شاعري

دلبر ديس ۽ دل

ھي ڪتاب نامياري شاعر ۽ راڳي زاھد شيخ جي شاعريءَ جو مجموعو آھي، جنھن ۾ نظم ۽ آزاد نظم شامل آھن. غوث پيرزادو لکي ٿو:
”زاهد شيخ جديد سنڌي شاعري جو جيترو سگهارو نالو آهي اوترو ئي وڏو ماڻهو آهي. هي پنهنجي سڀاءَ ۾ انتهائي پيار ڪندڙ انسان آهي. زاھد شيخ جي نظمن ۾ بي ساختگي پنهنجي اوج تي نظر اچي ٿي اهڙِءَ ريت سندس ٻولي به ڪارونجهر جيان ڪر کنيون بيٺل نظر اچي ٿي. سندس ٻوليءَ ۾ مٺاڻ جا به مڻ آهن ۽ معصوميت سان گڏ هو شعر چوندي شاعريءَ جي عميق گهرائي ۾ وڃي اظهار ڪري ٿو ان ڪري جڏهن سندس شاعري پڙهڻ ويهجي ٿو ته چئجي ٿو ته پڙهندو ئي رهجي.“
  • 4.5/5.0
  • 3442
  • 873
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • زاهد شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book دلبر ديس ۽ دل

مهاڳ

منهنجي لاءِ حيرانيءَ گاڏڙ خوشيءَ جو مقام آهي جو مان سنڌ جي ارڏي شاعر زاهد شيخ جي شعري مجموعي “دلبر، ديس ۽ دل” جو مهاڳ لکي رهيو آهيان. جيڪو سندس نطمن تي آڌاريل آهي. هن جي روح مان ڦٽي نڪتل تحريرن کي پڙهي ان ڳالهه ۾ ويساهه پختو ٿيندو آهي ته شاعر فطري طور پيدا ٿيندا آهن. لکين ڪروڙين اربين ماڻهن مان چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي شاعر، اديب ۽ ليکڪ ٿيندا آهن جيڪي آڪاش مان تارا لاهي اسان جي روح ۾ پوئيندا آهن ۽ ڪي ماڻهو اهڙا بي هوندا آهن جيڪي پنهنجي پيڙا کي لفظن جو ويس ڍڪائڻ ۾ ناڪا ويندا آهن. فطري طور پيدا ٿيل شاعرن جي هر سٽ توهان جي روح کي جهنجهوڙي ڇڏيندي آهي، هر لفظ توهان جي ضمير کي چهنڊيون پائيندو آهي ۽ هر جملو توهان جو چين چورائي هليو ويندو آهي، ٻيءَ صورت ۾ اٺ ڪتابن جا تاريخ جي اڏوهيءَ جو کاڄ بڻجي ويندا آهن. ديوانن جا ديوان ماڻهن جي روح تائين رسائي حاصل نه ڪري سگهيا ۽ پنن جو ڍير بڻجي رهجي ويا ۽ ڪي اهڙا شاعر به پيدا ٿيا جن جي سموري شاعري ماڻهن جي دلين تي لکجي وئي، صديون گذرڻ جي باوجود ماڻهو سندن شاعريءَ جو ورد ڪندا رهيا ۽ سالن جا سال سندن گيت ماڻهن جي چپن تي جهونگاربا رهيا.ماڻهن سندن ڪلامن کي دلين ۾ لاهي ڇڏيو ۽ سندن تخليقن سان روح کي گرمائيندا رهيا. سنڌي شاعريءَ کي به پنهنجو صدين جو هڪ پسمنظر رهيو آهي ڪلاسيڪل شاعريءَ کان ويندي جديد سنڌ شاعريءَ تائين جو سفر کوڙ سارين پراسرار راتين سان ڀريو پيو آهي، کوڙ سارا دلفريب منظر ۽ کوڙ ساريون ڪربلائون سميٽي رکندڙ سنڌي شاعريءَ جي تاريخ پڙهجي ٿي ته دل باغ بهار ٿي وڃي ٿي جڏهن ڀٽائيءَ جوبيت“هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال ۾ ڍار: شاهه” جڏهن پڙهجي ٿو ته ان ڳالهه ۾ ويساهه پختو ٿي وڃي ٿو ته جيڪڏهن اوهان سموري دنيا جي پرواهه نه ڪندي رڳو دل سان هم ڪلام ٿيا ۽ بنا ڪنهن خوف جي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو ته پوءِ لفظ به اوهان جو ساٿ ڏيندا، ٻولي به اوهان جي اڳيان رقص ڪرڻ لڳندي ، اکر اوهان جي اڳيان ٻانهون ٻڌي پنهنجي استعمال لاءِ اوهان کي ٻاڏائيندو ۽ بي ساختگي به اوهان جي تخليق جو زيور بڻجي ويندي جيڪي ڳالهيون ئي شاعريءَ جي حسن جو ثبوت آهن.
سوشل ميڊيا جي اچڻ کان پوءِ سنڌي شاعري جو مقداراسان جي سماج ۾ وڌيو آهي. سنڌ جو نوجوان جهجهي انداز ۾ شاعري ڏانهن موٽي آيو آهي ۽ اهڙي دور ۾ وري سنڌي شاعري ۾ ساهه پوندي نظر آيو آهي جنهن دور ۾ اسان جو سماج هڪ ماٺار مان گذري رهيو هو. اتساهه جا ذريعا سويت يونين جي ٽٽڻ کانپو هڪ هڪ ٿي ختم ٿي رهيا هئا ڇو ته سويت يونين جي موجودگي واري دور ۾ سموري دنيا اندر سياسي تحريڪن جو هڪ دور هلندڙ هيو، جيڪي تحريڪون تبديلي، انقلاب ۽ مذاحمت لاءِ اتساهينديون هيون. انقلابي نوجوان ڪتاب پڙهندا هئا دنيا جي انقلابن بابت ڏينهن رات اسٽڊي ڪرڻ سندن معمول بڻجي ويو هو. ڪنهن دور ۾ نوجوانن جي لاءِ اسٽڊي سرڪلس هلنديون هيون، ادبي سنگت جا ڪلاس منجهن روح ڦوڪيندا هئا ۽ سنڌ جو تخليقي عنصر هڪ تحرڪ ۾ هيو. ان جو اهو مطلب به نه آهي ته ڪو تحريڪن مان اتساهه جي نتيجي ۾ رڳو مذاحمتي شاعري ٿي رهي هئي پر ايترو هيو جو رومانوي شاعري به پنهنجي اندر ۾ هڪ گهرائي کڻي بيٺل هئي پر جيئن ئي سنڌ جي اندر سياسي تحريڪن جو زور ختم ٿيو عالمي وايو منڊل تبديل ٿي ويو ته نئين ٽهيءَ جي اندر خطرناڪ خاموشيءَ جنم ورتو ۽ ڏهاڪو سال کن جي ٻڏتر سنڌ جي تخيلقي ماحول کي به پنهنجي آفت جو شڪار بڻايو پر سوشل ميڊيا جي اچڻ سان هڪ فائدو اهو ٿيو جو نوجوانن جو وڏو انگ شاعري ڏانهن آيو توڙي جو انهن جي ڪا ايڏي وڏي اسٽڊي به نه هئي نه وري ڪو سياسي شعور ۽ ان شعور مان ڦٽي نڪتل تحرڪ سان مکا ميل ٿيا هئا پر جيئن ته شاعري کي فيس بوڪ تي رکڻ سان سندن نالو ۽ تصوير فيس بوڪ تي اچي رهي هئي تنهن ڪري هنن جو شاعري ڏانهن اچڻ ضروري بڻجي ويو يا وري هو جبري طور شاعري ڏانهن آيا جنهن ڳالهه کي هر صورت ۾ اتساهي ئي سگهجي ٿو ڇوته هاڻي هن سماج ۾ وڌيڪ ڌاڙيل، گنڊا ۽ چور پالڻ جي سگهه نه رهي آهي تنهن ڪري شاعر جو هجڻ پڻ هڪ سڀاويڪ آهي ۽ وڏي انگ ۾ شاعر فيس بوڪ تي نظر اچن ٿا جيڪو هڪ مثبت عمل آهي پر جيئن ته تاريخ جو ڦيٿو هڪ هنڌ بيهي نه ٿو رهي تنهن ڪري شاعرن جي هڪ وڏي فوج ۾ کوڙ سارين تبديلن جي ضرورت به نظر اچي ٿي. فيس بوڪ تي پنهنجي سماج کي پڙهڻ جو جهجهو موقعو مليو آهي جنهن مان اها به خبر پوي ٿي ته هاڻي اسان جي سماج مان سهپ ختم ٿي رهي آهي، نوجوان هروڀرو جي وهوا چاهي ٿو، ڪچين ڦڪين شين تي کيس ڪنهن به صورت ۾ تعريف گهرجي ٿي. پراڻي ٽهي جڏهن نئين ٽهي هئي ته اها تنقيد کي ڀليڪار ڪندي هئي پر اڄ جي ٽهي تنقيد کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچي به سگهي ٿي ته اڄ جو نوجوان جو اهو بيڪ گرائونڊ ناهي جيڪو ستر، اسي يا نوي جي ڏهاڪي وارن نوجوانن جو هيو پر افسوس جو عالم اهو آهي ته سينيئر پيڙهيءَ جا شاعر وري خودساخته گرو بڻجي ويا آهن، هنن کي ٿورو به پير مرشد وارو پروٽوڪول نه ٿو ملي ته هو هيٺاهينءَ تي لهي اچن ٿا ۽ اهڙي قسم جي ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪن ٿا جن سان اديب جو اميج معاشري جي اندر خراب ٿي وڃي ٿو ۽ ڪيترائي سينيئر شاعر اوهان کي چوويهه ڪلاڪ فيس بوڪ تي ويٺل نظر ايندا جن جا به کوڙ سارا چيلا پاليل آهن جيڪي هر وقت هٿيارن سان ليس هوندا آهن ۽ اهڙي صورتحال ۾ اگر ڪنهن جي ڦٽي ٿي ۽ گرو تي ڪا تنقيدي نظر وجهي ٿو ڇڏي ته پوءِ الله الله خير صلاه سو اهڙي صورتحال ۾ ڪي شاعر يا اديب پڻ موجود آهن جيڪي خاموشيءَ سان پنهنجو تخليقي پورهيو به ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ کي ڌڙا ڌڙ ادب به ڏئي رهيا آهن، جن ۾ شاعر زاهد شيخ پڻ هڪ آهي جنهن هميشه ڄنڊا پٽ کان پاسو ڪندي پنهنجو تخليقي ڪم ئي پئي ڪيو آهي.
اسي جو ڏهاڪو سنڌ ۾ سياسي تحريڪن جي اوج جو زمانو هو يا نظرياتي سياست پنهنجو آخري ڀرپور دور گذاري رهي هئي، تڏهن سنڌ جي فضائن ۾ هڪڙو گيت هڪ رڙ جيان گونجي اٿيو هو جنهن هر ٻڍي توڙي ٻار کي جهنجهوڙي ننڊ مان جاڳائي وڌو هو جنهن گيت سنڌ جي مڙدي ۾ ٻيهر ساهه وجهي ڇڏيو هو، جنهن گيت لکين ماڻهن کي جدوجهد لاءِ تيار ڪري ڇڏيو هو، سچ به اهو معجزو هيو جو سالن جي جدوجهد ۽ نظرياتي سياست ماڻهن کي ايترو تحريڪن سان نه جوڙيو هو جيترو هڪ گيت ماڻهن جي اندر ويڙهه جو ساهه ڦوڪيو هو.
“ٻالڪ ٻالڪ هاريءَ جو ڪانئر اک ۾ ڪنڊو آ،
ننڍڙي ننڍڙي هٿڙي ۾ اڄ ڳاڙهو ڳاڙهو جهنڊو آ”
يا
قاتل او قاتل بدلو وٺنداسي
هر خون جي قطري قطري جو
اهي گيت سنڌ جي ان سانوري نوجوان ڳاتا هئا جيڪو سرمد سنڌيءَ جي نالي سان سنڌ جي دلين تي حڪمراني ڪرڻ لڳو هو. پر ماڻهن هنن گيتن جي تخليقڪار جا هٿ ۽ پير چمڻ چاهيا هئا ۽ سندس اکين کي سجدا ڪيا هئا سو سنڌ جو خوبصورت شاعر زاهد شيخ هيو ۽ زاهد شيخ ئي هيو جنهن جديد سنڌي شاعريءَ کي ماڻهن جي اندر مزاحمت جي صورت ۾ آڊيو ڪيسيٽن ذريعي آڻڻ جو اهو انداز آندو هو جيڪو نه ته هن کان اڳ ڪٿي نظر آيو هو نه وري بعد ۾ ڪٿي نظر آيو. هن کان اڳ جلسن ۾ شاعر پنهنجي زباني گيت جهونگاري دلين جون ڌڙڪنون بڻيا هئا، جن کان سواءِ محفلون ويران لڳنديون هيون ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، همدرد ۽ ٻيا کوڙ سارا شاعر جن ۾ منظور سولنگي ۽ حافظ رجب کي به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي سي جلسن کي پنهنجي انقلابي گيتن سان گرمائي ڇڏيندا هئا جن کي تاريخ هميشه اتساه سان ياد رکندي ۽ وري جڏهن زاهد شيخ آيو ته هو پاڻ سان سڀ ڪجهه نئون کڻي آيو. هي بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر جيئان نئين دور جو اهڙو جادوئي آواز ٿي گونجيو جنهن ٻارڻ ٻاري ڇڏيا. هن ۾ جيڪا ٻين مٿين کان ڳالهه مختلف هئي سا اها هئي ته هي جلسن ۾ ڳائيندڙ شاعر به هيو ته گڏو گڏ هو اهڙو شاعر به هيو جنهن آڊيو جي دنيا تي قبضو ڪري ورتو. ڪيسيٽن ذريعي سندس شاعري سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدن کي هٽائي هڪ ڪري ڇڏيو هو. هن جي شاعريءَ جون ڪيسيٽون دڪانن تي بليڪ تي وڪامجڻ لڳيون. ڪيسيٽ آئي ناهي ۽ وئي ناهي. هي شاعر ئي هيو جنهن سرمد سنڌي کي سرمد سنڌي بڻايو. جهڙيءَ ريت منظور سخيراڻي جي روزي روٽي استاد بخاري ۽ تبسم سان وابسته ٿي وئي هئي اهڙي ريت سرمد سنڌي جي روزگار جو ذريعو زاهد شيخ جي شاعري بڻجي وئي، جنهن هن جو بنياد پختو ڪيو ۽ کيس سنڌ جو ٻيجل بڻائي ڇڏيو اها ٻي ڳالهه آهي ته شهرت جي بلندين تي پهچڻ بعد سرمد پنهنجي محسن کي ڪيترو مان ڏنو هو..
زاهد شيخ جا گيت بسن، ٽرڪن، رڪشن، ۽ هوٽلن تي عوام جي خاص ضرورت بڻجي ويا. ۽ اصل ۾ اهائي هڪ شاعر جي ڪاميابي هوندي آهي ته هو عوام جي دلين جو ڌڙڪو بڻجي رهجي وڃي جيئن ته هڪ شاعر جو اهو ڪمال هوندو آهي ته هو ٽرينڊ سيٽر بڻجي وڃي ۽ هو ڪجهه اهڙو ڏئي وڃي جيڪو مثال بڻجي وڃي. ۽ زاهد شيخ جي گيتن جي بي انتها مقبوليت کان پوءِ اها راءِ به رد ٿي وئي ته روايتي شاعري ئي عوامي شاعري هجي ٿي ۽ جديد شاعرن کي عوام نه ٿو سڃاڻي پر پوءِ اها ڳالهه عالم آشڪار ٿي وئي ته جيڪڏهن اوهان عوام سان دل سان سلهاڙيل آهيو ۽ جيڪڏهن ڌرتي جي دکن جو ادراڪ رکو ٿا ته اهو اوهان جي تخليق ۾ رت جيان ڊوڙڻ لڳي ٿو ۽ عوام اوهان کي ڀاڪرن ۾ ڀري وٺي ٿو. سو زاهد جا گيت نه رڳو عوام جي دلين جو ڌڙڪو بڻجي گونجيا هئا پر هن جي گيتن بڙڇيون بڻجي سماج جي فرسوده روايتن کي چچري ڇڏيو هو هن جو آواز ان الحق جو آواز بڻجي پيو هو ۽ هن جا گيت تحريڪن جي جان بڻجي ويا هئا. هن ڪڏهن به ان سوال تي به نه سوچيو ته مونکي ماڻهن جي طرفان ڪهڙي موٽ ملي ٿي؟ هن ان جو روئڻو به نه رنو آهي ته منهنجي گيتن جي بدلي ۾ مونکي ڇا مليو آهي؟ ٿي سگهي ٿو ته کيس اها پڪ هجي ته اڄ به هن جو نالو عوام جي دلين تي لکيل آهي اڄ به ماڻهو هن سان ايتري محبت ڪن ٿا جيتري هن جي شروعاتي دور ۾ هن سان ڪندا هئا پر هڪ تخليقڪار کي اهڙي شڪايت ڪرڻ به نه گهرجي ڇو ته هو اهو نيت ۾ رکي لکي به نه ٿو ته ڪو مونکي ان جي بدلي ۾ اسٽيٽس ٺاهڻو آهي يا وري جيڪي اهو ذهن ۾ رکي لکن ٿا تن کي ڪا عزت ملي آهي.
زاهد شيخ جديد سنڌي شاعري جو جيترو سگهارو نالو آهي اوترو ئي وڏو ماڻهو آهي. هي پنهنجي سڀاءَ ۾ انتهائي پيار ڪندڙ انسان آهي، جڏهن به ملندو ته مرڪ سندس چهري تي رقص ڪندي نظر ايندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن هن سان جڏهن ڪا مذاق ڪبي آهي ته هو انهن شرميلين ڇوڪرين جهڙو به ٿي پوندو آهي جيڪي پيار جو اظهار ڪندي ڪندي پنهنجو محبوب وڃائي ويهي رهنديون آهن. هي سانورو شهزادو انتهائي الهه لوڪ ۽ پنهنجي تنهائي سان پيار ڪندڙ ماڻهو آهي. هن سان ملندئو ته توهان سان دل کولي ڪچهريون ڪندو، جيءَ ۾ جايون ڏيندو ۽ دل جا سمورا دسترخوان وڇائي اوهان جو آڌر ڀاءُ ڪندو. وٽس ويندا ته اٿي ڀاڪر پائي اوهان کي پنهنجي جاءِ تي ويهاريندو پر جيڪڏهن نه ويندا ته پنهنجي گهر خوش هجو. هي سموريون ڳالهيون ڪرڻ انتهائي ضروري به انڪري هونديون آهن جو اوهان جو سڀاءُ ضرور اوهان جي شاعريءَ سان لاڳو هوندو آهي ۽ مٿين ڳالهين ڪرڻ جو مطلب به آهي ته هن جو سڀاءُ اسان کي ٻڌائي ٿو ته هو انتهائي، سٻاجهو، ٻاجهارو، پيار ڪندڙ ۽ مرڪون آڇيندڙ ته آهي ئي پر هو ارڏو به آهي. هو ڪڏهن به ڪنهن سطحي پڻي جو شڪار نه ٿو ٿئي ۽ اها ئي هڪ تخليقڪار جي سڃاڻپ آهي. زاهد شيخ ڊگهي عرصي کان شاعري سرجي پيو ۽ ڊگهي عرصي کان ڪراچي ۾ رهي پيو ۽ هو سنڌ جو مڃيل شاعر آهي ۽ سنڌ ان حوالي سان ئي کيس ياد ڪري ٿي هن جو ادبي قد ڪاٺ ڪيترن انهن شاعرن کان مٿي آهي، جن رڳو شاعريءَ ۾ شمار ٿيڻ لاءِ لکين روپيا دعوتن تي لٽائي ڇڏيا، جن جي لکين رپيا پگهار جو پنجاهه سيڪڙو اديبن جي دعوتن تي صرف ٿئي ٿو پر زاهد شيخ سنڌي شاعريءَ جو علي بابا آهي نه ته کيس وڏو شاعر هجڻ جي باوجود وڏو سڏائڻ جو ڪمپليڪس آهي نه وري کيس اسٽيجن تي صدارتن جو شوق آهي. پر اسان جي ادبي ادارن جي نابينائي چئبي جو هو اهڙي شخص کي اهڙن موقعن تي ياد ڪرڻ کان ڪيٻائيندا آهن جن موقعن تي هن شاعر ۽ هن ڪلاڪار جو هجڻ انتهائي ضروري هوندو آهي. ڪلاڪار جو لفظ آيو ئي آهي ته اهو به ذڪر ڪندو هلجي ته انتهائي سريلو ۽ محفلون لٽيندڙ راڳي به آهي ۽ هو پيشي جي لحاظ کان استاد به آهي پر هن ڪڏهن به پنهنجي پاڻ پڏائيءَ کي اهميت نه ڏني آهي.
جڏهن اديبن جا هڪ ٻئي جا قد ڪڇائيءَ تي جهڳڙا ٿيندا آهن ۽ هو هڪ ٻئي جو قد ننڍو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ نهايت ئي هيٺ لهي ويندا آهن ان وقت زاهد شيخ ضرور ياد ايندو آهي ۽ ضرور اهو جواب ملي ويندو آهي ته هي شخص اديبن کان ايترو پري ڇو آهي ۽ سڀني کان پري ويهي ڪري پنهنجي ڪم ۾ ڇو مگن آهي؟ ته هڪ خوشيءَ گاڏڙ اها وضاحت به ملي ويندي آهي ته شايد اهو ئي سبب آهي جو هو لڳاتار لکي رهيو آهي ۽ شاهڪار لکي رهيو آهي سندس قلم ڪٿي به ماٺو نه ٿيو آهي. هن اڪيچار شاعريءَ جا مجموعا سنڌ کي ڏنا آهن. هن ڀرپور غزل به لکيو آهي ته سڏڪندڙ وايون به لکيون آهن ته ڇيريون پائي ڇم ڇم ڪندڙ گيت به ڏنا آهن.
هاڻي سنڌ جي هن حسين شاعرجو آزاد نظمن جو هي مجموعو ” دلبر ديس ۽ دل“ به سنڌ جي جهول ۾ اچي رهيو آهي جنهن جو عنوان به اهڙو آهي، جيڪو ٻڌائي ٿو ته محبوب جيترو ئي وطن عزيز آهي ۽ زاهد شيخ ڄڻ ته اهو چوندي نظر اچي ٿو ته هر دل جو ڌڙڪو ٻڌي سگهڻ جي سگهه رکان ٿو تنهن ڪري ئي لڳاتار لکي رهيو آهيان. زاهد شيخ جون وايون پڙهي چئبو آهي ته هي واين جو ئي خوبصورت شاعر آهي وري غزل پڙهي لڳندو آهي ته هن کي رڳو غزل ئي لکڻ گهرجن ۽ اڄ جڏهن سندس نظم نظر مان گذريا آهن ته لڳي ٿو ته هو نظم جو ته انتهائي سگهارو شاعر آهي ۽ اها ئي هڪ فطري تخليقڪار جي سڃاڻپ هجي ٿي ته ڪابه صنف کيس پنهنجي پنجوڙن ۾ جڪڙي نه سگهي. هو جنهن به صنف تي هٿ رکندو ته لڳندو هو ان ئي صنف تي سڀني کان وڌيڪ قدرت رکي ٿو.
سندس نظمن ۾ بي ساختگي پنهنجي اوج تي نظر اچي ٿي اهڙِءَ ريت سندس ٻولي به ڪارونجهر جيان ڪر کنيون بيٺل نظر اچي ٿي سندس ٻوليءَ ۾ مٺاڻ جا به مڻ آهن ۽ معصوميت سان گڏ هو شعر چوندي شاعريءَ جي عميق گهرائي ۾ وڃي اظهار ڪري ٿو ان ڪري جڏهن سندس شاعري پڙهڻ ويهجي ٿو ته چئجي ٿو ته پڙهندو ئي رهجي.
جيئن ته شاعر بنيادي طور تي رومانوي طبعيت جو ٿيندو آهي رومانس هن جي روح جي لاءِ آڪسيجن هوندو آهي ۽ اها رومانوي اک ئي کيس شاعر بڻائي ڇڏيندي آهي. هن مجموعي ۾ سندس هڪ نطم “پهرين چمي” پڙهندي ماڻهو جو روح تاريخ جي ويرانين ۾ ڀٽڪڻ لڳي ٿو. توڙي جو هي نظم حيدرآباد ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ سنڌين جي قتل عام جي پسمنظر ۾ لکيل آهي پر هن جي وسعت مڪلي جي قبرستان ۾ گونجدڙ سڏڪن ڏانهن وٺي ٿي وڃي، صدين کان هن ڌرتي جي ماڻهن جي بي گناهه وهايل خون جي ڪهاڻي ٿي لڳي جنهن ڪهاڻي ۾ نه رڳو مرد پر عورتون به وڙهيون آهن، جن هر دور ۾ پئي مذاحمت ڪئي آهي سو هي نطم تاريخ جو نوحو بڻجي اسان جي سامهون اچي ٿو ۽ اسان کي هڪ ڪارو ويس اوڍائي هليو ٿو وڃي. هن نطم جو هيرو پنهنجي نئين پرڻيل ونيءَ کي چوي ٿو ته پهرين چمي بندوق کي ڏيندس ۽ جڏهن ڪراچي مان موٽي ايندس تي ٻي چمي تنهنجي ڳاڙهن ڳٽن کي ضرور ڏبي. شاعري تاريخ جو سچ ٿيندي آهي ۽ جيڪڏهن ان کي ڪو شاعر اظهارڻ ۾ ڪامياب ويو ته اهو زاهد شيخ جيان عوام جي دلين ۾ پيو ڌڙڪندو آهي. هن ئي نظم ۾ هو محبوبا کي چوي ٿو:
”چڱو هاڻي گڏجي وکون ٿا کڻون
وڏي وير بڻجي وڌي ٿا هلون“

اهو ئي ڪلائيميڪس آهي نظم جو ۽ اهو ئي اتساهه آهي جيڪو ايمان کي تازو ڪري ٿو ڇڏي جڏهن تخليقڪار حالتن جي اڳيان هار نه ٿو کائي. بنيادي طور تي زاهد شيخ ڌرتيءَ جو شاعر آهي هن جي شاعري جو محور ڌرتي آهي ۽ پنهنجي ڌرتي تان بيهي دنيا جي حسن کي ڳائڻ ڪيترو لطف ڏيندڙ آهي سو سچ به “دلبر ديس ۽ دل” پڙهڻ کان پوءِ واضح ٿئي ٿو. نطم اجرڪ به من کي موهي ٿو وجهي:
ستارن جي دنيا مان اجرڪ جو منظر
هوائن جي سنگم سان ڌرتيءَ تي آيو
ته مهراڻ موجن ۾ مستي مچي وئي

مٿيون نظم ان ڳالهه جي شاهدي آهي ته ثقافتي طور تي شاعر ڪيترو گهرو آهي ۽ سندس هر حواس ۽ انگ انگ تي ڌرتي جو حسن جهومندي نظر اچي ٿو. هن وٽ شاعري رڳو سهڻا لفظ ناهن جيڪي ماڻهو کي گهڙي پل جو مزو ڏين پر هن وٽ شاعري غيرمحسوساتي طريقي سان پنهنجو مقصد کڻي اچي ٿي ۽ هو اجرڪ جي حسن جو ذڪر ڪندي ۽ ان اجرڪ کي ڪلهڙن تي ٺهندڙ چوڻ کان وٺي آخر اتي وڃي ٿو پڄاڻي تي پهچائي ته هن اجرڪ رکندڙ ديس جا ماڻهو امن پسند آهن جيڪي دنيا جي مظلومن سان گڏ بيٺل آهن ۽ اجرڪ ڄڻ ته ظلمن جي اڳيان سچائيءَ جي سڏ جيان بيٺل آهي. زاهد شيخ جي هن مجموعي ۾ ڪراچي نظم به پنهنجي جوهر ۾ تمام گهڻو گهرو آهي، هن کي پڙهندي ڪراچي سان اٽيچمينٽ وڌيڪ گهري ٿي وڃي ٿي پڙهندڙ ڪراچي جي روح کي پنهنجي جسم ۾ گهمندي ڦرندي محسوس ڪري ٿو:
اي زخمي شهر جي خاموشي
مان پيار جو آهيان پانڌيئڙو
هن ۾ جڏهن ڪراچي جي خاموشي سان مخاطب ٿئي ٿو ته روح سراپا درد بڻجي وڃي ٿو هي جيڪو روشينن جو شهر هيو ، زندگي جنهنجو استعارو هيو تنهن تي هي خاموشي جي ڪاري رات مڙهيل ڏسي شاعر جو اواز جهيڻو ٿي ويو آهي ۽ کيس چوي ٿو ته هي دراوڙي نسل جو ماڻهو پيار پوکيندڙ آهي يا پيار جو پانڌيئڙو آهي اهو تنهنجي خاموشي تي ارهو آهي ۽ کيس ٻڌائي ٿو ته هن شهر جون ڪجهه يادون آهن جيڪي منهنجو سرمايو آهن،اها نرالي شام ڪاڏي وئي جيڪا مون هن سان گذاري هئي. مونکي هي مجموعو پڙهندي حيراني صرف اها آهي ته ڇا ڪو تخليقڪار پنهنجي اندر ۾ ايڏو ڪميٽيڊ به ٿي سگهي ٿو جيڪو ڌرتي، تاريخ ۽ عشق کي گڏ گڏ کڻي ٿو هلي، پر جواب ملي ٿو وڃي ته ها زاهد شيخ آهي جنهن جي اندر جي دنيا شاعر جي معصوميت جيان آهي ۽ اها ڌرتي جي ارڏي پٽ جي معصوميت به آهي. هن جا نظم ڄڻ ته اوجاڳن جي هڪ اهڙي ڪٿا آهن جنهن ۾ هڪ هڪ رات سڏڪندي گذاريل چٽي پٽي نظر اچي ٿي. داخليت ئي ماڻهو جو شناختي ڪارڊ آهي، جيستائين توهان جي تخليق ۾ توهان موجود نه آهيو تيستائين توهان جي تخليق پڙهندڙ تي اثر نه ٿي ڇڏي سگهي. هن مجموعي ۾ ”يادون“ نظم هڪ اهڙو نظم آهي جنهن ۾ شاعر ٻڌائي ٿو ته پيارن کان وڇڙي جيئڻ ڪيڏو عذابناڪ هوندو آهي. انهن ماڻهن کان جدا ٿيڻ برهه جي باهه ۾ جلائي ڇڏيندو آهي جن سان اکيون اکين ۾ ملائي اوهين کليا هجو، رنا هجو ۽ پرتا هجو. جڏهن اهڙا ماڻهو زندگي مان هليا ويندا آهن ته پويان رڳو ويراني رهجي ويندي آهي ۽ اڪيلائي جي نٽهڻ اس جو منظر پيش ڪري رهي هوندي آهي. يا وري هڪ نظم ”تون ڇا آهين“ به هڪ داخليت جو سچو اظهار آهي جنهن ۾ هو هڪ ڌڙڪندڙ دل کي جيئن جو تيئن ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ويو آهي:
صبح جي هير تنهنجي پيار جي احساس جهڙي آ
تنهنجي پاسي ۾ هرڪا شام وسڪيءَ جام جهڙي آ
تنهنجي هر مرڪ منهنجي شاعريءَ جو روح بڻجي وئي

ياوري ساڳئي نطم ۾ چوي ٿو:
نه پڇندي ڪر مونکان جانان
ته منهنجي لاءِ تون ڇا هين
هي نطم هوا جي جهوٽي جهڙو آهي جنهن ۾ ڪابه شعوري ڪوشش نظر نه ٿي اچي، فطري انداز سان محبوبه سان مخاطب ٿئي ٿو ۽ اها ئي اوريجنلٽي هوندي آهي جيڪا هڪ ليکڪ کي زندهه رکندي آهي ۽ اوريجنلٽي زاهد جي هر نظم ۾ جيئن جو تيئن نظر اچي ٿي. زاهد شيخ جي هن شعري مجموعي ۾ مضمونن جي ورائٽي به ملي ٿي ته سوچن جا اکٽ سمنڊ به ملن ٿا، هن ۾ نه رڳو ڌرتي موجود آهي پر هن ۾ سمنڊ به آهي ته ماهيگيرن جا مسئلا به آهن ته انتهاپسندي تي به لکيو ويو آهي. سنڌ جي سرموڙ شاعر استاد بخاري کي به ياد ڪيو ويو آهي ۽ هڪ لکاريءَ تي فرض به آهي ته هو ڌرتي ءَ جي اتساهيندڙ ڪردارن کي به پڙهندڙ جي اڳيان پنهنجي ڀيٽا طور آڻي کين هڪ قسم جو پيغام ڏئي ته هي ڪردار اسان جا آهن ۽ هنن کي ياد ڪرڻ اسان جو فرض آهي. زاهد شيخ جو هي شعري مجموعو ڄڻ ته هڪ آئين آهي يا ڪو اهڙو ڪتاب آهي جنهن تي عمل ڪندي هن سماج جي مڙني براين کي ختم ڪري سگهجي ٿو. هن پنهنجي هن مجموعي ۾ بي جوڙ شادين ۽ ڪارو ڪاري جهڙن مسئلن تي به طاقت سان لکي سماج جي بدعتن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. مثال جي طور تي هو چوي ٿو ته:
مڙس چوان ٿي لڄ مران، بابو به سڏي هن کي نه سگهان.
هي نظم سماج جي مٿان اهڙي ڦٽڪار آهي جنهن جو پڙاڏو صدين تائين گونجندو رهندو ۽ هڪ فنڪار، هڪ آرٽسٽ يا هڪ شاعر ايترو ئي ڪري سگهي ٿو ته هو هڪ آئينو ڏيکاري ۽ هڪ هنڌ “ڪاري” نظم ۾ سماج کي هن ريت آئينو به ڏيکاريو آهي ته:
هر ويڙهي ۾ ويو هُل هُلي
هوءَ ڪاري هئي هوءَ ڪاري هئي
پر پوءِ حقيقت ظاهر ٿي
هوءَ بي ڏوهي ويچاري هئي
دلبر ديس ۽ دل زاهد شيخ جي هن مجموعي ۾ سندس شاهڪار نظم
“او قاتل او قاتل، بدلو وٺنداسين
هر خون جي قطر قطري قطري جو”
هي نظم هن مجموعي ۾ شامل آهي جيڪو نطم زاهد شيخ جي ئي سڃاڻپ آهي. اسان کي اميد آهي ته زاهد اڃان به پنهنجي تخليق جي جوهر سان سنڌ کي مالا مال ڪندو رهندو ۽ سنڌ سندس شاعريءَ جي ڪتابن جو محبوبائن وانگر انتظار ڪندي رهندي.

[b]غوث پيرزادو
[/b]