ڇا پاڪستان پيپلز پارٽي قومي حقِ خوداراديت جي نمائنده جماعت آهي؟
ڇا پاڪستان جو بنيادي تڪرار سول-ملٽري تضاد آهي؟
پاڪستان جي رياست تمام پيچيده آهي ۽ ان جي تضادن کي ڪنهن به هڪ رخ کان نٿو ڏسي سگهجي. بيريسٽر ضمير گهمري پنهنجي مضمون جي مُنڍ ۾ ئي لکيو آهي ته: ”هن ملڪ جو 1947ع کان بنيادي تضاد اقتدار تي سويلين بالادستيءَ جو رهيو آهي.....“ منهنجيءَ نظر ۾ پاڪستان جو بنيادي تضاد هڪ مذهبي رياست جو هجڻ ۽ عملي طور هڪ ناهموار غيروفاقي رياست جو هجڻ آهي، جنهن ۾ ملڪ جون خالق مظلوم قومون پهرين ڏينهن کان غلام بڻايون ويون آهن. رياست جي ان بيهڪ کي قائم رکڻ لاءِ ئي هن ملڪ ۾ جمهوريت جي نفي ڪئي وئي ۽ فوجَ ملڪ جي رياستي وهنوار تي بالادستي قائم ڪري ورتي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته رياست جو مذهبي بنياد، غيرهموار ۽ غيروفاقي ڍانچو ۽ قومي تضاد هن ملڪ جا مکيه تضاد آهن ۽ ملٽريءَ جي رياست جي سياسي ۽ معاشي وهنوار تي بالادستي ان جي هڪ حڪمت عملي آهي، جيڪا وقت سان گڏ اُسري پاڻ هڪ پيشه ورانه ناجائز مفاد جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي. سوال آهي ته جي رياست بدستور مذهبي رهي، ان جو رياستي ڍانچو غيروفاقي هجي ۽ قومي تضاد موجوده شڪل ۾ موجود رهي ۽ اقتدار مڪمل طور سويلين حڪومتن وٽ رهي به ته ڇا پاڪستان جو بنيادي رياستي تضاد حل ٿي ويندو؟ مان سمجهان ٿو ته هرگز نه! اها حقيقت آهي ته مارشلائن ۽ غيرجمهوري دورن ۾ رياست جو ڪردار وڌيڪ جابرانه هجي ٿو پر ايئن به ناهي ته سويلين حڪومتن ۾ رياست جو ڪردار ”ماءُ“ وارو ٿي ويندو آهي. اهو ان ڪري آهي جو حڪومتون ته تبديل ٿينديون رهنديون آهن پر رياست ته ساڳي آهي ۽ ان جو ڍانچو، طاقت جو توازن به ساڳيو هوندو آهي. رڳو حڪومتن جي فرق سان رياست جو بنيادي ڪردار تبديل ٿي نه ٿو سگهي. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته اسان جي دوست ضمير گهمري جنهن نقطي کي بنياد بڻائي مضمون لکيو آهي، اهو نقطو ئي غيرمنطقي آهي.
ڇا پ پ پ قومن جي حقِ خوداراديت ۾ ويساهه رکي ٿي؟
بيريسٽر ضمير گهمري هن مضمون ۾ پ پ پ بابت هڪ وڏو سياسي انڪشاف ڪيو آهي، جنهن جي شايد پ پ پ جي فرشتن کي به خبر نه هجي. مضمون ۾ هن پ پ پ کي رياست اندر قومن جي حقِ خوداراديت جي ترجمان ۽ ان لاءِ جدوجهد ڪندڙ پارٽي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هو لکي ٿو:
”مرڪزيت ۽ آپيشاهي اقتدار تي زبردستي قبضي، جڏهن ته جمهوريت قومن جي حق خود اختياريءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿي، ڇو ته قومن جو حق خود اختياري پڻ هڪ اعليٰ جمهوري حق آهي. ڪنهن به جمهوري فيڊريشن ۾ قومن کي اندروني حق حڪمراني Internal right of self- determination هجي ٿو، ۽ ان فيڊريشن ۾ جڏهن سويلين حق حڪمراني تاراج ٿئي ٿو ته قومون خارجي حق خود اختياري External right of self- determination جي گهر ڪن ٿيون. جيئن موجوده فيڊريشن ۾ سنڌي، بلوچ، پختون رکندا آيا آهن، جڏهن ته بنگالي اقتدار تي سويلين بالادستي نه هجڻ ڪري ئي فيڊريشن کان الڳ ٿي ويا. سنڌ ۾ به هي ٻه سياسي ڌارائون آهن، هڪ جي پيپلز پارٽي ۽ ٻيءَ جي جيئي سنڌ نمائندگي ڪري ٿي. پيپلز پارٽيءَ جي سموري سياست جو محور اقتدار جي سويلين بالادستي رهيو آهي، پوءِ ڀل ته ان لاءِ ان کي ڪيترائي غير مقبول ٺاهه ڇو نه ڪرڻا پيا هجن.
...جيئن ته پيپلز پارٽي هن فيڊريشن ۾ اقتدار تي مڪمل سويلين بالادستيءَ ۾ يقين رکي ٿي، ان ڪري اها قومن کي پنهنجي رياستن ۾ اندروني حق خود اختياري آڇي ٿي. اندروني حق خود اختياريءَ مان مواد سمورن صوبن (رياستن) ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن ذريعي ان صوبي جي ماڻهن جي حڪومت قائم ڪرڻ ۽ ان حڪومت کي سياسي، سماجي، معاشي، ثقافتي توڙي ترقياتي شعبن ۾ عوام کي حڪومتي سهولتون مهيا ڪرڻ هجي ٿو.“
مون کي اهو ويساهه نه ٿو اچي ته ضمير گهمري جهڙي لائق وڪيل ۽ پڙهيل لکيل ماڻهوءَ کي ”قومي حقِ خوداراديت“ جي معنيٰ جي خبر نه هوندي. جي ايئن هجي ها ته هو ان کي ان ۾ حوالي طور به ڪم نه آڻي ها. گهڻ قومي رياستن يعني وفاقي ملڪن ۾ ”قومي حقِ خوداراديت“ جو مطلب سندن آزاد ۽ مڪمل خودمختيار حيثيت هوندو آهي. ڪينيڊا، ڀارت، سئٽزرلينڊ، ايٿوپيا، بيلجيم جهڙن ملڪن ۾ به اهو اختيار قومن کي نه پر صوبن يعني رياستن کي مليل آهي. قومي حقِ خوداراديت 20هين صديءَ ۾ قومي رياست (Nation-State) جي اڏاوت کانپوءِ تمام وڏو سياسي سوال رهيو ۽ دنيا جي اڪثريتي ملڪن ۾ اڄ به اهو حق گهڻ-قومي رياستن ۾ قومن کي حاصل نه آهي. پاڪستان جي رياست، ان جو آئين ۽ خود پاڪستان پيپلز پارٽي ته خود قومن جي وجود جا ئي انڪاري آهن. جيڪا پارٽي ڄائي ڄمَ کان ملڪ ۾ قومن جي وجود جي ئي انڪاري هجي، ان بابت ايئن چوڻ ته ”جيئن ته پيپلز پارٽي هن فيڊريشن ۾ اقتدار تي مڪمل سويلين بالادستيءَ ۾ يقين رکي ٿي، ان ڪري اها قومن کي پنهنجي رياستن ۾ اندروني حقِ خوداختياري آڇي ٿي“ هڪ عجيب ئي نه پر سخت گمراهه ڪندڙ مفروضو آهي. ملڪ جو آئين ته ٺهيو پر ڀلا خود پ پ پ جو منشور پاڪستان کي گهڻ-قومي رياست ۽ ان ۾ قومن جي وجود کي تسليم ڪري ٿو؟ اهو ته ملڪ جي آئين جيان قومن جي وجود کان سراپا انڪار ۽ نفيءَ تي ٻڌل آهي. جيڪا دعويٰ پ پ پ بابت اسان جي هن دوست ڪئي آهي، اهڙي دعويٰ ته خود ڪڏهن پ پ پ به نه ڪئي آهي. ٻيو ته مان حيران آهيان ته فاضل ليکڪ ملڪ ۾ سويلين بالادستيءَ ۽ قومن جي حقِ خوداراديت جي سوال کي ڪيئن ٿو گڏائي ۽ هڪٻئي سان مشروط ڪري. هن ملڪ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون آهن، جهڙوڪ پ پ پ، پي ايم ايل (ن)، پي ايم ايل (ف)، تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ اسلام وغيره جيڪي سويلين بالادستيءَ جي سوال تي متفق آهن پر گڏوگڏ اُهي پاڪستان کي گهڻ-قومي ملڪ ۽ قومن جي خودمختيار وجود کان انڪاري آهن. اڃا پاڪستان ۾ صوبن کي ئي خودمختياري نه ملي سگهي آهي ته قومن جي حقِ خوداراديت جو سوال ته تمام وڏو آهي.
ڇا پ پ پ جا ڪيل ٺاهه جمهوري ۽ جائز هئا؟
اسان جي دوست ضمير گهمري پنهنجي هن مضمون ۾ پ پ پ جي موجوده حڪومتي دور اندر ڪيل بدترين ٺاهن ۽ فيصلن کي به اڻ-سڌيءَ ريت جائز ۽ ڊگهي مفاد لاءِ هڪ مجبوريءَ طور بيان ڪيو آهي. مثال طور هو لکي ٿو:
”توڙي جو 2008ع کان هينئر تائين گذريل 5 سال جمهوريت يا اقتدار تي سويلين حق حڪمرانيءَ جو عبوري دور هو، ان ئي سبب جي ڪري اقتدار جي سويلين بالادستي ختم ڪرڻ لاءِ راتاها هڻڻ جون گذريل پنجن سالن دوران تمام گهڻيون ڪوششون ٿيون پر پيپلز پارٽي مسلسل غير مقبول ٺاهه ڪري اهڙين ڪوششن کي ناڪام ڪري ڇڏيو. انهن غير مقبول ٺاهن جي ڪري پ پ پ کي عوامي راءِ جي حساب سان وڏو نقصان پيو پر جيئن ته پ پ پ جي سياست جو بنياد ئي اقتدار تي سويلين بالادستي قائم ڪرڻ آهي، ان ڪري ان اهي سڀ ٺاهه قبول ڪيا پر اقتدار تي سويلين بالادستيءَ تي سمجهوتو نه ڪيو.“
ان جو سنئون سڌو مطلب اهو ٿيو ته پ پ پ متحده سان جيڪو ناجائز ٺاهه ڪيو ۽ سندن دٻاءُ تحت جيڪو ٻٽي مڪاني نظام جو بل پاس ڪرايو، پرويز مشرف جي دور ۾ ڪيل سنڌ دشمن فيصلن کي نه واپس نه ورتو، شفاف آدمشماري نه ڪرائي ۽ ڪراچيءَ تي ناجائز طور هڪ پارٽيءَ جي هڪ هٽيءَ کي قائم رهڻ ڏنو- اهو سڀ جائز هو، ڇاڪاڻ ته اهو پ پ پ حڪومت ملڪ ۾ سويلين بالادستيءَ جي ڊگهي مفاد تحت ڪيو، يعني پ پ پ سنڌ دشمن ”غير مقبول“ ٺاهه ته قبول ڪيا پر ضمير گهمري چواڻي ”سويلين بالادستيءَ تي سمجهوتو نه ڪيو“. جي اها راز جي ڳالهه اسان کي ضمير گهمرو صاحب مهل ۾ ٻُڌائي ها ته پوءِ متحده جي ناجائز مطالبن ۽ ٻٽي مڪاني نظام خلاف سنڌي عوام جي هيڏي ساري جدوجهد جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ جڏهن سندس جدوجهد ۽ ”غير مقبول فيصلا“ هئا ئي قومي حقِ خوداراديت لاءِ ضامن سويلين بالادستيءَ لاءِ ته پوءِ حقيقت اِها آهي ته سنڌ ۽ سنڌين جي سموري جدوجهد ته سويلين بالادستيءَ جي مخالف قوتن جي حق ۾ وئي. ڇا اهو به هاڻي ڪو راز آهي ته پ پ پ اهڙا ٺاهه ۽ فيصلا سنڌ يا ملڪ جي مظلوم قومن ۽ عوام جي مفادن بجاءِ پنهنجي گروهي مفادن لاءِ ڪري ٿي؟
ڇا پ پ پ جي سويلين بالادستيءَ جو مقصد قومن کي اقتدار ڏيارڻ آهي؟
اسان جي دوست ضمير گهمري جي مضمون مان اهو واضح تاثر ملي ٿو ته هن جي نظر ۾ پ پ پ هيءَ سموري ويساهه گهاتي، ناجائز ٺاهه، بدترين حڪمراني ان ڪري ٿي ڪري جو هن کي بنيادي طور سويلين بالادستي عزيز آهي ۽ وري پ پ پ جي سويلين بالادستيءَ جو اصل مقصد سنڌي، سرائيڪي، بلوچ ۽ پختون قومن جي اڪثريت کي اقتدار ڏيارڻ آهي. هو لکي ٿو:
”ٻاهرين ۽ اندروني خود اختياريءَ ۾ جيترو فرق هجي ٿو، اوترو ئي فرق سياست ۾ انهن پارٽين جي وچ هجي ٿو، جيڪي اندروني ۽ ٻاهرين حق خود اختياريءَ جي سياست ڪن ٿيون. اندروني حق خود اختياريءَ جي سياست ڪندڙ ڌريون ٻاهرين حق خود اختياريءَ جي گهر ڪندڙ ڌر کان رڳو هڪ ڊگري پري هجن ٿيون. جيئن بنگال ۾ قومپرست ڌريون سويلين بالادستيءَ جي ڳالهه ڪندي وڃي ٻاهرين حق خود اختياريءَ تي پهتيون، اهڙي طرح قوم لاءِ پارلياماني سياست ڪندڙ ڌريون فيڊريشن جي سياسي سرشتي ۾ اعتماد وڃائڻ کان پوءِ ٻاهرين حق خود اختياريءَ جي حمايت ڪن ٿيون، ڀلي پوءِ اها سڌي يا اڻ سڌي طرح هجي. بلوچ پارلياماني پارٽين اهڙي حق جي کليل حمايت ڪئي، جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي ماضيءَ ۾ اڻ سڌي يا سڌي طرح اهڙي ڳالهه جو ورجاءُ پئي ڪندي آئي آهي. انڪري ڪنهن به قوم ۾ انهن ٻن ڌارائن جي سياست ڪندڙ پارٽيون هرو ڀرو پاڻ هڪٻئي کان ايترو پري هجن ئي نٿيون.
سنڌ ۾ جيئن پيپلز پارٽي ۽ جيئي سنڌ جو مثال آهي، ٻنهي ۾ حقيقت ۾ فرق ڊگريءَ جو آهي، ڇو ته پ پ اقتدار تي سويلين بالادستيءَ جي جڏهن ڳالهه ڪري ٿي ته ان جو مقصد اقتدار پنجاب وٽ هرگز رکڻ نه آهي، اقتدار تي سويلين بالادستيءَ جو مقصد سنڌي، سرائيڪي، بلوچ ۽ پختون قومن جي اڪثريت کي اقتدار ڏيارڻ آهي.“
نه رڳو اهو پر هو ته سمجهي ٿو ته سنڌ ۾ سياست جون صرف ٻه ڌارائون آهن، يعني جيڪا ڌر ”خارجي حقِ اختياري“ چاهي ٿي اُها جيئي سنڌ آهي ۽ جيڪا ڌر قومن کي “اندروني خوداختياريءَ” جي ترجمان آهي اُها پاڪستان پيپلز پارٽي آهي. حقيقت ۾ اِهي ٻئي مفروضا غلط آهن. سائين جي ايم سيد جي فڪري واٽ سنڌو ديش ۽ جيئي سنڌ جي سياست حقِ خوداراديت جي بجاءِ مڪمل آزاديءَ جي ڳالهه ڪري ٿي ۽ پ پ پ جو ته سنڌين، سرائيڪين، بلوچن ۽ پختونن جي قومي سوال يا انهن جي خوداراديت جي جدوجهد سان ڪو تعلق ئي نه آهي. سنڌ ۾ قومي حوالي سان ٻه ڌارائون اهي آهن ته سائين جي ايم سيد بنگلاديش جي آزاديءَ کانپوءِ قومن جي مڪمل آزاديءَ جي ڳالهه ڪئي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ رسول بخش پليجي جي جدوجهد ملڪ جي وفاق اندر قومن جي قومي حقِ خوداراديت لاءِ رهي. ايئن ئي خان غفار خان، ولي خان، مرحوم بزنجي، عطاءُ الله مينگل ۽ ٻين جي جدوجهد رهي آهي. ملڪ ۾ جنهن پارٽيءَ يعني نعپ قومي سوال کي کنيو، پ پ پ ته ان کي ڪڏهن به نه سَٺو. بيريسٽر ضمير گهمري کي رات وچ ۾ اهو نظرياتي الهام الائجي ڪيئن ٿيو آهي ته پ پ پ قومن جي حقِ خوداراديت جي ترجمان آهي ۽ سندس سياست جو مقصد مظلوم قومن کي اقتدار ڏيارڻ آهي. هن مضمون کانپوءِ عوامي تحريڪ، ترقي پسند پارٽي، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي، جيئي سنڌ محاذ جي دوستن کي به اها خبر پوڻ گهرجي ۽ ان غلط فهميءَ مان نڪرڻ گهرجي ته ڪو هو سنڌ جي قومي حقِ خوداراديت لاءِ جاکوڙي رهيون آهن، اها دعويٰ ڪرڻ جو استحقاق ته صرف پ پ پ جو آهي. سرائيڪي صوبي جو شوشو به پ پ پ هڪ ڪارڊ طور استعمال پئي ڪري ۽ ان صوبي جو مطالبو به اُها قومي بنياد تي نه پر علائقائي بنياد تي پئي ڪري. ڇا پ پ پ هڪ ڀيرو به چيو آهي ته سرائيڪي هڪ قوم آهن، ان ڪري کين صوبو ملڻ گهرجي؟ سنڌ جي عوام لاءِ اهو بنهه نئون انڪشاف آهي، جيڪو ضمير گهمري ڪيو آهي ته:
”ان ڪري سنڌ جي جڏهن اندروني ۽ ٻاهرين حق خود اختياريءَ جي ڳالهه ڪجي ٿي ته پيپلز پارٽي ۽ جيئي سنڌ ۾ رڳو ڊگريءَ جو فرق آهي. ان ئي سبب جي ڪري رياستي عتاب به گهڻي کان گهڻو ٻنهي پارٽين يا ان سان لاڳاپيل ڌڙن ڀوڳيو آهي. شهيد به انهن جا ئي گهڻا آهن. پيپلز پارٽي ۽ جيئي سنڌ ۾ رڳو ڊگريءَ جو فرق آهي ۽ ٻئي پنهنجي جوهر ۾ هڪ قوم جي بالادستيءَ جي خلاف آهن.“
گهٽ ۾ گهٽ هن مضمون کانپوءِ ته جيئي سنڌ جي دوستن کي پ پ پ سان ڏهاڪن جا اختلاف ختم ڪرڻ گهرجن، جو پ پ پ ۽ منجهن فرق رڳو هڪ ”ڊگريءَ“ جو آهي. اسان جي دوست ضمير گهمري ته اها بشارت به ڏئي ڇڏي آهي ته:
”اپوزيشن جي بيابانن ۾ جهاڳيندي پيپلز پارٽيءَ هڪ سبق ضرور سکيو آهي ته اها هينئر ڪنهن به صورت ۾ اپوزيشن ۾ نه ويهندي، ڇو ته اها اڪثريتي قومن جي نمائنده آهي.“
حقيقت اها آهي ته پ پ پ 1988ع کانپوءِ عوامي جدوجهد ۽ مزاحمت جو اڳ ڇڏي ڪمپرومائيز ذريعي اقتدار حاصل ڪرڻ جي سوچ اختيار ڪئي. ڇا هن موجوده نظام ۾ جيڪي پارٽيون اقتدار ۾ اچن ٿيون، اهي سچ پچ قومن جون نمائنده آهن يا ٿي به سگهن ٿيون؟
چونڊون 2012ع ۽ سنڌ جا مفاد:
اهي سموريون نظرياتي تاويلون ڪرڻ کانپوءِ مضمون جي آخر ۾ خبر پوي ٿي ته ان جو ”شانِ نزول“ يا حاصل مطلب ڇا آهي؟ چونڊون مٿان آهن ۽ ان حوالي سان هن سموري تجربي جو ڇيهه اسان جي دوست ضمير گهمري هنن نقطن تي ڪيو آهي. هو لکي ٿو:
”هاڻي هر صوبي ۾ پنجاب جا تابعدار پير، مير، وڏيرا سڀ گڏ ڪري پنجاب جي سويلين بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ جتن ٿي رهيا آهن.“
”ايندڙ وقت ۾ اقتدار پنجاب کي ڏيارڻ لاءِ چئني صوبن ۾ لٺ ۽ پئسو وهندو ۽ جيڪڏهن پنجاب کي اهو ته ان سان به ڪم نه ٿو ٿئي ته پوءِ پڪ سمجهو ته اقتدار تي قبضي لاءِ سڌي يا اڻ سڌي طرح جي وڏي ڪوشش ٿيندي.“
”سنڌ لاءِ هي اقتدار نه پر جدوجهد آهي. سنڌ اقتدار ۾ هوندي به جهڙوڪ اپوزيشن ۾ آهي. هڪ پاسي اها ملڪ ۾ سويلين بالادستيءَ لاءِ مسلسل وڙهي رهي آهي، ته ٻئي پاسي سنڌ اندر آجپي جي جدوجهد جاري آهي. سنڌ لاءِ هي اقتدار جو نه پر مشقت جو دور آهي، جتي اقتدار تي سويلين بالادستيءَ واري جنگ توڙي آجپي واري جدوجهد کي مخصوص ميڊيا ٽوڙي مروڙي پيش ڪري سنڌين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌين کي ’ڪنفيوز‘ ڪري انهن خلاف مختلف الزام گهڙي کين مجبور ڪيو پيو وڃي ته 87 قومي اسيمبليءَ جي سيٽن واري پنجاب جي اقتدار ۾ سويلين بالادستي قبول ڪن، 185 سيٽن وارا گهر هلن ۽ 87 سيٽن وارو پنجاب، ملٽري دور هجي يا جمهوري دور، اهو حڪمراني ڪري. ان لاءِ هنن ڪافي اين جي او نما پارٽيون ميدان تي لاٿيون آهن، ميڊيا کي لاٿو آهي، الائي ڇا ڇا اشوز کڻي ايڏو هل ۽ هنگامو ڪيو آهي، جو ويچارا سنڌي جن کي ڏاهپ جا هونئن ته وڏا گر آهن، سي سوچڻ تي مجبور آهن ته ٻيلي هاڻي ووٽ ڪنهن کي ڏيون!“
مضمون جي هنن ٽڪرن کي غور سان پڙهندي ماڻهو آسانيءَ سان سمجهي ويندو ته ان جو عملي مطلب هي نقطا آهن:
پ پ پ مخالف جيڪي به چونڊ اتحاد جڙي رهيا آهن، اُهي سنڌ دشمن آهن ۽ اهي پنجاب جي سويلين بالادستي قائم ڪرڻ لاءِ آهن.
ايندڙ چونڊن ۾ لَٺِ، چٺِ ۽ پئسو رڳو پ پ پ مخالف استعمال ڪندا. پ پ پ کي حرام آهي جو اُها لٺ ۽ پئسو استعمال ڪري ۽ ها باقي اها چونڊن ۾ رڳو پنجاب جا غيرتعبيدار پير، مير ۽ وڏيرا استعمال ڪندي- وڌيڪ بلڪل نه!
پ پ پ جي فيصلن خلاف جيڪا به جدوجهد هلي پئي ۽ جيڪو به آواز اُٿي پيو ان لاءِ ”هنن“ اين جي او نما سياسي پارٽين ۽ ميڊيا کي ميدان تي لاٿو آهي ۽ اُهي ”الائجي ڇا ڇا“ اشوز کڻي اجايو “هُل هنگامو” ڪري رهيا آهن.
”ڳالهه پڌر تي پئي آهي ته پنجاب اسان تي چوريءَ جو الزام هڻي اقتدار تي پاڻ ٿو اچڻ چاهي. “
معنيٰ پ پ پ حڪومت ڪجهه به نه ڪيو آهي پر اجايو مٿس الزام هڻي کيس خوار ڪيو پيو وڃي.
اسان جي هن فاضل ۽ لائق دوست آخر ۾ اهو سمورو نظرياتي تجزيو ڪري سنڌ جي قومي تحريڪ کي واضح صلاح ڏني آهي ته:
”سنڌين کي پنهنجي قومي تحريڪ کي اقتدار تي سويلين حق حڪمرانيءَ واري جمهوري تسلسل سان ڳنڍڻو پوندو، ڇو ته ان سان مرڪز کي زبردست ڌچڪو لڳي ٿو ۽ سنڌين کي پنهنجي صوبي اندر حق حڪمرانيءَ کي هٿي ملي ٿي.“
موجوده صورتحال ۾ پ پ پ جي پاليسين، حڪمرانيءَ جي انداز ۽ سندن مجموعي سياست ۽ ڪردار جي بچاءُ ۾ اهڙو ”نظرياتي“ موقف ته ڪنهن پيپلي دانشور به نه رکيو آهي، جيڪو اسان جي هن دوست ضمير گهمري هن خاص موقعي تي رکيو آهي. جي اهڙو موقف هن پنهنجي سياسي شعور جي سادگيءَ تحت رکيو آهي ته ان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو ۽ جيڪڏهن ان جي پٺيان ڪو ”روحاني راز“ آهي ته اهو به واضح ٿيڻ ۾ شايد گهڻي دير نه لڳندي. حڪومتون اچڻيون وڃڻيون آهن پر ماڻهوءَ جو نظرياتي ڪردار وڏي معنيٰ رکي ٿو، ڪاش اسان جو دانشور لڏو اها ننڍڙي پر دراصل تمام وڏي ڳالهه سمجهي سگهي.
روزاني ڪاوش حيدرآباد، خميس 14 مارچ 2013ع