آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

منهنجي ڪهاڻي، منهنجي زباني

هي ڪتاب ريڊيو، ٽي وي، اسٽيج ۽ فلمن جي نامياري اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ سيد يار محمد شاهه جي آتم ڪٿا ۽ يادگيرين تي مشتمل آهي. هو لکي ٿو:
”مون ڪوشش ڪري پنهنجي بي ترتيب يادگيرين کي سهيڙن جي ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به آئون اندر ۾ جهاتي پائي انصاف ٿو ڪريان ته الله تبارڪ وتعاليٰ مونکي جيڪو مشاهدو ۽ مطالعو نصيب ڪيو ان جو چوٿون حصو به نه چئي سگهيو آهيان، پر هيءُ ڪتاب اڳين ڏهن ڪتابن کان پوءِ يارهون ڪتاب هوندو.“
Title Cover of book منهنجي ڪهاڻي، منهنجي زباني

منصور بلوچ

منصور بلوچ پهرئين سنڌي فلم “تنهنجون ڳالهيون سڄڻ” ۾ هيبت خان جو ڪردار ڪيو، جنهن ۾ کيس مڃتا ملي، مون به هڪ دفعو کيس ٽرين ۾ سفر ڪندي ڏٺو، ان کان پوءِ هو وري ٻي فلم “محبوب مٺا” ۾ ولين ٿي آيو هو، ۽ منهنجي نظر ۾ هي سنڌ جو ان وقت جو سٺو اداڪار هيو، جڏهن ساڻس ٽي وي ۾ سلام دعا ٿي، جيڪا گهري دوستي ۾ تبديل ٿي ويئي، مون “راڻي جي ڪهاڻي” ۾ سندس ڪردار بابت مٿي ڄاڻ ڏني آهي، هو جڏهن به ڳوٺ ۾ چار پئسا گڏ ڪندو هو، ته ڪا نه ڪا فلمي ڪهاڻي ٺاهي، ڏوڪڙ کڻي ڪراچي ايندو هو، ۽ پنهنجي سنگت جن ۾ خاص ڪري يوسف علي مرحوم، محمود صديقي مرحوم، زاهد معصومي مرحوم وارا گڏجي ثناءَ الله عباسي جي بيٺڪ تي ڪچهريون به ڪندا هئا، ۽ منصور بلوچ کين پنهنجي ٺاهيل ڪهاڻي ٻڌائڻ چاهيندو هو، ته هو کيس ڇيڙيندي چوندا هئا، ته بابا پهرئين سئنيما ۾ فلم ڏسنداسون، پوءِ تنهنجي ماني کائينداسون، پوءِ رات جو تنهنجي ڪهاڻي ٻڌنداسون، ۽ مرحوم “راڻي جي ڪهاڻي” تائين پنهنجي ڪهاڻي کي ائين ئي پيو هلائيندو هو پر جڏهن “راڻي جي ڪهاڻي” هٽ ٿي ۽ “ديوارين” ٺهي، اسلام آباد ۾ ضياءَ الحق جي اڳيان اسٽيج شو ٿيو، ۽ منصور بلوچ کي ان سال جو بهترين پي ٽي وي اداڪار جو ايوارڊ مليو، ته پوءِ لاهور فلم انڊسٽري جو نامور هدايتڪار ملڪ يونس جنهن فلم ساز سرور ڀٽي جي فلم “مولا جٽ” سپرهٽ ٺاهي هئي، پنهنجي ٻي فلم ۾ منصور بلوچ کي بڪ ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي تاج محل هوٽل ۾ اچي رهيو، ۽ منصور بلوچ سان ملاقات ڪيائين، ان وقت منصور بلوچ کي مرحوم يوسف عليءَ چيو ته گهٽ ۾ گهٽ چار لک رپيا وٺجاءِ، جڏهن ته ان وقت سلطان راهي ۽ اداڪار نديم به ٻه اڍائي لک وٺندا هئا، سرور ڀٽيءَ منصور بلوچ کي ڪردار ۽ پنجاهه هزار ڏيڻ جي آڇ ڏني، جيڪا هو ٺڪرائي آيو، تڏهن مون چيس تون بظاهر پاڻ کي سردار سڏائين ٿو، ۽ آصف زرداري سان سندس علائقي ۾ مقابلو ٿو ڪرين، تنهن ڪري پنهنجو وزن قائم رک، صرف جيڪو به توکي بڪ ڪرڻ اچي ته ان کي چئو ته پئسن جي ڳالهه نه آهي، ڪردار مرڪزي هئڻ گهرجي، ان کان پوءِ ادي نورالهدي شاهه جي ڊرامي “جنگل” ۾ پاڻ دليپ ڪمار جي آواز جي نقل سان ڪردار کي ڄمائي ويو، ۽ “مهراڻ خان” جي شاندار ڪردار تي کيس ڀرپور موٽ ملي، ان کان پوءِ پاڻ لاهور هليو ويو ۽ انهن ئي پروڊيوسرن جي پٺيان لڳو، جن کيس ننڍا ننڍا رول ڏنا، ڪوبه اهڙو ڪردار اڙدو پنجابي فلمن ۾ نه ڪري سگهيو، جيڪو يادگار هجي، بلڪه شاهه اسد جڏهن فلم “پرو” ٺاهي، ته “پرو” جي ڪردار لاءِ منصور کي کنيائين، ۽ مونکي پرو جي ڀاءُ “علي گوهر” جو ڪردار ڏنائين، اها فلم هٽ ٿي ته مونکي “علي گوهر” ٺاهڻ دوران منصور بلوچ اچي منٿ ڪئي ته “پرو” ۽ “علي گوهر” ڀائر هئا، ۽ تون مونکي به کڻ، تڏهن مون ٻڌايومانس ته تون “پرو” ۾ پنهنجي ڀاءُ “علي گوهر” يعني منهنجي هنجه ۾ مرندي ٿو چئين ته “علي گوهر” پٺيان جي پارت اٿئي، سو پنهنجي دوست زاهد معصومي جي صلاح تي مون فلم “نصير فقير” ٺاهڻ بدران علي گوهر “پرو” جو پارٽ ٽو سمجهي ٺاهي آهي، يعني هيءَ فلم تنهنجي مرڻ سان شروع ٿئي ٿي، ان کان پوءِ هو مون سان هميشه ڪاوڙيل رهيو، ۽ پري رهيو، جڏهن ته ڊرامي “جنگل” جي ڪاميابي کان پوءِ اسان حيدرآباد راڻي باغ جي اوپن ايئر ٿيٽر ۾ اسٽيج شو “جنگل ڪي نام ايڪ شام” گڏجي ڪيو، جنهن مان کيس سٺي، مالي مدد ملي، ۽ ان کان پوءِ پاڻ اڪيلي سر ڪراچي ۾ اسٽيج شو “مهراڻ خان ڪي ساٿ ايڪ شام” ڪيائين.
ان کان پوءِ جڏهن آئون ڪراچي ٽي وي تي وري مصروف ٿي ويس، ته هي وري لاهور هليو ويو جتان مايوس ۽ ناڪام ٿي وري اچي هارون رند ۽ مرحوم منظور مگسي سان صلح ڪيائين، ۽ پوءِ جڏهن سندس لاهور ۾ اڌ ۾ ڇڏيل پنجابي فلم “پجارو گروپ” جو فلم ساز، هدايت ڪار ۽ ڪئميرا مين عضنفر جيڪو گذريل ويهن سالن کان ڪي ٽي اين تي مين ڪئميرا مين به آهي، اهو منصور کي سندس ڳوٺ سرهاڙي مان ٻن ٽن ڏينهن لاءِ فلم جي تڪميل ڪرڻ لاهور وٺي ويو، ۽ اتي ٽن ڏينهن ۾ باٿ روم ۾ هن کي اٽيڪ ٿيو ۽ گذاري ويو، جڏهن اسان کي اطلاع مليو ۽ آئون صبح ساڻ سندس ڪلهي ڪانڍي ٿيڻ لاءِ نواب شاهه وڃي رهيو هوس، ته مونکي ياد آيو ته هڪ ڏينهن مونکي هن ڳوٺ اچڻ جي دعوت ڏني هئي، ۽ انهن ڏينهن ۾ ئي اسان ۾“جنگل ڪي نام ايڪ شام” مان هن جيڪي ڏوڪڙ ڪمايا، ان مان پنهنجي پٽ جي طهر به ڪرڻي هيس، ۽ گهر جي جاءِ به ٺهرايائين، جڏهن آئون سندس ڀاءُ رجب علي جي بيٺڪ تي شهر نواب شاهه ۾ پهتس، ۽ سندس انتظار ڪيم، ته پاڻ آيو پر اهو ريسپانس نه ڏنائين، جو آئون ساڻس گڏ سندس ڳوٺ وڃان، ان جي نسبت رجب مونکي تمام سٺڙي عزت ڏيئي واپس روانو ڪيو.
منصور مونکي اتي ويٺل ئي ڇڏي هليو ويو، اڄ جڏهن آئون سندس لاش کي ڪلهو ڏيڻ، سندس ڳوٺ بڇيري ۾ پهتس ته سندس گهر، اوطاق ۽ تدفين جي جڳهه ڏسي مون کي لڙڪ اچي ويا، ۽ پوءِ سوچيم ته سردار منصور بلوچ پنهنجي سرداري ۽ حيثيت کي شهر ۾ ڪيئن نمايان ڪريو ويٺو هو، ٻهراڙي جي وڏيرن وانگر حجام جي دڪان تي ڏاڙهي ٺهرائي، رنگ ڪرائي، اتي ئي پالش واري کي بوٽ پالش لاءِ ڏيئي، ۽ ڌوٻيءَ وٽان ڪلف وارا ڪپڙا کڻي، پائي ٻه سنهري سگريٽ جا پاڪيٽ هٿ ۾ کڻي، ميرا ڪپڙا ڌوٻيءَ کي اڇلائي ڏيئي، ٽيڪسيءَ تي چڙهي ٽي وي تي ايندو هو، يا مون وٽ ايندو هو، بحرحال هو بقول مرحوم هارون رند جي ته منهنجو آئيڊيل سنڌي ڪردار هو، جيڪو مون هاشم خان جي نالي ۾ “ديوارين” ۾ زنده ڪيو، جڏهن آئون لاهور فلم انڊسٽري ۾ چيئرمين جي حيثيت ۾ پنهنجي بادشاهي ۾ هر اسٽوڊيو ۽ دفتر ۾ ويهندو هوس ته فائيٽر مون وٽ ايندا هئا، ۽ خاص ڪري نصرالله بٽ ۽ ان جي ٽيم وارا فائيٽر منصور کي ياد ڪندي، مونکي سندس اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا، جو مونکي ڏاڍو رنج ٿيندو هو، بحرحال هن سنڌ ۾ ته انا پرستي ۾ ڪي يادگار واقعا ڇڏيا پر لاهور انڊسٽري ۾ پنهنجي پسماندگي ۽ غربت جون به ڪئين ڪهاڻيون ڇڏيون.
آئون بڇيري پهتس ته سندس لاش اڃان تائين لاهور مان نه اچي سگهيو هو، ۽ مونکي سندس ننڍو ڀاءُ مظهر مليو، جنهن ويهڻ لاءِ چيو، آئون الوداعي اکر چئي واپس هليو ويس. اڄڪلهه سندس فرزند گل منصور بلوچ جنهن کي به اسٽوريون ٺاهڻ ۽ ڊائريڪشن ڪرڻ جو شوق، اداڪاري کان وڌيڪ رهيو آهي ۽ هن شمن ميرالي واري ٽيلي فلم ۾ به ڪم ڪيو، پر جيئن ته هو رڳو اداڪار ٿيڻ بدران رائيٽر، ڊائريڪٽر به ٿيڻ جي جدوجهد ڪندو رهي ٿو، خدا ڪري ته هو پنهنجي پيءَ جا ۽ پنهنجا اڌورا خواب هڪڙي ڏينهن پورا ڪري.