ڪراچيءَ جي نانءِ
مان پيار جو آهيان پانڌيئڙو
من مون کان وڇڙي ويو آهي
جهيريل آهي منهنجو جيئڙو
ڪجهه ڏينهن تائين پيار ڏئي
دلجيت کڻي ويو آهي دل
هو جيڪو سهڻو ميت به آ
سو منهنجو زندهه گيت به آ
مان اُن جي ڳولا ۾ آهيان
اي زخمي شهر جي خاموشي
ڪجهه يادون آهن سرمايو
ڪيڏي ته نرالي شام هئي
ها! سمنڊ ڪناري تي هُن سان
مون جيڪا شام گذاري هئي
اُن شام جا عڪس اکين آڏو
هر ساهه جيان زندهه آهن
هن سمنڊ ڪناري واريءَ تي
ڪُجهه پيرن جا ها نقش ٺهيا
هڪ ڇولي تن کي ڊاهي وئي
ٻن جذبن کي ايذائي وئي
۽ ڇوليءَ ۾ آلا آلا
هي نيڻ تڪيندا رهجي ويا
اي زخمي شهر جي خاموشي
مون وٽ ڪيئي يادون آهن
هي شهر جئين هاڻي آهي
هي شهر اڳي ايئن ڪو نه هيو
هن شهر جي هر ڪا سحر اڳي
حورن جهڙي ته حَسين هئي
۽ هر ڪا رات رنگين هئي
پر هڪڙي ڪاري آنڌيءَ سان
هن شهر ۾ اوندهه آئي آ
ليڪن چاهت جي جذبن جا
اظهار اڃان زندهه آهن
۽ ڪافي پيار ڪرڻ وارا
ڪردار اڃان زندهه آهن
اي زخمي شهر جي خاموشي
هن شهر جا دل وارا ماڻهو
ٿي تنگ ويا آهن تو مان
اي ڪاش چڙهن سڀئي ماڻهو
پنهنجي پنهنجي گهر ڇت مٿان
۽ ڪن اعلان محبت جو
نئين چاهت جي هڪ ساعت ۾
هر چهرو بڻجي چنڊ پوي
۽ سڀ ايندڙ ويندڙ راتيون
چاهت چانڊوڪيون ٿي چمڪن
ماڻهو مُرڪن ماڻهو مهڪن
ماڻهو جرڪن ماڻهو جهومن
۽ پنهنجيءَ پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾
ڪي گيت محبت جاڳائن
اي زخمي شهر جي خاموشي
مان پيار جو آهيان پانڌيئڙو