تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

جامي چانڊيي جي لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو ھي مجموعو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ماضي ۽ حال جي سياست جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو آھي. جامي ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”اسٽيبلشمينٽ جو پ پ پ حڪومت سان اڻ سهپ، تعصب ۽ سازشي رويو هڪ حقيقت آهي، پر گڏوگڏ اهو سوال به تمام اهم آهي ته ڇا پ پ پ حڪومت وٽ پاڻ به ڪو Vision، ارادو، رٿابندي ۽ سنجيدگي آهي، جنهن مان نظر اچي ته اها رڳو مال ڪمائڻ، اقتداري مزا ماڻڻ کانسواءِ عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام کي به ڪجهه ڊِليور ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي؟
پ پ کي سنڌ ۾ ڀل ته مفاهمتي سياست جي شڪل ۾ سياسي آپگھات جو شوق هجي، جنهن جو کيس پورو حق به حاصل آهي پر پ پ پ کي اهو حق نٿو پهچي ته اُها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تاريخي، سياسي، معاشي، ثقافتي، ۽ انساني حقن جي لتاڙ نام نهاد مفاهمت جي نالي ۾ ڪري.“
Title Cover of book ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

عوام جي عدالت مان اُٿيل ڪجهه سوال!

(پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ماضيءَ ۽ حال تي هڪ تنقيدي نظر)


جيتوڻيڪ اسٽيٽسڪو جي ترجمان سياسي پارٽين مان عوام کي بنيادي تبديلين جي ڪابه اُميد باقي نه بچي آهي پر ان باوجود جڏهن ويجهي ماضيءَ ۾ ”چارٽر آف ڊيموڪريسي“ نالي دستاويز تي پ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) صحيحون ڪيون ته ملڪ ۾ ماڻهن ان تي هڪ حد تائين سرهائي محسوس ڪئي. گهڻن کُٽل پاسن ۽ ڪمزورين باوجود مجموعي طرح ان چارٽر کي هر سطح تي ساراهيو ويو پر اهو سوال ان وقت به موجود هو ته اڳتي هلي ان تي واسطيدار ڌريون ڪيترو عمل ڪنديون ۽ پنهنجي ئي ڪيل ان معاهدي جو مان رکنديون؟ ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ به ايم آر ڊيءَ هڪ چارٽر ٺاهيو هو، جنهن تي سمورين ميمبر پارٽين صحيحون ڪيون هيون پر ان کان پوءِ پ پ پ ٻه دفعا اقتدار ۾ آئي پر ايم آر ڊيءَ جي ان معاهدي کي ان لڙي به ڪونه ڏٺو. جنهن ۾ هڪ اهڙي وفاق جو تصور ڏنو ويو هو، جنهن وٽ صرف چار کاتا يعني دفاع، ڪرنسي، پرڏيهي پاليسي ۽ ڪميونيڪيشن جا کاتا رهڻا هئا ۽ باقي سڀ کاتا صوبن جي حوالي ڪرڻا هئا. پر پوءِ عوام ڏٺو ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پ پ پ جي ايجنڊا ۽ اوليتون ئي ٻيون هيون. ڪنڪرنٽ لسٽ کي ختم ڪرڻ جو ذڪر به سامهون نه آيو. هن ڀيري به چارٽر آف ڊيموڪريسيءَ وقت اِهي خدشا پهرين ڏينهن کان موجود هئا. جيڪي هن ڀيري ته وقت کان اڳ ئي درست ثابت ٿي رهيا آهن. انهن ۾ اهڙن ئي تلخ تجربن سبب هاڻي ماڻهو اسٽيٽسڪو جي سياسي پارٽين جي ڪنهن به واعدي تي ڪو اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. چارٽر اف ڊيموڪريسيءَ ۾ واضح طور چيل آهي ته ڪابه ڌر اسٽيبلشمينٽ سان ڳُجهي يا ظاهري ڊيل نه ڪندي ۽ حڪومتن ٺاهڻ جا سمورا فيصلا عوام جي ووٽ ۽ فيصلي جي بنياد تي ڪيا ويندا پر اڃا ان چارٽر تي ڪيل صحيحن جي مَسِ ئي نه سُڪي آهي ته پ پ پ جي مشرف سان ڊيل جا واضح اشارا سامهون اچي رهيا هئا ۽ هاڻي ته بينظير ڀٽو جي تازي بيان ان جي رسمي طور تصديق ڪري ڇڏي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جڏهن ماڻهو ان بابت پنهنجا تحفظات ظاهر ڪن ٿا ته پارٽيءَ جي صوبائي ۽ هيٺين سطح جي ليڊرشپ چڙي ٿي پئي ته ان تي ڳالهايو نه وڃي. هن موقعي تي اهڙي ڊيل ڪرڻ وقت کين گهربو ته اهو هو ته جي اهي پنهنجي ليڊرشپ جي اهڙي سياسي ڪردار تي ڪُڇي نه ٿي سگهيا ته به کڻي ماٺ ڪن ها. حقيقت اها آهي ته نازڪ سياسي حالتن جي ڪري قومي مصلحتن سبب ماڻهن اسٽيٽسڪو جي سياسي پارٽين ۽ خاص طور پ پ پ بابت ”ڳالهايو“ئي ڪٿي آهي؟ جي حساب ڪتاب جا دفتر کُليا ته نهايت اڻ وڻندڙ حقيقتون سامهون اينديون. ان حوالي سان مان هڪ صحتمند سياسي بحث مباحثي جي شروعات ڪرڻ لاءِ پ پ پ جي ماضيءَ ۽ حال توڙي آئيندي جي امڪانن بابت ڪجهه بنيادي سوال ۽ گذارشون سنڌي عوام ۽ خود پارٽيءَ جي قيادت آڏو رکڻ چاهيان ٿو.
گهڻا ماڻهو ان خيال جا رهيا آهن ته پ پ پ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي تائين هڪ ريڊيڪل ۽ اُصول پسند پارٽي هئي پر اها موجوده قيادت جي هٿن ۾ پهچڻ کان پوءِ ڏاڪي به ڏاڪي پنهنجو اهو ڪردار وڃائي ويٺي. خود شهيد مير مرتضيٰ جو موقف اهو هو، جيڪو هو هر جاءِ تي وَرجائيندو هو. پ پ پ جا پراڻا ۽ نظرياتي ڪارڪن به گهڻي ڀاڱي ان راءِ جا رهيا آهن. اها ڳالهه هڪ حد تائين درست به آهي پر اهو سمورو سچ ناهي. حقيقت ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جنهن بهادريءَ سان هڪ عظيم موت کي وڏيءَ زندهه دليءَ سان قبوليو، ان کيس تاريخ ۾ هڪ هيرو جو درجو ڏئي ڇڏيو. هن کان پوءِ ضياءُ الحق جو يارنهن سالن جو ڀيانڪ دؤر آيو. ان ڪري ماڻهن هرو ڀرو ضرورت ئي محسوس نه ٿي ڪئي ته ڪو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي به سياست جو تنقيدي اک ۽ گهرائيءَ سان جائزو وٺن. ڇاڪاڻ ته ان دؤر جا سياسي اُڀريل تضاد ڪي ٻيا هئا ۽ ضياءُ الحق جي دؤر ۾ ڀُٽي صاحب جي سنگين غلطين جا دفتر کولڻ جو سياسي طرح ڪوبه فائدو نه ٿئي ها. پاڻ نقصان ٿئي ها. ضياءَ جو دؤر ويو ته پ پ پ ”بظاهر“اقتدار ۾ آئي. ان ڪري پوئين دؤر ۾ ماڻهن هن جي قيادت، سندس پاليسين ۽ روين کي ٿي ڏسڻ ۽ جاچڻ چاهيو، پر هاڻي ڀُٽي صاحب جي شهادت کي به ستاويهه سال ٿي چڪا آهن. عوام به رياست جي ڪردار ۽ اقتدار ۾ ايندڙ سياسي پارٽين خاص طور تي پ پ پ بابت انيڪ عملي تجربن مان گذريو آهي. هاڻي ماڻهو به سطحي جذباتيت بدران عقليت ۽ تنقيدي شعور سان شين کي ڏسن ٿا ۽ ڏسڻ چاهين ٿا. ڇاڪاڻ ته حالتون تيزيءَ سان بدلجي رهيون آهن ۽ وڌيڪ خود جذباتيت ۽ شخصيتن جي اجائي سحر انگيزيت وڌيڪ افورڊ نه ٿا ڪري سگهن. ان ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي سموري قرباني ۽ Contributions باوجود پ پ پ جي ڪردار جو جائزو خود سندس دؤر جي نسبت سان به ورتو وڃي ته جيئن بنيادي سوالن ۽ حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ ٿي سگهي. اچو ته ان جي ڪجهه بنيادي پاسن جو تنقيدي جائزو وٺون.
(1) ان حقيقت کان ڪوبه انڪار ڪري نه سگهندو ته شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو سياست ۾ ڪنهن عوامي ۽ سياسي جدوجهد ذريعي نه پر اسٽيبلشمينٽ جي معرفت آيو هو. 5 مارچ 1956ع تي ميجر جنرل سڪندر مرزا ملڪ جو صدر ٿيو ته ڀٽو صاحب سندس ڪابينا ۾ وزير هو. سڪندر مرزا 1956ع جو آئين ۽ اسيمبليون معطل ڪري 7 آڪٽوبر 1958ع تي ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪئي ۽ جنرل ايوب خان کي ملڪ جي فوج جو ڪمانڊر انچيف ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو. 27 آڪٽوبر 1958ع تي جنرل ايوب خان اقتدار تي قبضو ڪري ملڪ جي ٻئي صدر جو عهدو سنڀاليو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سندس ڪابينا جو به وزير هو ۽ ايوب خان کي تمام ويجهو سمجهيو ويندو هو. جيتوڻيڪ ڀٽو صاحب پوءِ اڳتي هلي هڪ نهايت مقبول عوامي اڳواڻ ٿيو ۽ سچ پچ به عوام جي اڪثريت جي طاقت هڪ حد تائين وٽس ۽ ساڻس گڏ هئي پر هن جي سموري سياست کي ڏسبو ته صاف نظر ايندو ته هن ڄاتو ٿي ته پاڪستان ۾ حڪومت ٺاهڻ ۾ بنيادي ڪردار عوام جو نه پر اسٽيبلشمينٽ جو آهي ۽ هن سدائين عوام جي طاقت کي اسٽيبلشمينٽ سان بارگيننگ لاءِ استعمال ڪيو. هن نعرو اهو ئي هنيو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي پر هن هميشه اندر ئي اندر واجهايو اسٽيبلشمينٽ ڏانهن ٿي. مون کي پ پ پ جي هڪڙي سينئر دوست ٻُڌايو هو ته ڀٽو صاحب حيدرآباد ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي مزاج پرسي ڪرڻ آيو هو. ڪچهريءَ دوران جتوئي صاحب شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کان پڇيو ته، ”توهان جي نظر ۾ ملڪ ۾ اصل طاقت جو سرچشمو ڪير آهي؟“ انهيءَ تي ڀُٽي صاحب کيس بنا هٻڪ ۾ جواب ڏنو: ”فوج!“. جڏهن ڀُٽي صاحب کانئس موڪلايو ته حيدرآباد جا صحافي جتوئي صاحب کي ورائي ويا ته ڪهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. جتوئي صاحب کين آف دي رڪارڊ ٻُڌايو ته، ”هيءُ شخص مستقبل جو حڪمران آهي، ڇاڪاڻ ته هي سموري ڳالهه ”سمجهي“ ويو آهي. ٻاهر چوي ٿو ته عوام طاقت جو سرچشمو آهي ۽ دل ۾ سمجهي ٿو ته اصل طاقت جو سرچشمو فوج آهي.“
(2) فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ کي پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀني کان وڌيڪ مضبوط شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ڪيو. ايوب جي طويل ۽ بدترين آمريت ۽ ون يونٽ سبب ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ سخت ڪمزور ٿي چڪي هئي. عوام ۽ اسٽيبلشمينٽ جو تضاد وڌي چڪو هو. يحيٰ خان 25 مارچ 1969ع تي ٻي مارشل لا هنئي، جنهن رهيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي. ٻن سالن اندر اوڀر پاڪستان جي علحدگيءَ جو واقعو ٿيو ۽ جنرل نيازيءَ ڍاڪا ۾ هٿيار ڦٽا ڪري سڄيءَ دنيا ۾ فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار ۽ سگهه کي وائکو ڪري ڇڏيو هو. ملڪ جي فوج ۽ اسٽيبلشمينٽ بدترين بحران جو شڪار هئي، جو کين مجبوريءَ ۾ 20 ڊسمبر 1971ع تي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي ملڪ جو صدر ۽ ملڪي تاريخ جو پهريون سول چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو. پاڪستان جا نوي هزار فوجي ڀارت وٽ قيد هئا ۽ فوج جي اخلاقي ۽ پيشه ورانه طاقت جو ڏيوالو نڪري چڪو هو. ان ڳالهه تي ملڪ جا سمورا روشن خيال دانشور متفق آهن ته ملڪ ۾ طاقت جي توازن کي تبديل ڪرڻ جو اهو هڪ تاريخي موقعو هو، جنهن ۾ ملڪ اندر اسٽيبلشمينٽ جي بالادستيءَ جو ڪردار هميشه هميشه لاءِ ختم ٿي سگهي ها پر تاريخ جو الميو اهو هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ان بجاءِ ٻي واٽ ورتي. هن اسٽيبلشمينٽ جي مئل گهوڙي ۾ ساهه وڌو. هن پنهنجي ذهانت ۽ ڊپلوميسيءَ سان نوي هزار قيدي ڀارت کان ڇڏايا. سندس ميڊياڪر عقيدتمند ان کي هن جو وڏو ڪارنامو قرار ڏيندا آهن. جڏهن ته اهو نهايت وڏو اسٽريٽجڪ بلنڊر هو. يعني جيڪا اسٽيبلشمينٽ ايوب ۽ يحيٰ جي آمريتن، 65ع ۽ 71ع جون جنگيون هارائڻ سبب پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ويٺي هئي، ان جي طاقت جي مئل گهوڙي ۾ ساهه وجهڻ بدران ڀُٽي صاحب کي ڪرڻ اهو کپندو هو ته هو طاقت جو توازن تبديل ڪري سچ پچ به عوام کي سياسي طور طاقت جو سرچشمو بڻائي ها. هن عوام کي سياسي شعور ته ڏنو پر طاقت جو توازن وري به فوج وٽ ئي رکيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪي تاريخ جو واحد اهڙو اڳواڻ هو، جيڪو اها حيثيت ۽ صلاحيت رکندو هو ته جي هو چاهي ها ته سچ پچ به ايئن عملي طور ڪري وڃي ها. سندس ايئن نه ڪرڻ جي سزا رڳو ملڪ جي عوام کي ئي نه پر کيس به ملي ۽ هو دار جي تخت ڏانهن اُماڻيو ويو.
(3) 7 ڊسمبر 1970ع تي ملڪي تاريخ جون پهريون عام چوندون ٿيون. اهي چونڊون ايڊلٽ فرينچائيز ۽ آباديءَ جي بنياد تي ٿيون ۽ 313 ميمبر جو هائوس چونڊجي آيو، جنهن مان 169 ميمبر اوڀر پاڪستان مان هئا. 144 اولهه پاڪستان مان (جنهن ۾ 13 پاڪستان مان هيون ۽ 6 اولهه پاڪستان مان). انهن چونڊن ۾ عوامي ليگ هڪ واضح اڪثريتي ميڊينٽ کڻي آئي هئي پر کيس حڪومت جون واڳون ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو. ڀٽو صاحب به دل ئي دل ۾ ان تي راضي هو جو کيس خبر هئي ته ان جو ٻيو متبادل هو پاڻ هو. ڀُٽي صاحب کي هڪ جمهوريت پسند اڳواڻ طور جيڪو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ کپندو هو، هن اهو نه رڳو ادا نه ڪيو پر هو اندر ئي اندر يحيٰ خان جي پاسي هو. مجيب ڪنهن ٺاهه تي پهچڻ لاءِ ڇهه نقطا پيش ڪيا پر اهي به نه مڃيا ويا. مطلب ته پنجاب جي حڪمران طبقي ۽ سندس نمائنده اسٽيبلشمينٽ بنگال کي زوريءَ ملڪ کان تڙي ڪڍڻ لاءِ حالتون پيدا ڪيون ۽ ڀُٽي صاحب جي سطح جو ماڻهو ان تضاد ۾ حق ۽ سچ جي پاسي بيهڻ بجاءِ ”هنن“ سان بيٺو. جنهن جو سبب سواءِ اقتدار جي لالچ جي ٻيو ڇا ٿي سگهيو ٿي؟ حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته بنگال جي ڌار ٿيڻ سان ملڪ ۾ طاقت جو انڌو منڊو سياسي توازن به ٽُٽي ويو ۽ ”پنجابي-پناهگير مستقل مفاد“ ملڪ جي اڇي ڪاري جو مالڪ ٿي ويهي رهيو. ويندي کين ذوالفقار علي ڀُٽي جهڙو عالمي سطح جو ذهين ۽ نهايت باصلاحيت نمائندو ملي ويو. اسان اڄ تائين ان جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهيون. جي اوڀر پاڪستان کي ايئن ڌڪا ڏئي ملڪ مان نه تڙيو وڃي ها ته اسين اڄ هن ملڪ ۾ هينئن نڌڻڪا، غلام ۽ ڪمزور نه هجون ها. اهو ڪارنامو ٻئي ڪنهن نه پر اسان جي پنهنجي عظيم اڳواڻ ڪيو. جي ان حساس ۽ نازڪ موقعي تي ڀٽو صاحب اسٽيبلشمينٽ جو اسٽريٽجڪ ساٿ نه ڏئي ها ۽ اقتدار جي وقتي مفادن کي ٿُڏي پنهنجو تاريخي انصاف پسند ڪردار ادا ڪري ها ته اسٽيبلشمينٽ ان پوزيشن ۾ ئي نه هئي جو اها بنگال سان ان روش اختيار ڪرڻ جو تصور به ڪري ها.
(4) اها ڳالهه هاڻي ڪوبه راز نه آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان جو تضاد ٻنهي ملڪن جي عوام نه پر سندن فوج جي مفاد ۾ آهي. خاص طور تي پاڪستان ۾ ته اسٽيبلشمينٽ ان تضاد جي نالي ۾ ئي ملڪي وسيلن کي ڇهن ڏهاڪن کان پئي ڀيليو آهي. ڀُٽي صاحب ڄاتو ٿي ته اسٽيبلشمينٽ کانئس تڏهن ئي خوش رهندي، جڏهن هو ڀارت سان کين Suit ڪندڙ ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندو. ڀُٽي صاحب جو ڀارت سان سخت جارحاڻي ٻولي ۽ رويي جو ڪوبه جواز نه هو. پاڻ ويتر هو اهو تضاد ٿڌو ڪري سگهيو ٿي ۽ هو اهڙي صلاحيت جو مالڪ به هو پر هن ويتر ان تضاد کي تيز ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ ساڻن هزار سالن تائين وڙهڻ جون ڳالهيون ڪندو رهيو. ٻنهي ملڪن جي تاريخ ۾ اهو واحد اهڙو دؤر هو، جنهن ۾ ٻنهي پاسي نهايت قابل سياسي ليڊرشپ موجود هئي، يعني هيڏانهن شهيد ڀٽو ته هوڏانهن اندرا گانڌي پر ڀُٽي صاحب ڄاتو ٿي ته اسٽيبلشمينٽ ان ڳالهه کي پسند نه ڪندي. پاڻ هن تضاد وڌڻ سان خوش ٿيندا. ماڻهن کي ڀُٽي صاحب جو ڀارت خلاف جذباتي انداز ته وڻندو هو پر هن اهو ڪونه پئي ڏٺو ته پٺيان پس و پيش ڪنهن کي مضبوط ڪرڻ جي پاليسي هلي رهي آهي. ڀارت ۽ پاڪستان جو تضاد هٿرادو طور پيدا ڪرايل آهي ۽ اهو ٻنهي ملڪن جي فوج کي Suit ڪري ٿو. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي اهو تضاد گهٽائڻ بجاءِ ان کي اڃا به وڌيڪ تيز ۽ پيچيده ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو.
(5) ڀُٽي صاحب پنهنجي بنيادي ويچارن، ويساهن ۽ نظرين جي اُبتڙ ملڪ بابت اهو ئي نام نهاد مها پاڪستاني ۽ مها اسلامي رويو اختيار ڪيو، جيڪو پنجابي- پناهگير مستقل مفاد پهرئين ڏينهن کان ”نظريه پاڪستان“ جي نالي ۾ هلائيندو ٿي آيو. يعني اهو ته ملڪ ۾ فقط هڪ يعني پاڪستاني قوم آهي ۽ اها پاڪستاني قوم به رڳو مسلمانن تي مشتمل آهي. اهو تصور ۽ رويو 11 آگسٽ واري محمد علي جناح جي تقرير جي روح جي نفي هو، جنهن ۾ هن هڪ سيڪيولر رياست جو تصور ڏنو هو. اهو نام نهاد مها پاڪستاني رياستي رويو قومن جي تاريخي وجود کان انڪار تي ٻڌل هو ۽ دراصل پنجابي پناهگير مستقل مفاد جي سڀ طرفي ڦُرلٽ جو هڪ نظرياتي هٿيار هو. 1973ع جي آئين جو بنياد به ڀُٽي صاحب ان ئي تصور تي رکيو. 1973ع جو آئين ملڪ جي خالق قومن جي تاريخي وجود جو انڪاري آهي، ان ڪري اهو جيڪڏهن پنهنجي اصل شڪل ۾ به بحال ٿي وڃي ته به ننڍين ۽ مظلوم قومن لاءِ قابلِ قبول نه آهي ۽ نه هوندو. عام طرح سطحي انداز سان سياسي معاملن کي ڏسندڙ سمجهندا آهن ته ڀُٽي صاحب ايئن ساڄيءَ ڌر جي دٻاءُ ۾ اچي ڪيو پر حقيقت ۾ هن کي معلوم هو ته پنجابي-پناهگير مستقل مفاد ۽ ان جي نمائنده اسٽيبلشمينٽ ان تي ساڻس ڪمپرومائيز نه ڪندي ۽ جي هن ٻي واٽ ورتي ته کيس هلڻ نه ڏنو ويندو. هن اهو رسڪ نه ٿي کڻڻ چاهيو ۽ پس و پيش رياست ۽ ان جي جوڙجڪ ۽ قومن جي وجود بابت اهو ئي رويو اختيار ڪيو جيڪو پنجابي پناهگير مستقل مفاد ۽ سندن نمائنده اسٽيبلشمينٽ جو هو. بنگال ان ئي سبب ۽ بنياد تي الڳ ٿي چڪو هو ۽ ڀٽو صاحب باقي بچيل ملڪ کي بچائڻ جو بهانو بڻائي ان نظرياتي ڍونگ جو ڀانڊو ڦاڙي سگهيو ٿي پر هن ايئن نه ڪيو. مورڳو ان جي اُبتڙ ڪيو. پر اڄ اهو تاريخي حالتن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته اها خود فريب ۽ قومن جي وجود کان انڪاري سوچ هاڻي هر طرف کان رد ٿي چڪي آهي. اڄ ڪير به ان جو ڌڻي ٿيڻ لاءِ تيار نه آهي پر ان جو نقصان يقيني طور وڏو ٿيو. ڀٽو صاحب ان غلط ۽ نام نهاد مها پاڪستاني سوچ جا پردا چاڪ ڪري هڪ نئين، حقيقت پسند ۽ انصاف پسند سوچ ۽ رويي جا بنياد وجهي سگهيو ٿي پر الميو اهو آهي ته هن به ايئن نه ڪيو ۽ هو به نام نهاد پاڪستاني قوم جي خودفريب تصور جو علمبردار هو، جنهن جو بنياد ملڪ جي وسندڙ قومن جي وجود کان انڪار تي ٻڌل هو.
(6) ڀُٽي صاحب جي دؤر ۾ بلوچن خلاف آپريشن، ڀُٽي صاحب جي سياسي ڪيريئر تي هميشه هڪ اڻ وڻندڙ داغ طور موجود رهندو. جيتوڻيڪ اها ڳالهه ظاهر آهي ته اهو آپريشن اسٽيبلشمينٽ طرفان هو پر ڀٽو صاحب به سياسي فيصلي طور ان ۾ شامل رهيو. بلوچ اڳواڻن کي دوکي ۽ دولاب سان پهاڙن تان لاهي، ساڻن واعدي خلافي ڪري کين ملٽري ڪورٽ ۾ سزائون ڏئي ڦاهيون چاڙهيو ويو ۽ هزارين بلوچن جو قتل عام ڪيو ويو. اهي سڀ تفصيل تاريخ جي رڪارڊ تي محفوظ آهن. انهن کي هتي ورجائڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. ٿيو ڇا؟ هڪ طرف بلوچن سان سڌو سنئون ناحق ٿيو ته ٻئي طرف سنڌين ۽ بلوچن وچ ۾ تاريخي طور ويڇا سخت وڌي ويا. هيءُ ته هاڻي ڪجهه سالن کان سنڌي ۽ بلوچ سياسي طور هڪٻئي جي ويجها ٿيا آهن ۽ انهن ۾ به حالتن جو هٿ آهي، نه ته حقيقت ۾ بلوچن ان آپريشن کان پوءِ عملي طور سنڌين کان منهن موڙي ڇڏيو هو ۽ هو سنڌين سان سياسي طور دل ۾ نه ٺهندا هئا. بلوچ روايتي ماڻهو آهن. هنن لاءِ ڀٽو هڪ سنڌي هو، جنهن جي دؤر ۾ مٿن ايڏو وڏو آپريشن ۽ سندن نقصان ٿيو ۽ هو اهو ”حساب“ ڪيئن ٿي وساري سگهيا. بنگالين خلاف استعمال ٿيڻ کان پوءِ بلوچن خلاف استعمال ٿيڻ شهيد ڀُٽي جي ٻي وڏي سنگين ۽ ناقابلِ تلافي غلطي هئي، جنهن جا نتيجا هن يا سندس پارٽيءَ نه پر سنڌ ۽ سنڌي عوام ڀوڳيا. ويندي ڀُٽي صاحب جي شهادت تي بلوچن ڪوبه احتجاج نه ڪيو.
(7) شهيد ڀُٽي ڳالهه عوام جي ڪئي، بظاهر جاگيردارن ۽ سرمائيدارن خلاف ڳالهايو پر ڏٺو وڃي ته پس و پيش وري پارٽي عملي طور ان ئي طبقي حوالي ڪئي. مون کي ته ايئن لڳندو آهي ته هن عوام ۾ ابتدائي دؤر ۾ جيڪو وڏيرن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن خلاف ڳالهايو، اهو دراصل کين ڪمزور ڪري، جهڪائي پاڻ طرف ڇڪڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جي هڪ حڪمت عملي ۽ اٽڪل هئي. هن عوامي اڳواڻ طور سامهون اچڻ شرط اهو تاثر ڏنو ته هو انقلابي آهي. هو سياسي ۽ معاشي پاليسين جي حوالي سان سوشلسٽ آهي ۽ هو جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقي جا بنياد لوڏي ڇڏيندو. نتيجي ۾ هن جڏهن هڪ طرف ڏٺو ته عوام به سندس ڳالهين ۾ اچي سندس پاسي ٿي چڪو آهي ۽ ٻئي طرف خود جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقو به کانئس ڊڄي سندس پويان هلڻ لاءِ تيار آهي ته پوءِ هن پنهنجي پاليسي بدلائي ۽ اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته خود ڀُٽي صاحب جي ئي دؤر ۾ اهو طبقو پارٽيءَ ۽ عوام تي مڙهجي چڪو هو. جڏهن ته شهيد ڀٽو سچ پچ چاهي ها ته عوام جي سياسي ۽ سماجي طور ان طبقي مان هميشه لاءِ جند آجي ڪرائي سگهي ها. اهو ڪارنامو ڪنهن انقلاب کان گهٽ نه هجي ها. ان لاءِ هن کي ڪنهن ريڊيڪل انقلاب جي ضرورت به نه هئي. هو رڳو پارٽيءَ ۾ مڊل ڪلاس ۽ لوئر مڊل ڪلاس کي اڳتي آڻڻ سان به هڪ حد تائين ايئن ڪري ٿي سگهيو، پر ڀُٽي صاحب وٽ عوام لاءِ رنگين ۽ خوابن جهڙيون ڳالهيون هيون پر عملي طرح ڪيو هن اهو جيڪو سندس عارضي مفاد ۾ هو. اصل ۾ ماڻهو جڏهن ڪمپرومائيز ڪرڻ شروع ڪري ٿو ته پوءِ ان جي ڪابه حد نه ٿي رهي. جيئن هڪ ڪوڙ ماڻهوءَ کان پنجاهه ٻيا ڪوڙ ڳالهرائيندو آهي تيئن هڪ مصلحت ۽ ڪمپرومائيز ماڻهوءَ کان ٻيا ڪمپرومائيز ڪرائيندي آهي. اصل ۾ تاريخ ۾ رڳو ماڻهوءَ جون ڳالهيون نه ٿيون بيهن، پر سندن عملي ڪردار بيهي ٿو. ڀُٽي صاحب جا جيڪي ڪارناما آهن، اهي به تاريخ ۾ محفوظ رهندا پر هن کان جيڪي سنگين غلطيون ۽ بلنڊر ٿيا، اهي به تاريخ لڪائي نه ٿي سگهي، عام طور سمجهيو اهو ويندو آهي ته پ پ پ جو ڪردار ڀُٽي صاحب کان پوءِ ڏاڪي به ڏاڪي زوال ڏانهن ويو آهي پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ان جا بنياد روين، پاليسين ۽ ترجيحن جي حوالي سان خود ڀُٽي صاحب پنهنجي ئي دؤر ۾ رکي ڇڏيا هئا، جيڪي هن کان پوءِ اڃا به ويا وڌندا، پر ايئن هرگز نه آهي ته ڪو ڀُٽي صاحب جي دؤر ۾ پ پ پ ڪي به سنگين غلطيون ۽ بلنڊر نه ڪيا ۽ اهو سلسلو پوءِ شروع ٿيو. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته شهيد ڀٽو حيرتناڪ حد تائين ذهين ۽ محنتي ماڻهو هو، پر ان جي تمام گهڻن فيصلن، روين، پاليسين ۽ سياست مان دورانديشي، ڊگهي مُدي وارن نتيجن جي ادراڪ جي حوالي سان مجموعي طور منجهس ڏاهپ جي کوٽ نظر اچي ٿي. انهن مان ڪجهه نقطن تي اسان مٿي لکي آيا آهيون.
سوال آهي ته:
• ڇا اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب جي مينڊيٽ کي اسٽيبلشمينٽ طرفان رد ڪرڻ جي پاليسيءَ ۾ ڀُٽي صاحب کي اسٽيبلشمينٽ جو ساٿ ڏيڻ گهربو هو؟
• ڇا اوڀر پاڪستان جي سانحي کان پوءِ کيس شڪست کاڌل اسٽيبلشمينٽ جي مئل گهوڙي ۾ سياسي، سفارتي ۽ معاشي ساهه وجهڻ گهربو هو ۽ ڇا هن جو اهو فيصلو ۽ رويو درست ۽ عوام جي حق ۾ هو؟
• ڇا هن کي پنجابي-پناهگير مستقل مفاد جي نظرياتي بدديانتيءَ جي آئينيدار ۽ قومن جي وجود جي انڪاري مها پاڪستاني تصور کي قبول ڪرڻ کپندو هو؟
• ڇا هن جي ڀارت ۽ پاڪ- ڀارت لاڳاپن بابت پاليسي حقيقت پسند، عوام دوست، انصاف پسند ۽ دورانديشيءَ تي ٻڌل هئي؟ ڇا هن نه ٿي ڄاتو ته هزار سالن تائين ڀارت سان وڙهڻ جي سوچ ۽ روش پس و پيش ڪنهن جي مفاد ۾ هئي؟ ان ڪنهن کي مضبوط ۽ ڪنهن کي ڪمزور ٿي ڪيو؟ ان ڪنهن جي ”مفادن“ جو بچاءُ ۽ ڪنهن کي ڪمزور ٿي ڪيو؟ ان ڪنهن کي مضبوط ۽ ڪنهن جي ڊگهن مفادن کي خطري ۾ ٿي وڌو؟
• ڇا ڀُٽي صاحب سچ پچ به عوام کي طاقت جي سرچشمي ۾ تبديل ڪيو يا دل ۾ ايئن سمجهيو؟ ڇا هن نه ٿي ڄاتو ته پارٽيءَ ۽ پارليامينٽ کي وڏيرن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن حوالي ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ طاقت جي توازن کي اسٽيبلشمينٽ جي حق ۾ رکڻ عوام سان هڪ ريشمي ۽ خوبصورت دوکو هو؟
• ڇا ڀُٽي صاحب مڊل ڪلاس، هيٺين وچين طبقي ۽ عوام کي پارٽيءَ ۽ سياسي عمل ۾ وڏيرن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن تي عملي طور سچ پچ به ترجيح ڏيڻ ۽ کين ليڊرشپ سطح تي آڻڻ لاءِ خاص ۽ اسٽريٽجڪ ڪوششون ورتيون؟ ۽ عملي طور ايئن ڪري ڏيکاريو؟
• ڇا 1973ع جو آئين حقيقت پسند، انصاف پسند ۽ سمورين قومن جي عوام جي جائز مفادن جو بچاءُ ڪندڙ هو ۽ آهي يا ٿي سگهي ٿو؟
انهن سمورن سوالن تي سطحي جذباتيت ۽ عقيدت جي روش کان پاسيرو ٿي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. سياست ۾ ڪوبه اڳواڻ ۽ ڪابه پارٽي مقدس ڳئون ناهي. عوام جو مفاد ڪنهن تقليد، سياسي عقيدي پرستيءَ ۽ شخصيت پرستيءَ ۾ نه پر حقيقتن کي گهرائيءَ سان سمجهڻ ۽ انهن کي بدلائڻ ۾ آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ٻيو دؤر جنهن جو به سنجيدگيءَ، گهرائيءَ ۽ تنقيدي نظر سان جائزو وٺڻ ضروري آهي، اهو دؤر آهي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو 1986ع ۾ ملڪ واپس اچي پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ جون واڳون سنڀاليون. 1986ع ۾ بينظير ڀٽو جڏهن ملڪ واپس آئي ۽ هن لاهور ۾ اچي پنهنجا قدم رکيا هئا ته هڪ اندازي موجب ڏهه لکن کان به وڌيڪ ماڻهن جي هڪ پُرجوش سمنڊ سندس استقبال ڪيو. جي عوام جي ان اٿاهه وابستگيءَ جو سنجيدگيءَ ۽ گهرائيءَ سان جائزو ورتو وڃي ها ته دراصل اها هڪ لحاظ کان بينظير ڀٽو لاءِ خوشيءَ ۽ فخر جي ڳالهه به هئي پر حقيقت ۾ هن کي اهو به سمجهڻ کپندو هو ته عوام جي اها محبت ۽ موٽ مٿس تاريخ جو ڪيڏو نه ڳرو بار وجهي رهي آهي. هڪڙي ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته عوام جي موٽ ۽ محبت وقتي طرح ماڻهوءَ کي خوش به ڪندي آهي، ان کي اتساهه به بخشيندي، ماڻهوءَ جي مورال کي مٿي به کڻندي آهي پر حقيقت ۾ اهو هڪ وڏو بار به هوندي آهي. اها محبت عوام جي هڪڙي اخلاقي امانت به هوندي آهي، اها بظاهر غير مشروط نظر ايندي آهي پر حقيقت ۾ اها عوام جي گڏيل مفادن، سندن تحت الشعور ۾ پيل آدرشن، سندن اڻ اظهاريل خواهشن، سندن تشنه حسرتن ۽ اُميدن سان مشروط هوندي آهي. ان ڪري اهو هڪ غلط، سطحي، هوائي ۽ گمراهه ڪندڙ مفروضو آهي ته عوام جي محبت غير مشروط ٿيندي آهي. عوام جي محبت ويساهه، اُميد ۽ سندن گڏيل مفادن جي حوالي سان نتيجن جي توقع جي بنياد تي هوندي آهي. 1986ع ۾ بينظير ڀٽو کي عوام طرفان مليل بي پناهه محبت به اهڙي محبت هئي، جنهن جي سببن ۽ محرڪن جي روح تائين هوءَ نه پهچي سگهي. 1986ع کان 2006ع تائين جي سندس ويهن سالن جي سياسي سفر جو بنيادي ۽ وڏي ۾ وڏو الميو اهو ئي آهي. باقي سموريون ڳالهيون ان جا منطقي نتيجا آهن.
اچو ته بينظير ڀٽو صاحبه جي انهن ويهن سالن جي سياسي سفر ۽ ان دوران سندس پارٽيءَ جي سياسي ڪردار جو سنجيدگيءَ سان ۽ ٺوس حقيقتن ۽ دليلن جي بنياد تي هڪ جائزو وٺون.
(1) 1986ع ۾ بينظير ڀٽو صاحبه واپس آئي ته اهو هڪ خاص حالتون رکندڙ دؤر هو. عوام 9 سال مسلسل ضياءَ جي آمريت کي ڀوڳيو هو ۽ ان خلاف هر سطح تي هر قسم جي مزاحمت ڪئي هئي. 1983ع جي ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ ته عوام جي هڪ تاريخي جدوجهد ۽ مزاحمت هئي. عوام ان اُميد ۽ انتظار ۾ هو ته آمريت جي ڪاري رات کُٽندي ته جمهوريت جو نئون سج سندن لاءِ خوشحاليءَ، آزاديءَ ۽ سرهائيءَ جا نوان سنيها کڻي ايندو. سياسي پارٽيون عوام جي اهڙين اميدن تي پورو لهڻ ۽ پنهنجو سياسي فرض نڀائڻ لاءِ سياسي، معاشي ۽ سماجي پاليسيون ٺاهينديون آهن ۽ جن پارٽين جي سگهه حڪومت ٺاهڻ جي هوندي آهي، اُهي ته پنهنجون متبادل سفارتي ۽ پرڏيهي پاليسيون به ٺاهينديون آهن. پ پ پ وٽ بدليل ۽ بدلجندڙ حالتن جي نسبت سان ڪي به واضح ۽ ٺوس پاليسيون نه هيون ۽ نه وري ڪي اُصول طئي ڪيل هئا ته اها ڪهڙن اُصولن تحت حڪومت ٺاهيندي يا ان ۾ شامل ٿيندي ۽ ڪهڙن شرطن تحت ڪڏهن به حڪومت نه وٺندي يا ان جو حصو نه بڻجندي؟ پارٽيءَ وٽ رڳو نعرا هئا، ليڊرشپ جو سحر هو پر ان وٽ ڪي به ٺوس، گهربل ۽ وقت سان ٺهڪندڙ پاليسيون نه هيون. پارٽيءَ وٽ ڪوبه واضح پروگرام نه هو ته ان وٽ جمهوريت جو تصور ڇا آهي؟ اها ڪنڪرنٽ لسٽ ختم ڪندي يا نه؟ اها ڪهڙو آئيني انتظام ڪندي ته جيئن بار بار جنرل ملڪ جي سياسي نظام تي راتاها نه هڻن؟ اها ملڪ ۾ وسيلن ۽ آمدنيءَ جي ورهاست ڪيئن ڪندي؟ ان وٽ اين ايف سي ايوارڊ جو ماڊل ۽ خاڪو ڇا هوندو؟ اها بين الصوبائي تڪرار نبيرڻ لاءِ ڪهڙيون تدبيرون اختيار ڪندي؟ اها ملڪ ۾ پاڻيءَ جو تڪرار ڪيئن نبيريندي ۽ ان جو وڏن ڊيمن ۽ ان مان نڪرندڙ واهن بابت ڪهڙو ۽ ڇا موقف هوندو؟ ان جي پرڏيهي پاليسي ڇا هوندي؟ ڇا اها سامراج پرست ۽ عوام دشمن پرڏيهي پاليسي جاري رکندي يا ڪو متبادل رستو اختيار ڪندي؟ اهي ۽ اهڙا ٻيا انيڪ سوال پيپلز پارٽيءَ کان ضياءَ جي دؤر کان پوءِ ٺوس پاليسين جا متقاضي هئا پر ان جي ڀيٽ ۾ پارٽيءَ وٽ ڪا هڪ به پاليسي واضح نه هئي. ٻئي طرف 1986ع جي ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ کانپوءِ ان پاران وفاق بابت هڪ ڍانچي ۽ خاڪي تي اتفاق ڪيو ويو هو، جنهن تي پ پ پ پڻ صحيحون ڪيون هيون. جيتوڻيڪ اهو خاڪو به ڪو گهرجن پٽاندر نه هو پر تڏهن به ان ۾ اهو مڃيو ويو هو ته ڪنڪرنٽ لسٽ ختم ڪئي ويندي ۽ مرڪز وٽ رڳو چار کاتا باقي رهندا، پر پيپلز پارٽيءَ اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ان جو ڪوبه احترام نه ڪيو ۽ ان معاهدي جي حيثيت به پ پ پ لاءِ اهڙي ئي وڃي بچي جهڙي آمرن لاءِ آئين جي هوندي آهي.
(2) 1988ع ۾ جنرل ضياءُ الحق جهاز جي ”حادثي“ ۾ فوت ٿي ويو ۽ ايئن 16 نومبر 1988ع تي ملڪ جي اٺين قومي اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. اِهي چونڊون ملڪ جي تڏهوڪي صدر غلام اسحاق خان جي انتظام هيٺ ٿيون ۽ 2 ڊسمبر 1988ع تي محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم طور قسم کنيو. هاڻي اها ڳالهه ڪوبه راز نه رهي آهي ته پ پ پ کي اهو اقتدار اسٽيبلشمينٽ جي شرطن تي ۽ محدود اختيارن تحت ڄڻ ته مقاطعي تي ڏنو ويو هو. اها ڳالهه هاڻي بينظير ڀٽو صاحبه پاڻ به بار بار ورجائي چڪي آهي. سمجهڻ وارن تڏهن ئي سمجهي ورتو هو ته اسٽيبلشمينٽ اقتدار پ پ پ کي منتقل ڪرڻ جو نالي ماتر ڊرامو ڪيو آهي. گهڻن دورانديش ماڻهن جو تڏهن به اهو خيال هو ته اهڙو نالي ماتر اقتدار وٺڻ بينظير ڀٽو ۽ سندس پارٽيءَ جي سنگين اسٽريٽجڪ غلطي ۽ بلنڊر هو. ڇاڪاڻ ته ماڻهن ۽ خاص طور سنڌ جي عوام آمريت سان وڏو ۽ طويل جدوجهد ذريعي ٽڪر کاڌو هو. ان لاءِ ٻچا ٻار قربان ڪيا هئا ۽ ٻيون هر طرح جون بي مثال قربانيون ڏنيون هيون. 1983ع ۽ 1986ع جون تحريڪون ان جا وڏا مثال هئا. ڇا عوام جي ايڏي طويل جدوجهد کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ سان ڳجهو ٺاهه ڪري، سندن ٽرمس تي نالي ماتر اقتدار جي ڪرسي حاصل ڪرڻ عوام جي بي لوث جدوجهد سان سياسي غداري نه هئي؟ ڪهڙو آسمان ڪري ها، جيڪڏهن اهو جڏو يا هٿ پير ٻڌل اقتدار وٺڻ کان انڪار ڪيو وڃي ها؟ ڇاڪاڻ ته اها رڳو اقتدار وٺندڙن جي ئي نه پر بنيادي طور عوام جي جدوجهد ۽ قربانين جي وڏي توهين هئي. برما جهڙي پسمانده ملڪ ۾ آنگ سانگ سُوچي به ته آهي، جنهن هميشه ساموانگ فوجي جنتا سان ڪنهن به ڪمپرومائيز کي هميشه ٿُڏي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي ملڪ جي عوام جي ويساهه جي علامت بڻيل آهي. ظاهر آهي ته اقتدار جي منتقليءَ جي ان ناٽڪ مان عوام کي ورڻو ڪجهه به نه هو ۽ نيٺ غلام اسحاق خان ڇهه آگسٽ 1990ع تي آئين جي آرٽيڪل (2) 58 تحت اسيمبليون ٽوڙي پ پ پ جي نالي ماتر حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو.
سوال آهي ته جيڪڏهن 1988ع ۾ اسٽيبلشمينٽ سان ڪمپرومائيز نه ڪيو وڃي ها ۽ عوام جي سگهه ۽ جدوجهد تي ويساهه رکي حقيقي جمهوريت جي بحاليءَ تائين اقتدار جي منتقليءَ جي ناٽڪ کي رد ڪيو وڃي ها ته اسٽيبلشمينٽ جي اخلاقي ۽ سياسي سگهه جي صورتحال ڇا رهي ها؟ ڇا پوءِ هو رات وچ ۾ اسيمبلين کي ايئن برطرف ڪرڻ جي جرئت ڪري سگهن ها؟ سڀني کي خبر هئي ته اسٽيبلشمينٽ ضياءَ جي ڊگهي يارنهن سالن جي دؤر سبب اندروني طور سخت بحران جو شڪار هئي. ان ڪري اها گهڻو وقت عملي طور اقتدار تي قابض رهڻ کي Manage نه ڪري سگهي ها پر جيستائين وچينءَ تي روزو ڀڃڻ وارن جو ڏڪار نه آهي تيستائين اسٽيبلشمينٽ کي به ڪو خطرو محسوس نه ٿو ٿئي.
(3) حقيقت ۾ 1986ع ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جي واپس ورڻ کان پوءِ پ پ پ هر طرح سان اسٽيبلشمينٽ کي اهي سياسي Gestures ڏئي چڪي هئي ته اها ساڻن حتمي مزاحمت ۽ سياسي ويڙهه بدران ڪمپرومائيز ذريعي اقتدار وٺڻ چاهي ٿي. ان ڪري اسٽيبلشمينٽ به ان کي ڪو خاص وزن نه ٿي ڏنو جو کين معلوم هو ته هيءُ محدود ۽ نالي ماتر اقتدار جي ”پگهار“ تي ”نوڪري“ ڪرڻ لاءِ به تيار آهن. دراصل اِها ئي اُها فيصلائتي اسٽريٽجڪ پوائنٽ هئي، جتي هڪ طرف عوام کانئس مايوس ٿيڻ شروع ٿيو ته ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ به سندن ”وزن“ پرکي ورتو هو. اها پ پ پ جي اها ساڳي اڳوڻي روايت ۽ روش هئي ته بظاهر عوام کي طاقت جو سرچشمو چئبو پر دل ۾ سمجهبو ته اها مڙئي ڳالهه آهي، اصل طاقت جو سرچشمو اسٽيبلشمينٽ آهي. شهيد ڀُٽي به ان ۾ مار کاڌي. ڇا هن جهڙي مدبر اڳواڻ اها سادي ڳالهه نه ٿي سمجهي ته هو جنهن ملڪ جي بنياد تي عالمي سياست ۾ وڏي راند کيڏي رهيو آهي ۽ عالمي سياسي طاقت جي توازن کي تبديل ڪرڻ جو سوچي رهيو آهي، ان جون واڳون عملي طور ان اسٽيبلشمينٽ وٽ آهن جيڪا وِڪاڻل آهي ۽ جيڪا ڪنهن وقت به سندس پيرن هيٺان زمين ڪڍي سگهي ٿي؟ نيٺ ٿيو به ايئن، هڪ دفعو وري ساڳي تاريخي غلطي ورجائي پئي وئي. پ پ پ جي زوال جي ڪهاڻي ان موڙ کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن ان دل ۾ عوام جي سگهه جو احترام ڪرڻ ڇڏي ڏنو. ان کي محظ ٺلهو نعرو سمجهي اصل ۾ سڄو ڌيان اسٽيبلشمينٽ سان هڪٻئي لاءِ ڪنهن قبوليت جوڳي ”حل“ ڪڍڻ تي رکيو. دراصل جڏهن سياست ۾ ماڻهو عوام جي سگهه کان واقعي ويساهه کڻي وڃي ته پوءِ ان وٽ مصلحتن ۽ ڪمپرومائيز کان سواءِ ٻي ڪا واهه به نه ٿي بچي. پ پ پ سان به ايئن ئي ٿيو.
ڇا محترمه بينظير ڀٽو جهڙي ذهين اڳواڻ اهو نه ٿي سمجهيو ۽ ڄاتو ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ عوام ۽ اسٽيبلشمينٽ جي فيصلائتي سياسي ويڙهه کانسواءِ اقتدار حقيقي معنيٰ ۾ سياسي عمل ذريعي عوام کي منتقل ٿي سگهي ئي نه ٿو؟ جي هن اها سادي ۽ چِٽي حقيقت نه پئي سمجهي ته ان کي ڇا چئجي؟ سندس ناسمجهي يا ڏٺي وائٺي ڪمپرومائيز؟ ۽ جي هن اهو سمجهيو ٿي ته پوءِ هن اهو 1988ع وارو محدود ۽ مقاطعي تي ڏنل ناٽڪي اقتدار ڇو ۽ ڪيئن وٺڻ گوارا ڪيو؟ منهنجي خيال ۾ اهو سمجهڻ ۾ ڪابه عربي فارسي نه آهي.
(4) 1986ع کان پوءِ بينظير ڀٽو صاحبه به عوام جي ٺلهي ڳالهه ڪئي ۽ حقيقت ۾ جنهن کي سياسي طور اکين تي رکيو ۽ کيس مضبوط ڪيو، اهو ساڳيو ئي ابن الوقت، عوام دشمن، ڦرڻو گهرڻو ۽ ويڪائو وڏيرڪو طبقو هو. 1988ع جي چونڊن ۾ عوام ۽ تاريخ کيس ۽ سندس پارٽيءَ کي اهو تاريخي موقعو فراهم ڪيو، جنهن ۾ هوءَ ان طبقي کي سياسي طور دفن ڪري پئي سگهي. 1988ع جون چونڊون هڪ خاموش انقلاب هو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته پير پاڳارو پرويز علي شاهه کان هارائيندو، نواب سلطان احمد چانڊيو هڪ عورت ڊاڪٽر اشرف عباسيءَ کان شڪست کائيندو؟ غلام مصطفيٰ جتوئي رحمت الله بهڻ کان هارائي ويندو؟ 1988ع جي چونڊن ۾ عوام وڏيرڪي طبقي کي سياسي موت ڏئي تاريخ جي ڊسٽ بن ۾ ڦٽي ڪري ڇڏيو هو پر پوءِ سنڌ جي مرندڙ وڏيرڪن گهراڻن کي ڳولي ڳولي، سندن سياسي لاش وقت جي قبرن مان ڪڍي، منجهن اقتدار ۽ سياسي مراعتن جو رت وجهي، کين وري سياسي ميدان تي لاٿو ويو ۽ ان ۾ پ پ پ وسان نه گهٽايو. ڇا اهو تاريخي موقعو نه هو، جنهن ۾ اڳتي هلي باڪردار ۽ باشعور ڪارڪنن ۽ مڊل ڪلاس کي اڳتي اچڻ جو موقعو ڏنو وڃي ها؟ 1988ع کان پوءِ پ پ پ ۾ هڪ ڪلچر پيدا ڪيو ويو. پارٽيءَ لاءِ معتبر اهو ليکبو هو جنهن وٽ پئسا گهڻا هجن ۽ هو پارٽيءَ کي وڌيڪ وسيلا فراهم ڪري سگهي. ظاهر آهي ته ڪهڙو مڊل ڪلاس جو مخلص ۽ ڪارڪن ماڻهو ان معيار تي پورو لهي سگهي ها؟ نتيجي ۾ هڪ طرف هڪ Neo-Feudal طبقو پيدا ٿيو، جيڪو روايتي طرح سماجي حوالي سان وڏيرو نه هو پر هن ڪرپشن ذريعي وسيلا هٿ ڪري ان معيار تي پورو لهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي.
سنڌ ۾ ڪيترن ئي خاندانن کي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. چونڊن ۾ بيهڻ لاءِ پارٽي ٽڪيٽ جو معيار ڪارڪنن جي قرباني، سچائي، ڪردار، قابليت ۽ ڪمٽمينٽ نه هئي پر فقط ۽ فقط پئسو هو. ان روش سان پ پ پ هٿ وٺي پنهنجي مضبوط ڪارڪنن جي پوري Institution کي عملي طور ختم ڪري ڇڏيو. اڄ هيٺين سطح تي پارٽيءَ سان وابسته غريب ماڻهو باڪردار ڪارڪن بڻجڻ بجاءِ ”ڪنهن نه ڪنهن جو ماڻهو“ ٿيڻ کي ترجيح ڏين ٿا، جو کين سياسي سلامتيءَ جو اهو واحد وسيلو نظر اچي ٿو. يعني هڪ طرف پارٽيءَ توڙي سياسي عمل ۾ وڏيرڪي طبقي کي واڪ اوور ڏنو ويو ته ٻئي طرف مڊل ڪلاس کي ڪرپٽ ڪري کين عملي طرح Neo-Feudal بڻايو ويو. گذريل ويهن سالن ۾ اُسريل ان سياسي رويي ۽ ڪلچر اسان جي سياسي ماحول کي سخت خراب ڪيو آهي.
(5) اها ڳالهه هاڻي سياسي سمجهه رکندڙ ٽين دنيا جو ٻار به ڄاڻي ٿو ته سندن حڪمران طبقا پنهنجن ملڪن ۽ عوام جا نمائندا نه پر سامراج جا ويهاريل ۽ سندن مفادن لاءِ ڪم ڪندڙ گماشتا آهن. عالمي سامراج ٽين دنيا جي جمهوري تحريڪن کي اُسرڻ ئي نه ٿو ڏئي ۽ هو پنهنجي ديسي دلالن معرفت رياستن کي ڪڏهن ظاهري ته ڪڏهن ڳُجهي نموني ڪنٽرول به ڪري ٿو ته وري جمهوري تحريڪن کي يا ته ڪُچلرائي ٿو يا ڪرپٽ ڪرائي ٿو. ان ڪري ٽين دنيا جي ڪابه حقيقي عوامي جمهوري حڪومت پنهنجي سرشت ۾ سامراج دوست ٿي سگهي ئي نه ٿي. بلڪه اصل ۾ ان کي پرکڻ جو معيار ۽ پيمانو ئي اهو آهي. جيتوڻيڪ شهيد ڀٽو هڪ حد تائين سامراج دشمن هو پر 1986ع کان پوءِ بينظير ڀٽو صاحبه نه رڳو شعوري طرح سامراج دشمنيءَ جي روش کي پارٽيءَ ۾ سختيءَ سان ختم ڪرايو پر ان ڪوشش ڪري آمريڪا کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها پاڪستان ۾ سندن ”مفادن“ جو بهتر تحفظ ڪري سگهي ٿي. مون کي ياد آهي ته 1986ع کان پوءِ بينظير ڀٽو جلسن ۽ جلوسن ۾ آمريڪا خلاف لڳندڙ نعرن تي سخت چڙي پوندي هئي. هاڻي پيپلز پارٽيءَ جي جلسن، جلوسن ۽ پروگرامن ۾ آمريڪا خلاف نعرا ماڻهن کي ٻُڌڻ ۾ ڪڏهن به نه ايندا. ان جي شاهدي خود پارٽيءَ جا پراڻا ڪارڪن ڏئي سگهن ٿا. ٻيو ته ٺهيو پر اڄ جڏهن سمورو عوام ۽ سڄي دنيا آمريڪا خلاف ٿيو بيٺي آهي، مجال آهي جو پ پ پ جي قيادت هڪ لفظ به آمريڪا جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ لاءِ ڳالهائي! سبب وري به ساڳيو آهي. جڏهن دل ۾ اهو سمجهبو ته عوام جي طاقت عملي طور ڪجهه به نه آهي ۽ اقتدار دراصل آمريڪا ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه کان پوءِ ملندو ته پوءِ اهڙا مفاد ڪٿي ٿا اجازت ڏين ته ماڻهو اُگهاڙو سچ ڳالهائي؟ ٽين دنيا جي ڪنهن به جمهوري تحريڪ لاءِ سامراج دوستي سياسي طور ڪنهن آپگهات کان گهٽ نه آهي ۽ پ پ پ جي پرڏيهي ۽ سفارتي پاليسيءَ کي ان حوالي سان ڏسي، پروڙي ۽ ان مان گهربل نتيجا آسانيءَ سان ڪڍي سگهجن ٿا.
(4) 1986ع کان وٺي پ پ پ جيئن اتحادن جي گڏيل فيصلن ۽ اُصولن کي Violate ڪيو آهي، ان جو نتيجو هيءُ آهي ته اتحادن ۾ پارٽيون ساڻن گڏ ته ضرور هلن ٿيون پر ڪوبه دل ۾ مٿن اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ايم آر ڊيءَ جي چارٽر سان جيڪو حشر ڪيو ويو اهو ته هاڻي ماضيءَ جي ڳالهه آهي پر هي تازو جيڪو ”ميثاقِ جمهوريت“ جو معاهدو ٿيو، ان ۾ مسلم ليگ (ن) هاڻي ته پ پ پ مٿان پنهنجي عدم اعتماد جو اظهار عوامي سطح تي به ڪرڻ شروع ڪيو آهي. روز اخبارن ۾ ساڻن اسٽيبلشمينٽ جي ڳُجهي ڊيل جون خبرون اچن ٿيون ۽ سندن سياسي رويا به ان جي ڄڻ ته تائيد ڪن ٿا. اڪبر بگٽيءَ جي قتل کانپوءِ جڏهن پارليامينٽ مان استعيفائن جي ڳالهه اُٿي ته ايم ايم اي کي جي يو آءِ ۽ اي آر ڊيءَ کي پ پ پ معرفت مينيج ڪيو ويو. نه ته جي سچ پچ به سموري مخالف ڌر استعيفائون ڏئي ها ته مشرف جي پيرن هيٺان زمين نڪري وڃي ها. پر ايئن نه ٿيو! ذميوار ڪير آهي؟
سوال اهو آهي ته ڇا پ پ پ ۽ سندس اڳواڻ ماضيءَ جي انهن سنگين غلطين مان ڪجهه سکيو آهي يا هيءُ سلسلو اڃا وڌيڪ وڏي ڌٻڻ ڏانهن وڃي رهيو آهي؟ هينئر جڏهن صاف پيو ڏسجي ته اسٽيبلشمينٽ مڪمل طور ۽ هر طرف کان ڦاسي چڪي آهي ۽ رياست جو هيءُ بحران وري ڪنهن نئين ناٽڪ سان وڌيڪ پيچيده ته ٿيندو پر حل نه ٿيندو، تڏهن ڇا هڪ دفعو وري اسٽيبلشمينٽ سان ڳُجهه ڳوهه ۾ ڪو ٺاهه ڪري نالي ماتر اقتدار وٺڻ ۽ ڪنهن بنيادي تبديليءَ جي محرڪن کي ايئن پُٺي ڏيڻ هڪ دفعو وري عوام سان سنگين مذاق نه ٿيندو؟ هڪ ته ڏٺي وائٺي ڊيل ۽ ڪمپرومائيز ڪئي پئي وڃي ۽ ٻيو وري وڏي رعب تاب سان اکيون پيون ڏيکاريون وڃن ته ڪو مٿن اهڙي ڪردار سبب آڱر به نه کڻي. جنهن دؤر ۾ اسٽيبلشمينٽ سان فيصلائتي سياسي ويڙهه جي ضرورت آهي، اتي عوام جي مرضيءَ ۽ تبديلين جي محرڪن کي ايئن پُٺي ڏيڻ کي ڇا عوام ايئن معاف ڪري ڇڏيندو؟ هن دفعي اسٽيبلشمينٽ کي هن باهه مان نڪرڻ لاءِ رستو ڏيڻ ملڪي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو سياسي ڏوهه هوندو.
عوام جي ذهنن ۾ اڄ به سوال آهن ته:
• ڇا اقتدار عوام جي سگهه ۽ فيصلي جي بنياد تي ورتو ويندو يا اڳوڻن دؤرن جيان اسٽيبلشمينٽ جي ٽرمس ۽ شرطن تي؟
• ڇا ساڳئي سرشتي ۾ ناٽڪي سياسي حڪومت ۽ جمهوريت جو ڊرامو ورجايو ويندو يا اقتدار حقيقي معنيٰ ۾ عوام ۽ سياسي قوتن کي منتقل ٿيڻ تائين ڪمپرومائيز نه ڪيو ويندو؟
• اقتدار وري آمريڪا جي آشيرواد سان ورتو ويندو ۽ سندن مفادن جي تحفظ جون پاليسيون اختيار ڪيون وينديون يا حقيقي عوام دوست ڪردار ادا ڪيو ويندو؟
• ڇا پارٽيءَ ۽ چونڊن ۾ ساڳين آزمايل موقعي پرست طبقي جي وڏيرن کي اڳتي آندو ويندو يا ان ۾ مڊل ڪلاس ۽ عوام منجهان باڪردار ماڻهن کي Space ڏنو ويندو؟
• ملڪ جنهن بدترين بحران ۽ تضادن جو شڪار آهي، ان جو حل هڪ حقيقي ۽ قومن جي برابريءَ واري وفاق تحت ڪڍيو ويندو يا هن ڌپ ڪري ويل وفاق جي بدبودار لاش کي اڃا به گهليو ويندو؟
• پاڻيءَ جي تاريخي تڪرار کي انصاف جي تقاضائن موجب حل ڪيو ويندو يا ان جو اسٽيٽسڪو برقرا رکيو ويندو؟
• چشمه جهلم ۽ ٿل ڪئنال جا غير قانوني ۽ ڌاڙيل واهه بند ڪيا ويندا يا نه؟
• سنڌو درياهه تي ناجائز وڏن ڊيمن جون سموريون رٿائون قانوني طور ختم ڪيون وينديون يا نه؟
• ناڻي ۽ وسيلن جي ورڇ انصاف جي بنياد تي ڪئي ويندي يا ماضيءَ وارا اين ايف سي ايوارڊ جيئن جو تيئن برقرار رکيا ويندا؟
• ڪنڪرنٽ لسٽ ختم ڪري وفاق کي ٽن کاتن تائين محدود ڪيو ويندو يا صورتحال جيئن جو تيئن برقرار رهندي؟
• صوبن کي پنهنجن قدرتي وسيلن ۽ زمين تي مالڪيءَ جا حق ڏنا ويندا يا نه؟
• ماضيءَ جيان سنڌ ۾ دهشتگردن سان حڪومتون ٺاهڻ لاءِ ناجائز مطالبن جي بنياد تي ٺاهه ڪيا ويندا يا اها روايت تبديل ڪئي ويندي؟
• سنڌ جون جيڪي زمينون دهشتگردن ناجائز طور الاٽ ڪرايون آهن، اهي منسوخ ڪري واپس ورتيون وينديون يا ماضيءَ جيان کين سڀ آسانيءَ سان هضم ٿي ويندو؟
حقيقت ۾ ضرورت آهي ته پ پ پ جا ٻئي ۽ ٽئين درجي جا اڳواڻ مٿن تنقيد ٿيڻ ۽ آڱريون کڄڻ تي ارها ٿيڻ ۽ آپي مان نڪرڻ بجاءِ سنجيدگيءَ سان مٿين لفظن ۽ سوالن تي غور ڪن. ڪابه پارٽي مقدس ۽ آسماني صحيفو ناهي هوندي. جي اها وقت ۽ حالتن آهر پاڻ کي تبديل ڪندي، ماضيءَ مان سکندي ۽ پنهنجي دؤر جي محرڪن کي صحيح معنيٰ ۾ عوام جي باشعور سگهه ۽ ٻَڌيءَ سان ايڊريس ڪندي ته اها اڳتي ويندي، نه ته جهڙا افعال ڏسجن پيا، ان مان اهو نتيجو ڪڍڻ ڪنهن ريت به ڏکيو نه آهي ته هيءُ قصو به نه هليو! سياست جو بنياد رڳو موقعي پرستي ۽ موقعي پرست قوتن تي نه هوندو آهي. ان جو مدار محرڪن تي هوندو آهي. اهو ئي تاريخ ۽ سياست جي علم جو سبق آهي. هن دفعي رياست ۽ عوام جو تضاد ايترو اڳتي وڌي ويو آهي جو هاڻي عوام سان وڌيڪ مذاق ڪندڙ پاڻ تاريخ جو ڀوڳ بڻجي ويندا. اچو ته انهن سوالن تي ايمانداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان غور ڪريون!


روزاني ”عبرت“ حيدرآباد، 9، 10 ۽ 11 آڪٽوبر 2006ع