جمهوريت جي بحاليءَ مان سنڌ کي ڇا ملندو؟
اها ڳالهه ته ظاهر آهي ته ڪنهن ٻار کي به سمجهه ۾ اچي ويندي ته اُهي مسئلا ڪو پ پ پ جي قيادت يا حڪومت پيدا ڪونه ڪيا آهن. موجوده سمورا رياستي ۽ حڪومتي مسئلا گذريل ڇهن ڏهاڪن جي پوکيل ٻج جو تيار ٿيل فصل آهن. اُهي مسئلا ۽ بحران منطقي نتيجو آهن انهن سمورين پاليسين، ناجائز مفادن ۽ آپيشاهي روين جو، جن هن ملڪ کي موجوده حال تي اچي رسايو آهي. ان ڪري عوام اهو سمجهي ٿو ته ان لاءِ بنيادي طور پ پ پ، ان جي قيادت ۽ حڪومت ذميوار ناهي. خاص طور گذريل ڏهن سالن جي تباهيءَ جي ذميوار اسٽيبلشمينٽ، پرويز مشرف ۽ ان جو ٽولو آهي پر جيئن ته موجوده حڪومت اقتدار جي مسند تي آهي، ان ڪري موجوده سموري صورتحال جو پڇاڻو ظاهر آهي ته ان کان به ضرور ٿيندو ۽ ان جي شروعات عوامي سطح تي ٿي چڪي آهي.
موجوده حڪومت ظاهر آهي ته سئو ڏينهن ۾ ڪو انقلاب نٿي آڻي سگهي پر اها ڪجهه بنيادي پيش قدميون ڪري اهم پاليسين، روين ۽ تبديلين جا بنياد وجهي سگهي ٿي يا وجهي سگهي ها؛ مثال طور:
(1) چونڊن کان اڳ هڪ ڳالهه تي وڏو زور ڏنو ويو هو ۽ اها هئي پارليامينٽ جي خود مختياري، جنهن کي مشرف گذريل نَوَن سالن کان سلب ڪيو ويٺو هو. جيتوڻيڪ پارليامينٽ اڳ به ڪو گهڻي آزاد ۽ خود مختيار نه هئي پر پرويز مشرف ان کي هڪ ڊمي اداري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ ان ڪري ئي ملڪ ۾ پارليامينٽ جي خود مخياريءَ جو سوال وڏيءَ شدت سان اُڀريو. لنڊن جي ميثاقِ جمهوريت کان وٺي ڀوربن پڌرنامي جو هڪ بنيادي نقطو اهو هو ۽ جمهوريت جي بحاليءَ ۽ سگهه کي ان سان مشروط ڪيو ويو هو. سوال آهي ته هاڻي جڏهن پ پ پ جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اتحادي حڪومت موجود آهي ۽ حڪومت سان گڏ پارليامينٽ به سؤ ڏينهن پورا ڪيا آهن ته پوءِ پارليامينٽ جي خود مختياريءَ جو سوال اڄ ڪٿي آهي؟ ۽ سياسي ڊسڪورس مان گم ڇو آهي؟ موجوده حڪومت ۽ پارليامينٽ فقط هڪ فرد جي فيصلن ۽ مرضيءَ جي محتاج نظر اچي ٿي ۽ ڪا خبر نٿي پوي ته ان هڪ ”فرد“ جي من ۾ ڇا آهي؟ ڪالهه اهو فرد هڪ آمر ۽ جابر هو ۽ اڄ اهو فرد هڪ وڏي سياسي ۽ چونڊجي آيل حڪومتي پارٽيءَ جو سربراهه آهي. آئيني پيڪيج به پارليامينٽ ۾ نٿو اچي پر اسلام آباد، دبئي ۽ لنڊن ۾ ٿو بحث هيٺ اچي.
(2) ملڪ جي خارجه پاليسي اڄ به حڪومت جي هٿ وس نظر نٿي اچي، اُها ٻي ڳالهه آهي ته بظاهر ملڪ جو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آهي پر جنهن انداز ۽ رفتار سان زرداري هائوس ۽ حڪومت کي آمريڪا طرفان ”سفارتي صلاحون“ ملي رهيون آهن، ان مان بلڪل واضح آهي ته حڪومت پرڏيهي پاليسيءَ ۾ ڪيتري خود مختيار آهي؟ هاڻي ته اُترين علائقن ۾ آمريڪا طرفان سڌي مداخلت جون ڳالهيون به عام ٿي چڪيون آهن ۽ حامد ڪرزئيءَ جي ڌمڪيءَ بابت سڄي جهان کي خبر آهي ته اها ڌمڪي اصل ڪنهن جي آهي؟
(3) حڪومت ۽ پارليامينٽ کي هڪ سئو ڏينهن گذرڻ باوجود ججن جي بحاليءَ جو اشو اڃا اُتي جو اُتي آهي، جڏهن ته چونڊن کان اڳ هڪ لحاظ کان اهو طئي ٿيل هو ته ايندڙ حڪومت جي پهرين ترجيح ججن جي بحالي هوندي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته موجوده حڪومت نه ته ججن جي بحاليءَ کان سڌو انڪار ٿي ڪري ۽ نه وري کين بحال ڪرڻ لاءِ ڪا سنجيده ڪوشش يا پيش قدمي ٿي ڪري. چيو پيو وڃي ته جج آئيني پيڪيج ذريعي بحال ٿيندا پر آئيني پيڪيج حتمي طور ڪڏهن پارليامينٽ ۾ پيش ٿيندو، ان بابت ٻيو ته ٺهيو پر خود وزيراعظم کي به خبر نه آهي. اها خبر صرف ۽ صرف آصف زرداري صاحب کي آهي.
(4) موجوده حڪومت ۽ پارليامينٽ جي هڪ سئو ڏينهن جي هڪ وڏي ناڪامي پرويز مشرف جو اڃا تائين ايوانِ صدر ۾ ويهڻ آهي. ان ڳالهه تي ملڪ ته ڇا پر سڄيءَ دنيا جا سياسي تجزيه نگار متفق آهن ته گذريل چونڊن جا نتيجا پرويز مشرف خلاف ڄڻ ته هڪ ريفرنڊم هئا ۽ عوام جي خواهش هئي ته چونڊن کانپوءِ جيئن ئي نئين حڪومت ايندي ته پرويز مشرف کي موڪلائڻو پوندو، پر حڪومت ۽ پارليامينٽ کي هڪ سئو ڏينهن گذرڻ باوجود پرويز مشرف نه رڳو ايوانِ صدر ۾ موجود آهي پر ايترو پُراعتماد به آهي جو هو ڪراچيءَ ۾ اچي متحده سان گڏجي هڪ دفعو وري توهين آميز لهجي ۾ ڳالهائي ٿو. هو پاڻ ته موجود آهي پر سنڌ ۾ هن جو ويهاريل گورنر به اڄ تائين وڏي اعتماد سان موجود آهي ۽ مشرف جي پسنديده دهشت گرد جماعت سنڌ ۾ وري اقتدار ۾ ڀائيوار آهي. سوال آهي ته آخر هڪ شخص جيڪو پنهنجو الهه تلهه وڃائي چڪو آهي، جيڪو عوام لاءِ نفرت جي علامت بڻجي چڪو آهي ۽ جيڪو جمهوريت لاءِ هڪ مستقل خطرو آهي، اهو هڪ سياسي حڪومت جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ به ايڏو پُراعتماد ۽ بي خوف ڇو آهي؟ هن کي ڇو سياسي طور ڪو خطرو محسوس نٿو ٿئي؟ اهو صحيح آهي ته هن کي آمريڪا جي حمايت اڃا تائين حاصل آهي پر سوال آهي ته موجوده حڪومت يا اتحادي حڪومت جي اڳواڻ جماعت ان ڏس ۾ آمريڪا سان ڇو نٿي ڳالهائي سگهي ته پرويز مشرف ۽ سياسي جمهوري حڪومت گڏ نٿا هلي سگهن. اها ڳالهه هاڻي آمريڪا لاءِ به ڪو راز نه آهي پر لڳي ايئن ٿو ته حڪومت يا اتحادي حڪومت جي اڳواڻ ڌر ان ڏس ۾ ساڻن ڪوبه جرئتمند ڊائلاگ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
(5) جيتوڻيڪ موجوده حڪومت ڪالاباغ ديم جي منصوبي تان هٿ کڻڻ جو رسمي اعلان ڪيو آهي، جيڪا هڪ سٺي ۽ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي پر ٿيڻ ايئن گهرجي ته اهو معاملو پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ ان کي اتي هميشه لاءِ رد ڪيو وڃي ۽ ساڳيءَ طرح ان کي حتمي طرح ”ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ“ مان پڻ رد ڪرايو وڃي، تڏهن چئبو ته اها هڪ سنجيده ڪوشش آهي، پر حڪومت ان رسمي اعلان کانپوءِ هاڻي ان معاملي تي چُپ نظر اچي ٿي. ٻئي پاسي گريٽر ٿل ڪئنال جي هلندڙ ناجائز اڏاوت لاءِ بجيٽ ۾ پئسا رکيا ويا آهن. جڏهن ته ٿيڻ ته ايئن گهربو هو ته ان منصوبي کي رد ڪيو وڃي ها ۽ جن ماڻهن اهو ناجائز منصوبو غير قانوني طور شروع ڪرايو انهن خلاف قدم کنيو وڃي ها. ڇاڪاڻ ته موجوده حڪومت جون سموريون اتحادي ڌريون يعني پ پ پ، پي ايم ايل (ن)، اي اين پي ۽ جي يو آءِ گريٽر ٿل ڪئنال خلاف جدوجهد ۾ مشرف جو پورو دؤر جدوجهد ۾ گڏ رهيون آهن پر پ پ پ ته ان جي اڳواڻي ڪئي هئي ۽ اڄ به سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه گريٽر ٿل ڪئنال خلاف گڏيل ايڪشن ڪميٽيءَ جو سربراهه آهي. ٽئين طرف واپڊا جو Vision 2025 اڃا تائين موجود آهي، جنهن تي جيڪڏهن عمل ٿيو ته سنڌ کي زرعي آبادي ته ڇا پر پيئڻ لاءِ به پاڻي نه ملندو. ماڻهو موجوده حڪومت کان اهو نٿا چاهين ته اها مڙئي غير سنجيده اعلان ڪري پر اها اهي حساس معاملا آئيني ادارن ۽ پارليامينٽ ۾ کڻي وڃي ۽ انهن کي اتي حل ڪرائي. جنهن ملڪ ۾ عدليه ۽ آئين جي ڪا حيثيت نه آهي اتي هڪ وفاقي وزير جو پريس ڪانفرنس ۾ ٺلهو زباني اعلان ڪهڙي معنيٰ ٿو رکي؟
اهي ته هئا موجوده حڪومت جا سئو ڏينهن ملڪي تناظر ۾ پر صورتحال جو اسان جي حوالي سان هڪ پاسو ٻيو به آهي، ۽ اهو هيءُ آهي ته سنڌ کي آخر هن ”جمهوريت“ جي بحاليءَ مان ڇا ملندو؟ سنڌ هن ملڪ جي قيام لاءِ اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو، ملڪ کي محمد علي جناح، ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ شهيد بينظير ڀُٽو جي پايي جا سياستدان ۽ اڳواڻ ڏنا، پر ان کي هيستائين موٽ ۾ ڇا مليو آهي؟ ان جو ثبوت اڄوڪي سنڌ آهي. نه رڳو ايترو پر ملڪ ۾ جمهوريت جي جنگ به سدائين سنڌ وڙهي. ون يونٽ خلاف جدوجهد هجي، ضياءَ جي آمريت خلاف 83ع ۽ 86ع جون شاندار عوامي جدوجهدون هجن يا مشرف جو پورو دؤر- سنڌ سڀني کان اڳيان وڌي ملڪ ۾ جمهوريت جي سياسي جنگ وڙهي. ويندي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت انهن ئي قربانين جو تسلسل آهي. سوال آهي ته هاڻي جڏهن هڪ سياسي حڪومت وجود ۾ اچي چڪي آهي ۽ ان اتحادي حڪومت جي اڳواڻي پ پ پ وٽ آهي ته پوءِ هاڻي سنڌ جي عوام کي مجموعي ملڪي حالتن کان وڌيڪ ان ڳالهه جي ڳڻتي آهي ته کين ڇا ملندو؟ يا هو هن سڄي ڪاروهنوار کي ان اک سان ڏسي رهيا آهن ته کين ڇا ملي رهيو آهي. ان ڪري ئي شايد هن ڀيري ملڪ ۾ جمهوريت جي جدوجهد ۾ سنڌ ايترو ڪرنٽ نٿي کڻي، ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ ان کي پنهنجين عظيم جدوجهدن ۽ قربانين جي نتيجي ۾ وڌيڪ تباهي، ڦرلٽ ۽ دوکي کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه مليو. هنن سئو ڏينهن ۾ سنڌ جي حوالي سان حڪومت جي ڪارڪردگي ڪا گهڻي بهتر نه رهي آهي. مثال طور:
(1) سنڌين مشرف ۽ سندس اتحادين جي سمورين رڪاوٽن جا بند ڀڃي پ پ پ کي سنڌ ۾ اڪثريتي مينڊيٽ ڏنو ته جيئن اها سنڌ ۾ ڪنهن محتاجيءَ کان سواءِ اڪيلي سر حڪومت ٺاهي سگهي. نه رڳو اڪيلي سر حڪومت ٺاهي پر گذريل دؤر ۾ هڪ دهشتگرد ڌر طرفان سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن جي جيڪا ڀيلَ ٿي ان جو پڻ ازالو ڪيو وڃي. جڏهن ته ٿيو ان جي اُبتڙ. اڄ به ان دهشتگرد ڌر جو گورنر سنڌ ۾ وڏي اعتماد سان ويٺو آهي ۽ جنهن ڌر سنڌ کي مشرف جو پورو دؤر بيدرديءَ سان لُٽيو ۽ ڦُريو، اها اڄ به اقتدار ۾ ڀائيوار آهي. جنهن سان هر طرح سنڌين کي واضح پيغام مليو ته اڪثريت باوجود انهن کي سنڌ ۾ پنهنجي ڪا اڀري سڀري حڪومت ٺاهڻ جو ڪو اختيار به نه آهي. جنهن حقِ حاڪميت لاءِ سنڌ سڀ گهيرا ٽوڙي پ پ پ کي اڪثريتي مينڊيٽ ڏنو، اهو اڄ به اُتي جو اُتي آهي ۽ اها خواهش شايد ديواني جو خواب ٿي لڳي.
(2) سنڌ مشرف جو پورو دؤر جنهن گريٽر ٿل ڪئنال خلاف هر سطح تي لڳاتار جدوجهد ڪئي، ان جي ناجائز ۽ غير قانوني اڏاوت اڄ به جاري آهي. پ پ پ جيتريون قربانيون ڪمپرومائيز جي نتيجي ۾ ڏيندي آهي، جي اُها ڪجهه رسڪ عوام ۽ خاص طور سنڌ لاءِ به کڻي ته شايد کيس ايتريون قربانيون ڏيڻيون نه پون. ڪهڙو آسمان ڪري ها جيڪڏهن پ پ پ جي حڪومت گريٽر ٿل ڪئنال جي غير قانوني اڏاوت رد ڪري ان منصوبي کي دفن ڪري هڪ مثال قائم ڪري ها پر ايئن نه ٿيو. ڪالاباغ ڊيم مان هٿ ڪڍڻ جو اعلان به پريس ڪانفرنس ۾ ٿيو آهي پر اهو معاملو پارليامينٽ ۾ نٿو اچي يا ڪائونسل آف ڪامن انٽريشت مان رد نٿو ڪيو وڃي.
(3) هن وقت واپڊا جا پاڻيءَ جا منصوبا، اين ايف سي ايوارڊ ۽ آدم شماريءَ جهڙا مسئلا ڪَرَ کنيو بيٺا آهن ۽ ڪابه خبر نه آهي ته هن ڀيري سنڌ کان ڇا کسبو ۽ کيس موٽ ۾ ڇا ملندو ۽ ان سان ڪهڙو انصاف ٿيندو؟ شهرن ۾ سنڌين جي سياسي، سماجي ۽ معاشي تحفظ لاءِ ڪنهن جٽآدار بندوبست جو مسئلو آهي، ٻهراڙين ۾ سڄو ترقياتي انفرا اسٽرڪچر تباهه آهي، زرعي معيشت مرڻينگ آهي، لاقانونيت عروج تي آهي، اُهي سڀ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گهربل پاليسيون، رٿابنديون، حڪمت عمليون ۽ ڪي جٽادار ل ڳولڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪٿي آهن؟ باقي هن ڀيري سنڌ کي ماسترين جي ڪانٽريڪٽ نوڪرين ۾ ڪا گهڻي دلچسپي نه آهي. هن ڀيري سنڌ وٽ هڪ ئي سوال آهي ته جنهن جمهوريت لاءِ سنڌ سدائين جنگ وڙهي آهي ۽ جنهن پارٽيءَ کي سنڌ سدائين زندگي بخشي آهي ۽ هر ڀيري ان جا ڏوهه معاف ڪيا آهن، اُها سنڌ کي ڇا ٿي ڏئي؟ بينظِر ڀٽو کي شهيد ڪري ”ڌڻين“ هونئن ئي ملڪ ۾ وفاق کي عملي طور ختم ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي سنڌ حڪومت ۽ پ پ پ جي ڪارڪردگيءَ کي رڳو ان اک سان ڏسي رهي آهي ته جمهوريت جي بحاليءَ مان سنڌ ۽ سنڌين کي ڇا ملندو؟ سنڌيءَ ۾ چوندا آهن: ”سڃا يار- سلامن جي چَٽي!“ هن ڀيري سنڌ کي ”سڃن يارن پاران سلامن جون چٽيون“ نه پر واضح پاليسيون، حڪمت عمليون ۽ جٽادار ٺوس اُپاءَ گهرجن، جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي پنهنجو بچاءُ ۽ واڌارو نظر اچي، ٻيءَ صورت ۾ پوءِ شايد سنڌ ۾ سنڌين جو جمهوريت جي جدوجهد سان اهو ساڳيو سڱ نه رهي سگهي!
پندرهن روزه افيئر 15 جولاءِ 2008ع