بلاول کي اصل معافي عوام ۽ سنڌ کان وٺڻ گهرجي!
جيستائين پي پي پيءَ جي تنظيمي ۽ سياسي ڪوتاهيُن جو سُوال آهي ته اهو به هڪُ اهڙو کُليل رازُ آهي، گُذريل پنجاهه سال جنهن جي ڏاڪي به ڏاڪي چِٽي شاهدي ڏيندا. نتيجو وڃي اهو نڪتو آهي، جو ملڪي تاريخَ جي (اوڀر پاڪستانَ جي عليحدگيءَ کان پوءِ) سڀ کان وڏي پارٽي، جنهن کي ڪو بِه آمِرُ لوڏي ۽ ٽوڙي نه سگهيو، اُها پنهنجيُن ئي پاليسيُن، حڪمتِ عملين ۽ فيصلن سبب اڄ عملي طرح رُڳو سنڌُ تائين ئي محدود رهجي وئي آهي. پنجاب کانئُس تيزيءَ سان کسجي رهيو آهي، ۽ بلوچستان يا خيبر پختونخوا ته هونئن به وٽس ڪڏهن به ڪونه هئا. منهنجيءَ نظر ۾ هيٺين بنيادي سببن ڪري پي پي پي ڏاڪي به ڏاڪي زوال پذير ٿي آهي، جن تي پارٽيءَ جي قيادتَ، سياسي دانشورن ۽ عوامَ کي غور ڪرڻ گهرجي.
(الف): پي پي پي پنهنجي شروعات سٺِ جي ڏهاڪي ۾ گَهڻ-طبقاتي جمهوري سياستَ جي واٽَ سان ڪئي هئي، پر مرحلي وار پارٽيءَ نظرياتي سياستَ کي پُٺي ڏئي مفادن جي سياستَ کي اوليتَ ڏني. اُها ٻي ڳالهه آهي ته اُن پنهنجن تنظيمي ۽ طبقاتي مفادن کي ملڪ ۾ جمهوري عمل سان مشروط ڪري هلايو، جو ظاهر آهي ته سياستَ جمهوريت تحتِ ئي ٿي سگهي ٿي، ۽ حڪومتَ ۾ اچڻ جو واحد طريقو به اهو ئي هو ۽ آهي. اڳ به پي پي پيءَ جو نظرياتي بنياد محدود هو، ۽ بس ايترو ئي هو، جيترو ڪنهن گهڻ-طبقاتي پارلياماني سياسي جماعتَ جو ٿي سگهيو ٿي. پر پوءِ اهو محدود بنياد به ختم ٿيندو ويو. نتيجو اهو آهي، جو هاڻي پارٽي ڪنهن منشُورَ جي بنيادَ تي نه پرَ، يا ته شهيدن جي قربانين جي جذباتيتَ تي هلي رهي آهي يا وري سماجي طورَ طاقتور شخصيتُن جي سهاري. ڇا اهو الميو نه آهي ته جنهن پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڏهاڪا اڳُ وڏيرا قطارون ڪيو بيٺا هوندا هئا، اڄُ اُها پارٽي وڏيرن کي پاڻ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ ايلازَ ڪندي نظر اچي ٿي؟ گُذريل چُونڊُن کان اڳُ ٻيو ته ٺهيو، پر پارٽي شيرازين، ۽ بينظير صاحبه ۽ خواتين لاءِ گُٿا لفظَ ڳالهائيندڙ ارباب غلام رحيمَ جهڙي ماڻهوءَ کي به پارٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ رابطا ڪندي نظر آئي. ان کان سواءِ پارٽي ٽِڪيٽون پڻ هاڻي تنظيمي ۽ سياسي بنيادن تي نه، پر خانداني بنيادن تي ڏنيون وڃن ٿيون، جنهن کي عملي طرح پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو سياسي زوالُ ئي چئي سگهجي ٿو.
سياستَ مان جيڪڏهن قدُرَ، نظريا، ۽ اُصولَ ختم ٿي وڃن ته پوءِ اُها نه رُڳو اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿئي ٿي، پر اُها سماجَ ۽ عوامَ بدران هڪَ مخصوص ڦورُو طبقي جي مُحتاج ئي نه پر سندن ناجائز مفادن جي پورائي جو هڪُ ذريعو بڻجي ٿي. جنهن سياستَ ۾ ڪو عوام دوستُ نظريو، قدُر يا اُصولُ نه آهي، اُها پس و پيش عوام-دشمن، رُجعت-پسند بڻجي سماجَ جي فطري ارتقا ۾ رُڪاوٽَ بڻبي آهي. اِن ڪري منهنجيءَ نظرَ ۾ پي پي پيءَ پنهنجي سياسي زوالَ جا بنيادَ تڏهن وِڌا جڏهن اُن نظرياتي سياستَ کي پُٺي ڏني.
(ب): سياستَ سماجَ ۾ ٿيندي آهي، ۽ سماجُ هر وقتُ تبديل ٿيندو رهي ٿو. اُهي تبديليون ڪڏهن مثبت هونديون آهن ته ڪڏهن منفي، پر سياستَ جو ڪم انهن جي معروضيتَ کي سمجهي، اُن آڌارَ تي پنهنجيون پاليسيون، حڪمتِ عمليون ۽ اَوَليتُون جوڙي عملَ جي ميدانَ تي لهڻ هوندو آهي. هونئن ته پاڪستان پهرئين ڏينهن کان وٺي بحرانَ جو شڪارُ رهيو آهي، پر گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان ملڪَ جي سماجَ، سياستَ، معروضيتَ ۽ تضادن جي بيهڪَ ۾ انيڪ تبديليون آيون آهن، جن حالتُن کي ويتر پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي. الميو اهو آهي ته پي پي پيءَ وٽِ انهن تبديل ٿيل ۽ ٿيندڙ حالتُن جو ڪو سائنسي اِدراڪ نظر نه ٿو اچي. مثال طور، شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي ڪيترن ئي موقعن تي آمريڪا کي سامراج سڏيو هو، پر سندس پارٽيءَ پوءِ اهو لفظُ ئي پنهنجي تنظيمي ۽ سياسي لُغتَ مان ڪڍي ڇڏيو. ملڪَ ۾ قومي تضاد بابت پارٽيءَ وٽ ڪو به موقف نه آهي، وڌَ ۾ وڌ پارٽي قومي تضادَ کي صوبائيتَ جي اکِ سان ڏسي ٿي. ملڪ ۾ قومُن ۽ ٻولين جي آئيني حيثيتَ ڪهڙي هجي، ان بابت پارٽيءَ وٽ ڪو به موقف نه آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي پنهنجي دورَ ۾ صنعتُن کي قومي تحويلَ ۾ ورتو، (غلط يا صحيح) جڏهن ته سندس پارٽيءَ جون حڪومتون نِج ڪاريءَ تي عمل ڪنديون رهيو آهن. اُها ٻي ڳالهه آهي ته پارٽيءَ اندر رضاربانيءَ ۽ تاج حيدر جهڙا ماڻهو اڄ به نِجڪاريءَ جي خلاف ڳالهائيندا رهن ٿا. ائين جي ڏِسبو ته پي پي پيءَ وٽ ملڪَ جي ڪنهن به بنيادي تضادَ بابت ڪو به چِٽو موقف نظر نه ٿو اچي. بس مذهبي انتهاپسنديءَ بابت بلاولَ جو موقِف جرئتمنداڻو آهي، پر اها به حقيقتَ آهي ته طالبان تي بينظير صاحبه جي دورَ ۾ نصيرالله بابر معرفتَ نه رڳو هٿُ رکيو ويو پر جنرل ضياءُالحق واري افغان پاليسيءَ کي بيحد پُرزور طريقي سان جاري پڻ رکيو ويو. ائين قومي، طبقاتي بين الصوبائي تڪرار، پاڻيءَ جو تڪرار، ناڻي جو ورڇَ جو تڪرار، پرڏيهي ۽ دفاعي پاليسيءَ بابت پارٽيءَ وٽ ڪو به عوام-دوست، پُختو، ۽ چِٽو موقفُ نظر نه ايندو.
(ٻ): پاڪستان جو سماجُ تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيو آهي، خاص طورَ تي پنجاب ۽ سنڌ جو سماج جتي زرعي سماج تيزيءَ سان ٽُٽي رهيو آهي، ۽ شهري سماجَ جي اڏاوتَ تيز ٿي رهي آهي. نتيجي ۾ پنجاب ۽ سنڌُ ۾ گذريل ڏهاڪن کان وڏي انگَ ۾ وِچون طبقو پئدا ٿيو آهي، پنجابَ ۾ ته اهو انگُ تمام گهڻو آهي، پر رڳو سنڌُ ۾ هڪ محتاط اندازي مطابق رڳو سنڌي ڳالهائيندڙ وچئين طبقي جو انگُ ستر يا اسي لکَ کان گهٽ نه آهي. پر پي پي پيءَ وٽ اُن جو ڪو اِدراڪ نظر نه ٿو اچي. اهو ئي سبب آهي، جو گهڻا سالَ اڳ چوڌري اعتزاز احسنَ مون کي چيو هو ته، زرعي سماجَ جي وڏيرڪي پارٽي يعني پي پي پي هاڻي تيزيءَ سان اڀرندڙ صنعتي ۽ شهري پنجابَ جي نمائنده نه ٿي بڻجي سگهي، ۽ اها هڪ حقيقتَ پڻ آهي. خود سنڌُ ۾ پارٽيءَ وٽ ڪو اِدراڪ يا رٿابندي نظر نه ٿي اچي ته هن وسيع تر وچئين طبقي کي ڪهڙو دڳُ ڏبو. مثال طورَ ملڪَ ۾ نوجوان آباديءَ جو انگُ ٻاهتر سيڪڙو آهي، پر پي پي پيءَ وٽ سندن لاءِ اُها ئي پاليسي آهي ته اهي اقربا پروريءَ ۽ ڪرپشن سبب روزگارَ لاءِ وزيرن ۽ وڏيرن جي درن تي ڌڪا کائيندا رهن. هڪ قابل، خوددار، ۽ مستقبل جي اڏاوت ڪندڙ نوجوان ۽ وِچون طبقو پي پي پيءَ کي نه گهرجي.
(ڀ): سياستَ تضادن جي پئداوار به آهي، ته انهن جي نمائندگي ڪندڙ به آهي، پر پي پي پيءَ مفاهمتي سياستَ جي نالي ۾ هڪ اهڙو سياسي ڪلچر متعارف ڪرايو آهي، جنهن جو مطلبُ آهي اسٽيٽس ڪو کي جيئن جو تيئن قائم رکڻ. هن پارٽيءَ کي نه آمريڪا سان ڪو اختلاف آهي، نه فوجَ سان، نه معتدل ساڄيءَ ڌُرِ سان، نه وري ايم ڪيو ايم ۽ يا مذهبي جماعتن سان. آصف علي زرداريءَ کي رُوءِ زمين تي ڪنهن سان ڪو به اختلاف نه آهي. نتيجو اهو آهي، جو پارليامينٽ ۾ مخالف ڌُر هئڻ باوجود عملي طورَ اُها حيثيتَ کانئُن عمران خان کسي ورتي آهي. عمران خان جي سوچَ، رويي، ۽ طريقه ڪار سان ڪيترا به اختلاف ڇو نه ڪجنِ، پر اِها حقيقتَ آهي موجوده دورَ ۾ مخالف ڌُر جي حيثيتَ عملي طرح هن جي پارٽي وٽ آهي. پي پي پيءَ جي اها مفاهمتي پاليسي وقتي فائدا ته ڏئي سگهي ٿي، پر تضادن کان پاسيرو ٿي بيهي رهڻ، ۽ گهربل ڪردار ادا نه ڪرڻ ڪري، پس و پيش اُها زوالَ ڏي وٺي ويندي. ڇاڪاڻ جو اُن جو عملي مطلب ملڪَ جي معروضي حقيقتُن ۽ تضادن کان اکيون پُورڻ آهي.
(ت): پي پي پيءَ جي اصل سگَهه سندس ڪارڪنَ هئا، جيڪي ابتدائي دورَ ۾ هڪ حد تائين نظرياتي به هئا، ته وڏا مخلص ۽ قربانيون ڏيندڙ پڻ هئا. پارٽيءَ هٿ وٺي ڪارڪنن جو اُهو ارادو ۽ جذبو تباهه ڪري ڇڏيو. پارٽيءَ ڪارڪنن جي گهڻائيءَ کي ٺيڪا ڏيڻ، نوڪريون وڪڻڻ، ٺيڪن تان ڪميشنون وٺڻ، نوڪرين جي ڪوٽا وٺڻ، ۽ پارٽيءَ بدران مقامي طورَ ”وڏيرن جا ماڻهو“ ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. پارٽيءَ طئه ڪري ڇڏيو آهي ته اقتدارَ ۾ سدائين هڪ مخصوص طبقي کي آڻبو، ۽ ان اقتدارَ جا ”مالياتي مزا“ ”جمهوري طريقي“ سان هيٺ ڪارڪنن تائين به لاهبا. ظاهر آهي ته اهڙي صورتحال ۾ ڪارڪنن جي اڪثريتَ جي وفا نظريي، منشور، پاليسي، پارٽي آئينَ ۽ عوامي مفادن بدران پنهنجن شخصي ۽ گِروهي مفادن سان هوندي، ۽ اهو ئي پارٽيءَ جو تنظيمي بحران پڻ آهي. شهيد ڀُٽي چيو هو ته طاقتَ جو سرچشمو عوام آهي. سُوال آهي ته آهي ڪو اُن موقفَ جو اولڙو به پي پي پيءَ جي سياست ۾؟ عوامُ طاقتَ جو سرچشمو رڳو اليڪشن واري ڏينهن ٺپا هڻڻ لاءِ آهي. هاڻي ته اُهو حجاب به ختم ٿي ويو آهي، پارٽيءَ جي سِڌي حڪمتِ عملي آهي ته حڪومتَ ٺاهڻ لاءِ جيترا ووٽَ ۽ سيٽُون گُهرجن، اوترا هر قيمتَ تي چُونڊُون کٽيندڙ وڏيرا يا نام نهاد بااثر ماڻهو گُهرجن. وڏيرن ۽ مالدار بااثر طبقي به اهو سمجهي ورتو آهي ۽ پارٽيءَ جو پاڻي ڪَڇي ورتو آهي، اِن ڪري اهو طبقو به اڄ پارٽيءَ جي پويان هلڻ بدران، ان کي پنهنجي شرطن تي پنهنجي پويان هلائي رهيو آهي.
بلاول هڪ سُٺو ذهين ۽ باصلاحيت نوجوان آهي، پر سُوال آهي ته هن جي پارٽيءَ اندر عملي طرح ڪيتري طاقتور حيثيتَ آهي، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته جن سببن ڪري هو پارٽيءَ جي ڪارڪنن کان معافي وٺي رهيو آهي، ته ڇا هو انهن سنگين غلطين جو ازالو يا سدِباب ڪري سگهندو؟ يا ڪرڻ لاءِ خود مختيار آهي؟ ڇاڪاڻ ته جڏهن اعتراف ئي ايڏو مبهم هجي ته اُن جو سدِباب به مشڪوڪ بڻجي وڃي ٿو.
(هن مضمونَ جي ٻئي حصي ۾ اسان پي پي پيءَ جي سنڌُ بابت پاليسيءَ ۽ ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺنداسين.)
روزاني ڪاوش حيدرآباد، اربع پهرين آڪٽوبر 2014ع