خوشين جي ڳولا
سڄي رات سوچن ئي سوچن ۾ گذري وڃي ٿي
پرهه جا پهر ٿا اڳُرن تي لهن
کيپ ٽوڙي سموريون کُلن ٿيون اکيون
گهر جا گُلڙا به جاڳن ٿا مهٽي اکيون
ماءُ کان ٿا گُهرن ٻار مانيءَ ڳڀو
گهر ڌياڻيءَ جون ڀر جي اچن ٿيون اکيون
گهرجي سڏڪن کي لڙڪن کي آٿت ڏئي
مان وڏي شهر جي
اُن پورهيت پِڙيءَ تي وڃي ٿو ويهان
جتي ڪيئي مون جهڙا مزدور ماڻهو
ماني ٻڌي روز ايندا رهن ٿا
جتي ماڻهو هڪ ڏينهن لئه
هفتي لئه
يا هڪ مهيني تائين ٿا وڪامي وڃن
سموري شهر جا وڏا محل ماڙيون
اسان جي هٿن همتن جون اِهي يادگارون
اسان لئه اَجهو ڪو نه بڻجي سگهن ٿيون
اوهان لئه حياتيءَ جو ٿڌڪار آهن
مان سوچيان ٿو آخر ائين ڇو ٿئي ٿو؟
هي جوڀن جون مُرڪون جوانيءَ جا جلوه
اسان کي وڻن ٿا
اسان کي به گُهرجن
خوشيون زندگيءَ جون مليون جي اسان کي
ته هر صبح کي صبح پنهنجو ئي چئبو
۽ هر شام جي هير ۾ چين ملندو
مگر پاڻ سائين
اڃان ڌر تتيءَ جي نٽهڻين ندورين اُسن ۾ سڙون ٿا
سوين پنهنجا سُڏڪا ته مرڪون گُهرن ٿا
لکين لُڙڪ ٽهڪن جون ڪن ٿا پڇائون
مگر مان ۽ مون جهڙا مزدور ماڻهو
اڃان پنهنجي خوشين جي ڳولا ۾ آهيون
خبر ناهي ڳولا جو ڪيڏو سفر آ
ملي زندگي ڪيتري مختصر آ
مگر پوءِ به هر آدميءَ جي اندر ۾
اُميدن جا ڪيڏا ته انبار آهن
اميدن جا احساس جذبا اسان کي
نسل کان نسل تئين بيهاريون اچن ٿا
صدين کان ائين ئي جيئاريون اچن ٿا
صدين کان ائين ئي جيئاريون اچن ٿا.