سياست سان وابستگي
مون ڄاموٽن جي رويي سبب احساس محروميءَ کي دور ڪرڻ لاءِ باقر پوٽه يعني نعيم شاهه وارو خاندان جن مونکي اٿڻ، ويهڻ، کائڻ، پيئڻ، ڪپڙا پائڻ سيکاريو، جڏهن ته اسان اسڪول ۽ ڪاليج کان پوءِ يونيورسٽي ۾ پهتاسون، جيئن ته آئون ننڍي هوندي کان ئي محفل جو مور، کلائي، ڳائي ريجهائيندو هوس ۽ ڪڏهن ڪڏهن جهيڙا جهٽا به ڪري وٺندا هئاسون ۽ شاگرد سياست ۾ اڳيان اچڻ لڳاسون، ان کان اڳ مونکي شاگردن جي سياست جو جيڪو تجربو هو، اهو سچل ڪاليج ۾ 1965 ۽ 66 ۾ جڏهن هندستان پاڪستان جي جنگ لڳي، تڏهن اسان سچل ڪاليج جا ڇوڪرا جن ۾ ان وقت جي اين مغل جنهن کي طارق اشرف (منهنجي مامي جو پٽ سهڻي رسالي وارو) نقلي غلام نبي ۽ اديب غلام نبي مغل کي اصلي غلام نبي مغل چوندو هو، ان کان علاوه مير اسلم، ڄام ساقي ۽ ان دور جا نامور شاگرد اڳواڻ، اها اليڪشن گڏ وڙهيا پر جنگ جي سبب اها اليڪشن سليڪشن ۾ تبديل ٿي ويئي پر مون وٽ اهو پهريون شاگرد سياست جو تجربو اچي ويو، ان ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ جڏهن شاگرد سياست ۾ آئون پنهنجن دوستن سميت، جنهن ۾ هر شاگرد تنظيم جي عهديدارن جو مون سان ساٿ هيو، سڀني جي چوڻ تي آئون سنڌ يونيورسٽي ۾ يونين جي صدارت لاءِ اميدوار ٿي بيٺس، ته ان وقت سپاف جو چيئرمين روشن پنهور هو، ۽ ليڊيز ونگ ۾ سراج صاحب جي خاندان هڪ ادڙي انيس رحمان جيڪا اڄڪلهه اسان جي دوست عبدالرحمان ٿهيم جي اهليه آهي، ان وقت اها ڇوڪرين جي سپاف جي صدر هئي، مطلب ته منهنجي مخالف مختيار سهراڻي جو ريڪارڊ ان وقت ۾ صحيح نه هو، جنهن تي امر جليل هڪ ڪهاڻي به لکي چڪو هو، ته هڪ صوبيدار نعره تڪبير هڻي ڪيئن هندو عورتن جي بي حرمتي ڪندو هو، جيڪو اڳتي هلي بي اي پاس جي ڊگريءَ کان سواءِ ئي سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي جو شاگرد ٿيو، ۽ مون سان اليڪشن به وڙهيو، منهنجي هٿ جوڙ سان سڀ تنظيمن منهنجو ساٿ ڏنو، ان وقت بشير انصاري پ پ جو خاص ماڻهو غني انصاري جو ڀاءُ اسان جو سياسي صلاحڪار به هو، پر مخدوم رفيق الزمان سان جڏهن دوستي ٿي، ۽ هو ان اليڪشن ۾ منهنجي ورڪ ڪرڻ لڳو ته منهنجي حلقي ۾ پ پ جو اثر وڌي ويو، تڏهن غلام مصطفيٰ جتوئي سنڌ جو وزيراعليٰ هو ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي کاتي ۾ ڀٽي صاحب ممتاز کي هٽائي هن کي رکيو هو، رفيق الزمان مونکي چيو ته پاڻ جتوئي صاحب سان ملي، پ پ جي همدردي حاصل ڪري، مختيار کي هٿ کڻائي بنا مقابلا اچڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون، مون سنگت سان صلاح ڪئي، ڪثرت اهائي موزون صلاح سمجهي، پر “جيئي سنڌ” تنظيمن وارا به مون سان وابسته هئا، انهن جي نمائندن جي طرفان موٽ سٺي ڪانه ملي پوءِ به آئون رفيق الزمان سان جنهن وقت وزير اعليٰ هائوس ۾ جتوئي صاحب سان ملڻ لاءِ پهتس، ته ان وقت اندر ساڻس ملاقات وارو شخص سردار ذوالفقار علي شاهه ڄاموٽ هو جيڪو هڪ بريف ڪيس هٿ ۾ کڻي، تڪڙا قدم ڀري اندرا نڪري رهيو هو، ۽ مونکي ۽ رفيق الزمان کي رسيو ڪرڻ لاءِ جتوئي صاحب پاڻ در وٽ اچي بيٺو هو، جيئن ته ڪن سببن جي ڪري ڄاموٽ صاحب سان ان وقت ڳالهه ٻولهه بند هئي، پاڻ پير صاحب جي جماعت جو يعني فنڪشنل ليگ جو سنڌ جو صدر هو، پر کيس اهڙا ٽيليفون به مليل هئا جيڪي ٽيليفون ڊائريڪٽري ۾ ئي درج نه ڪيا ويندا آهن، ۽ پاڻ جي ايڇ ڪيو سان لاڳاپيل ادارن سان ويجهڙائيءَ جي ڪري ۽ سينيٽر هئڻ جي ڪري نيشنل ڊفينس ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهندو هو، ۽ آفريڪا جي جهنگلن ۾ ان وقت عرب شهزادن وانگر شينهن جو شڪار ڪرڻ ويندو هو، پاڻ متاثرڪن شخصيت هو، سنڌي وڏيرن جو آئيڊيل وڏيرو هو، جيڪو هر پوشاڪ ۾ سمارٽ لڳندو هو، جيئن ته سندس والد مرحوم سردار محمد علي شاهه ڄاموٽ جي به شخصيت وڻندڙ هئي، ۽ پاڻ پهريون سولين هو جنهن انگريز دور ۾ امن و امان قائم رکڻ ۾ انگريز حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏنو، جنهن جي ڪري کيس پهريون سول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر سنڌ به مقرر ڪيو ويو هو، ۽ سندن وفات کان پوءِ ذوالفقار علي شاهه به فوجين کي شڪار ڪرائي ساڻن قربت قائم رکندو هو، آفيسرن کي مانيون کارائڻ، دسترخوان جي سياست به سندس سڄاڻپ هئي، ۽ پاڻ علائقي جي تعليمي ۽ ٻين سڀني مسئلن ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو، شگرمل کان پوءِ فلور مل، الڪوهل مل ۽ هاڻ ميڊيڪل يونيورسٽي جيڪا زير تعمير آهي، اهي سڀ سوچون ۽ ارادا سندس ئي هئا، جيڪي سندس ڀاءُ ڊاڪٽر شفقت شاهه ڄاموٽ پورا ڪري رهيو آهي، پر سندس فرزند محمد علي شاهه پاڳاره گروپ ڇڏي پيپلز پارٽيءَ ۾ زرداري صاحب جي اڳيان گوڏا کوڙي ويٺو آهي ۽ ان جي عيوض اڄ هو پيپلز پارٽيءَ جو زرداري صاحب جي مهرباني سان مخدومن جي مقابلي ۾ سينيٽر ٿي چڪو آهي پر ان وقت وزيراعليٰ هائوس ۾ ڄاموٽ صاحب ٻاهر ويندي ويندي مونکي حيرانيءَ سان ڏسندي لنگهي ويو ته هن کي ملڻ لاءِ وزيراعليٰ مونکي جلدي روانو ڪري، پاڻ در تي اسان کي وٺڻ ڇو آيو آهي...؟؟؟ ڄاموٽ ذوالفقار تي به آئون ڪئين ڪتاب لکي سگهان ٿو، بحرحال اندر پهتاسون، جتوئي صاحب ڀاڪر پائيندي پڇيو ته ڇا... ڊي سي حيدرآباد يا ايس پي حيدرآباد وٺي آيو اٿائو...؟؟؟ رفيق الزمان وراڻيو ته نه... اسان ته توهان سان پاڻ ملڻ آيا آهيون، ته هن ٻڌايو ته ڀٽي صاحب جي فرمائش آهي، ان ڪري مون ڊي سي حيدرآباد کي ۽ ايس پي کي توهان کي گڏ وٺي اچڻ لاءِ چيو آهي، اسان ٻنهي حيران ٿي هڪ ٻئي کي ڏٺو، ۽ سوال ڪيو ته سائين اسان جي ڳولها ڇا جي لاءِ هئي...؟؟؟، جتوئي صاحب وراڻيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ توهان کي خبر آهي ته هميشه “جيئي سنڌ” جو هولڊ رهيو آهي، ۽ سپاف وارا سنڌ يونيورسٽي يونين تي قبضو ڪرڻ جو تصور به نٿا ڪري سگهن، هن وقت مختيار سهراڻي اسان جو اميدوار آهي، جنهن کي ڄام صادق علي، مسعود نوراني ۽ ڄاموٽ غلام قادر جي حمايت حاصل آهي، جڏهن ته سڀ شاگرد تنظيمون سپاف جا سڀ اڳواڻ به اسان سان گڏ آهن، ان ڪري توهان اسان کي پنهنجو اميدوار سمجهو، ۽ مختيار سهرياڻي کي هٿ کڻايو ته اسان سپاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪريون، يا ته خاموشيءَ سان انتظار ڪريو، اسان اليڪشن کٽي پوءِ به توهان جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿينداسون. جتوئي صاحب وراڻيو ته اهو منهنجو نه بلڪه ڀٽي صاحب جو حڪم ۽ فرمائش آهي، تڏهن اسان جتوئي صاحب کي ٻڌايو ته اسان به اڪيلا نه آهيون، دوستن جو وسيع دائرو آهي، سڀني سان صلاح ڪري پوءِ جواب ڏينداسون.
ان کان پوءِ جتوئي صاحب فورا مخدوم طالب الموليٰ سائين سان فون تي ڳالهايو، جنهن اسان سان ڳالهايو، ۽ حڪم ڪيو ته توهان جا سڀ شرط مڃيا ويندا، پر ڀٽي صاحب جي خواهش توهان کي ضرور پوري ڪرڻي پوندي، اهو مون لاءِ ۽ جتوئي صاحب لاءِ وڏو آزمائشي مرحلو آهي، تنهن ڪري توهان مون وٽ هالا اچو ته پوءِ روبرو ڳالهيون ڪنداسون. اداس چهرا کڻي ٻئي ٻاهر نڪتاسون، رات ٿي چڪي هئي، ٽٽل دل سان رات گذاري، صبح جو ناشتي تي آئون نعيم شاهه ۽ رفيق الزمان سائين طالب الموليٰ سائين سان مخدوم هائوس هالا ۾ ناشتي تي پهتاسون، ۽ سڄو ڏينهن ڪچهريءَ کان پوءِ رات جو يارهين بجي تائين فيصلا ڪندا رهياسون.
طالب الموليٰ سائين ڏينهن جو گهڻو حصو منهنجي پيءُ سان گهاريل زندگيءَ جي خوبصورت واقعن جو ذڪر بار بار ڪندو رهيو، جنهن مان مون محسوس ڪيو ته بابا ۽ طالب الموليٰ سائين پاڻ ۾ ڀائرن کان به وڌيڪ ويجها هئا. آخر ۾ مون سائين کي جواب ڏنو ته قبلا مونکي موٽ ۾ ڪجهه به نه گهرجي، ڇو ته آئون ان مهدي شاهه جو پٽ آهيان، جيڪو توهان جو 30 سال ساٿي رهيو، ۽ هر سير و تفريح ۽ شوق شڪار کان وٺي مجلسون ٻڌڻ تائين، توهان جو رفيق هو، ۽ موٽ ۾ توهان کان ڪجهه به نه ورتائين، ان ڪري آئون به توهان سان ڪنهن به قسم جو سودو نه ڪندس، بلڪه حڪم جي تعميل ڪندس، ڇو ته هيءُ شاگرد سياست جو آخري سال آهي، جڏهن ته مونکي تعلقي هالا ۾ اوهان جي زير سايه نسلن سان گڏ رهڻو آهي.
پاڻ فرمايائون ته توهان جي خاندان کي پنهنجن جي ئي طرفان ڪچليو ويو آهي، ۽ توهان کي هو پنهنجي برابر ئي نٿا سمجهن، ان ڪري آئون توکي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪرارائي، هالا ۾ رکارائي، تنهنجي خاندان جو اثر و رسوخ وڌائي، اڳتي اچڻ ۾ مدد ڪرڻ چاهيان ٿو، جيئن تون اڳتي هلي ڄاموٽ خاندان ۾ برابري سطح تي پنهنجي زندگي گذاري سگهين، پر مون وري به هٿ ٻڌندي چيو ته واپار وڏن ئي نه سيکاريو آهي، قرباني اسان جو ڪم آهي، ۽ خانداني فخر به آهي، ان ڪري هي غريب جو ٻار توهان کان صرف دعائون گهرندو، بحرحال پاڻ پوءِ به مون کان اسسٽنٽ ڪمشنر جي اميدوار لاءِ درخواست ورتائون ۽ ڊائريڪٽ سليڪشن ۾ جيڪي اي سي ۽ ڊي ايس پي کنيا پئي ويا، انهن ۾ مونکي ٻڌايائون ته تنهنجو نالو شامل آهي، پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ساڳي پوسٽ لاءِ مرحوم منهنجو جگري يار نعيم شاهه سندس مامي محبوب علي شاهه کي وٺي ويو ۽ مخدوم صاحب مجبورن ان کي به آسرو ڏيئي روانو ڪيو، پوءِ جڏهن مونکي خبر پئي ته ان وقت مون وٽ وري راڻو خان ڀٽو جيڪو سپاف جو چيئرمين هو، سپاف جا سڀ شاگرد اڳواڻ آيا ۽ چيائون ته تون ڀلا مخدوم صاحب کان سپاف جي چيئرمني وٺ ته اسان سڀ تنظيمون تنهنجي پٺيان هلڻ لاءِ تيار آهيون، ان وقت طالب الموليٰ سائين سان جيڪو واعدو ڪيو هوم، ان موجب ٻئي ڏينهن جتوئي صاحب کي وڃي هٿ کڻڻ جو پنو هٿ ۾ ڏنوسين، جنهن چيو ته حڪم ڪيو ته توهان کي ڇا ڏيون...؟؟؟ مون کيس وراڻيو ته اهو آئون توهان تي ٿورو نه پيو ڪريان بلڪه طالب الموليٰ سائين جي حڪم جي تعميل ٿو ڪريان، ائين چئي آئون واپس سنڌ يونيورسٽي آيس، اخبارن ۾ منهنجي هٿ کڻڻ جي خبر نمايان اچي ويئي، پر جيئن ته تاريخ هٿ کڻڻ واري گذري چڪي هئي، ان ڪري اليڪشن ٿي، ۽ مون ويهي مختيار سان دنيا کي ڏيکاريو ته آئون هن جي حق ۾ آهيان، پر دوستن ۽ ڀيڻ انيس رحمان ۽ ٻين ڀيڻن گڏجي مونکي جيترا ووٽ ڏنا، ان مطابق صرف 17 ووٽن تان مختيار مون کان سيٽ کٽي ويو.
ان کان پوءِ مونکي جڏهن اسسٽنٽ ڪمشنر جي لاءِ سائين جن کان واضع فيصلو وٺڻو پيو ته پاڻ وڏا پريشان ٿيا، مون عرض ڪيو ته مون تي شاگردن جو زور آهي، آئون سپاف جو چيئرمين ٿيان يا توهان مونکي جيڪڏهن اسسٽنٽ ڪمشنر کڻائڻ جي پڪ ٿا ڏيو، ته پوءِ آئون ان ڳالهه تان هٿ کڻي وڃان. ان فيصلي ۾ سائين ان وقت “سبي ميلو” جي صدارت لاءِ وڃي رهيا هئا، مخدوم صاحب جي بنگولي جي در وٽ سائين پير گاڏيءَ ۾ ۽ پير ٻاهر رکيو فڪرمند بيٺا هئا، ۽ منهنجي ڳالهه جو پاڻ جواب ڏيڻ بدران مرحوم اسد الله شاهه ٽکڙائي کان پڇيائون ته يار محمد شاهه کي ڪهڙو جواب ڏيڻ گهرجي...؟؟؟، تنهن مشورو ڏنو ته توهان ميلي تي وري به جتوئي صاحب سان ڳالهائجو، ۽ يار محمد شاهه کي انٽرويو ۾ وڃي ويهڻ گهرجي، پر مون وضاحت گهري جيڪا نه ملي، ۽ نه آئون انٽرويو ۾ ويٺس، ۽ اها سيٽ اسان واري پير ضياءُ نوشهري وارو جيڪو پڻ اسان جو دوست هو، ان کي اها نصيب ٿي، اسين دوست هڪٻئي جا پانچا پٽڻ ۾ مخدوم صاحبن وٽ پنهنجي اهميت وڃائي ويهي رهياسين، پر جيئن ته آئون سنڌ جي سياست ۾ پير چائي چڪو هوس، اخبارن ۾ منهنجا بيان ايندا هئا، وري جڏهن مٽياري واپس اچي سماج سيوڪ ٿيس، “شاهه ڪلچرل سوسائٽي” ۽ “مٽياري ويلفيئر آرگنائيزيشن” جي پليٽ فارم تان علائقي جا مسئلا حل ڪرڻ لڳس، ۽ ان وچ ۾ جيڪا بلدياتي اليڪشن ٿي، جنهن جو مٿي تفصيلي ذڪر ڪري آيو آهيان، ان کان پوءِ علائقي جي سياست بدران سماجيت ۾ پنهنجي ڪردار کي ايڏو نروار ڪيم جو اڄ به جيڪي علائقي ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ لاءِ اميدوار بيهندا آهن، ته اهي مشورا ۽ مدد وٺڻ مون وٽ ضرور ايندا آهن.
ان کان اڳ هڪ دفعو “جيئي سنڌ” جي جوش ۽ ولولي ۾ سائين جي ايم سيد سان سڄي رات سانگهڙ کان وٺي مٽياري پهچڻ تائين گڏ هئاسون، ۽ ان وقت شهاب الدين شاهه وارا به سائين سان گڏ هئا، ۽ ان رات 3 بجي به سائين جو وڏو استقبال ڪيو ويو، ۽ مون ان رات پنهنجو پهريون جوشيلو انقلابي شعر سر ۾ پڙهيو، جنهن جا ٻول هئا “جاڳو سنڌيو، جاڳو جاڳو” ۽ ٻئي ڏينهن سائين جي ايم سيد، سائين شهاب الدين شاهه جي بنگلي تان گرفتار ٿيو ۽ وفات تائين جيل ۾ ئي رهيو، ان کان علاوه سياست ۾ منهنجي ٻي ڪابه مصروفت نه رهي، پر خليق الزمان کي جڏهن سنڌ جو نائب صدر ٿيو، تڏهن ساڻن تمام گهڻي قربت هئي، ۽ آئون سندن فيصلن ۾ به ويهندو هوس، ۽ چاچا شاهنواز سان گڏ فيصلا به ڪندو هوس پوءِ خليق سائين جڏهن پارٽي جي جلسن لاءِ نڪرندو هو، ته آئون کيس تقريرون به لکي ڏيندو هوس، جيڪي پاڻ ياد ڪري پڙهندا هئا.
هڪ دفعو محبوب شاهه کين منهنجي باري ۾ چيو ته آئون اصل ۾ مير رسول بخش ۽ ڪامريڊ شيخ علي محمد واري ٽولي ۾ آهيان، ۽ ان جي پارٽي ۾ شامل آهيان، ان ڪري آزمائش طور مونکي مٽياري ۾ جلسا رکائڻ لاءِ چيو وڃي ۽ پوءِ خليق الزمان هنن جي چوڻ تي مونکي جلسا مٽياري ۾ رکرائڻ لاءِ چيو، مون مٽياري ۾ جڏهن سندن پهريون جلسو رکرايو، جنهن ۾ منهنجا ڪامريڊ ساٿي تقريرون ڪندا رهيا، ۽ ڪمپيئر قاضي سيف الدين واري سان سڀني کي سڏيندو رهيو، جنهن وقت هن سيد مظفر شاهه عرف جيئل شاهه کي تقرير لاءِ سڏيو، جنهن جو نالو مون نه ڏنو هو پر جيئل شاهه تقرير ۾ گهڻو ڪجهه ڳالهائي، مخدومن کي چيو توهين هيئنر بندوقون کڻي ووٽ وٺڻ آيا آهيو، پر اليڪشن کان پوءِ اهي بندوقن وارا اسان کي توهان جي بنگلي ۾ اچڻ ئي ڪونه ڏيندا، جڏهن ته اسان جو عوامي ليڊر ڀٽو صاحب فرمائي ٿو ته آئون توهان جو ڪم نه ڪريان ته مونکي گلي کان وٺي چئو، ان ڪري توهان به اسان جو ڪم نه ڪيو توهان کي اسين به گلي کان وٺي چونداسون.
ان وقت خليق الزمان فل ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ شهاب الدين شاهه ۽ محبوب شاهه کيس چيو ته هيءُ يار محمد شاهه جو بڇيل آهي، ان کان اڳ ئي مون مخدومن کي چيو ته آئون سائين وارن جا جلسا رکائيندس، ياري نڀائيندس پر سياسي جهنڊو پاڻ تي ڪونه هڻائيندس، پر هنن مونکي اسٽيج تي سڏيو، مون قاضي سيف الدين کان هنن جي سامهون فل ڪاوڙ ۾ جيئل شاهه عرف مظفر شاهه جي تقرير ڪرڻ لاءِ پڇيو ته هن جو نالو تون کي ڪنهن ڏنو، هن بي خياليءَ ۾ سائينءَ وارن جي سامهون چئي ڏنو ته توهان ئي ته ڏنو هو، حالانڪه منهنجي ملائڪن کي به خبر نه هئي، پر ان جو رد عمل خراب نڪتو، ۽ خليق الزمان پنهنجي تقرير ۾ چيو ته توهان مٽيارين جا ماڻهو پاڻيءَ کان اڳ ڪپڙا لاهيو ٿا ڇڏيو، جنهن تي مٽياري جي ماڻهن ۾ ڪاوڙ جاڳي پئي، ۽ ماڻهو احتجاج ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا، مون خليق الزمان کي سمجهايو، جنهن منهنجو چوڻ ورتو ۽ ان کان پوءِ پاڻ منهنجي طرفان رکايل جلسا اجرڪن جي هنرمندن وٽ، خاصخيلي برادري وٽ، ميمڻ برادري وٽ، ڪڇي برادري وٽ، ٽيڪسي ڊرائيورن وٽ ،بالڪل عوامي تقرير ڪري، ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
اهڙي طرح عملي سياست جو دور منهنجو ختم ٿيو ۽ سماج سيوڪ جو دور جنهنجون يادگيريون سماج سيوڪ عنوان ۾ ڪنداسون.