تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

جامي چانڊيي جي لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو ھي مجموعو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ماضي ۽ حال جي سياست جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو آھي. جامي ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”اسٽيبلشمينٽ جو پ پ پ حڪومت سان اڻ سهپ، تعصب ۽ سازشي رويو هڪ حقيقت آهي، پر گڏوگڏ اهو سوال به تمام اهم آهي ته ڇا پ پ پ حڪومت وٽ پاڻ به ڪو Vision، ارادو، رٿابندي ۽ سنجيدگي آهي، جنهن مان نظر اچي ته اها رڳو مال ڪمائڻ، اقتداري مزا ماڻڻ کانسواءِ عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام کي به ڪجهه ڊِليور ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي؟
پ پ کي سنڌ ۾ ڀل ته مفاهمتي سياست جي شڪل ۾ سياسي آپگھات جو شوق هجي، جنهن جو کيس پورو حق به حاصل آهي پر پ پ پ کي اهو حق نٿو پهچي ته اُها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تاريخي، سياسي، معاشي، ثقافتي، ۽ انساني حقن جي لتاڙ نام نهاد مفاهمت جي نالي ۾ ڪري.“
Title Cover of book ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

جمهوريت جو کٽيو عوام ڇونه ٿو کائي؟

خيرن سان پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن چونڊيل (ضروري ناهي ته حڪومت جمهوري به هجي) حڪومت پنهنجي آئيني مدت پوري ڪئي. جمهوريت هڪ مسلسل عمل آهي ۽ ان ۾ چونڊيل حڪومتن جو جمهوري احتساب عوام ڪندو آهي، پر پاڪستان جي تاريخ ۾ اهو استحقاق هميشه اسٽئبلشمينٽ پاڻ وٽ رکيو آهي. هاڻي جڏهن ”مينهن“ رڍ کي ”ٻوٿ ڪاري“ چوندي، ته پوءِ جيڪو احتساب ٿيندو آهي، اهو خاص طور 1990ع کان وٺي، هن ملڪ جي عوام بار بار ڏٺو آهي. هن ڀيري به ساڳين ڌرين جي نظرياتي نمائندن طرفان اهو راڳ الاپجڻ شروع ٿي ويو آهي ته پوءِ ان سان گڏ اها روايت به پوڻ گهرجي، ته هن ڀيري گذريل حڪومت جو احتساب اسٽئبلشمينٽ يا سندن اشارن تي کيڏندڙ ڌريون نه پر عوام ڪري. 1988ع کان ملڪ ۾ ضياءَ شاهيءَ دور جي خاتمي سبب جهڙي تهڙي جمهوريت بحال ٿي ۽ وچ ۾ پرويز مشرف جي آمريتي دور جا نوَ سال ڪڍي ڇڏجن ته 5 چونڊيل سياسي حڪومتون اقتدار ۾ آيون، جن مان ٽي پ پ ۽ ٻه مسلم ليگ (ن) جي حصي ۾ آيون، انهن سترنهن سالن ۾ جيڪا به انڌي منڊي جمهوريت ملڪ ۾ بحال ٿي ۽ چونڊيل حڪومتون اقتدار ۾ آيون، اهي ڪو پاڻ مرادو ڪونه آيون. ملڪ جي عوام ۽ خاص طور سنڌ جي عوام ان جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ هر سطح تي ۽ هر قسم جون مثالي قربانيون ڏنيون. ماڻهن انهن جمهوريتن لاءِ جيل کاڌا، ڪوڙا سٺا، ڦاهيون ۽ پل پل جا عذاب سٺا ۽ پوءِ به اڻ ورچ مزاحمتون ڪيون، هن ملڪ جي ۽ خاص طور سنڌ جي عوام انهن جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اهو سوال پوري سنجيدگيءَ ۽ شدت سان اڀارجي ته انهن جمهوريتن جو کٽيو ڪنهن کاڌو؟ ممڪن آهي ته ڪجهه دوستن لاءِ ”سولين بالادستي“ عوام جي قربانين جو ثمر ۽ جمهوريت جو معراج هجي، پر اسان کي جتي غير جمهوري قوتن ۽ اسٽئبلشمينٽ جي جمهوريت دشمن راتاهن جي مزاحمت ڪرڻ گهرجي، اتي ان ”سويلين بالادستيءَ“ جو به بيرحميءَ سان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي ته ان عوام کي ڇا ڏنو؟ جمهوريت عوام جي راڄ کي چئبو آهي، پر هيءَ ڪهڙي ”سويلين بالادستي“ آهي، جنهن ۾ جيڪڏهن سڀني کان وڌيڪ ويچارو، ويڳاڻو، نڌڻڪو، ويساهه گهاتين جو ماريل، لاقانونيت ۽ دهشتگرديءَ جي باهه ۾ اڇلايل آهي ته اهو عوام آهي. ”اٽي لٽي ۽ اجهي“ جي نعرن تي ڌتاريل عوام، جنهن جون پيرسن بيواهه پوڙهيون به هزار روپين جي خيرات جهڙي وظيفي وٺڻ لاءِ ڌڪا ۽ ٿاٻا کائين ٿيون. ڇا ان ”سويلين بالادستيءَ“ کي رڳو ان بنياد تي هر گناهه، ڏوهه ۽ ويساهه گهاتيءَ جي پڇاڻي کان آجو ڪري ڇڏجي، جو انهن حڪومتن ۾ حڪمران وردين ۾ ناهن هوندا؟ هن ملڪ ۾ جمهوريت جي حوالي سان اهو بنيادي سوال آهي ته ڇا جمهوريت جو جيڪو حق ۽ اسپيس عوام لازوال قربانيون ڏيئي، وردين وارن کان ڇني وٺي ٿو، اهو غير مشروط طور انهن ڪرپٽ، ويساهه گهاتيون ڪندڙ، ميرٽ جي لتاڙ ذريعي معاشري کي برباد ڪندڙ ۽ نوجوان نسل کي ڀوتارن جي پيرن ۾ اڇليندڙ ڪوتاهه نظر طبقي کي ڏئي ڇڏجي، جن لاءِ حڪومتون عوام جي خدمت ۽ رياست جو وهنوار فضيلت سان هلائڻ جي ذريعن بدران دولت جا انبار گڏ ڪرڻ ۽ پنهنجي قوم ۽ عوام جي مفادن جو سودو ڪرڻ جون ”پِڙيون“ آهن. اهي جمهوريتون جن لاءِ وڙهندو عوام ۽ کٽيو کائيندا. ”کاٽائو پٽ!“ عوام دشمن ۽ ڪرپٽ نظام ۾ هر سطح تي اهڙا ”کاٽائو پٽ“ ويٺل هوندا آهن ۽ هر حڪومت ۾ ڪي نه ڪي اهڙا شخص پردي پويان حڪومتون هلائي رهيا هوندا آهن. ڪو ويساهه ڪندو ته لاڙڪاڻي ضلعي جي لاءِ 72 ارب خرچ ڪيا ويا! 72 ارب جي سچ پچ خرچ ٿين ها ته لاڙڪاڻي کي ڏسڻ لاءِ سياح يورپ مان اچن ها. حيدرآباد تي 35 ارب! آهي ڪو نالو نشان؟ ڇا تي خرچ ٿيا اهي 35 ارب؟ قاسم آباد ۾ ڪو هڪ به رستو ناهي فضيلت ڀريو. 21هين صديءَ ۾ قاسم آباد کي بس اسٽاپ ناهي، سبزي ۽ فروٽ يا گوشت مارڪيٽ ناهي، ڪو هڪ باغ ناهي. هيءَ سويلين بالادستي، جنهن ۾ تعليم ۽ صحت جا شعبا برباد آهن. ٽي سال سنڌ يونيورسٽي جا استاد، شاگرد ۽ سڄو معاشرو رستن تي احتجاج ڪندو رهيو ته مادر علمي سنڌ يونيورسٽي کي ميرٽ تي ڪو قابل، فرض شناس ۽ تعليم دوست وائيس چانسلر ڏيو، ڪنهن به نه ٻڌو، ڇو ته پ پ جي اعليٰ قيادت جو ماڻهو يونيورسٽيءَ جي تخت تي ويٺل هو. سنڌ ۾ ٻه بدترين ٻوڏون آيون، ٻه ڪروڙ ماڻهو بي گهر ۽ دربدر ٿيا. ڇا ٿيو؟ عارضي خيرات تي هيرائي ماڻهن جي عزت نفس کي مجروح ڪيو ويو. ڪو هڪ سنجيده قدم کنيو ويو، جنهن سان انهن جي حياتين ۾ ڪو ڦيرو آيو هجي. اها سويلين بالادستي ئي هئي، جنهن ۾ پنج سال ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي بازار گرم هئي. اتر سنڌ ۾ قبائلي وحشت جو راڪاس پئي گهميو. جيڪڏهن قاتل ڪڇ ۾ ويٺا هوندا ته امن ڪير ۽ ڇو آڻيندو؟ 21 صديءَ ۾ ارڙي ۾ 600 ٻار سنڌ ۾ مري ويا، پر سويلين بالاستيءَ کي ”ڌنڌي“ مان فهرست هجي، ته اها عوام جي سار لهي.
مان سمجهان ٿو ته آمريتي قوتن کان جمهوريت جو حق واپس ورائڻ رڳو قدم آهي جمهوريت ڏانهن اڳتي وڌڻ جو. جمهوريت لاءِ ته اصل ويڙهه ته شروع ئي تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن لوڀين کانپوءِ ٺوڳي ايندا آهن ۽ ملڪ ۾ اها نام نهاد ”سويلين بالادستي“ قائم ٿيندي آهي. رڳو ٺلهي ”سويلين بالادستيءَ“ جي نالي تي جمهريون هڻڻ عوام سان هڪ ٻئي دانشورانه دوکي برابر آهي. ماڻهن کي چٽو ڪري ٻڌائڻ گهرجي ته جنهن جمهوريت لاءِ عوام لٺيون کائي ٿو، ان جو کٽيو ”کاٽائو پٽ“ ڇو ٿا کائين؟ منهنجي نظر ۾ ان جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي جو ”سويلين بالادستيءَ“ جو گهربل بي رحم عوامي احتساب نه ٿو ٿئي. جمهوريت رڳو ”کاٽائو پٽن“ جي جاوا ڪرائڻ لاءِ ٺلها ٺپا هڻڻ جو نالو ناهي. جمهوريت جي معنى آهي باشعور عوام جو راڄ! ان ڪري هن ڀيري جڏهن حڪومت پنهنجا آئيني مدي جا پنج سال پورا ڪري عوام ڏانهن واپس وڃي رهي آهي، ته ان جو بي رحم احتساب ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هي پهريون ڀيرو آهي جو حڪومت مظلوميت جا داستان کڻي يا شهيدن جا واسطا وجهڻ بجاءِ عوام وٽ خالص پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ويندي. ياد رکڻ گهرجي ته جمهوري ۽ عوامي احتساب کان سواءِ هن ملڪ ۾ جمهوريت ڪڏهن به عوام ڏانهن جوابداري محسوس نه ڪندي. هن ڀيري عوام اڳوڻي حڪومت جو بي رحم احتساب ڪري حقيقي جمهوريت ڏانهن هڪ وک کڻي سگهي ٿو.
سنڌي عوام کانئن هر سطح تي پڇاڻو ڪري ته:
• توهان کي اڪثريتي مينڊيٽ هڪ سگهاري ۽ ذميوار حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڏنو ويو هو. مفاهمت جي نالي ۾ توهان سنڌ جي مينڊيٽ جي سگهه کي ڇو وڪيو؟
• پنج سال گذري ويا، توهان محترمه شهيد بينظير ڀٽو جا قاتل گرفتار ڇو نه ڪيا ۽ ڪهڙي مصلحت توهان کي اهڙو قدم کڻڻ کان روڪيو؟
• اڳوڻي آمر تي آئيني طور قدم کڻڻ بجاءِ توهان کيس سرڪاري اعزاز سان ڇو پرڏيهه اماڻيو؟ ڇا آمر آئين ۽ قانون کان مٿانهان آهن؟
• مينڊيٽ توهان کي سنڌ جي حفاظت ڪرڻ جو هو، توهان مڪاني نظام جي نالي ۾ سنڌ جي انتظامي ورهاڱي جا بنياد ڇو رکيا.
• توهان ميرٽ جي لتاڙ ڪري، لکين قابل نوجوانن کي روزگار جي حق کان محروم ڇو ڪيو؟
• توهان وائيس چانسلر ذريعي سنڌ يونيورسٽي کي تباهيءَ جي ڪناري تي ڇو پڄايو؟
• توهان سنڌ ۾ ٻن ٻوڏن جي نتيجي ۾ ٻه ڪروڙ دربدر ماڻهن لاءِ ڇا ڪيو؟
• توهان سنڌ جي تعليم ۽ صحت جي شعبن کي ريڪارڊ ڪرپشن سان تباهه ۽ برباد ڇو ڪيو؟
• توهان ڪراچي ۽ اتر سنڌ سميت سڄيءَ سنڌ ۾ ڪهڙي مصلحت تحت عوام کي تحفظ نه ڏنو ۽ قانون جي حڪمرانيءَ جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا؟
• توهان ترقياتي اسڪيمن جي نالي ۾ جيڪي کربين روپيا خرچ ڪيا، انهن جو نتيجو ڪٿي آهي؟
• ارڙهين آئيني ترميم ۽ ستين مالياتي ايوارڊ مان سنڌ کي جيڪي نسبتًا وڌيڪ وسيلا مليا، اهي ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿيا؟
اهڙا ٻيا به انيڪ سوال ٿي سگهن ٿا، جن کي بنياد بڻائي عوام اڳوڻي ”سويلين بالادستيءَ“ جي علمبردار حڪومت کان جمهوري پڇاڻو ڪري سگهي ٿو ۽ رڳو پ پ کان ئي ڇو، اهو پڇاڻو مسلم ليگ (ف) ۽ مسلم ليگ (ن) ۽ اين پي پي سميت سڀني ڌرين کان به ٿيڻ گهرجي ته ماضيءَ ۾ انهن سنڌ سان جيڪي جٺيون ڪيون ته اهي ته پنهنجيءَ جاءِ تي، پر اهي اڳتي ڇا ڪندا ۽ ڇا اهي به مستقبل ۾ مفاهمتي پاليسي تحت غير فطري اتحاد ڪندا؟ اهي به ماضيءَ جيان هڪ ڀيرو وري سنڌ کي نه ڏنگيندا يا هن ڀيري سندن ”سويلين بالادستيءَ“ ڪجهه مختلف هوندي. سنڌ کي هن ڪرپٽ، ڦورو، عوام دشمن ۽ رت پياڪ نظام ۾ رڳو پنهنجو شعور، پڇاڻو ۽ ليکو ئي بچائي سگهي ٿو ۽ حقيقي دانشور ۽ باشعور ماڻهو جو ڪم ان پڇاڻي ۾ نظرياتي مفروضا پيدا ڪرڻ ۽ ڦورو طبقي سان نه پر عوام سان گڏ بيهڻ آهي.


روزاني ڪاوش حيدرآباد، 19 مارچ 2013ع