تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

جامي چانڊيي جي لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو ھي مجموعو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ماضي ۽ حال جي سياست جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو آھي. جامي ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”اسٽيبلشمينٽ جو پ پ پ حڪومت سان اڻ سهپ، تعصب ۽ سازشي رويو هڪ حقيقت آهي، پر گڏوگڏ اهو سوال به تمام اهم آهي ته ڇا پ پ پ حڪومت وٽ پاڻ به ڪو Vision، ارادو، رٿابندي ۽ سنجيدگي آهي، جنهن مان نظر اچي ته اها رڳو مال ڪمائڻ، اقتداري مزا ماڻڻ کانسواءِ عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام کي به ڪجهه ڊِليور ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي؟
پ پ کي سنڌ ۾ ڀل ته مفاهمتي سياست جي شڪل ۾ سياسي آپگھات جو شوق هجي، جنهن جو کيس پورو حق به حاصل آهي پر پ پ پ کي اهو حق نٿو پهچي ته اُها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تاريخي، سياسي، معاشي، ثقافتي، ۽ انساني حقن جي لتاڙ نام نهاد مفاهمت جي نالي ۾ ڪري.“
Title Cover of book ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

پيپلز پارٽي ڪيستائين متحده کي جيئدان ڏيندي؟

هونئن ته سڄي ملڪ جي سياست وڏي بحران جو شڪار آهي پر خاص طور متحده قومي موومينٽ گذريل ڪجهه سالن کان بدترين ۽ گهڻ طرفي بحران جو شڪار آهي ۽ پري پري تائين اهو نه ٿو ڏسجي ته اها هن بحران مان نڪري سگهندي. متحده جي تنظيمي ۽ سياسي بحران کي به متحرڪ حالت ۾ ڏسڻ گهرجي، يعني رڳو اهو ڏسڻ ڪافي نه آهي ته اها موجوده وقت ۾ ڪهڙي صورتحال ۾ آهي پر اهو پڻ ڏسڻ جي ضرورت آهي ته اهو بحران ڪٿي وڃي ڇيهه ڪندو؟ منهنجي نظر ۾ متحده جي گهڻ طرفي بحران کي هن تناظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
(1) متحده ملڪ جي سڀني کان ڪنڊائتي جماعت آهي، هن ملڪ ۾ مجموعي طرح هن جماعت لاءِ ڪو به چڱو تاثر ته ڇا پر هڪ ٺلهي سياسي جماعت جو تصور ۽ تاثر به موجود نه آهي. سنڌ ۽ ملڪ جي هر صوبي ۾ عوام جي وڏي اڪثريت هن جماعت خلاف نظر اچي ٿي. پنجابي، سنڌي، پشتون، بلوچ، سرائيڪي ۽ روشن خيال اردو ڳالهائيندڙ سڀ هن جماعت خلاف هڪ نقطي تي گڏ نظر اچن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو مسلم ليگ (ن) تحريڪ انصاف، عوامي نيشنل پارٽي، پي اين پي، نيشنل پارٽي، جماعت اسلامي، جي يو آءِ سميت ملڪ جون اڪثريتي جماعتون متحده خلاف نظر اچن ٿيون.
(2) متحده اندروني طور سخت بحران جو شڪار نظر اچي ٿي، جو هڪ ته گهڻا ماڻهو پارٽي ڇڏي ويا آهن ۽ جيڪي موجود آهن، انهن مان ليڊرشپ سطح جي گهڻائيءَ تي الطاف حسين جو ڪو به اعتبار نه رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هو روز ٿو رابطه ڪميٽيءَ جو ڍانچو ۽ ذميواريون تبديل ڪري. ائين فقط تڏهن ٿيندو آهي جڏهن تنظيم اندر اعتبار ۽ اعتماد جو بحران پيدا ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ متحده جا اڳوڻا سمورا اڳواڻ پڻ ساڳئيءَ طرح ڳجهي انداز ۾ ماريا ويا پر عمران فاروق جو قتل متحده اندر سخت تنظيمي بحران جو سبب بڻيو، جو اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس ان جو اشارو الطاف حسين طرف ڏنو ۽ ان ڏس ۾ جاچ به ٿيندي رهي جيڪا اڃا جاري آهي. نتيجي ۾ اڄ انيس قائم خاني، آفتاب شيخ، اجمل دهلوي، ڪمال مصطفيٰ سميت انيڪ ماڻهو تنظيم کان ٻاهر نظر اچن ٿا. ٻيو ته متحده اڳ اهڙو سخت تنظيمي ڪلچر رکيو، جو مرڪزي هاءِ ڪمانڊ کانسواءِ متحده ۾ ٻيا اڳواڻ سڌي ريت ڪرپشن نه ڪري سگهندا هئا. پر مشرف دور ۾ اهو لاڙو تبديل ٿيو ۽ متحده جا هيٺين سطح جا اڳواڻ به ڪرپشن ۾ ملوث ٿيا. ان قسم جون تنظيمون هڪ خاص سخت گير تنظيمي ڪلچر سان هلي سگهنديون آهن، پر جيڪڏهن ان ۾ مالياتي ڪرپشن شامل ٿي وڃي ته پوءِ سخت گير تنظيمي ڪلچر قائم رکڻ ممڪن نه ٿو رهي. الطاف حسين جي صحت جي خرابي ۽ سندس مرڪزي ڪمانڊ نه رکڻ پڻ متحده اندر تنظيمي بحران کي وڌيڪ سگهارو ڪيو آهي. الطاف کانپوءِ متحده جو تنظيمي ۽ سياسي آئيندو ڇا هوندو؟ اهو منظر نامو آسانيءَ سان تصور ۾ آڻي سگهجي ٿو.
(3) متحده جي ڪراچيءَ اندر هڪهٽيءَ جو سبب ڪو عوامي موٽ نه پر اها سختگير سياست هئي ۽ آهي، جنهن سبب ڪيترا ڏهاڪا ان بنياد تي هن تنظيم پنهنجي هڪ هٽي قائم رکي. جيتوڻيڪ متحده جي سياست جو انداز بدستور ساڳيو آهي، پر گذيل ڏهاڪي دوران ڪراچيءَ جي سياست ۾ طاقت جو اهو توازن بدليو آهي. هاڻي ڪراچيءَ ۾ رڳو هڪ نه پر انيڪ ڌريون آهن، جن وٽ ساڳيءَ طرح هٿياربند ٽولا ۽ وڙهڻ جي سگهه آهي. انهن ٽولن، ڀتا گيريءَ، دهشتگرديءَ ۽ شهر جي زندگيءَ کي مفلوج بڻائڻ واري ڏهاڪن کان قائم ٿيل هڪ هٽيءَ کي هڻي پاش پاش ڪري ڇڏيو آهي. ٻيو ته مذهبي انتهاپسند ڌرين طرفان ڪراچيءَ ۾ مدرسن جي وڇايل ڄار متحده کي به سخت پريشان ڪيو آهي، ڇاڪا ته متحده ڪراچيءَ ۾ ڪنهن به ٻي قوت کي اڀرندو ڏسي ٿي ته پريشان ٿيو پوي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ مافيائن جو اڀرڻ سنڌ ۽ عوام جي مفاد ۾ نه آهي پر اهو اڀار بهرحال متحده جي پريشانيءَ جو سبب بڻيو آهي.
(4) ڪراچي ۾ تحريڪ انصاف جو تيزيءَ سان اڀرڻ پڻ متحده لاءِ وڏي اُلڪي جو باعث بڻيو آهي. متحده گهڻي ڀاڱي هيٺين ۽ هيٺين وچولي اردو ڳالهائيندڙ طبقي ۾ مقبول آهي پر عمران خان ڪراچيءَ جي مٿين ۽ وچولي طبقي جي نوجوانن ۽ کي سياسي طور وڏي پيماني تي متحرڪ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جنهن ڳالهه به متحده کي پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. گذريل 2013ع جي چونڊن ۾ ڪراچيءَ مان تحريڪ انصاف جي کنيل ووٽن جي تناسب ۽ لاڙي مان ئي ظاهر هو ته ڪراچيءَ ۾ سياست جو مزاج ۽ رخ تبديل ٿي رهيو آهي. ڪراچيءَ جو وچولو اردو ڳالهائيندڙ طبقو پ پ ۾ انڪري نه ويندو، جو ان تي سنڌي هجڻ جو ٺپو لڳل آهي ۽ ساڳي طرح اهو نواز شريف وٽ به نه ويندو، جو ان تي پنجابي شائونزم جو ٺپو لڳل آهي. عمران خان تي اهڙو ڪو به ٺپو ناهي، ٻيو ته هو ساڄيءَ ڌر جو آهي، جيڪو ڪراچيءَ جي اردو ڳالهائيندڙ وچولي طبقي جو مزاج آهي. ٽيون عمران جي ملڪي سطح تي ۽ خاص طور پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ وڌندڙ مقبوليت پڻ ڪراچيءَ ۾ سندس وڌندڙ سگهه جو بنياد بڻي آهي. اردو ڳالهائيندڙ طبقو فقط ان پارٽيءَ کي ووٽ ڏيندو، جنهن جا پاور سان جڙيل رهڻ جا امڪان هوندا، ڇو ته جيئن ته اهو طبقو شروع کان رياستي پاور جو وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪندڙ رهيو آهي، انڪري هن ڀيري به اهو اهڙي پارٽيءَ ڏي ويندو، جيڪا متوازن ساڄي ڌر جي به هجي ۽ اها رياستي پاور سان به جڙيل هجي يا ان جو امڪان چٽو هجي.
(5) متحده ڊگهو عرصو آمريڪا ۽ برطانيا جي منظورِ نظر رهي پر هن وقت نظر اهو ئي اچي ٿو ته انهن عالمي طاقتن جيڪڏهن متحده مان مڪمل هٿ نه به ڪڍيو آهي، تڏهن به هن تنظيم کي سندن اها اڳوڻي اهميت حاصل نه رهي آهي. اهڙيون ڳالهيون آمريڪا ۽ برطانيا جا سفارتي حلقا اسلام آباد ۾ پنهنجين ذاتي محفلن ۾ پڻ ڪن ٿا.
(6) جيتوڻيڪ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ هميشه متحده جي سرپرستي ڪئي آهي، جو اها ئي تنظيم هئي جنهن سنڌ ۾ جمهوري ۽ قومي تحريڪ خلاف سندن اسٽريٽجڪ مفاد محفوظ رکيا ۽ ان جي مُلهه طور پنهنجو جيئدان يقيني بنايو. وقتي طور نظر اهو پيو اچي ته اسٽيبلشمينٽ متحده جي حمايت نه پئي ڪري. خاص طور موجوده آءِ ايس آءِ سربراهه جڏهن هن کان اڳ ڪراچي ۾ ڊي جي رينجرس هو ته متحده هميشه هن خلاف دانهون ڪندي نظر ايندي هئي. مان سمجهان ٿو ته اسٽيبلشمينٽ اسٽريٽجڪ حوالي سان متحده جي مدد جاري رکندي، وقتي طور متحده بابت رويو هڪ حد تائين تبديل ڪندي نظر اچي ٿي، جنهن ڪري متحده مسلسل دانهون ڪرڻ سان گڏوگڏ عجيب بيان ڏيندي رهي آهي. ڪڏهن اها ڪراچي يا سڄي سنڌ ۾ فوجي راڄ جي حمايت ڪري ٿي ته ڪڏهن وري اها دانهون ڪري ٿي ته مٿس ڪريڪ ڊائون ٿيندو.
مٿي بيان ڪيل سموري صورتحال ۾ ڪراچيءَ ۾ بلديه ٽائون فيڪٽري کي لڳل باهه ۽ 12 مئي جي حوالي سان پڪڙيل دهشتگرد طرفان ڪيل اعتراف هڪ ڀيرو وري متحده کي سياسي طور سخت ڌڪ هنيو آهي. ان سموري صورتحال ۾ عمران خان ۽ تحريڪ انصاف پاران متحده خلاف چٽو موقف اختيار ڪرڻ سبب پڻ متحده کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. ان جو ئي نتيجو هو، جو متحده سربراهه الطاف حسين هڪ دم تحريڪ انصاف کان ٽي وي تي معافي ورتي، جيڪا سندن روايت ڪڏهن به ناهي رهي. موقف ضرور مٽبو رهيو آهي پر متحده ائين معافي ناهي وٺندي. اها نئين روايت پڻ سندن ڪمزور ۽ بحراني صورتحال جو ڏس ڏئي ٿي.
ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته هن ڀيري جڏهن متحده هڪ دفعو وري بند گهٽيءَ ۾ وڃي ڦاٿي آهي، تڏهن وري کين بحران مان وقتي طور نڪرڻ لاءِ ”سهارو“ پاڪستان پيپلز پارٽي جو آڇيو ويو آهي. ضياءَ جي طويل دور کانپوءِ جڏهن ملڪ ۾ انڌي منڊي جمهوريت بحال ٿي تڏهن 1988ع ۾ ايم ڪيو ايم کي سياسي جيئدان پ پ ڏنو، جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم هميشه پ پ جي خدمت کي پٺي ۾ سياسي بي وفائي جو خنجر هنيو. هر دفعي پ پ جي حڪومت آئي ته متحده کي جياپو مليو. پرويز مشرف جا 9 سال متحده سنڌ ۾ اڇي ڪاري جي مالڪ رهي ۽ اهو سمجهيو ٿي ويو ته هن ڀيري جڏهن جمهوري عمل بحال ٿيندو ته ماضيءَ مان سبق حاصل ڪري متحده سان اتحاد نه ڪيو ويندو ۽ اهڙو ٺهراءُ لنڊن جي آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ پڻ اتفاق راءِ سان پاس ڪيو ويو هو. ڪيڏي نه ويساهه گهاتي هئي، جو پرويز مشرف جي 9 سالا آمريتي دور کانپوءِ جڏهن پ پ کي سنڌ ۽ ملڪ ۾ اڪثريتي مينڊيٽ مليو ته ان وري ساڳي روايت ورجائي ۽ سياسي طور ختم ٿيندڙ متحده کي سياسي آڪسيجن ڏني. هاڻي وري جڏهن هر طرف کان متحده جو گهيرو تنگ ٿيندو نظر ٿو اچي ته هڪ ڀيرو وري رحمان ملڪ کي ميدان تي لاهي متحده کي سندن شرطن تي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪيو پيو وڃي.
سنڌ جا ماڻهو سوال ڪن ٿا ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي اهو مينڊيٽ ڪنهن ڏنو آهي ته اها متحده جو سنڌ جي حڪومت، وسيلن ۽ روزگار جي ذريعن ۾ 40 سيڪڙو هميشه طئي ڪري ڇڏي. جنهن آباديءَ جي نمائندگي متحده ڪندي رهي آهي، اها 1988ع جي آدم شماريءَ مطابق سنڌ ۾ 21 سيڪڙو ۽ ڪراچي ۾ 43 سيڪڙو آهي. گذريل 17 سالن ۾ ته اها صورتحال اڃا تبديل ٿي هوندي. سنڌ جي حڪومت، وسيلن ۽ نوڪرين ۾ 40 سيڪڙو حصو ڇاجي لاءِ ۽ ڪهڙي بنياد تي؟ ملڪ رياض کي الطاف حسين جي نالي ۾ ٻه يونيورسٽيون ٺاهڻ جو نه رڳو سندس موجب خيال زرداري ڏنو پر اهو نالو به آصف زرداري تجويز ڪيو. لطيف، سچل، روحل، چيزل، سامي، شيخ اياز، مرزا قليچ بيگ ڇُٽا، علم جو گهر الطاف حسين جي نالي تي! سنڌ جا ماڻهو پ پ ۽ متحده سان ڪو به اتحاد تڏهن مڃيندا جڏهن:
1. پ پ پ متحده کان لکت ۾ حلف نامو وٺندي ته اها ڪڏهن به سنڌ جي وحدت خلاف ڪوبه مطالبو نه ڪندي ۽ نه اهڙي مڪاني حڪومتن جي نظام جي گهر ڪندي، جنهن جو عملي طور مطلب سنڌ جو انتظامي ورهاڱو هجي.
2. متحده کان اهو لکت ۾ حلف نامو ورتو وڃي ته جيڪڏهن اها ڪراچي ۾ ڀتا گيري، ڏوهن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو حصو ناهي ته پوءِ جيڪڏهن ان ڏس ۾ ڪي دهشتگرد گرفتار ٿين ٿا ته انهن جي مالڪي نه ڪندي.
3. سنڌ حڪومت، وسيلن ۽ نوڪرين ۾ 40 سيڪڙو هڪ پارٽي جو تسليم ڪرڻ هڪ خطرناڪ فيصلو آهي، جيڪو نه رڳو غير اصولي ۽ غير جمهوري آهي پر سنڌ جي مفادن تي ڪاپاري ڌڪ آهي.
4. سنڌ اندر سنڌي ٻوليءَ کي 1972ع ۽ 1994ع جي بلن ۽ ٺهرائن تحت سنڌ جي سرڪاري ۽ دفتري ٻولي طور رائج ڪيو وڃي ۽ ڪراچيءَ جي سمورن تعليمي ادارن ۽ روزگار جي ذريعن لاءِ ڪراچي جي ڊوميسائيل جو شرط ختم ڪري ان کي سنڌ اسميبلي ذريعي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
5. ڪراچي ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جا ڪيس ملٽري ڪورٽس ۾ اماڻيا وڃن ۽ خاص طور بلديه فيڪٽريءَ جي سانحي ۽ 12 مئي جو ڪيس فوري طور ملٽري ڪورٽس اماڻيا وڃن، ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اڳ ئي اهڙي حامي ڀري چڪي آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪڏهن سنڌ جي ڪم نه ٿي اچي سگهي يا سنڌي ماڻهن جي حقيقي نمائندگي نٿي ڪري سگهي ته ڇا اهو به نٿي ڪري سگهي ته اها هن ڀيري متحده کي پنهنجي بحران کي پاڻ منهن ڏي ۽ کيس بحران مان نڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪلهو نه آڇي؟ ياد رکڻ گهرجي ته متحده جو ڪوبه مستقبل نه آهي پر هن ويساهه گهاتي ۾ پ پ پنهنجو الهه تلهه به تباهه ڪري ڇڏيندي، جيڪو صاف نظر اچي رهيو آهي. مان سمجهان ٿو ته رحمان ملڪ معرفت ڪرايل هي مفاهمت پ پ کي ڳچيءَ ۾ پوندي، جنهن جو کين ادراڪ نه آهي.


روزاني ڪاوش حيدرآباد، جمعو 13 فيبروري 2015ع