آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

منهنجي ڪهاڻي، منهنجي زباني

هي ڪتاب ريڊيو، ٽي وي، اسٽيج ۽ فلمن جي نامياري اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ سيد يار محمد شاهه جي آتم ڪٿا ۽ يادگيرين تي مشتمل آهي. هو لکي ٿو:
”مون ڪوشش ڪري پنهنجي بي ترتيب يادگيرين کي سهيڙن جي ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به آئون اندر ۾ جهاتي پائي انصاف ٿو ڪريان ته الله تبارڪ وتعاليٰ مونکي جيڪو مشاهدو ۽ مطالعو نصيب ڪيو ان جو چوٿون حصو به نه چئي سگهيو آهيان، پر هيءُ ڪتاب اڳين ڏهن ڪتابن کان پوءِ يارهون ڪتاب هوندو.“
Title Cover of book منهنجي ڪهاڻي، منهنجي زباني

يار جي ياريءَ کي 50 سال : شفق حيدر موسوي

(زندگي جي ايڏي ساري سفر ۾ مٽياري، حيدرآباد، ٽنڊو آدم، سنجهورو، ڪراچي، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو جان محمد، لاهور اهي پاڪستان جا شهر آهن، جن ۾ ٻالڪ پڻ کان وٺي هن گهڙيءَ تائين ڪئين سفر جا ساٿي مليا، ۽ پنهنجا نقش منهنجي زندگيءَ تي چٽي ڇڏيائون.
آئون حيدرآباد ۾ نعيم شاهه سان گڏ ماڊل اسڪول ۾ ان وقت جي جگري يار غلام علي شاهه پاشا جيڪو اڳتي هلي چيف سيڪريٽري ٿي رٽائرڊ ٿيو، ان جي ڪلاس جو مانيٽر شفيق موسوي هو، جنهن جي خلاف غلام علي شاهه اسان کي دانهن ڏني، ته هو مونکي روز ڪلاس ٽيچر کان دڙڪا ڏياري، مار ڪڍرائيندو آهي، هڪ ڏينهن آئون ۽ نعيم شاهه شفيق کي سبق سيکارڻ لاءِ وڃي ماڊل اسڪول جو در جلهي بيٺاسون، ته شفيق اچي ته پادر هڻونس، جيئن ئي شفيق آيو ته اسان کيس ٻانهن کان جهلي چيو ته تون ڪير آهين...؟؟؟ ۽ ڪنهن جو پٽ آهين...؟؟؟ جڏهن هن وافقيت ڪرائي ته آئون سيد جمن شاهه جو پٽ آهيان، ۽ ڪلو پڪوڙائي جي پٺيان عبرت اخبار واري گهٽيءَ ۾ وچ روڊ تي جيڪا ٽڪنڊي بلڊنگ آهي، اها اسان جي اوطاق آهي، ۽ گهر اسان جو ڪلو پڪوڙائيءَ جي دڪان جي مٿان آهي. ٿورو غور ڪيوسين ته احساس ٿيو ته سندن وڏن سان اسان جي ويجهڙائپ آهي، بحرحال ان رشتي جڙڻ سان دشمني دوستيءَ ۾ تبديل ٿي ويئي، ۽ پوءِ اسين سڀ پاڻ ۾ لنگوٽيا يار ٿي وياسون، جن ۾ شفيق، نعيم، ذوالفقار، حسين رضا، ڊاڪٽر قلندر بخش، مخدوم رفيق الزمان، مير احمد علي اهي حيدرآباد جي جوانيءَ جا ساٿي هئا، جن سان جون جولائي واري ويڪيشن ۾ ڪوهه مري، باڙه (پشاور) ۽ جشن ڪابل لاءِ افغانستان ويندا هئاسون.
سڀ دوست شادين ۽ نوڪرين کان پوءِ پنهنجي پنهنجي دنيا وسائي ويهي رهيا، پر شفيق اسان جو اهو دوست آهي جيڪو سڄي سنڌ جا ڏک ڏور ڪرڻ جي، هر جدوجهد ۾ سرواڻ آهي. تعليم سان سندس قلبي ۽ ڪاروباري لڳاءُ ايترو آهي، جو حيدرآباد ۾ گل سينٽر ۾ “امسا يونيورسٽي” ڪجهه اسڪول حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ به اٿس، پر پاڻ گذريل 30 سالن کان پنهنجي مڪمل فيمليءَ سان آسٽريليا ۾ رهندو آهي، جڏهن به پاڪستان ايندو آهي ته سنگت کي گڏ ڪرڻ، سندس اوليت ۾ شامل هوندو آهي.
اڄڪلهه ڊاڪٽر قلندر بخش گهڻي ڀاڱي سندس پاڪستاني وزٽ ۾ ڪمپني ڏيندو آهي پر ٻيا سڀ ڪي گذاري ويا، ڪي وڇڙي ويا پر هي يار سنڌ سان ۽ اسان جهڙن اٻوجهن سان پيار ۽ محبت نڀائيندو اچي، خدا کيس هميشه ڪامياب ڪري ۽ سندس سنڌ جي لاءِ ڪيل جاکوڙ جا سٺا نتيجا هو پنهنجين اکين سان ڏسي. (آمين) طرفان: سيد يار محمد شاهه.)
سيد يار محمد شاهه سان منهنجي ياري کي 50 سالن کان به وڌيڪ جو عرصو گذري چڪو آهي، ۽ هاڻ اسان هڪٻئي کي ائين سڃاڻون ٿا جيئن هڪ هٿ ٻئي هٿ کي، پر جڏهن مان سندس تعليم متعلق ٺهيل ٽيلي فلم “باغ جنت” کي سي ڊيز تي ڏٺو ۽ خاص طور تي سندس لکيل ڪتاب “شوبز ۾ ياري شاهه”، “جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر”، “پکي پرديسي” ۽ ٻيا ڪتاب جڏهن پڙهيم، ته انتهائي اچرج ۾ پئجي ويس، ۽ پاڻ کي خوش قسمت سمجهيم ته اهڙو مدبر، اونهي ۽ عميق سوچ ۽ فڪر رکندڙ ذهين ماڻهو منهنجو بهترين دوست آهي.
سندس فلم، ٽي وي ۽ ڊرامن ۾ شوق جو ته علم هو، ۽ اها سائين يار محمد شاهه جي انتهائي وڏي حاصلات آهي، ته پهريون سنڌي ماڻهو سڄي پاڪستان جي فلم انڊسٽريءَ جو چيئرمين به رهيو.
مان ان ڳالهه جو به شاهد آهيان ته سنڌي ٽي وي چينلن کي قائم ڪرڻ جو ڏکيو ڪم سڀني کان پهرئين محترم يار محمد شاهه جي ئي ڪاوش آهي، ۽ هڪ نه پر ڪيترن ئي ٽي وي چينل قائم ڪرڻ ۾ سندس ڪردار اهم آهي.
ليکڪ، اداڪار، تخليقڪار ۽ عملي طور سنڌ جي تعليم لاءِ ڪم ڪندڙ سيد يار محمد شاهه انهن سڀني خصوصتن سان گڏ هڪ اعليٰ انسان به آهي، جنهن انيڪ نيڪي جا به ڪم ڪيا آهن. الله پاڪ هن کي اڃان وڌيڪ توفيق ڏي.