀوڳ” تيرنهن قسطون پروڊيوسر اقبال سعيد انصاري پيش ڪيو، جڏهن ته منهنجو قانون جي ڄاڻ تي مشتمل ڊرامه سيريز “قلم نمبر” جنهن ۾ هر قسط ۾ PPC (پاڪستان پينل ڪوڊ) کي هر قسط ۾ ڊراما ٽائيز ڪيو، ۽ ڪل 13 قسطون پيش ڪيون، مرڪزي ڪردار آئون، لطيف منو، شهنيلا قريشي، سحر قريشي ۽ نواب مهدي ڪندا هئاسون، جڏهن ته پروڊيوسر اقبال لطيف هو، هيڊ ڪوارٽر منهنجي ان ڊرامي کي ايڏو پسند ڪيو جو عوام کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ اهو اڙدو ۾ ٺاهي نشر ڪرڻ لاءِ منظور ڪيو، پر ان وقت پي ٽي وي تي هلندڙ هڪ اڙدو ڊرامه سيريل جنهن ۾ ڪورٽ ڪهاڻين تي مشتمل ڊرامه هلندا هئا، مرڪزي ڪردار طلعت حسين ڪندو هو، هڪ قسط ۾ ڪا گڙ بڙ ٿي ته “ڪنٽيمنٽ آف ڪورٽ” جو مقدمو پي ٽي وي تي ٿي پيو، جنهن جي ڪري اقبال لطيف ڊڄي ويو، مون سمجهايو مانس ته هنن قانون ٽوڙيو آهي، پاڻ قانون سيکاريون ٿا، پر هو ايترو ڊنل هو جو 500 قسطن واري چانس کي ڇڏي ڏنائين، ۽ مونکي گهپلو ڪرڻ لاءِ يعني مزاحيه اڙدو ڊرامه سيريل “ گهپلو” لکي ڏيڻ لاءِ چيائين.
مون پهرئين قسط لکي ڏني، جنهن ۾ مون کان علاوه نامور مزاحيه اداڪار شڪيل، لياقت سولجر، حنيف راجه، خواجه اڪمل، شهزاد رضا ۽ ٻيا ان وقت جا ناليوارا ايڪٽر شامل هئا، مون 25 منٽن جي قسط لکي، پر هن شوٽ ڪري، فائنل ايڊيٽنگ ڪري، مونکي ٻڌايو ته ڏيڍ قسط (45 منٽ) ٿي آهي، جڏهن ته مون مخالفت ڪئي ته قسط پوري ڏيکارڻ سان ئي ماڻهن کي ڊرامون سمجهه ۾ ايندو ۽ وڻندو ۽ هيڊ ڪوارٽر وارن کي سمجهه ۾ ايندو، پر هن اضافي ريڪارڊنگ ڪٽڻ کان انڪار ڪيو، ۽ مون سندس ان رويي تي اختلاف ڪيو، جنهن ڪري هو ڊرامون ريڪارڊ ٿيل اتي ئي رهجي ويو، ان کان علاوه اڙدو مزاحيه خاڪن جو پروگرام “سن تو سهي” اقبال لطيف پيش ڪيو، منهنجي اڙدو ڊرامه سيريل “سچ گيا بچ” جيڪا پروڊيوسر سميع بلوچ پروڊيوس ڪئي، جنهن ۾ مون ياسر نواز، تنوير جمال، بهروز سبزواري، خواجه اڪمل ۽ ٻين نامور فنڪارن کي موقعو ڏنو.
اهڙي طرح فيض ٻگهيو، بيدل مسرور ۽ اقبال لطيف اڪثر عيد پروگرام، مزاحيه ڊرامه يا شوز مون کان لکرائيندا هئا، مون هزارين ڪهاڻيون، فلمي اسڪرپٽ لکيا، پر ذڪر انهن جو ڪيم جيڪي نشر ٿيا، جيتوڻيڪ منهنجو مشهور اسڪرپٽ “ڪفن پوش” جنهن جي ڊرامه سيريل تي منهنجا 10 لک روپين کان وڌيڪ خرچ اچي ويا، پر ان کي اڄ تائين ريليز نه ڪري سگهيس. ساڳي وقت ڪي ٽي اين ۾ منهنجي تحرير ۾ مزاحيه خاڪن جو پروگرام “ٽاڪوڙا” ۽ “اليڪشن آکاڙو” “فلمي دنيا” ۽ “گلڻ خان” زرعي پروگرام ڪي ٽي اين جي ابتدائي سڃاڻپ هئا، ان کان علاوه فلم “علي گوهر” جي ڪهاڻي، منظر نامه، مڪالما، گانا ۽ ڌنون به منهنجون ٺاهيل هيون، ان کان پوءِ نگار ايوارڊ يافته فلم “محب شيدي” جي ڪهاڻي محمد بچل ميمڻ جي، جڏهن ته مڪالما ۽ منظر نامه ۽ ٽائيٽل سانگ “جاڳي سنڌ جيئي لطيف، امن زنده باد...، ڌاڙيل مرده باد، دهشتگرد مرده باد” منهنجو ڌن سميت ٺاهيل هيو، ان کان پوءِ پاڻيءَ جي کوٽ دوران ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تي غلام علي جي آواز ۾ منهنجو مشهور گانو “او سنڌو دريا، تو ۾ سنڌين جو ساهه، وري شل ڀريو وهين، وري شل تار وهين” جيڪو آمريڪا ۾ به انساني حقوقن جي تنظيم جي سڏ تي واشنگٽن ۾ سنڌين طرفان جيڪا تقريب منعقد ٿي هئي، ان ۾ “ڪانگريس بلڊنگ” ۽ “هوٽل ايڪسلسر” ۾ به وڏي شاندار طريقي سان پيش ڪيو، ۽ سنڌين ان گاني کي ڀرپور موٽ ڏني، جنهن جي چوٿين مصرا سنڌين جي قومي اتحاد بابت هئي، جيڪا ان کان اڳ گاني ۾ شامل ڪندي، ٻئي سنڌي چينل “ڪي ٽي اين ۽ سنڌ” وارا لهرائي رهيا هئا، پر جڏهن سنڌي ليڊرن اتحاد جو سڏ ڏيئي گڏيل ريليون ڪڍيون، جڏهن ڪراچيءَ ۾ پليجو صاحب، قادر مگسي، ڄام ساقي، بشير قريشي گڏيل ريليون ڪڍيون، ته ان وقت اهو گانو ٻين ٻن مصرائن سميت لڳايو ويو، جيڪي هن ريت آهي، ٽيو نمبر مصرع: “سنڌي سڀئي گڏجي ويندا، تن جا ويري وڍجي ويندا، آهي امڙ جي اها دعا...، او سنڌو دريا تو ۾ سنڌين جو ساهه، وري شل ڀريو وهين، وري شل تار وهين”، چوٿين نمبر مصرع: “مرويسون مرويسون سڀئي چئو، سنڌ نه ڏيسون، هڻو هوشوءَ واري اها صدا” اهو گانو مختلف سي ڊي ڪمپنين وارن به بنا اجازت جي ڪڍيو، جڏهن اهو گانو پهريون دفعو سنڌ ٽي ويءَ وارن منهنجي اجازت کان سواءِ هلايو، جنهن جي پهرئين مصرا “سنڌ جا سلا شل ساوا رهن، سانگي جهانگي سدائين ڌاوا رهن، وارو ڪري تون وري وري آ، تو ۾ سنڌين جو ساهه” ان باري ۾ مونکي هڪ فلم جي شوٽنگ جي دوران نور جوکئي فون ڪري اطلاع ڏنو ته توهان جو سنڌو دريا وارو گانو توهان اسان کي نه ڏنو، پر اڄ توهان جو اهو گانو سنڌ ٽي وي تي شام جو هلڻ وارو آهي، جنهن کان پوءِ شام جو منهنجي نياڻيءَ مون کي فون ڪري چيو ته بابا توهان وارو سنڌو دريا وارو گانو سنڌ ٽي وي تي هلي رهيو آهي، ۽ مون رد عمل ۾ ان وقت ئي اياز پليجو، رسول بخش ٿيٻو ۽ ماما يوسف لغاري کي پنهنجو وڪيل ٿيڻ لاءِ چيو، ۽ ڊاڪٽر ڪريم راڄپر کي سنڌ ٽي وي تي نوٽس ڏئي، حرجاڻو ڀرائڻ لاءِ چيو، ڇو ته اهو گانو مون پنهنجي زير تڪميل فلم “سنڌ نه ڏيسون” جي لاءِ ريڪارڊ ڪرايو هو، جيڪو توهان بنا اجازت استعمال ڪري قانوني ڏوهه ڪيو آهي، ان کان پوءِ اسان جي عزيز عنايت شاهه مونکي فون ڪري ڊاڪٽر صاحب سان ويهي فيصلو ڪرڻ لاءِ چيو، مون عنايت شاهه جي فليٽ تي فيصلو ڪيو ته ڊاڪٽر صاحب...! اهو گانو منهنجي فلم جي نالي ۽ منهنجي نالي سان هلائيندو، ۽ ان کان پوءِ ٽوٽل 9 عدد پروگرام مون کان ٺهرائڻ لاءِ معاهدو به ڪيو ويو، پر صرف گانو رپيٽ ڪري هلائيندي منهنجو نالو ان ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻئي ڪنهن به واعدي جي وفا نه ڪيائين.