مرزا-زرداري تڪرار ۽ پيپلز پارٽيءَ جي طرز حڪمراني!
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پرويز مشرف جي دور ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تمام گهڻو ڀوڳيو، مون کي ياد آهي ته هو پنهنجي ڪراچيءَ واري گهر به لِڪي لِڪي ويندو هو پر هن جي پارٽيءَ سان وابستگي مثالي هوندي هئي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته جڏهن محترمه شهيد بينظير ڀٽو ڊگهي جلاوطنيءَ کانپوءِ 2007ع ۾ واپس آئي ته سمورن خطرن جي باوجود سندس سيڪيورٽيءَ جو انتظام ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ بعد ۾ ڊاڪٽر مرزا جي ڪري ڪمال خان چانگ حوالي هو ۽ ڪراچي ڪارساز سانحي وقت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا مثالي بهادريءَ ۽ محترمه شهيد سان وفاداريءَ جو ثبوت ڏنو ۽ اهو سندس انتظام هو جو دشمن محترمه بينظير کي ان موقعي تي سمورين ڪوششن باوجود شهيد نه ڪري سگهيا.
2008ع ۾ جڏهن ملڪ جو سياسي وايومنڊل تبديل ٿيو ۽ ملڪ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت آئي ته نه رڳو ملڪ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سياسي حيثيت بحال ٿي پر مرزا خاندان کي اُها حيثيت ملي، جنهن جو امڪان هو. مرڪز ۾ آپا فهميده مرزا ملڪ جي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ وقتي صدر ٿي ته سنڌ ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا بظاهر گهرو وزير ۽ حقيقت ۾ سنڌ جو سياسي طور اڇي ڪاري جو مالڪ هو. سوال آهي ته آخر ڇا ٿيو جو ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڊگهي جلاوطنيءَ کانپوءِ پنهنجي ئي حڪومت جو باغي ٿيو؟ جڏهن ته هو اقتدار ۽ اختيار جي مستيءَ جا اُهي سڀ مزا ماڻي ٿي سگهيو، جنهن جو تصور آصف علي زرداريءَ کانسواءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ٻيو ڪوبه اڳواڻ نه ٿي ڪري سگهيو. مان سمجهان ٿو ته ان جا بنيادي سبب هيٺيان آهن:
(1) ذوالفقار مرزا سمجهيو ٿي ته جيئن ته هو آصف علي زرداريءَ جو پڳ مَٽ يار آهي ۽ جيئن ته سندس يار کانئس ٻاهر ڪڏهن به نه ويندو، ان ڪري هن اِهو سمجهيو ته آصف زرداري ۽ سندس پاڪستان پيپلز پارٽي سندس هر معاملي ۾ ساٿ ڏيندي پر هُو اِهو نه سمجهي سگهيو ته ”مفاهمت“ جي نالي ۾ جيڪا پاليسي سندس يار ۽ پارٽيءَ اختيار ڪئي آهي، ان ۾ هن جا سياسي ”انگل ۽ آرا“ هلڻ وارا نه هئا. ذوالفقار مرزا سياسي مصلحت مان اصل ڪونه ڄاڻي ۽ سندس پارٽي مصلحت پسنديءَجي ڪُنَ ۾ ڪِري چڪي هئي.
(2) ايم ڪيو ايم بابت رويو ذوالفقار مرزا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ اختلاف جو بنيادي سبب بڻيو. ذوالفقار مرزا اهو نه سمجهي سگهيوته سندس ”مفاهمتي“ پاليسيءَ جي حامل پارٽي سندس هٺيلي ۽ باغيانه مزاج جي محتاج نه هئي. مٿان وري رحمان ملڪ جي سنڌ جي سياسي معاملن ۾ مداخلت ٻرنديءَ تي تيل جو ڪم ڏيکاريو. ذوالفقار مرزا کي ان ڳالهه سخت فرسٽريٽ ڪيو ته هاڻي بدليل حالتن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سندس نه پر رحمان ملڪ جي ضرورت هئي ۽ هو به بدلجندڙ حالتن ۾ ثانوي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو، جيڪا حيثيت ذهني طور هو قبول نٿي ڪري سگهيو.
(3) مان ذوالفقار مرزا بابت ڪابه ساک نه ٿو کڻي سگهان ته هو ڪو بِنهه ايماندار آهي ۽ هن حڪومتي اقتدار ۽ اختيار جا ڪي به فائدا حاصل نه ڪيا هئا پر هڪ ڳالهه واضح هئي ته هن 2008ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ گهرو ۽ خاص طور تي پوليس کاتي ۾ عبدالخالق شيخ جهڙا گهڻي ڀاڱي ايماندار آفيسر مقرر ڪيا ۽ هن گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي وزارت ۾ کاتي مان هيٺين سطح جي ڪرپشن نه ڪئي. جڏهن هو گهرو وزير هوندي به صوبي ۽ خاص طور ڪراچيءَ جي ڏوهن جي دنيا تي ڪنٽرول جي ڏس ۾ بي وس رهيو ته هو وڌيڪ فرسٽريٽ ٿيو.
(4) اها حقيقت آهي ته لياريءَ ۾ امن ڪميٽيءَ جي قيام ۽ سرپرستيءَ جو ٽاسڪ ذوالفقار مرزا کي آصف علي زرداري ڏنو، جيڪا ڳالهه مون کي ذوالفقار مرزا ذاتي طور ٻُڌائي پر اڳتي هلي ايم ڪيو ايم ۽ اسٽيبلشمينٽ جي زور ڀرڻ تي جڏهن هن تي امن ڪميٽيءَ مان هٿ ڪڍڻ لاءِ چيو ويو ته هو اُهو بحران نبيري نه سگهيو جو هو هڪ روايتي ماڻهو هو، جنهن جي لياريءَ جي بلوچن کي زبان ڏنل هئي. (اهو سڄو قصو ذوالفقار مرزا مون کي ڪمال چانگ ۽ ٻين دوستن آڏو تفصيل سان پنهنجي فارم هائوس تي ٻُڌايو).
ان سموري بدليل صورتحال ۾ ذوالفقار مرزا جو پهريون ردعمل ايم ڪيو ايم خلاف هو پر جيئن ته آصف علي زرداري ايم ڪيو ايم تي مفاهمتي پاليسيءَ تحت ڇپر ڇانوَ ٿيو ويٺو هو، ان ڪري ان سڄي مخالفت جو اشارو اِهو به هو ته ذوالفقار مرزا آصف زرداريءَ جي مفاهمتي پاليسيءَ سان سهمت نه آهي.
منهنجيءَ نظر ۾ اهو ئي اُهو دور هو جڏهن اسٽيبلشمينٽ ان صورتحال جو ادراڪ رکندي ذوالفقار مرزا ۽ آصف علي زرداريءَ جي وچ ۾ تضاد جو فائدو حاصل ڪرڻ چاهيو ۽ ڄاڻي واڻي ۽ دانسته طور ذوالفقار مرزا پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي مخالفت ۾ اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجو ڪُلهو آڇيو. هو ان حد تائين ويو جو هن ايم ڪيو ايم حقيقي ڏانهن به دوستيءَ جو هٿ وڌايو. ان حوالي سان مون هڪ دوست جي حيثيت ۾ ذوالفقار مرزا کي گهڻو ئي سمجهايو ۽ سڄي رات کيس مثال ڏنا ته اسٽيبلشمينٽ ۽ ايجنسيون ڪيئن ماڻهن کي استعمال ڪنديون آهن، جنهن سان هن اتفاق به ڪيو پر مون محسوس ڪيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا هونئن گهڻو ئي مڙس ماڻهو آهي پر ميڊيا جي پذيرائي هن جي وڏي ڪمزوري آهي ۽ اها ڪنهن به سياستدان جي اُها ڪمزوري هوندي آهي جنهن کي ميڊيا جا شاطر ادارا حڪمت عمليءَ تحت استعمال ڪندا آهن.
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت سنڌ ۾ گذريل ٻن حڪومتن دوران ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙيا آهن ۽ آصف علي زرداريءَ جي نام نهاد مفاهمتي پاليسين پارٽيءَ، جمهوريت جي روح ۽ اختلاف راءِ جي جمهوري ساک کي سخت ڇيهو رسايو آهي پر تنهن هوندي به ذوالفقار مرزا کي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته هو بنيادي طور پنهنجي شخصي، خانداني ۽ گروهي مفادن جي جنگ وڙهي رهيو آهي، سنڌ جي عوام جي ترجماني ڪري رهيو آهي يا مورڳو اسٽيبلشمينٽ جي هٿن ۾ هڪ مهري طور استعمال ٿي رهيو آهي؟
سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪرتوتن کان بيزار هڪ وڏو حلقو اهڙو به آهي، جيڪو هاڻي ذوالفقار مرزا جي حمايت ڪري رهيو آهي. هن جي مقبوليت جو ملڪي سطح تي گراف عروج تي هو جڏهن هن ايم ڪيو ايم خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي هئي. لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي صدر مون کي لاهور ۾ ڪچهريءَ دوران چيو ته هو ذوالفقار مرزا کي بار ۾ خطاب لاءِ گهرائڻ چاهي ٿو، مون کيس اهو ٻُڌايو به سهي پر هو نه وڃي سگهيو. هو ايم ڪيو ايم کي چئلينج ڪرڻ سبب سڄي ملڪ ۾ وڏو مقبول ٿيو. منهنجي نظر ۾ ذوالفقار مرزا کان هن سڄي عمل ۾ ڪجهه بنيادي چُڪون ٿيون آهن، جن هن جي سَگهه ۽ ساک کي نقصان ڏنو آهي. مثال طور:
(1) ايم ڪيو ايم خلاف بار بار اُصولي موقف اختيار ڪري پارٽي قيادت جي زور ڀرڻ تي کانئس معافيون نه وٺي ها، ڇاڪاڻ ته مخصوص موقعن تي وڏي وات ڳالهائي ۽ پوءِ ڊگهي مصلحت جي ماٺ سندس ساک کي وڏو نقصان رسايو.
(2) ذوالفقار مرزا مٿين سطح تي ڀل ته پارٽي ليڊرشپ سان اختلاف رکي ها پر هو مقامي طور ڪمال خان چانگ جهڙن مخلص ماڻهن سان ايئن نه ڦِٽائي ها ۽ کين هر قدم تي اعتماد ۾ وٺي ها پر هن اقتدار جي نشي ۾ اهو مناسب نه سمجهيو. هو گهڻي خوداعتماديءَ سبب پنهنجن ويجهن ساٿين سان به صلاح مصلحت نه ڪندو هو، جنهن سبب سندس ڪمال چانگ جهڙا ويجها دوست بدظن ٿيا ۽ مقامي طور هن جي سَگهه ورهائجي وئي.
(3) هن کي ايم ڪيو ايم جي مخالفت ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي جو ساٿ نه وٺڻ گهرجي ها ۽ پاڻ بابت اهو پختو تاثر ڪامياب ٿيڻ نه ڏئي ها ته کيس ان سڄي عمل ۾ اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل آهي. هن پاڻ به شعوري طور ان تاثر کي هٿي ڏني جڏهن هن فوج ۽ ايجنسين جي کُليل لفظن ۾ حمايت ڪرڻ شروع ڪئي. کيس اهو معلوم هئڻ کپندو هو ته سنڌ جو عوام پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪرپٽ ۽ اقرباپرور ۽ مصلحت پسند حڪمرانيءَ جي ته خلاف آهي پر اُهو اسٽيبلشمينٽ جي ونگار هرگز نه وهندو، جنهن جو ذوالفقار مرزا واضح طور تاثر ڏنو.
(4) ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سياسي ۽ تنظيمي اختلاف رکڻ وقت ذاتيات تي لهي، غيرذميوارانه انداز سان بيان ڏئي، هٿيارن جي نمائش ڪري يا دڪانن کي تالا هڻي پاڻ بابت هڪ سنجيده سياستدان وارو تاثر قائم ڪرائڻ ۾ ناڪام ويو آهي. نتيجي ۾ ڪيترن موقعن تي ماڻهو اهو يقين نه ٿو ڪري سگهي ته سندس پارٽيءَ سان اختلاف اُصولي ۽ سياسي آهي يا ذاتي؟ سياسي تڪرار ۾ ذاتيات تي ڪڏهن به لهڻ نه گهرجي ۽ جي اُهو اڻٽر هجي ته به هڪ حد اندر هجي. جيڪڏهن هو ان تڪرار کي ذاتيات طرف وٺي وڃڻ بجاءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪرپشن، نااهليءَ ۽ اقرباپروريءَ جا پردار چاڪ ڪندو رهي ها ته ان سان سنڌ ۾ هو نه رڳو عوام جي وڏي حصي جي حمايت حاصل ڪري وڃي ها پر سنڌ ۾ حقيقي مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪري، حڪومت کي سوڙهو ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ها. اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ گهربل سنجيدگي گهرجي ۽ پنجابي فلمن وارو هيرو بڻجڻ جي خواهش سان اهو ممڪن ناهي.
(5) آخري ڳالهه ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تڪرار شروع ڪرڻ ۾ ته وڏي مهارت رکي ٿو پر ان کي ڪهڙي منطقي نتيجي تي وٺي وڃي، اِهو هُو سوچيندو ئي ناهي ۽ نتيجي طور ان جو تعين حالتون يا ”ٻيون ڌريون“ ڪنديون آهن. جنگ جو بنيادي اُصول آهي ته وڙهڻ واري کي خبر هئڻ گهرجي ته هو ڪيستائين ويندو ۽ ان راهه جا آداب ۽ لوازمات ڇا هوندا!؟
اهو هاڻي صاف نظر پيو اچي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس پراڻي يار ۽ پارٽيءَ جو تڪرار ان پَدَ کي وڃي پُڳو آهي جو بظاهر نظر نه پيو اچي ته ڪو اِهو بحران ڪو ڪنهن نبيري جي نتيجي ۾ حل ٿيندو پر ٻنهي صورتن ۾ هڪ ڳالهه طئي آهي ته جتي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي اختيار ڪيل موقف جي نتيجي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ آصف زرداريءَ کي اخلاقي طور ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، اُتي اهو ذوالفقار مرزا جي ساک لاءِ به بنيادي سوال ۽ امتحان آهي ته سندس پارٽيءَ سان تڪرار جو فائدو سنڌ جي عوام کي ٿو ملي يا اسٽيبلشمينٽ کي. هو 12 مئي جي تاريخ جو اشارو ڏئي چڪو آهي پر اصل معاملو 12 مئي جو نه پر ان سوال جو آهي ته هن تڪرار جو اصل فائدو ڪير ٿو حاصل ڪري؟ سنڌ جو عوام يا اسٽيبلشمينٽ؟
روزاني ڪاوش حيدرآباد، آچر 10 مئي 2015ع