تاريخ، فلسفو ۽ سياست

ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

جامي چانڊيي جي لکيل مختلف ڪالمن ۽ مضمونن جو ھي مجموعو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ماضي ۽ حال جي سياست جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو آھي. جامي ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”اسٽيبلشمينٽ جو پ پ پ حڪومت سان اڻ سهپ، تعصب ۽ سازشي رويو هڪ حقيقت آهي، پر گڏوگڏ اهو سوال به تمام اهم آهي ته ڇا پ پ پ حڪومت وٽ پاڻ به ڪو Vision، ارادو، رٿابندي ۽ سنجيدگي آهي، جنهن مان نظر اچي ته اها رڳو مال ڪمائڻ، اقتداري مزا ماڻڻ کانسواءِ عوام ۽ خاص طور سنڌي عوام کي به ڪجهه ڊِليور ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي؟
پ پ کي سنڌ ۾ ڀل ته مفاهمتي سياست جي شڪل ۾ سياسي آپگھات جو شوق هجي، جنهن جو کيس پورو حق به حاصل آهي پر پ پ پ کي اهو حق نٿو پهچي ته اُها سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي تاريخي، سياسي، معاشي، ثقافتي، ۽ انساني حقن جي لتاڙ نام نهاد مفاهمت جي نالي ۾ ڪري.“
Title Cover of book ڦِريا پَسِي ڦيڻَ

ڪير ڪنهن جي جنگ پيو وڙهي!؟

پيپلز پارٽيءَ جي استقباليه جلوس تي آپگهاتي حملي ذريعي ٿيل دهشتگرديءَ جي بدترين ۽ المناڪ واقعي سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي. هن دهشتگرديءَ جي واقعي نه رڳو اندروني طور ملڪ تي وڏا اثر وڌا آهن پر عالمي طور به ان جو نوٽيس ورتو ويو آهي. گڏيل قومن کان و‎ٺي سڄيءَ دنيا ان جي سخت مذمت ڪئي آهي. جيتوڻيڪ بينظير ڀٽو جي واپسي آمريڪا جي آشيرواد ۽ جنرل مشرف سان ڊيل جي نتيجي ۾ ٿي آهي پر ان باوجود کيس مٿس حملن جون ڌمڪيون ملي چڪيون هيون ۽ ان ڳالهه جو خدشو موجود هو ته سندس آمد جي موقعي تي مٿس خوني حملو ٿئي. هن وقت سڄي ملڪ ۾ بينظير ڀٽو جي استقباليه جلوس تي ٿيل حملي جي سببن، محرڪن ۽ ان جي امڪاني نتيجن بابت هر سطح تي بحث مباحثو جاري آهي پر خاص طور ميڊيا ۾ هلندڙ بحث نه رڳو سطحي پر بنيادي سوالن کان ڪن لاٽار ڪندي نظر اچي ٿو. جڏهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان واقعي ۽ ان جي پس منظر توڙي مستقبل جي امڪاني صورتحال بابت بنيادي سوالن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وڃي. هن مضمون ۾ اسان انهن سوالن تي هڪ مختصر پر حقيقت پسند ۽ معروضي نظر وجهنداسون.

بينظير ڀٽو جي واپسيءَ جي حقيقت؟
ملڪ جي موجوده صورتحال ۾ بينظير ڀٽو جي واپسي خود هڪ وڏو دلچسپ سوال آهي. جنهن بينظير ڀٽو کي پاڪستان مان خود ساخته جلاوطني اختيار ڪرڻي پئي ۽ جنهن کي مشرف جي اٺن سالن ۾ هڪ ڪرپٽ سياستدان سڏيو ٿي ويو، ان تي جنرل مشرف جي اسٽيبلشمينٽ اوچتو ئي اوچتو ڪيئن ايترو مهربان ٿي پئي آهي جو کيس وڏي پروٽوڪول سان ملڪ واپس اچڻ جي اجازت ڏني وئي آهي؟ مٿاڇري انداز سان نه پر جي گهرائيءَ سان ڏٺو وڃي ته ان جا ٽي واضع سبب نظر اچن ٿا.
(1) ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پاڪستان شروع کان وٺي عملي طور هڪ آمريڪي جديد بيٺڪيت رهيو آهي. لياقت علي خان جي دؤر ۾ ان جا منظم ۽ رسمي بنياد پيا، جيڪي پوءِ ايندڙ ڏينهن ۾ بتدريج سگهارا ٿيندا ويا. (پڙهو ڪتاب: The American Papers) هيستائين پاڪستان ۾ آمريڪا پنهنجي اسٽريٽجڪ مفاد خاطر مسلسل فوجي آمرن ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ تي هٿ پئي رکيو آهي. ايوب خان ۽ يحييٰ خان جي ڀيٽ ۾ جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف ان جا وڌيڪ منظورِ نظر رهيا. جيئن افغانستان ۾ روسي مداخلت کانپوءِ پاڪستان ۾ جنرل ضياءَ جي اهميت وڌي وئي، تيئن 11/9 کانپوءِ پاڪستان ۾ جنرل مشرف رات وچ ۾ اينگلو- اميرڪن مفاد جو دادلو ٿي پيو. کيس سگهارو ڪرڻ لاءِ سمورا حيلا هلايا ويا ۽ ان ڳالهه جو به ڪو لحاظ نه رکيو ويو ته اُن سڄي لقاءَ کي پاڪستان جا ماڻهو ڪيئن ڏسن ٿا ۽ جنرل مشرف جي مڙهيل اڳواڻيءَ ۾ دنيا پاڪستان کي ڪيئن ٿي ڏسي؟ گذريل اٺن سالن کان پاڪستان جي ملٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ جنرل مشرف جي حيثيت کي سگهارو ڪرڻ لاءِ تمام گهڻن وسيلن خرچ ڪرڻ باوجود اڄ صاف نظر پيو اچي ته ”مٿين آقائن“ کي محسوس ٿي چڪو آهي ته اڪيلي سر ملٽري اسٽيبلشمينٽ رڳو سندن اسٽريٽجڪ مفاد پورو ڪرڻ جي قابل نه آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ طرف اها عوام ۾ سخت غير مقبول آهي ۽ ان جي ڪابه پاليسي عوام لاءِ قبوليت جوڳي نه آهي ۽ جيئن ته هاڻي پاڪستان ۾ سول- ملٽري تضاد ايترو ته وڌي ويو آهي جو اسٽيبلشمينٽ جي ڪابه پاليسي عوام لاءِ نه رڳو ناپسنديده پر حقيقت ۾ ڌڪار جوڳي ٿي چڪي آهي. جنرل مشرف جي دؤر ۾ اها صورتحال تِهائين وڌيڪ واضح ٿي آهي. ٻيو ته آمريڪا کي اها به پڪ ٿي وئي آهي ته جيئن ملڪ جي اڇي ڪاري جي مالڪ ملٽري اسٽيبلشمينٽ آهي، تيئن ملٽري اسٽيبلشمينٽ اندر به اسٽيرٽجڪ معاملن ۾ فيصلائتو ڪردار ڳُجهين ايجنسين جو آهي، جيڪي ڪنهن موقعي تي ڪابه راند ڪري به سگهن ٿيون ۽ ڪا ٻين جي ‎ٺهيل راند ڦٽائي به سگهن ٿيون. نتيجي ۾ آمريڪا هاڻي بدليل ۽ بدلجندڙ حالتن ۾ پاڪستان ۾ پنهنجي مخصوص ۽ حساس اسٽريٽجڪ مفادن سبب رڳو ملٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ جنرل مشرف تي ڀاڙڻ لاءِ تيار نه آهي. هو ان سان گڏوگڏ ۽ ٻيا متبادل انتظام به ڪرڻ چاهين ٿا ۽ بينظير ڀٽو جي واپسي به دراصل ان ايجنڊا جو حصو آهي. جنرل مشرف طرفان بينظير ڀٽو ڏانهن ”ڊيل“ جو هٿ وڌائڻ جو اصل سبب ئي اهو آهي جو ان لاءِ مٿس آمريڪي دٻاءُ آهي ته هو ائين ڪري.
پاڪستان جي اندروني ۽ جيو اسٽريٽجي حالتن ۾ واضع طور نظر پيو اچي ته بينظير ڀٽو آمريڪي ايجنڊا تحت پاڪستان آئي آهي، جنهن ۾ هوءَ پاڪستان اندر اهو اسٽريٽجڪ ڪردار ادا ڪندي، جيڪو آمريڪا کانئس چاهي ٿو ۽ جيڪو جنرل مشرف موجوده حالتن ۾ مختلف سببن ڪري ادا ڪرڻ کان قاصر آهي.
(2) بينظير ڀٽو جي واپسيءَ جو ٻيو وڏو سبب اهو به آهي جو جنرل مشرف پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي چڪو آهي ۽ مسلم ليگ (ق) جو ناٽڪ هاڻي ان سطح تي وڌيڪ هلندي نظر نه ٿو اچي. جنرل مشرف جيتوڻيڪ اٺ سال اقتدار جا مزا ته ماڻيا پر هڪ لحاظ کان هن سول- ملٽري تضاد کي ان سطح تي پهچايو آهي جو هاڻي عوام اڳتي ڪنهن به جنرل تي ڪوبه اعتبار نه ڪندو. ايوب خان ملڪ ۾ ترقيءَ ۽ زرعي سڌارن توڙي بنيادي جمهوريت جو فراڊ ڪيو، يحييٰ خان ملڪ جو اڌ وڃايو، ضياءُ الحق اسلام جي آڙ ۾ ملڪ کي تباهه ڪيو ۽ جنرل مشرف لبرل ۽ روشن خيال اعتدال پسنديءَ جي نالي ۾ رهيل ڪسر پوري ڪري ڇڏي ۽ اهو سندن ڪارڊ به آخري هو. ملڪ جي ترقيءَ، اسلام جي سربلنديءَ ۽ روشن خياليءَ کان پوءِ هاڻي ڪهڙو ڪارڊ بچي ٿو جيڪو جنرل سڀاڻي استعمال ڪندا؟ جنرل مشرف رات وچ ۾ جيڪا هٿ ٺوڪي پارٽي ٺاهي، اُها هاڻي مڙئي رينگٽ طور موجود ته رهندي پر ان جو قصو مجموعي طور پورو ٿيندي نظر اچي ٿو. جنرل مشرف به هاڻي سمجهي چڪو آهي ته کيس پنهنجي اقتدار جي وڌيڪ دوام لاءِ ٻه ڪم ضرور ڪرنا پوندا، هڪ وردي لاهڻي پوندي ۽ ٻيو ته مسلم ليگ (ق) جي بجاءِ Main Stream جي ڪنهن وڏي پارٽيءَ سان مفاهمت ڪرڻي پوندي ۽ بينظير ڀٽو جي واپسيءَ ۽ مشرف سان مفاهمت جو هڪ سبب اهو به آهي.
(2) بينظير ڀٽو جي واپسيءَ جو ٽيون اهم سبب سندس سياسي حڪمت عملي آهي. بينظير ڀٽو مشرف جي پوري دؤر ۾ اي آر ڊي يا پنهنجي پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان ڪابه حقيقي جدوجهد نه ڪئي. هن جنرل مشرف جي مخالفت ته ڪئي پر اُن خلاف ڪابه مزاحمت نه ڪئي، جنهن مان ظاهر آهي ته هوءَ ڪنهن اهڙي موقعي جي تلاش ۾ هئي جنهن کي استعمال ڪري هوءَ ملڪ واپس موٽي سگهي ۽ اقتدار جي ايوان تائين به سندس رسائي ممڪن ٿي سگهي. هن ان سلسلي ۾ ٽي ڪم ڪيا. هڪ ته هن جنرل مشرف جي سڄي عرصي ۾ ڪابه سگهاري جدوجهد نه ڪري جنرل مشرف ۽ اسٽيبلشمينٽ کي واضع نياپو ڏنو ته هو سندن خلاف جدوجهد بجاءِ مفاهمت چاهي ٿي. ٻيو ته هن پنهنجي سياست جو سمورو زور عوامي جدوجهد بجاءِ سفارتي محاذ تي رکيو. هوءَ آمريڪا ۽ برطانيه کي اهو سمجهائڻ ۾ ڪامياب وئي ته اڪيلي سر جنرل مشرف سندن مفادن جو بهتر انداز سان پورائو نه ڪري سگهندو، ان ڪري جيڪڏهن هو پاڪستان ۽ هن خطي ۾ پنهنجي ايجنڊا جي ڪاميابي ڏسڻ چاهين ٿا ته هن پوءِ سندس ملڪ ۽ اقتدار ڏانهن واپسيءَ کي ممڪن بڻايو وڃي ۽ ان ۾ هوءَ ڪامياب وئي. ٽيون ته نواز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) سان شروع ۾ ويجهڙائي ڏيکاري ۽ ”چارٽر آف ڊيموڪريسيءَ“ تي صحيحون ڪري مشرف سرڪار کي اهو تاثر ڏنو ته ساڻس عدم مفاهمت جي صورت ۾ هوءَ سچ پچ به ڪنهن مضبوط گڏيل مخالف ڌر کي اُڀاري سگهي ٿي. ڏٺو وڃي ته موقعي پرستي ئي سهي پر بينظير پنهنجين انهن ٽنهي حڪمت عملين ۾ ڪامياب وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ هوءَ ملڪ ۾ موجود آهي ۽ امڪاني طرح سڀاڻي جي حڪمران آهي.

ڪراچي واقعي پٺيان ڪير ٿي سگهي ٿو؟
18 آڪٽوبر تي اعلانيل پروگرام موجب بينظير ڀٽو جي واپسي ٿي، جيڪا بدترين دهشتگرديءَ سبب هڪ پُرجوش عوامي سمنڊ مان هڪ تاريخي الميي ۾ تبديل ٿي وئي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پ پ پ بينظير جي آمد جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ پنهنجن ڪارڪنن کي وڏي پئماني تي متحرڪ ڪيو ۽ بينظير جي استقبال کي هڪ وڏي عوامي ميڙ ۾ تبديل ڪيو. ان استقبال ۾ پ پ پ اهو سڀ ڪجهه ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ايڏي وڏي عوامي ميڙ اهو سوال پڻ اُٿاريو آهي ته جيڪڏهن پ پ پ وٽ اڃا به عوام ۽ پنهنجي ڪارڪنن کي ايتري وڏي انگ ۾ متحرڪ ڪرڻ جي تنظيمي ۽ سياسي سگهه هئي ۽ آهي ته پوءِ بينظير ڀٽو ۽ پارٽيءَ جنرل مشرف جي اَٺن سالن جي غير جمهوري راڄ خلاف اها سگهه ڇو نه استعمال ڪئي؟ گريٽر ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم کان وٺي جمهوريت جي بحاليءَ بابت اُها وڏي جدوجهد ڪٿي هئي جنهن ۾ پ پ پ پنهنجي اها عوامي ۽ تنظيمي سگهه استعمال ڪري ملڪي حالتن کي عوام جي حق ۾ استعمال ڪري ها؟
حقيقت اها آهي ته 18 آڪٽوبر جي بدترين دهشتگرديءَ بينظير ڀٽو جي واپسيءَ جي سببن ۽ محرڪن واري اصل بحث مباحثي جو رخ ئي موڙي ڇڏيو، نه ته ان بحث ۾ تمام بنيادي قسم جا سوال اُٿن ها. جيتوڻيڪ 18 آڪٽوبر جي بدترين دهشتگردي جنهن ۾ 200 ماڻهن ۽ خاص طور نوجوانن جون معصوم حياتيون اجل جو شڪار ٿيون ۽ 500 کان وڌيڪ ماڻهو سخت زخمي آهن، بابت ملڪ ۾ هر سطح تي بحث مباحثو جاري آهي پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته خود پ پ پ ۽ سندس ليڊرشپ رڳو ٽن فردن تي آڱر کڻي عملي طور حقيقي مجرمن جي پرده پوشي ڪئي آهي. بينظير ڀٽو ان ڏس ۾ ٽي نالا کنيا آهن، جن ۾ هڪ آءِ بي جو سربراهه اعجاز شاهه، پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ سنڌ جو وڏو وزير ارباب غلام رحيم شامل آهن. بينظير ڀٽو هن ڀيري به اصل مجرمن کي ائين لڪايو آهي جيئن ان مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جي موقعي تي اصل ڌرين جي پرده پوشي ڪري صدر فاروق لغاريءَ تي آڱر کنئي هئي. اها ڳالهه ملڪ ۾ هر ڪو محسوس ٿو ڪري ته اها واردات به انهن ئي سگهارين ڌرين ڪئي آهي جن جو رڪارڊ ان حوالي سان اڳ ئي بدنام آهي ۽ جيڪي سياست، روشن خياليءَ ۽ خاص طور تي عوام تحرڪ کي ڪنهن به ريت پسند نه ٿيون ڪن. انهن ڌرين کي اصل خطرو بينظير جي شخصيت مان نه پر ان عوامي تحرڪ مان هو، جنهن جو هڪ مظهر 18 آڪٽوبر جو عظيم عوامي ميڙ هو. ڇاڪاڻ ته اُهي ڌريون نه رڳو مقامي طور ڪنهن وڏي عوامي تحرڪ جي خلاف آهن پر اُهي ساڳئي وقت عالمي مافيائن جو به حصو آهن ۽ هنن نٿي چاهيو ته بينظير آمريڪي آشيرواد سان اچي ملڪ ۾ ڪنهن وڏي عوامي تحرڪ جو سبب بڻجي. 18 آڪٽوبر جي سانحي جي حوالي سان رڳو ارباب، پرويز الاهي ۽ آءِ بي چيف اعجاز شاهه جا نالا کڻڻ جي اصل حقيقت سواءِ اليڪشني مفاد سياست جي راند جي هڪ پتي کان وڌيڪ نه آهي. نظر اهو پيو اچي ته بينظير اها آڱر اليڪشني حوالي سان کنئي آهي ۽ ٽنهي ڄڻن تي هڪ وڏو نفسياتي وار ڪيو آهي، جو کيس خبر آهي ته اليڪشن دؤران ارباب سنڌ ۾ ۽ پرويز الاهي پنجاب ۾ هن لاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪري سگهن ٿا ۽ چيو وڃي ٿو ته هن آءِ بي سربراهه جو نالو به ان ڪري ورتو آهي جو هو چوڌري شجاعت جي ويجهو تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ چوڌري هن جي معرفت ايندڙ اليڪشن ۾ ضرور ساڻس ڪانه ڪا راند ڪرڻ لاءِ ڪو ٽڪساٽ ڪندا. جڏهن ته صاف نظر پيو اچي ته اهو ڪم ڪو چند فردن جو نه پر انهن منظم قوتن جو آهي، جيڪي اهڙيون ڪارروايون ڪرڻ جو وڏو رڪارڊ رکن ٿيون. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته بينظير پهرين ڌڪ سان جهادي ڌرين، ايم ڪيو ايم ۽ جنرل مشرف (جنهن جو مطلب اسٽيبلشمينٽ آهي) کي الزامن جي ميدان مان ئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ملڪ ۾ اهي به چؤٻول آهن ته دهشتگرديءَ جي ان واقعي ۾ متحده پڻ ملوث آهي. جنرل حميد گل، غلام مصطفيٰ کر، نصير الله بابر ۽ ٻين ڪيترن پڻ ان حوالي سان سڌيءَ ريت متحده تي آڱر کنئي آهي. بينظير ڀٽو پاڻ به پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چئي چڪي آهي ته کيس هڪ پاڙيسري اسلامي ملڪ اطلاع ڏنو هو ته مٿس امڪاني دهشتگرد حملي ۾ جهادي گروپن سان گڏ ڪراچيءَ جي هڪ دهشتگرد ڌر به ملوث ٿي سگهي ٿي. ان حوالي سان ان دهشتگرديءَ ۾ متحده جي ڪردار کي پڻ رول آئوٽ نٿو ڪري سگهجي. سوال آهي ته جڏهن اڃا ان واقعي جي ساک واري جاچ ٿي ئي ناهي ته پوءِ اهو ڪيئن ٿو چئي سگهجي ته اهو آپگهاتي حملو هو ۽ ان ۾ فقط ٽي فرد ملوث هئا؟ شهيد مرتضيٰ ڀُٽي جو ڪيس به ائين ئي لوڙهيو ويو هو ۽ هاڻي به لڳي ٿو ته انهن ٽن فردن تي نفسياتي وار ڪري پ پ پ اليڪشن ۾ ته فائدو وٺي ويندي پر بيگناهه شهيدن جو خون رائيگان ويندو.
گذريل عرصي ۾ هر حساس موقعي تي بينظير ڀٽو ايئن ئي ڪيو آهي. نواب اڪبر بگٽيءَ جي شهادت وقت سندس خاموشي معنيٰ خيز هئي، پوءِ آخر ۾ مڙئي رسمي بيان ڏنو ويو. 12 مئي جي دهشتگرديءَ جي موقعي تي پڻ بينظير سڌيءَ ريت متحده تي ۽ جنرل مشرف تي ڪوبه الزام نه هنيو. ٻيو ته ٺهيو پر اسلام آباد ۾ سندس پارٽيءَ جي جلسي ۾ ٿيل دهشتگرديءَ بابت به هن اصل ڌرين جو نالو نه کنيو. نظر اهو پيو اچي ته آمريڪا جي آشيرواد ۽ مشرف سان مفاهمت کان پوءِ هوءَ هر معاملي کي اليڪشن لاءِ ميدان تيار ڪرڻ جي حوالي سان استعمال ڪرڻ چاهي ٿي ۽ سندس Rules of Game جو بنياد اُصولن بجاءِ ذاتي، پارٽي ۽ اليڪشني مفاد آهن. ڇاڪاڻ ته عوامي مفاد اسٽيٽسڪو جي سياسي پارٽين لاءِ هاڻي ڪابه معنيٰ نٿا رکن.

18 آڪٽوبر جي دهشتگرديءَ جو مقصد ڇا هو؟
ظاهر آهي ته 18 آڪٽوبر جي دهشتگريءَ جا ضرور ڪي نه ڪي واضع مقصد هوندا. جيتوڻيڪ اهو حملو بينظير ڀٽو جي ذات ۽ پارٽيءَ تي به هو پر حقيقت ۾ اهو حملو سياست ، جمهوري عمل ۽ عوام تي هو. ڇاڪاڻ ته بينظير ڀٽو جي ذات کي نقصان رسائڻ جا انهن ڌرين وٽ ٻيا به متبادل ذريعا ٿي سگهن ٿا. ان ڪري 18 آڪٽوبر جي بدترين دهشتگردي بينظير ڀٽو سان گڏ دراصل سياست، جمهوري عمل ۽ عوام جي سياسي تحرڪ خلاف هڪ وڏو وحشي قدم هو. ان دهشتگرديءَ پٺيان هيٺيان مقصد ٿي سگهن ٿا.
(1) آمريڪا وڏي اعتماد سان بينظير ۽ مشرف جي مفاهمت کي Manage ڪري بينظير جي واپسيءَ جو بندوبست ڪيو ۽ جنرل مشرف جي حڪومت نه چاهيندي به بينظير ڀٽو کي واپسي ڏئي وڏو سرڪاري پروٽوڪول ڏنو. دراصل 18 آڪٽوبر جي دهشتگردي بينظير ڀٽو ۽ سندس جلوس تي خوني حملي جي بهاني مٿئين آقائن کي انهن ڌرين جو نياپو هو، جيڪي اندروني طور ملڪ جي اڇي ڪاري جون مالڪ رهيون آهن. هنن ثابت ڪري ڏيکاريو ته آمريڪا جي آشيرواد ۽ مشرف سان مفاهمت جي باوجود بينظير ڀٽو هتي محفوظ ناهي، يعني اهو ثابت ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ طاقت جو توازن رڳو مٿين ڌرين نه پر سندن هٿ وَسَ به آهي.
(2) هي واقعو بينظير ڀٽو تي به نفسياتي دٻاءُ هو ته هوءَ رڳو آمريڪا ۽ مشرف جي سهڪار جي بنياد تي آسانيءَ سان ملڪ ۾ سياست نه ڪري سگهندي، ان لاءِ ڪو ٻيو ”فهم“ به سکڻو پوندو، جنهن جو سبق کيس 18 آڪٽوبر جي حملي ذريعي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. نتيجي ۾ جيڪا بينظير ڀٽو لکين ماڻهن جي ساٿ سان هلي ها اُها هاڻي ائين آزاديءَ سان هلي ڦري نه سگهندي. اسٽيبلشمينٽ آمريڪا جي دٻاءُ تحت ۽ پنهجي ڪمزور حيثيت سبب کيس ملڪ اچڻ ته ڏنو ۽ بظاهر کيس آزاديءَ سان سياسي سرگرميون ڪرڻ جي اجازت ۽ پروٽوڪول به ڏنو پر 18 آڪٽوبر جي دهشتگرديءَ عملي طرح کانئس عوامي سياسي سرگرمين جو حق کسي ورتو آهي. حڪومت طرفان فوري طور ملڪ ۾ عوامي جلسا ۽ جلوس ڪڍڻ تي پابنديءَ جي آرڊيننس مان به ظاهر آهي ته اصل ڌريون ملڪ ۾ ڪنهن وڏي سياسي تحرڪ کي ڏسڻ پسند نه ٿيون ڪن، جنهن کي 18 آڪٽوبر جي دهشتگرديءَ ممڪن بڻائي ڏيکاريو.
(3) 18 آڪٽوبر جي دهشتگردي دراصل عوامي سياست تي به وار هو ته ملڪ ۾ ڪابه پارٽي (سواءِ سندن پاليل ڌرين جي) آزاديءَ ۽ بي خوفيءَ سان عوامي سطح تي وڏيون ۽ سياسي سرگرميون نه ڪري سگهن. هن رياست تي قابض ڌريون اهو قطعي نه ٿيون چاهين ته سياست ۽ عوام جو پاڻ ۾ ڪو سرگرم لاڳاپو هجي. سياست عوام کي متحرڪ ڪري سگهي ۽ عوام سياست ۾ حصو وٺڻ لاءِ پاڻ کي محفوظ سمجهي. ان ڪري اها دهشتگردي سياست ۽ عوام جي تعلق کي ڪٽڻ جي به وڏي سازش هئي. ظاهر آهي ته هاڻي هڪ طرف سياسي پارٽيون وڏا عوامي ميڙ ڪرڻ کان ڪيٻائينديون ته ٻئي طرف عوام به عوامي سياسي سرگرمين جو حصو ٿيڻ لاءِ عدم تحفظ جو شڪار ٿيندو. اهو ئي دراصل انهن قوتن چاهيو ٿي، جن اهو واقعو ڪرايو.
(4) جيتوڻيڪ هاڻي مشرف سرڪار تي عوامي ۽ عالمي دٻاءُ وڌي رهيو آهي ته ايندڙ چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، جيڪا ڳالهه ممڪن نظر نه ٿي اچي پر 18 آڪٽوبر جي واقعي ان ڳالهه مان عملي طور هوا ڪڍي ڇڏي آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن سياسي پارٽيون وڏا عوامي ميڙ ڪري ئي نه سگهنديون ته پوءِ اليڪشن جو ڪهڙو ٽيمپو ٺهندو؟ نظر اهو پيو اچي ته جيئن بينظير آمريڪا ۽ مشرف سان ڊيل ڪري عوام ۽ جمهوري جدوجهد سان دوکو ڪيو آهي، تيئن 18 آڪٽوبر جو واقعو ڪرائي ساڻس به ”ڌڻين“ طرفان دوکو ڪيو ويو آهي جو هاڻي هوءَ عوام کي وڏي پئماني تي سياسي طور متحرڪ يا گڏ ڪري نه سگهندي. باشعور ۽ دورانديش ماڻهن ته اڳ ئي چيو پئي ته بينظير آمريڪا ۽ جنرل مشرف سان ڊيل ڪري نه رڳو اخلاقي طور سڀ ڪجهه وڃائيندي پر اسٽريٽجڪ ڌڪ پڻ کائيندي. 18 آڪٽوبر جو واقعو ان جي شروعات نظر اچي ٿو.
(افيئر جي ايندڙ شماري ۾ ان سوال تي ڳالهه ٻولهه ڪبي ته ڇا بينظير ايندڙ وقت جي چئلينج کي منهن ڏئي سگهندي؟)

پندرهن روزه افيئر آڪٽوبر 2007ع